آگسٽ
پھرين آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻي جي تاريخي، سياسي، ۽ اقتصادي اهميت کي محسوس ڪندي ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
پھرين آگسٽ 1932ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بھترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ غالب ڳوٺ ملڪاڻي شريف دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1933ع تي لطيف سرڪار جي راڳي غلام حيدر نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين آگسٽ 1941ع تي تعليمي ماهر صاحب خان چنا لاڙڪاڻي جي ڳوٺ الهيار آگاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1944ع تي مشھور شاعر نظام ”زائر“ خيرپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1948ع تي مشھور شاعر ۽ اديب نظام الدين ”ناظم“ چانڊيو ولد مولوي عبدالله ”اثر“ چانڊيو ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1960ع تي ليکڪ ۽ محقق خير محمد لغاري ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ولي محمد خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1963ع تي ناليوارو براڊڪاسٽر خليل ڪاڪيپوٽو اصل نالو خليل الله ڪاڪيپوٽو ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1971ع تي اسڪالر ۽ مترجم محمد دائود ولد محمد بخش ميمڻ“ ڳوٺ ترائي تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1972ع تي نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو ڳوٺ گل محمد ڄامڙي راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1975ع تي زاهد عباسي سوڀو ديرو شھر جي ڀرسان ڪلهوڙا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، شاعر اٿس.
پھرين آگسٽ 1977ع تي مشھور ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن ستار زنگيجو روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو.
پھرين آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي امين لاکو اصل نالو محمد امين ولد محمد هاشم لاکو دولت پور صفن ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1982ع تي مشھور شاعر ۽ مصري شاهه جي درگاهه جو سجاده نشين، روحاني پيشوا سيد غلام قادر شاهه نصرپوري انتقال ڪيو سندس مزار نصرپور ۾ آهي.
پھرين آگسٽ 2000ع تي ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون! لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ڇپايو ترتيب عبدالستار ڀٽي ڏني.
2 آگسٽ 1810ع تي قاضي ثناءُ الله جو مشرقي پنجاب ۾ جنم ٿيو.
2 آگسٽ 1892ع تي عظيم شاعر ڇتي فقير سانگي ميروخان تعلقي جي ڳوٺ دڙي ۾ وفات ڪئي.
2 آگسٽ 1946ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ناٽڪ نگار ۽ اديب ڊاڪٽر پريم پرڪاش اصل نالو پريم سنگهه سنت سنگهه ميلسنگهاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
2 آگسٽ 1963ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اعجاز علي ولد فتح علي سمون خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
3 آگسٽ 1917ع تي اردو جي ناليواري شاعر شڪيل بدايوني جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
3 آگسٽ 1934ع تي شاعر غازي ٽکڙائي جي جنم جو ڏينھن آهي.
3 آگسٽ 1953ع تي شاعرکيمچند شرما، ٿاڻي بولان ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1955ع تي سياستدان جنيد سومرو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1967ع تي ليکڪ قادر شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1968ع تي شاعر ۽ نثر نويس غوث پيرزادو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1968ع تي شاعر جوش منگي (جاويد حسين منگي) پنجوديرو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1969ع تي ليکڪ زاهد سومرو پڊ عيدن ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 2008ع تي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن امان الله بلوچ وفات ڪئي.
3 آگسٽ 2014ع تي سياستدان بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي هن فاني جھان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
4 آگسٽ 1862ع تي (پنجون پير پاڳارو) سيد شاهه مردان شاهه اول ”ڪوٽ ڌڻي“ ولد حزب الله شاهه مسڪين جنم ورتو.
4 آگسٽ 1899ع تي اردو جي مشھور شاعر تبسم صوفي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1919ع تي ليکڪ يکيو تلسي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1922ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1929ع تي (اداڪار) ڄاڃاڻي رميش روچيرام، سنڌ رنگ منچ اسٽيج جو سداحيات اداڪار خيرپور ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1939ع تي شاعر مستانو محمد شاهه جنم ورتو.
