تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

جون

عيسوي سال جو ڇهون مھينو جون آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”جونو“ (JUNO) نالي ديوي جي نالي تي رکيو ويو. جونو ديوي ديوتائن جي سردار ”جيوپيٽر“ جي ڌيءَ هئي. هن مھيني ۾ اتر اڌ گول ۾ انتهائي گرمي هوندي آهي. 21 جون تي اتر اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينھن ٿيندو آهي، جڏهن ته وري ڏکڻ اڌ گول ۾ وڏي کان وڏي رات ٿيندي آهي. هن مھيني ۾ 30 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين جون 664ع تي حضرت عمرو بن العاص رضه جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين جون 1892ع تي افغانستان جي شاهه امير امان الله خان جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جون 1896ع تي مارڪوني وائرليس ايجاد ڪئي.
*پھرين جون 1897ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ڳوٺ ٽلٽي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌ جو عظيم محقق، اديب، تاريخدان ۽ لسانيات جو ماهر هو.
پھرين جون 1930ع تي مشھور اديب حميد ڪاشميري جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جون 1936ع تي سنڌي ادب جو ڀلوڙ نقاد قربان علي بگٽي ولد روحل خان بگٽي ڳوٺ گلاب خان بگٽي لڳ لاڙڪاڻو شھر ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1949ع تي مزاح نگار، ڪالم نويس گلاب هڪڙو (حيدر بخش هڪڙو) شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جون 1959ع تي مشھور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ الاهي بخش ٻانڀڻ ولد محبت خان ڳوٺ نير وارو تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
پھرين جون 1959ع تي سنڌ جو سڄاڻ اديب محمد پنهل ڏهر تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ خان محمد ڏهر ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1962ع تي پاڪستان ۾ ٻيو آئين نافذ ٿيو.
پھرين جون 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جھانپور شريف ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1974ع تي مجاهد حسين سولنگي ڳوٺ نھال خان سولنگي تعلقي سوبيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ اک کولي، ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ محقق اٿس.
پھرين جون 1982ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فضل الاهي چوڌري جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين جون 1987ع تي اردو ادب ۽ فلمي دنيا جي ممتاز شخصيت، خواجه احمد عباس جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1865ع تي انگلينڊ جي مشھور رانديگر جارج لوهمين جو جنم ڏينھن آهي.
2 جون 1912ع تي ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو اصل نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ٿيو.
2 جون 1936ع تي ڀارت جو مشھور سنڌي اديب ۽ شاعر واسديو نرمل ڪراچي سنڌ ۾ جنم ورتو.
2 جون 1946ع تي موجوده جمھوريه انڊونيشيا جي باني ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1950ع تي مشھور اديب احسان بي.اي جوجنم ڏينھن آهي.
2 جون 1952ع تي مشھور براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو، شڪارپور ۾ محمد عثمان هڪڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.
2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو.
2 جون 1960ع تي شاعر ۽ ڊرامه نگار، ايوب گاد اصل نالو محمد ايوب ولد غلام حيدر گاد لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 جون 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ مترجم منور سولنگي ولد روشن علي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 جون 1982ع تي ٽيلي ويزن جي مشھور فنڪاره طاهره نقوي جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1986ع تي مشھور فلمي اداڪار ننھان رفيع خاور جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1988ع تي ڀارت جي نامور اداڪار راج ڪپور جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1992ع تي اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 2004ع تي گلوڪار مجيب عالم جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 2006ع تي شاعر ۽ ليکڪ نثار حسيني جو وڇوڙو ٿيو.

3 جون 1657ع تي انگلستان جي سائنسدان وليم هاروي جو وڇوڙو ٿيو.
3 جون 1897ع تي بلند پايه عالم، سماجي ورڪر محمد عبدالهادي ڳوٺ راوت سر تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو.
3 جون 1903ع تي سماجي ورڪر اديب شاعر امرت راءِ ”سام“ ولد هشمت راءِ جسنگهاڻي قديم ڳوٺ طيب ابڙو تعلقي رتوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 جون 1916ع تي مشھور اديب، مرزا ظفر الحسن جو جنم ڏينھن آهي.
3 جون 1939ع تي نثر نويس آغا شهاب الدين ولد آغا تاج محمد خان لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 جون 1947ع تي قائد اعظم آل انڊيا ريڊيو تان پھرين ۽ آخري تقرير ڪئي.
3 جون 1947ع تي پاڪستان جي قيام جو اعلان ٿيو.
