تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

”فقير محمد سنڌي ٻَهَڳُڻو ٻولھارو“

فقير محمد سنڌي ٽن نالن وارو هڪڙو انسان! فقير وانگر نهٺو ۽ سادو، محمد نالي وانگر مٺڙو ۽ محبتي، سنڌي ته به سٻاجھڙو ۽ سيبتو. اِهو ته ٿيس رڳو نالو پر جي مڻيا قطارجيس ته هٿن جون آڱريون پوريون ڪونه پونديون پر تڏهن به شاعر اديب، ڪھاڻيڪار ۽ صداڪار تمام ڀلوڙ ليکجي ٿو. فقير محمد سنڌيءَ کي ٻَهَڳڻو ٻولھارو چوڻ جو مقصد اِهو آهي ته پاڻ ڳالھين جو ڳهير پڻ آهي سندس پھرين ڪچهري پھرين نه پر سالن جي سڃاڻپ ۽ گهرائپ واري ڪچهري چئبي. اهڙي ڪابه وِٿ نه ڏيندو جو لڳي ته ڪا اوپرائپ ۽ اڃاڻپ واري ڪيفيت به ڪا نالي سان هوندي سوندي.
فقير محمد سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ ايم اي پاس هوندي گورنمينٽ ادارن تي ڪرپٽ بيروڪريسي ۽ نايل ۾ نھال جمھوريت جي دعويدارن جي منافقاڻي ۽ مفاد پرستيءَ واري سياست جي ور چڙهيل هڪ مافيه جي ڇانونَ ۽ آشيرواد آڌاريل قبض نااهلن، ناعاقب ايڊيش، وڏيرا شاهي، چمچيه گيري، رڳو پنهنجا نواز، خوشامندي خودڙن جي ڪري ڪيئي ڀيرا “CSS” المعروف مقابلي واري امتحانن ۾ هر ڀيري پنهنجي قابليت ۽ محنت جي زور تي رٽن ٽيسٽون پاس ڪرڻ باوجود ڪڏهن ”واءِ واز“ جي ڪرپٽ ڪاتيءَ هيٺيان ڪٺو ويو آهي ته ڪڏهن سفارشي نانگ جي چِٺي / فون جي ڦوڪ جي وَرِ چڙهندي رهي آهي ۽ هن وقت پنهنجي مدد پاڻ تحت منڊيءَ جا ڪيئي وکرَ وڪڻي پنھنجو توڙي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيو آهي. آرڊر وٺڻ ۽ سپلاءِ ڪرڻ جھڙي رولھڙي واري ونھنوارو وڙڻ کان پوءِ رت ساڙڻ ۽ ست ولوڙڻ، واري ادبي ڪرت ڪورڻ ڪنھن ڪانڀ کٽڻ کان گھٽ ناهي پر فقير محمد سنڌي دنياداريءَ سان گڏ، ادبي دنيا کي به وڏي ڪاميابيءَ سان نڀائي رهيو آهي کڻي ائين چئجي ته سھي ٿيندو ته دنياداري کان به ٻه هٿ اڃان اڳتي وڌي ادبي کيتر ۾ وِکائتو وهندو رهي ٿو! سندس ادبي وِک پھرين وِک کان وڌيڪ ڳوري ۽ مضبوط کان مضبوط تر آهي ۽ نه رڳو مضبوط پر وَکري ۽ نت نرمل پڻ آهي.
مان سندس ڪتاب جيڪي منھنجي پڙهت واري نظر مان گذريا آهن جيئن سونھن سمبارا، قلمڪار ڪوي ۽ سنڌ جي تاريخ جيڪي پاڻ ڏاڍي پرت ۽ پاٻوهه مان پڙهڻ لاءِ ارپيا هئائين، سي جڏهن پڙهي ڏٺا ته سندس ظاهري شخصيت، قرب، پيار، اُڪير، مٺڙي گفتگو ۽ پھرين ملاقات ۾ اوپرن کي پنهنجو ڪرڻ واري رويي کي ڏسي مٿس موهت ٿيڻ سان گڏ ادبي پورهئي جو پڻ قدردان بڻجي پيو آهيان ۽ هر ٿيندڙ ميل ملاقات توڙي ادبي وکرن ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سندس مهانتا ۽ عظمت جو گرويده ٿيندو رهان ٿو! جنھن ڪري مٿس تعارف ۽ تعريف جا ٻه اکر لکڻ پنهنجي لاءِ اعزاز کان گھٽ نه ٿو ڀانيان ته هڪ اهڙي محبتي ۽ محنتي ماڻهوءَ لاءِ پنھنجي قلم جي ڪور ڪاهي رهيو آهيان جيڪو لائق فائق کان به اڃان ڪجھه اڳڀرو آهي.