4 آگسٽ 1939ع تي اردو جي ناليواري شاعر، ڊرامه نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1939ع تي مشھور شاعر ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو سجاده نشين محمد امين فهيم مخدوم، ولد مخدوم زمان طالب الموليٰ هالا نوان ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1945ع تي صحافي غلام محمد کھڙو جنم ورتو.
4 آگسٽ 1948ع تي سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1956ع تي صحافي شير محمد ملڪاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1967ع تي شاعر زاهد دارا ابڙو جنم ورتو.
4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شھزاد جاگيراڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1991ع تي شاعر عرفان مهدي لاڏاڻو ڪيو.
4 آگسٽ 2000ع تي نامياري ادڪار محمود صديقي جو انتقال ٿيو.
4 آگسٽ 2015ع تي هند جو ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش لوڪ پڌاريو.
5 آگسٽ 1895ع تي خلافت تحريڪ جو اڳواڻ علي انور شاهه راشدي ڳوٺ الھه بخش ڪلهوڙو عرف شاهه آباد تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1905ع تي پير علي محمد شاهه راشدي ولد پير محمد حامد شاهه راشدي ڳوٺ بھمڻ لڳ نصرت اسٽيشن تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ادب، تاريخ، سياست ۽ صحافت اٿس.
5 آگسٽ 1921ع تي ليکڪ گوبند مالهي ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1935ع تي حليم بروهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. والد جو نالو (عبدالعزيز) ادبي خدمتون مزاح نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نويس هئس.
5 آگسٽ 1942ع تي ليکڪ اميد علي شاهه رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1944ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو جنگشاهي جي ڳوٺ مگر خان پليجي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
5 آگسٽ 1961ع تي ناليواري صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌي جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1963ع تي نامياري ليکڪ اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد آچر مجاهد عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1969ع تي صحافي ساجد اعواڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1970ع تي دانشور، ليکڪ، سماجي ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيندڙ نصير ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1972ع تي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1974ع تي مشھور راڳي ذوالفقار علي خاصخيلي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1975ع تي بالي ووڊ اداڪار ڪاجول جو ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1995ع تي بيورو ڪريٽ ۽ سماجي اڳواڻ آغا حسن عابدي جي وفات ٿي.
5 آگسٽ 1998ع تي سالم صوفي فقير يار محمد پيرازدي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
6 آگسٽ 1904ع تي اداڪار ايم اسماعيل جنم ورتو.
6 آگسٽ 1945ع تي ٻي جنگِ عظيم دوران آمريڪا جپان جي شھر هيرو شيما تي ايٽم بم جو وارُ ڪيو.
6 آگسٽ 1950ع تي مذهبي عالم عبدالعزيز ٿريچاڻي جو انتقال ٿيو.
6 آگسٽ 1954ع تي اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو جنم ٿيو.
6 آگسٽ 1977ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن سانجهي ۽ سومهڻي جي آذان نشر ڪرڻ جو آغاز ڪيو.
6 آگسٽ 2008ع تي اداڪار، صداڪار، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر عبدالڪريم بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
7 آگسٽ 1904ع تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو صحتمند ۽ پرخلوص خدمتگار محمد يعقوب نياز ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
7 آگسٽ 1930ع تي بنگالي ٻوليءَ جي عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽيگور جي وفات جو ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1947ع تي نالي وارو شاعر راز ناٿن شاهي اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي، ضلعي دادو جي مشھور شھر خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
7 آگسٽ 1947ع تي نالي واري ليکڪه خير النساءَ جعفري جو جنم ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1954ع تي حفيظ جالندري جو لکيل قومي ترانو حڪومت پاڪستان منظور ڪيو.
7 آگسٽ 1961ع تي شاعر ضمير احمد وفا جو جنم ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1980ع تي شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر رضا بخاري، اصل نالو سيد رضا شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1810ع تي برصغير جي مشھور شاعر مرزا اسد الله خان ”غالب“ جي شادي ٿي.
8 آگسٽ 1919ع تي برطانيه، افغانستان جي آزاد حڪومت کي تسليم ڪيو.
8 آگسٽ 1924ع تي سماجي ورڪر، جج، دانشور تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
8 آگسٽ 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ايم ڪمل اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي شھر ڪنڊياري جو رهندڙ هو. جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيس.