3 جون 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عطا محمد حامي ڪينسر جي تڪليف سبب جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل مقالو خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو.
3 جون 1986ع تي ياسر عرفات کي پي ايل او جي ڪمانڊر ان چيف جي عھدي کان برطرف ڪيو ويو.
3 جون 1986ع تي عالمي فٽ بال ڪپ ۾ ارجنٽائن کي ڪاميابي ملي.
3 جون 1988ع تي ممتاز دانشور، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اڳوڻي رڪن احمد وحيد اختر جو وڇور وٿيو.
3 جون 1989ع تي ايران جي مذهبي ۽ روحاني پيشوا آيت الله روح الله خميني جو وڇوڙو ٿيو.
3 جون 1998ع تي محبتي ماڻهو، سگهڙن جو سرواڻ محمد ملوڪ عباسي 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
3 جون 2003ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.
3 جون 2005ع تي راڳي، ٻڍو فقير جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1857ع تي ڪانپور ۽ بنارس ۾ جنگِ آزادي شروع ٿي.
4 جون 1876ع تي ترڪي جي سلطان عبدالعزيز کي قتل ڪيو ويو.
4 جون 1924ع تي آسٽريليا جي مشھور فاسٽ بالر، فريڊ اسپورٿ جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1934ع تي رسالي جوهر نسوان جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
4 جون 1942ع سفر نامه نويس، سگا جو باني، ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر سليمان شيخ هالا ۾ پيدا ٿيو.
4 جون 1944ع تي آئس لينڊ جمھوريه ملڪ بڻيو.
4 جون 1954ع تي اداڪار ۽ ليکڪ ارباب ڇڄڙو مولائي ولد محمد صديقي ڇڄڙو ڳوٺ مورچو تعلقي موري ضلعي نوشھروفيروز ۾ ڄائو.
4 جون 1986ع تي ممتاز عالمِ دين علامه احمد سعيد جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1986ع تي قنڌار ۾ قومي سلامتيءَ جي نائب وزير کي ماريو ويو.
4 جون 1984ع تي نثري نظم جي اردو ۽ پنجابي زبان جي شاعره سارهه شگفته جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1988ع تي اردو جي نقاد ۽ افسانه نگار مجنون گورکپوري جو وڇوڙو ٿيو.
5 جون 1865ع تي پنھنجي وقت جو يگانو انسان، فقير فولاد شر ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
5 جون 1907ع تي بزرگ محمد اڪرم پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
5 جون 1916ع تي اديب ۽ شاعر هري رام درياڻي تخلص دلگير ولد گر ڏنو مل شھر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 جون 1925ع تي بلند پايه صحافي، عالم ۽ اديب علي نواز وفائي سکر ۾ ڄائو.
5 جون 1942ع تي مشھور لوڪ ڳائڻي، جيوڻي ٻائيءَ جولاڏاڻو ٿيو.
5 جون 1953ع تي ڊاڪٽر نور افروز خواجه سيٺ احمد علي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. اديب سڃاڻپ، تنقيد ۽ تحقيق، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر.
5 جون 1957ع تي پاڪستان بحريا، مجاهد ۽ مبارڪ ٻه جنگي جھاز حاصل ڪيا.
5 جون 1967ع تي عربن جي اسرائيل سان ٻئين جنگ شروع ٿي.
5 جون 1984ع تي مصر جي وزيراعظم فواد محي الدين جو وڇورو ٿيو.
5 جون 1985ع تي الطاف حسين سنڌ ۾ آباد مهاجرن جي نمائندهه سياسي پارٽي مهاجر قومي مومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو بنياد رکيو.
5 جون 1997ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد قنبر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
5 جون 2000ع تي بزرگ پير احمد شاهه ذاڪري جو لاڏاڻو ٿيو.

6 جون 1818ع تي پير محمد راشد روضي ڌڻي راهه رباني ورتي.
6 جون 1901ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي ولد وڏيرو حڪيم سعيد خان عباسي پنھنجي اباڻي ڳوٺ وليد ۾ پيدا ٿيو.
6 جون 1938ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد ڪامل شاهه جھانيان جن جي ولادت باسعادت ٿي. سندس والد بزرگ جو نالو سيد هادي بخش جھانيان هو.
6 جون 1943ع تي پاڪستان جو مشھور رانديگر آصف اقبال جو جنم ڏينھن آهي.
6 جون 1947ع تي پاڪستان فنڊ، قائداعظم محمد علي جناح قائم ڪيو.