سندس ”سونھن سمبارا“ ڪتاب ۾ لکيل توڙي پڙهيل خيال ۽ خاڪن تي مشتمل ريڊيو اسڪريپٽر جو مجموعو آهي، جنھن پڙهڻ سان سندس مطالعي، فڪر ۽ مشاهدي سان گڏ اعليٰ ادبي ذوق ۽ شوق سان گڏ و گڏ نظم و ضبط توڙي ذميواراڻي وٿ جيڪا ريڊيي جي سڌي سنئين نشريات جي خصوصي بندشن، مقرره معيار، قومي اداري طور ساک پت ساڻ گڏ مدِ قابل مايه ناز انائونسرز ۽ ڪمپيئرز ۽ اسڪرپٽ رائيٽرن جي ڀيٽ واري ڊوڙ ۾ حواس باخته ۽ اوسان خطه ڪندڙ ڪيفيت ۾ اظھارڻ جي پروڙ پوي ٿي.
ٻيو ڪتاب ”قلمڪار ڪوي“ نظاڻو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پاڻ سميت تنهن وقت جي نئين ٽھيءَ جي انھن شاعرن جون ڪوتائون مرتب ٿيل آهن جن جو پھريان ڪوبه ڪتاب شايع ٿيل ڪونه هو، تن جي همٿ افزائيءَ لاءِ فقير محمد سنڌيءَ جي بھترين ڪوشش هئي، جنھن جي بدولت ئي اهي نوان شاعر اڄ جا ڀلوڙ ۽ برجستا شاعر ليکجن ٿا. تڏهن ته سندس اهڙي همٿ افزائي ۽ جاکوڙي قدمن مان گوهر شناسائي ۽ دوستن جي همٿ افزائي ۽ ساڻن سچائي جا ڳڻ نظر اچن ٿا.
”سنڌ جي تاريخ“ (سھيڙيل تاريخ وار) ڪتاب به پنهنجو مٽ پاڻ انمول تحفو آهي، جنھن ۾ ذري گھٽ سنڌ جي هر ان شخصيت لاءِ ڪشادو استاد موجود آهي، جيڪو پنھنجي وِتُ ۽ وَکر آهر جيجل سنڌ جي سيند سنوارڻ ۽ کير ملھائڻ لاءِ تِرَ توڙي مثقال جي ذري جيترو به ڪَھيو ڪُرڪيو ۽ ڪرتيو ڪيتيون آهي ته سندس پٽاڻ ڪئي اٿائين، فقير محمد سنڌي پنهنجي سنڌي زاد طبعيت جي ڪري ڪنهن رنگ نسل، ذات پات ڀيد ڀاءُ، اوچ نيچ، ننڍ وڏائي، هير ڦير ۽ اِٽڪي ٻٽڪيءَ جو قائل نه هجڻ ڪري تاريخ وار سنڌ جي سپوتن جي ڏڻ توڙي تاريخي ڪارنامن کي سوئي سموئي پيش ڪندو رهي ٿو، جنھن لاءِ تقريباً هر روز صبح شام ۽ رات ڏينھن ڪمپوزر جي حاضري ڀريندو رهي ٿو ۽ شايد تاحيات ڀريندو رهندو ڇو جو پاڻ ڪرتئي اهڙي ڪِڙي ويٺو آهي ۽ اهڙي ٺڪائيندڙ ڪرت ڪندي ڪڏهن بيزارگي به نه ٿو بَکائي الٽجندو سڄي ڏينهن جي هڏن توڙ جاکوڙ کان پوءِ ڪتابي ڪرت لاءِ هشاش بشاش ۽ تُرت تيار نظربو.
سنڌي ادبي کيتر ۾ فقير محمد سنڌيءَ جھڙا جاکوڙي، جفاڪش ۽ جهان ديده ليکڪ اٽي ۾ لوڻ برابر ئي ملندا ۽ اهڙي لوڻياٽي طبعيت جي ڪري ئي فقير محمد سنڌي سوادي ۽ مزيدار ماڻهو آهي.

اعجاز سولنگي لاڙڪاڻو