8 آگسٽ 1927ع تي لال ڪرشن آڏواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
8 آگسٽ 1934ع تي ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي حيدرآباد ۾ لوڪ پڌاريو.
8 آگسٽ 1950ع تي شاعر بيوس نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1961ع تي شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر جو انتقال ٿيو.
8 آگسٽ 1981ع تي شاعر راجا ثابت علي شاهه جنم ورتو.
8 آگسٽ 1981ع تي شاعره بينظير عادل جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1996ع تي مشھور شاعر ۽ اديب نظام الدين ناظم چانڊيو وفات ڪئي.
8 آگسٽ 2014ع تي تعليمدان پروفيسر انيتا غلام علي جو انتقال ٿيو.
8 آگسٽ 2016ع تي ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نگار علي بابا جو ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو.
9 آگسٽ 1757ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جي گادي تي ويهاريو ويو.
9 آگسٽ 1871ع تي هوائي جھاز جي مؤجد آرول رائٽ جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1884ع تي مير علي نواز خان ٽالپر ولد مير امام بخش خان ٽالپر ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي ۾ تولد ٿيو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جو باڪمال شاعر، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ شخص هو.
9 آگسٽ 1933ع تي ليکڪ ۽ سماجي ورڪر غازي محمد ايوب شر جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1941ع تي ليکڪ بدر الدين لاڙڪ جنم ورتو.
9 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا، جپان جي شھر ناگاساڪيءَ تي ٻيھر ايٽم بم جو وارُ ڪيو.
9 آگسٽ 1953ع تي اديب، شاعر، صحافي ۽ ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1954ع تي ڪالم نگار، ليکڪ ۽ صحافي نصير اعجاز جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1959ع تي ريڊيو ايران زاهدان جو افتتاح ٿيو.
9 آگسٽ 1963ع تي شاعر رحمت الله جوڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1969ع تي شاعر امتياز ڪلهوڙو ولد غلام قادر ڪلهوڙو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، ۾ جنم ورتو.
9 آگسٽ 1980ع تي اڳواڻي صدر پاڪستان جنرل محمد يحى خان جو لاڏاڻو ٿيو.
9 آگسٽ 1980ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ شھيد نذير عباسي هن فاني جھان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
9 آگسٽ 1984ع تي تحريڪِ پاڪستان جو ممتاز رهنما خواجه حسن عسڪريءَ ڍاڪا ۾ وفات ڪئي.
9 آگسٽ 1991ع تي باليووڊ جي سنڌي اداڪاره هنسيڪا موٽواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 2017ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ڪھنه مشق شاعر ۽ اديب ناطق ڳيريلائي (محمد صالح چنو) وفات ڪئي. آخري آرامگاهه ڳوٺ قادر بخش ڀٽو (ڪُلي) ڳيريلي ويجهو تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
10 آگسٽ 1900ع تي مذهبي اسڪالر پير مظھر الدين راشدي جو جنم ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1934ع تي مشھور اديب محمد صديق خان شبلي پيدا ٿيو.
10 آگسٽ 1939ع تي سماج سڌارڪ، بھاول خان انڙ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1947ع تي ليکڪ نياز خالديءَ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1947ع صحافي امداد علي اوڍو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي ۾ آئين ساز اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس ٿيو.
10 آگسٽ 1954ع تي سنڌ جو مشھور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1956ع تي ناليوارو محقق شوڪت خواجائي ڪراچيءَ ۾ لطيف بخش خواجائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
10 آگسٽ 1959ع تي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف جدوجھد ڪندڙ، قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ سياستدان بشير خان قريشي ولد غلام مرتضيٰ قريشي موٽڻ پور محلي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1958ع تي ليکڪ ۽ مضمون نگار منظور حسين ڪالرو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1963ع تي ڀارت جي مشھور عورت ڌاڙيل ۽ اسيمبلي ميمبر ڦولن ديوي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1973ع تي فضل الاهي چوڌري پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو.