6 جون 1948ع تي ناميارو شاعر، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ، غلام نبي اداسيءَ جي گهر ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو، خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
6 جون 1968ع تي سنڌ جو جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر قاضي محمد سليمان وفات ڪئي.
6 جون 1985ع تي ڪالم نگار، نثر نويس ۽ سماجي ورڪر عبدالحفيظ ولد ڄام خان چانڊيو ادبي نالو، حفيظ زخمي چانڊيو، زخمي چانڊيي جي گهر جواب پور ضلع شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جنم ورتو.
6 جون 1986ع تي اسرائيلي فوج، مسجد اقصى جو گهيرو ڪيو.
6 جون 1986ع تي ترڪي ۾ شديد زلزلو آيو.
6 جون 1994ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر اسحاق راهي گذاري ويو.
6 جون 2016ع تي شاعر، لکيڪ ۽ ايڊيٽر اياز جاني لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. آخري آرامگاهه اسٽيل ٽائون قبرستان ڪراچيءَ ۾ اٿس.
7 جون 1858ع تي روهڙيءَ واري جنگ، روهڙي کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي.
7 جون 1930ع تي سياستدان قلندر بخش ڍورائي جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 1962ع تي پاڪستان پھريون موسمياتي راڪيٽ ڇڏيو.
7 جون 1966ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي ۽ ايڊيٽر امين لغاري عرف غلام حيدر ولد ولي محمد لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
7 جون 1973ع تي نامور مزاحيه اداڪار، عمر شريف، برج جي عالمي چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪيو.
7 جون 1974ع تي ليکڪ قادر بخش ڪنڌر جو جنم ڏينھن آهي.
7 جون 1982ع تي ليکڪ ابراهيم ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
7 جون 1989ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار جمال ڪوريجو ولد محمد جڙيل ڪوريجي جي گهر ڳوٺ محمد بخش ڪوريجي ۾ اک کولي.
7 جون 2000ع تي حافظ محمد ڪامل مھيسر جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 2012ع تي ليکڪ، ڪاشف سومرو جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 2018ع تي ناميارو سياستدان، قانوندان، مفڪر، لطيف شناس ۽ نقاد رسول بخش پليجو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
8 جون 1857ع تي جنگ آزاديءَ جي مجاهدن دهليءَ تي قبضو ڪيو.
8 جون 1884ع تي سوامي ڄيٺانند عرف سوامي اچل پرشاد ناٿاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1908ع تي صحافي شيخ بابو محمد سليمان جو وڇوڙو ٿيو.
8 جون 1957ع تي بالي ووڊ اداڪاره ڊمپل ڪپاڊيا جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1962ع تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا ختم ڪري 1962ع جو آئين نافذ ڪيو.
8 جون 1966ع تي سنڌ زبان جو باڪمال شاعر ۽ اديب عزيز الله مجروح وفات ڪئي.
8 جون 1975ع تي بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1977ع تي مشھور عالمِ دين ميان محمد نصيرالدين ميڪڻ وفات ڪئي.
8 جون 1980ع تي شاعر راڻاجي اسنگي، اصل نالو راڻو ذات مارواڙي مينگهواڙ ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
8 جون 1985ع تي صوفي سنت، محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو مينهل فقير مھر سجدي جي حالت ۾ ڌڻي کي پيارو ٿيو.
9 جون 1870ع تي مشھور ادبي شخصيت چارلس ڊڪـنـز جو وڇوڙو ٿيو.
9 جون 1915ع تي نامور اديب، صحافي، حڪيم علي حسن ڌاريجو ولد محمد عثمان ڳوٺ پير راڄن شاهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
9 جون 1919ع تي ليکڪ شام فتناڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 جون 1930ع تي شاعر مير خير محمد ضياء، خدابخش خان ٽالپر جو فرزند هو. هن فاني جھان کي الوداع چيو.
9 جون 1939ع تي ناميارو صحافي حيات بلوچ ولد ميوو فقير چانڊيو، ٽنڊي آدم ويجهو ڳوٺ لاکڙا ۾ پيدا ٿيو.
9 جون 1945ع تي اسٽيج ڊرامن جي هدايتڪار، ڀرت ڪمار ڍنگر جو جنم ڏينھن آهي.
9 جون 1946ع تي ڀلوڙ شاعر شوق خانواڻيءَ جو اصل نالو محمد ياسين قاسمي تخلص شوق المعروف شوق خانواڻي انڊيا جي شھر ڪرنال پاڻي پٽ ۾ ڄائو.
