فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
تاريخ بنيادي طور تي انساني، فطرتي، سماجي توڙي اجتماعي سرگرمين جو دستاويز آهي. تاريخ انھن سرگرمين جو رڪارڊ رکڻ جو نالو آهي ته ٻئي طرف تاريخ اهو آئينو آهي جنھن سان نه صرف ماضيءَ کي ڏسي سگهجي ٿو پر مستقبل جي منصوبابندي به ڪري سگهجي ٿي. تاريخ سان اهو الميو به آهي ته حقيقي ۽ سچي تاريخ اڄ به اکين کان اوجهل آهي. تاريخ کي حملي آورن ۽ طاقتور قوتن سدائين پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. جنھن ڪري تاريخ مٿين طبقي جي ٻانهي پئي رهي آهي. عوامي ۽ حقيقي تاريخ لکڻ جو ڪم جن تاريخدانن ڪم ڪيو آهي انهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ عوامي، قومي ۽ حقيقي بنيادن تي جن تاريخدانن لکي آهي انهن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ايس ٻي ڇٻلاڻي،پروفيسر عبدالله مگسي، ڊاڪٽر شاهنواز ڏهر،ڪيول ملڪاڻي، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جي ايم سيد، يوسف شاهين، بدر ابڙو، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، اياز ڀاڳت، حافظ عبداستار ڪوريجو وغيره شامل آهن. جڏهن ته روزاني جي بنياد تي اخبارون پڻ عوامي پر رف تاريخ سھيڙي رهيون آهن. فقير محمد سنڌي پڻ عوامي تاريخ کي سھيڙڻ جو ڪم پنھنجي هٿن ۾ کڻي هڪ تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. هن جيڪا سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل تاريخ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪئي آهي اهو انتھائي ڪٺن ۽ مشڪل ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ لکڻ يا مرتب ڪرڻ انتھائي ذميواري وارو ڪم آهي. تاريخ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي يا رهجي ٿي وڃي ته ان سان ڪيترائي نقصان ٿي سگهن ٿا پر فقير محمد سنڌي ، تاريخ جي هڪ هڪ ڳالھ کي مرتب ڪرڻ لاءِ سالن جا سال ويھي پورهيو ڪيو آهي.جنھن پوري ذميواري سان تاريخ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هونئن به فقير محمد سنڌي هڪ پورهيت رهيو آهي. جنھن پنهنجي پيٽ گذري لاءِ پڻ سخت کان سخت ترين پورهيا ڪيا آهن. هن جي نس نس ۾ پورهيي جو پگهر ڊوڙي رهيو آهي. ان ڪري فقير محمد سنڌي جھڙا فرد سدائين سماج جا فخرلائق رهيا آهن. جن پنھنجي ضمير کي سدائين زنده رکڻ لاءِ هر قرباني ڏني آهي. سندس هي تاريخ جو ڪتاب ”تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر“ سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ آهي. جنھن سان سنڌ جي ماضي، حال کي پسي سگهجي ٿو ته ايندڙ دور جي حالتن جو ادراڪ به ڪري سگهجي ٿو. مان فقير محمد سنڌي جي هن پورهيي کي سلام پيش ڪريان ٿو.