10 آگسٽ 1981ع تي شاعره صنم عزيز ڀنڀرو خيرپور ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 2012ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ جديد شاعر، مترجم، محقق ۽ ڊارمه نويس شمشيرالحيدري لاڏاڻو ڪيو.
11 آگسٽ 1897ع تي عظيم انسان حافظ امام بخش سومرو جنم ورتو.
11 آگسٽ 1919ع تي علم ۽ فن جولک داتا، اينڊريو ڪارينگيءَ وفات ڪئي.
11 آگسٽ 1934ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو، حيدر علي لغاري تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قنبر علي لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
11 آگسٽ 1935ع تي مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان مير سوهاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 آگسٽ 1940ع تي چاڊ، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
11 آگسٽ 1943ع تي اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جو جنم ڏينھن آهي.
11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم، پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ جو صدر منتخب ٿيو.
11 آگسٽ 1947ع تي لياقت علي خان پاڪستان جو پھريون وزيراعظم ٿيو.
11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستاني دستور ساز اسيمبليءَ قومي پرچم جي ڊزائين جي منظور ڏني.
11 آگسٽ 1953ع تي شاعر ڊاڪٽر قربان علي قربان سھتو جو جنم ڏينھن آهي.
11 آگسٽ 1954ع تي سما خاندان جو آخري حڪمران ڄام ڪانڀو خان وفات ڪئي.
11 آگسٽ 1974 تي گلوڪاره حديقه ڪياني جنم ورتو.
11 آگسٽ 1976ع تي تفسير ۽ شرح جو ڄاڻو، شاعر، ۽ نثر نويس آخوند محمد حسن مسڪين لاڏاڻو ڪيو.
11 آگسٽ 1988ع تي سنڌي مهاجر فسادن دوران بشير خان قريشي کي گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ قيد جي زندان ۾ رکيو ويو.
11 آگسٽ 2002ع تي مذهبي اسڪالر مولانا نجم الدين ڇڄڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
12 آگسٽ 1772ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪوٽ، قلعا، تخت ڇڏي راهه رباني وٺي ويو.
12 آگسٽ 1912ع تي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر گوبند رام هر دلعزيز جنم ورتو.
12 آگسٽ 1915ع تي مهان اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو تيرٿ لڪي جي ڀر ۾ ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
12 آگسٽ 1919ع تي مشھور اديب عبدالسلام خورشيد پيدا ٿيو.
12 آگسٽ 1925ع تي سنڌ ٻوليءَ جي برک اديب، سماج سڌارڪ صحافي ٽهليرام آزاد جو مڪمل نالو ٽهليرام جسومل ڪوڏواڻي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ جنم ورتو.
12 آگسٽ 1936ع تي گلوڪار فدا حيدري جو ڪرمپور ۾ جنم ٿيو.
12 آگسٽ 1941ع تي مشھور مزاح نگار مرزا عظيم بيگ چغتائي وفات ڪئي.
12 آگسٽ 1966ع تي شاعر انعام ٽکڙائي جنم ورتو.
12 آگسٽ 1969ع تي مغربي جرمني ۽ پاڪستان جي درميان براهِ راست ٽيليفون رابطو ٿيو.
12 آگسٽ 1975ع تي ڪھاڻيڪار ۽ صحافي عباس سارنگ جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
12 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
12 آگسٽ 1989ع تي سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو لاڏاڻو ڪيو.
13 آگسٽ 1903ع تي اسلامي جمھوريه تيونس جو صدر حبيب بورتيبه جنم ورتو.
13 آگسٽ 1910ع تي فلورنس نائٽ انگيل لندن ۾ وفات ڪئي.
13 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو قادر الڪلام شاعر هزارو خان ”مجاهد“ ولد لعل بخش عباسي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1936ع تي ماهر تعليم، دانشور، سماج سڌارڪ، مورخ ۽ محقق ڊاڪٽر حميده کھڙو محمد ايوب کھڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنم ڀومي لاڙڪاڻو اٿس.
13 آگسٽ 1937ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جو مڪمل نالو پرسو جيسومل گدواڻي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1951ع تي پاڪستان جو قومي ترانو، ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو.