9 جون 1951ع تي شاعر حاجي پير بخش فاروقي جو وڇوڙو ٿيو.
9 جون 1953ع تي مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي درالبقا ڏي روانو ٿي ويو.
9 جون 2009ع تي شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو وفات ڪئي.
10 جون 1830ع تي مولانامحمد حسين آزاد جو جنم ڏينھن آهي.
10 جون 1923ع تي سيد علي اڪبر ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
10 جون 1925ع تي نظم جو شاعر علي محمد خالدي ولد نھال خان لاشاري ٺٽي ۾ جنم ورتو.
10 جون 1926ع تي نياز حسين ولد فقير غلام سرور قادري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، افسانا نگار، ايڊيٽر ڪھاڻيڪار ۽ ترجمي نگار اٿس.
10 جون 1932ع تي خادم رفيقي مھيسر ڳوٺ رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو پاڻ مشھور اديب، شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
10 جون 1948ع تي ناميارو شاعر ۽ چترڪار هارون چنا، رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو.
10 جون 1953ع تي ناميارو ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
10 جون 1967ع تي پنھنجي وقت جو يگانو انسان فقير فولاد شر وفات ڪئي.
10 جون 1971ع تي نوجوان شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرام نگار انعام عباسي اصل نالو انعام الله عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 جون 1971ع تي ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.
10 جون 1975ع تي عبدالفتاح شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جون 1488ع تي اسڪاٽ لينڊ بادشاهه جيمز (ٽيون) کي قتل ڪيو ويو.
11 جون 1903ع تي سريا جي بادشاهه ۽ ملڪه کي قتل ڪيو ويو.
11 جون 1935ع تي ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
11 جون 1947ع تي مسلم ليگ هند، ورهاڱي جو منصوبو منظور ڪيو.
11 جون 1948ع نيرو، خودڪشي ڪري ڇڏي.
11 جون 1957ع تي ليکڪ جڳديش لاکياڻي جو جنم ڏينھن آهي.
11 جون 1971ع تي ريڊيو ڪمپيئر ۽ آرٽسٽ جاويد احمد پٺاڻ عبدالرحمان جي گهر ڳوٺ ڇڄڙا ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
11 جون 1982ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار سنتوش ڪمار جو وڇوڙو ٿيو.
11 جون 2011ع تي نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ اديب طارق عالم ابڙو، وفات ڪئي.
12 جون 1593ع تي انگريزي ڊرامه نويس ڪرسٽوفر مالو کي قتل ڪيو ويو.
12 جون 1897ع تي آسام جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو خوفناڪ زلزلو آيو.
12 جون 1923ع تي ممتاز قانوندان شريف الدين پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي. سندس جنم برهان پور ڀارت ۾ ٿيو.
12 جون 1924ع تي ناميارو شاعر مير عبدالحسين سانگي جو وڇوڙو ٿيو.
12 جون 1929ع تي جامعيه ڪراچي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽرجميل جالبي جو جنم ڏينھن آهي.
12 جون 1964ع تي ڪمپيئر ۽ استاد شرف الدين مغيري ولد حاجي پاکر خان مغيري جي گهر راڌو خان مغيري ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
12 جون 1980ع تي جاپان جي وزير اعظم اوهيرا جو وڇوڙو ٿيو.
12 جون 2012ع تي شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ جو لاڏاڻو ٿيو.
13 جون 1899ع تي سردار عبدالرب نشتر جو جنم ڏينھن آهي.
13 جون 1908ع تي صحافي، اديب، ناول نويس محمد عثمان ڏيپلائي ولد حبيب الله ميمڻ شھر ڏيپلي ۾ جنم ورتو.
13 جون 1920ع تي سنڌي موسيقي جو شهنشاهه راڳي استاد محمد ابراهيم ولد احمد ڪڇي گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سلايا ۾ جنم ورتو.
13 جون 1924ع تي شاعر ۽ اديب نثار بزمي، اصل نالو قلندر بخش ولد محمد حسن خان جوڻيجو ڳوٺ مرزاپور، تعلقي گڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
13 جون 1939ع تي نهايت سٻاجھڙو شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ ولد حاجي يار محمد لکمير، ڳوٺ لکمير نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو.
13 جون 1946ع تي ايران، آذربائيجان کي خود مختياري ڏني.
13 جون 1961ع تي شاعر جلال ڪوري ڳوٺ عالم پلي، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
13 جون 1974ع تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي پھريون ڀيرو ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪيو.
13 جون 1974ع تي عرب جمھوريه يمن ۾ ٻيون ڀيرو انقلاب آيو.
