31. لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر طارق عالم ابڙو
طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ آهي. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو گهڻن ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي ۽ ڪنهن به گهڻ پاسائين شخصيت تي ڪو هڪ پيپر لکي ساڻس انصاف ڪري نه ٿو سگهجي.
طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958 تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960 ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ اڄ ڪلهه ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر آهي.
طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو 1998، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن.
طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو آهي.
طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو آهي، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي.
طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي آهي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا آهن، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري.
طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر آهي، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003 ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو آهي سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه آهي پر معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن. اسان جون نيڪ تمنائون ۽ محبتون ساڻس گڏ آهن ۽ منجھس اها اميد پڻ آهي ته هو انهن مختلف شعبن ۾ ايئن ئي پاڻ ملهائيندو رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهي.
کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.