آگسٽ 1969ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر محمد ايوب، محمد رمضان شيخ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1975ع تي ملڪ جو مشھور ڪرڪيٽر شعيب اختر جو جنم ڏينھن آهي.
13 آگسٽ 1977ع تي ناليواري ڪھاڻيڪاره ثميره زرين ڦوهه جواني ۾ هن جھان کي ڇڏي دارالبقا ڏانھن رواني ٿي.
13 آگسٽ 1999ع تي ٻاراڻي ادب لاءِ ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
14 آگسٽ 1891ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آخوند محمد قاسم هالائي پراڻا هالا ۾ وفات ڪئي.
14 آگسٽ 1901ع تي سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد ايوب کھڙو ڳوٺ عاقل ۾ ڄائو.
14 آگسٽ 1920ع تي مشھور گلوڪار ڪشورڪمار پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1929ع تي مشھور شاعر اميد خيرپوريءَ اصل نالو اميد علي ولد زوار مراد علي جمالي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1931ع تي سنڌ جو هاڪارو رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي ولد غلام رسول جتوئي ڳوٺ جتوئي نوان ضلعي موري تعلقي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪھاڻيڪاره ۽ ناول نگاره ريٽا شاهاڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1937ع تي مشھور اديب ۽ دانشور ظفر حسن سيد حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1939ع تي مشھور اديب ۽ محقق محمد علي حداد، خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ انگريزن جو راڄ ختم ٿيو ۽ پاڪستان آزاد ملڪ جي حيثيت ماڻي.
14 آگسٽ 1947ع تي نالي واري سماجي ڪارڪن بلقيس ايڌي، عبدالستار ايڌي جي جيون ساٿي آهي سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو.
14 آگسٽ 1948ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي نشريات جو آغاز ٿيو.
14 آگسٽ 1955ع تي حڪومت پاڪستان قومي تراني جي خالق حفيظ جالندري کان سڀ حقوق خريد ڪيا.
14 آگسٽ 1956ع تي سماج سڌارڪ ۽ قانوندان انصار برني جو جنم ڏينھن آهي.
14 آگسٽ 1960ع ليکڪ، شاعر ۽ مرثيه نگار ڊاڪٽر امام علي مرزا جو جنم ڏينھن آهي.
14 آگسٽ 1969ع تي اڪرم ساگر عباسي پنجوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
14 آگسٽ 1971ع تي نوجوان شاعر بيخود بلوچ اصل نالو فتح الله جسڪاڻي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1973ع تي چوڌري فضل الاهي پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾ قسم کنيو.
14 آگسٽ 1973ع تي پاڪستان ۾ ٽيون آئين نافذ ٿيو.
14 آگسٽ 1984ع تي غلام فريد سنڌي اصل نالو غلام فريد حاجي آهي هن نوجوان شاعر جو جنم ڳوٺ پيروز حاجيءَ ۾ ٿيو.
14 آگسٽ 1991ع تي سگهڙ الھورايو مھيسر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
14 آگسٽ 2004ع تي ناليواري راڳي ۽ موسيقار سينگار علي سليم جو انتقال ٿيو.
15 آگسٽ 1902ع تي شاعر انجم هالائي هالن ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1914ع تي شاعر غني قاضي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1918ع تي قائد اغطم جي شادي 41 سالن جي عمر ۾ هڪ پارسي سيٺ مسٽر ڊنشا پيٽنٽ جي ڌي مس رتنا ٻائي سان هندستان جي شھر ڪلڪتي ۾ ٿي.
15 آگسٽ 1921ع تي سنڌي ناول نويس ۽ نثر نويس گوبند مالهي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1922ع تي سنڌ خلافت ڪاميٽي، صوبي ۾ غازي ڪمال ڀاشا جو ڏهاڙو ملهايو.
15 آگسٽ 1929ع تي ليکڪ مراد علي مرزا (ٽنڊو آغا) ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1937ع تي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ولي رام ڪشائي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1947ع تي هندستان انگريزن کان آزادي حاصل ڪئي.
15 آگسٽ 1949ع تي مزاحمتي شاعر افضل قادري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو.