13 جون 1982ع تي سعودي عرب جي سربراهه شاهه خالد، دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
13 جون 2003ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ملڪ معراج خالد جو وڇوڙو ٿيو.
13 جون 2012ع تي عظيم گلوڪار مھدي حسن جو وڇوڙو ٿيو.
14 جون 1746ع تي سنڌي نثر ۽ نظماڻي نثر جو لکندڙ آخوند عزيز الله ميمڻ، مٽيارين ۾ جنم ورتو.
14 جون 1777ع تي آمريڪا جو قومي جهنڊو منظور ٿيو.
14 جون 1914ع تي عالم دين ۽ بزرگ پير صاحب ڏنو جو وڇوڙو ٿيو.
14 جون 1940ع تي ليکڪ، قمر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
14 جون 1943ع تي شاعر، الھڏنو دکي باڊهه ۾جنم ورتو.
14 جون 1960ع تي شاعر، منظور مسافر جو جنم ڏينھن آهي.
14 جون 1963ع تي روس پھريون ڀيرو عورت، نزشيخوفاڪو کي خلا ۾ موڪليو.
14 جون 1967ع تي تنزانيه، بئنڪن کي قومي تحويل (ڌارا) ۾ ورتو.
14 جون 1974ع تي ليکڪ، احسان زنگيجو جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1895ع تي غلام احمد ”نظامي“ ولد حاجي محمد صديق ميمڻ، ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ اديب، صحافي ۽ ناميارو قومي شاعر اٿس.
15جون 1916ع تي جديد شاعريءَ جو برک شاعر هري دلگير پٽ گر ڏنو مل درياڻي لاڙڪاڻي شھر ۾ ڄائو.
15 جون 1916ع تي پاڪستان جو مشھور نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر ابوالليث صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1925ع تي سنڌ جو نالي وارو صوفي بزرگ سخي قبول محمد (ثاني) وفات ڪئي سندس مزار سچل جي روضي ۾ اندر آهي.
15 جون 1927ع تي اردو جي مشھور ليکڪ ۽ شاعر ابن انشاءَ جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1933ع تي شاعر هوتو سنڌو پياسي پليو لغاري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
15 جون 1943ع تي مشھور شاعره ۽ اديبه مريم مجيدي، ڌيءَ محمد خان ”مجيدي“ جتوئي ميرنپور، تعلقي بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي.
15 جون 1957ع تي اداڪار ڪشنچند پريمي جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1961ع تي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ڪراچي ۾ ڄائي.
15 جون 1962ع تي نالي وارو شاعر منٺار سولنگي ولد غلام مرتضيٰ سولنگي جي گهر جنم ورتو.
15 جون 2011ع تي نئين ٽھيءَ جو جديد شاعر حسن درس حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
16 جون 1918ع تي ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رسول بخش ميمڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
16 جون 1925ع تي برصغير جو مشھور اڳواڻ آرداس جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 1930ع تي انگلينڊ جي مشھور رانديگر هرائن سٽيٿم جو جنم ڏينھن آهي.
16 جون 1942ع تي سگهڙ گل حسن بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
16 جون 1943ع تي مشھور موسيقار راڳي ۽ ڪمپوزر فيروز گل ولد رحيم بخش شيخ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
16 جون 1959ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد مولا بخش ساريو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
16 جون 1970ع تي اسلامي جمھوريه انڊونيشيا جي باني ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 2009ع تي راڳي اسحاق فقير عرف ڪارو مڱڻھار جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 2010ع تي شاعر ۽ دانشور غلام محمد جنجهي جو وڇوڙو ٿيو.
18 جون 1953ع تي قديم سنڌي تهذيب جو مجسمو مولانا محمد صادق کڏي واري وفات ڪئي.
19 جون 1903ع تي انگلينڊ جو مشھور رانديگر وائلي هيمنڊ جو جنم ڏينھن آهي.
19 جون 1931ع تي ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار شوپارواڻي اصل نالو حشمتراءِ اين پارواڻي دادوءَ ۾ ڄائو.
19 جون 1932ع تي ناليواري تعليمدان آپا مريم نوحاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
19 جون 1947ع تي ڪراچي کي، پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو.
19 جون 1958ع تي مزاحيه شاعر، شھمير خان شھمير چانڊيو هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
19 جون 1961ع تي ڪويت آزاد ٿيو.
19 جون 1963ع تي ڪلاسيڪل راڳ جو شھنشاهه راڳي راستاد برڪت علي جو وڇوڙو ٿيو.
19 جون 1980ع تي نالي وارو شاعر محمد احسن چنه دادو ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
19 جون 1992ع تي سنڌي ادب جو برجستو ناءُ موهن ڪلپنا لوڪ پڌاريو.
19 جون 1994ع تي جيون گرسھاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
20 جون 712ع تي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي.
20 جون 1837ع تي ملڪه وڪٽوريه، برطانيه جو تخت ماڻيو.
20 جون 1936ع تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشھور شاعر، اديب ۽ ناٽڪ نويس شبير ”ناز“ چنا شڪارپور ۾ جنم ورتو.
20 جون 1944ع تي مير محمد پيرزادو ولد رحمت الله پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. اديب خدمتون، ناميارو شاعر ۽ اديب آهي.
20 جون 1947ع تي قائداعظم، آل انڊيا ريڊيو تان پھريون ڀيرو خطاب ڪيو.
20 جون 1949ع تي برصغير جو هري سنگ تخت تان دستبردار ٿيو.
20 جون 1950ع تي سرمد چانڊيو اصل نالو سونو خان چانڊيو، رئيس جمال خان چانڊيو تعلقي قنبر ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ادبي خدمتون، گيت جو شاعر، نقاد، استاد شاعر، ناول نگار، محقق ۽ لطيف شناس اٿس.
20 جون 1961ع تي نوجوان شاعر، محمد رمضان نول شھر موري ۾ جنم ورتو.
20 جون 1971ع تي انڊونيشيا جو اڳوڻو صدر سوئيڪارنو وفات ڪئي.
20 جون 2018ع تي اردو ٻوليءَ جو عظيم مزاح نگار مشتاق احمد يوسفي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
21 جون 1037ع تي مشھور مسلمان سائنسدان ۽ فلاسافر ابن سينا جو وڇوڙو ٿيو.
21 جون 1843ع تي رائل ڪاليج آف سرجري جو قيام عمل ۾ آيو.
21 جون 1904ع تي فٽ بال لاءِ بين الاقوامي تنظيم فيضا قائم ٿي.
21 جون 1918ع تي صاحب ديوان، عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني وفات ڪئي. عبدالغفور مفتون همايوني 1844ع تي همايون شريف شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
21 جون 1924ع تي هاڪارو ملهه پھلوان شير مير بحر ولد علي محمد مير بحر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
21 جون 1931 تي آمريڪي وزير مارگريٽ ايم هيڪلر جو جنم ڏينھن آهي.
21 جون 1944ع تي شآعر سيف ٻنوي جوجنم ڏينھن آهي.
21 جون 1953ع تي محترمه بينظير، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي گهر ڪراچي ۾ جنم ورتو. محترمه بينظير ڀٽو جو پيار جو نالو پنڪي هو.
21 جون 1978ع تي جنرل ضياءُ الحق، پنج سئو ميل ڊگهي شاهراهه قراقرم جو افتتاح ڪيو.
21 جون 1986ع تي برصغير جي ممتاز اداڪاره ۽ فنڪاره ممتاز بيگم جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 1885ع تي مھدي سوڊاني جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 1906ع تي ناميارو شاعر، محقق، سياح، تاجر ۽ تحريڪِ پاڪستان جو ممتاز رڪن جِي الانا، اصل نالو غلام علي الانا جو ڪراچيءَ ۾ جنم ٿيو.
22 جون 1924ع تي سنڌ جو انتهائي محترم عالم غلام مصطفيٰ ولد حافظ محمود چانڊيو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
22 جون 1931ع کان ستاويهه سيپٽمبر 1950ع تائين دنيا جو هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپئين شپ جو اعزاز آمريڪا جي جولوئيس وٽ رهيو.
22 جون 1932ع تي بالي ووڊ اداڪار امريش پوري جو جنم ڏينھن آهي.
22 جون 1941ع تي جرمني، روس تي حملو ڪيو.
22 جون 1947ع تي مشھور عالم ۽ سماجي ڪارڪن سيد عبدالرحيم شاهه ڪراچي ۾ وفات ڪئي. مڪليءَ واري تاريخي قبرستان ۾ آخري آرامگاهه اٿس.
22 جون 1947ع تي هاري تحريڪ جي رڪن شھيد بختاور لاشاري جي شھادت جو ڏينھن آهي.
22 جون 1970ع تي مشھور گلوڪارہ، حميرا چنا حيدرآباد ۾ ڄائي.