15 آگسٽ 1955ع تي ادل سومرو اصل نالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو) سکر شھر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، محقق، ۽ ٻاراڻو ادب جو تخليقار، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادبي سنگت تاريخ ۽ ڪردار اٿس.
15 آگسٽ 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي علي زاهد اصل نالو زاهد علي عباسي ولد غلام محمد عباسي ڳوٺ خانپور تعلقي، ڪي اين شاهه، ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1981ع تي بينظير ڀٽو صاحبه کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو.
15 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رزاق مھر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
16 آگسٽ 1803ع تي بزرگ خواجه گل محمد لنواري شريف جو وصال ٿيو.
16 آگسٽ 1941ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق وفات ڪئي.
16 آگسٽ 1947ع تي مائونٽ بيٽن ريڊ ڪلف ايوارڊ جو اعلان ڪيو.
16 آگسٽ 1948ع تي مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام قادر پليجو ولد علي محمد پليجو ڳوٺ منگر خان (جنگشاهي ضلعي ٺٽي) ۾ جنم ورتو.
16 آگسٽ 1949ع تي اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جنم ورتو.
16 آگسٽ 1952ع تي ليکڪ ميراعظم ٽالپر جنم ورتو.
16 آگسٽ 1958ع تي هالي ووڊ جي گلوڪاره ميڊونا جو جنم ڏينھن آهي.
16 آگسٽ 1970ع تي بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
16 آگسٽ 1970ع تي شاعر محمد صديق امين هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
16 آگسٽ 1976ع تي بھاولپور ريڊيو اسٽيشن جي نشريات جو آغاز ٿيو.
16 آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر امر ابڙو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
16 آگسٽ 1991ع تي سنڌ جو مصور ۽ اديب ع ق شيخ وفات ڪئي.
16 آگسٽ 1997ع تي مشھور گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.
17 آگسٽ 1887ع تي هالن جو مشھور معروف بزرگ پير ميان غلام پنڃيل وصال ڪيو.
17 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو ليکڪ ڊاڪٽر ارجن چنڊاڻي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. تخلص ”شاد“ ادبي سڃاڻپ شاعر؛- پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي غزل تحقيق، تنقيد ۽ شاعر اٿس.
17 آگسٽ 1940ع تي ليکڪ، غلام نبي ميمڻ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1942ع تي پاڪستاني فلمن جي مشھور اداڪاره شبنم جنم ورتو.
17 آگسٽ 1945ع تي جڪارته کي انڊونيشيا جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو.
17 آگسٽ 1947ع تي خيرالنساءَ جعفري حيدرآباد ۾ ڄائي. ادبي سڃاڻپ سنڌ جي جديد ڪھاڻيڪاره اٿس.
17 آگسٽ 1955ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات جو آغاز هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد مان ٿيو.
17 آگسٽ 1960ع تي گيبون کي آزادي ملي.
17 آگسٽ 1963ع تي شاعره زيب نظاماڻيءَ ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1967ع تي ڀلوڙ شاعر عبدالله شرر وفات ڪئي.
17 آگسٽ 1968ع تي صحافي پرويز قادر ناريجو جو جنم ڏينھن آهي.
17 آگسٽ 1975ع تي نوجوان شاعر ساگر غلام حسين پنھور ميھڙ ۾ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1988ع تي پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق جو جھاز حادثي جو شڪار ٿيو.
17 آگسٽ 1988ع تي غلام اسحاق خان پاڪستان جو صدر ٿيو.
18 آگسٽ 1253ع تي فارسي ۽ اردو جو مشھور شاعر امير خسرو پٽيالا ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1920ع تي انگلينڊ جو رانديگر گاڊفري ايونز پيدا ٿيو.