22 جون 1971ع تي اعليٰ پائي جو عالم دين سيد علي اڪبر شاهه وفات ڪئي.
22 جون 1974ع تي پير آف گولڙهه شريف، سيد غلام محي الدينرح جو وصال ٿيو.
22 جون 1976ع تي ڪالم نگار منير مصور ٻگهيو جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
22 جون 1992ع تي مشھور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 2012ع تي اردو جي مشھور ليکڪ، ڪالم نويس ۽ ناول نگار عبيد الله بيگ جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 1843ع تي قاضي عبدالنبي شڪارپوري جو جنم ڏينھن آهي.
23 جون 1934ع تي اسٽريا جي صدر ڪرڪ شيگر اقتدار ماڻيو.
23 جون 1938ع تي شاعر محمد بخش حافظ، نوان جتوئي ۾ جنم ورتو.
23 جون 1940ع تي فرانسيسي وفد، جرمني جنگ بنديءَ جا شرط منظور ڪيا.
23 جون 1974ع تي مولوي نذير حسين جتوئي جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 1980ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي جي پٽ سنجي گانڌي هوائي جھاز حادثي ۾ وڇوڙو ڪيو.
23 جون 1989ع تي سياستدان ايم اي قريشي جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 2004 تي مذهبي عالمِ دين عزيز الله جروار جو لاڏاڻو ٿيو.
24 جون 1943ع تي ڏکڻ جمھوريه ميمن جي صدر احمد الھاشمي کي قتل ڪيو ويو.
24 جون 1950ع تي ڪوريا جي جنگ شروع ٿي.
24 جون 1964ع تي سياسي عورت اڳواڻ راءِ ناز بوزدار جو جنم ڏينھن آهي.
24 جون 1980ع تي ڀارت جي اڳوڻي صدر وي وي گري جو وڇوڙو ٿيو.
24 جون 1987ع تي سياسي اڳواڻ قاضي فضل الله لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق کيس لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري قبرستان جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
24 جون 2011ع تي ناليواري محقق شوڪت خواجائي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه ستين جي آستان روهڙي لڳ قبرستان ۾ آهي.
24 جون 2016ع تي ڪلاسيڪل راڳي الھه ڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾ راهه رباني ورتي.
25 جون 1912ع تي آخوند فضل لاڏاڻو ڪري ويو.
25 جون 1922ع تي شاعر سائق بخاري جنم ورتو.
25 جون 1929ع تي تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1934ع تي مشھور شاعر ۽ اعليٰ پائي جي خطاط حافظ محمد هارون دلگير وفات ڪئي.
25 جون 1939ع تي سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀرٽ پيدا ٿيو.
25 جون 1944ع تي نواب بھادر يار جنگ جو وڇوڙو ٿيو.
25 جون 1950ع تي اديب ۽ ترجمه نگار صفي لکنويءَ جو وڇوڙو ٿيو.
25 جون 1954ع تي شاعر مھر عيسو فقير (صديق جي واند) وفات ڪئي.
25 جون 1967ع تي شاعر حاجي عبدالله ”واقف“ (ٺارو شاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
25 جون 1968ع تي ليکڪ غلام مصطفيٰ چنا (ڪي اين شاهه) ۾ جنم ورتو.
25 جون 1971ع تي شاعر محمد عرس اوٺو جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1974ع تي بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1975ع تي موز مبيق پرتگال جي غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪئي.
25 جون 1977ع تي محترم بينظير ڀٽو پنھنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وطن آئي.
25 جون 1978ع تي بالي ووڊ اداڪار آفتاب شوداساڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 2009ع تي پاپ موسيقيءَ جو شاندار نانءُ مائيڪل جيڪسن جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1564ع تي نقشبندي سلسلي جو مشھور صوفي عالم مجدد الف ثاني پيدا ٿيو.
26 جون 1781ع تي مرزا سودا جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1892ع تي مشھور آمريڪي نوبل انعامي يافته مصنف پرل بڪ جو جنم ڏينھن آهي.
26 جون 1893ع تي شاعر ۽ اسڪالر سيد نجيع الله شاهه راشدي ولد سيد نور الحق راشدي ڳوٺ نور آباد لڳ وڳڻ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
26 جون 1905ع تي ڀريا جورائيٽر چرنداس ٺاڪرداس پيدا ٿيو.
26 جون 1910ع تي فرانس پھريون دفعو نيوٽرون بم جو تجربو ڪيو.
26 جون 1927ع تي طنز و مزاح جي دنيا جو نهايت مقبول صحافي ۽ شاعر نور عباسي اصل نالو نور محمد نور ولد حاجي محمد هاشم عباسي ضلعي نوشھروفيروز جي شھر ڀرين ۾ جنم ورتو.
26 جون 1953ع تي ناليوارو شاعر ۽ ٻارن جو ليکڪ اقبال تنيو دادو ۾ پيدا ٿيو.
26 جون 1955ع تي مشھور صحافي ۽ اديب چراغ حسن حسرت جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1957ع تي مشھور مزاح نگار مجيد لاهوري جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1965ع تي ناليوارو صحافي خالد کوکر دادو تعلقي جي ڳوٺ باداڻيءَ ۾ پيدا ٿيو.
26 جون 1970ع تي شاعره ۽ ليکڪه ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
26 جون 1973ع تي شاعر محمد رمضان آزاد لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جون 1976ع تي شاعر امداد حيدر سولنگي پيدا ٿيو.
26 جون 1985ع تي اسڪالر مولانا محمد قاسم پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جون 2005ع تي جهڏي جو رائيٽر مجرم لغاري هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
26 جون 2010ع تي نامياري شاعر احمد خان ”مدهوش“ جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 2016ع تي صوفي راڳي جمال الدين فقير جو وڇوڙو ٿيو.
27 جون 1880ع تي مشھور رفاعي ڪارڪن هيلن ڪيلر جو جنم ڏينھن آهي.
27 جون 1930ع تي معروف اردو شاعر حمايت علي شاعر حيدرآباد دکن ۾جنم ورتو.
27 جون 1949ع تي خان محمد پنھور ولد محمد يعقوب پنھور ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ صحافي، ماهر تعليم، ۽ سماجي خدمتگار اٿس.
27 جون 2003ع تي شاعر ۽ ليکڪ سيد اڪبر شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
27 جون 2010ع تي اديب ۽ ليکڪ احسان دانش ڀٽو جو لاڏاڻو ٿيو.
28 جون 622ع تي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم مديني شريف ۾ داخل ٿيو.
28 جون 1606ع تي شھنشاهه قطب الدين ايبڪ جي رسم تاج پوشي لاهور ۾ ٿي.
28 جون 1913ع تي قائد اعظم، لنڊن ۾ شاگردن جي هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي.
28 جون 1919ع تي معاهدو درسيلز ٿيو.
28 جون 1940ع تي نوبل ۽ بينڪر انعامي يافته محمد يونس جو جنم ڏينھن آهي.
28 جون 1970ع تي ڪرڪيٽر مشتاق احمد جو جنم ڏينھن آهي.
28 جون 1972ع تي پاڪستان جو سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي هندوستان جو دورو ڪيو.
28 جون 1977ع تي نوجوان ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ مختلف اين جي اوزر جو سرگرم اڳواڻ ذوالفقار شاهه راڌڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
28 جون 1985ع تي لبنان جو اڳوڻو صدر الياس سارڪس جو وڇوڙو ٿيو.
29 جون 1561ع تي پھريون يورپي سياهه هرناڊو، آمريڪي رياست آرڪسناس ۾ داخل ٿيو.
29 جون 1880ع تي اديب، ڪي بي نور الدين نانا جو جنم ڏينھن آهي.
29 جون 1933ع تي خيرپور رياست جو آخري حڪمران مير علي مراد خان (ثاني) ولد مير فيض محمد خان (ثاني) ٽالپر انگلينڊ ۾ ڄائو.
29 جون 1939ع تي نسيم کرل اصل نسيم احمد کرل ولد حاجي عبدالڪريم کرل ڳوٺ کرل، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ مقاميت نگاري جو بھترين ڪھاڻيڪار هو.
29 جون 1947ع تي ٽيليويزن جو سينئر پروڊيوسر بادل جمالي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جي تخليقي ۽ منفرد ڪھاڻيڪار آهي.
29 جون 1965ع تي شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضى سيال جو جنم ڏينھن آهي.
29 جون 1972ع تي اندراگانڌي ۽ ذوالفقار ڀٽو جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون.
30 جون 1857ع تي قومي خدمتگار ڏيارام گدومل حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
30 جون 1893ع تي مشرقي جرمني جو چيئرمين واٽر سيل جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 1966ع تي مشھور عالمي باڪسر مائيڪ ٽائيسن جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 1969ع تي رانديگر سنٿ جي سوريا جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 2004ع تي ويهين صدي جو سنڌي ڪھاڻيڪار جمال ابڙو
لاڏاڻو ڪيو.