18 آگسٽ 1932ع تي ملڪ جو يارهون وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ولد دين محمد جوڻيجو ضلعي سانگهڙ تعلقي کپري ۾ سنڌڙي لڳ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
18 آگسٽ 1934ع تي استاد، اديب، دانشور ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها تعلقي وارهه ان وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1936ع تي سنڌي ۽ اردو جي مشھور شاعره نور شاهين اصل نالو نور جھان ڌيءَ شاهه محمد خان، علي زئي ڪاڪڙ پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڄاتل سڄاتل اديب ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام مٺي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو مقبول عوامي فنڪار برڪت علي ڀٽ مشھور فنڪار رسول بخش جي گهر سکر ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1960ع تي شاعر ۽ اديب مختيار سمون ولد يار محمد شھر ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1961ع تي مشھور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار خالد چانڊيي جو پورو نالو سيف الله ولد امان الله چانڊيو ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي تعلقي ميروخان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ڄائو.
18 آگسٽ 1967ع تي بالي ووڊ گلوڪار دلير مھدي جو جنم ڏينھن آهي.
18 آگسٽ 1987ع تي هٽلر جو سڄو هٿ سمجهيو ويندڙ روڊلف هينسر جو مغربي برلن جي برٽش ملٽري اسپتال ۾ انتقال ٿيو.
18 آگسٽ 1988ع تي مشھور آرٽسٽ ميان اسد الله کونھارو جي وفات ٿي.
18 آگسٽ 1996ع تي لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه جو انتقال ٿيو.
18 آگسٽ 2006ع تي سنڌي روزاني اخبار ”آس“ حيدرآباد مان شايع ٿي هن اخبار جو باني عبدالمجيد راجپوت عرف امر ڀٽي آهي.
19 آگسٽ 1871ع تي اورول رائٽ جنم ورتو.
19 آگسٽ 1902ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو ساٿي اختر حسين پيدا ٿيو.
19 آگسٽ 1920ع تي سياستدان امير علي شاهه جيلاني جو جنم ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1937ع تي شاعر مائل سروري جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1951ع تي عوامي گلوڪار عطاءُ الله نيازي (عيسى خيلوي) جو جنم ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1953ع تي مشھور صوفي شاعر فقير غلام ”مسرور“ وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
19 آگسٽ 1956ع تي صحافي فتح محمد ڏاهري جنم ورتو.
19 آگسٽ 1966ع تي ڪراچي ۽ ملتان جي درميان براهِ راست ڊائلنگ سروس جو آغاز ٿيو.
19 آگسٽ 1968ع تي برصغير جي نالي وارو صحافي مولانا محمد اڪرم وفات ڪئي.
19 آگسٽ 1971ع تي مشھور شاعر ليکراج ڪشنچند عزيز لوڪ پڌاريو.
19 آگسٽ 1975ع تي مذهبي عالم مخدوم عبدالحئي، راهه رباني ورتي.
19 آگسٽ 1981ع تي شاعر انور جروار جو جنم ڏينھن آهي.
20 آگسٽ 1762ع تي شاهه ولي الله جو وصال ٿيو.
20 آگسٽ 1890ع تي صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي وصال ڪيو.
20 آگسٽ 1895ع تي سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
20 آگسٽ 1933ع تي ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي ڳوٺ اروڙ تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ڄائو.
20 آگسٽ 1933ع تي اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري جي پيدائش ٿي.
20 آگسٽ 1933ع تي لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جنم ورتو.
20 آگسٽ 1942ع تي اداڪار موتي ڪلواڻي جنم ورتو.
20 آگسٽ 1945ع تي راڳي اشرف علي ٻرڙو قنبر ۾ جنم ورتو.
20 آگسٽ 1952ع تي سياسي ورڪر شمس الدين قاضيءَ جوجنم ڏينھن آهي.
20 آگسٽ 1970ع تي شاعر غلام شبير ڏيپر جنم ورتو.
20 آگسٽ 1971ع تي پائلٽ آفيسر راشد منھاس شھيد ٿيو.
20 آگسٽ 1974ع تي شاعر امداد بخاري سجاول ۾ جنم ورتو.
20 آگسٽ 1976ع تي صحافي ياسين مشوري جو جنم ڏينھن آهي.
21 آگسٽ 1887ع تي ڊي جي ڪاليج جو باني ۽ سماج سڌارڪ ڏيارام ڄيٺمل هيءُ فاني جھان ڇڏيو.
21 آگسٽ 1907ع تي شاعر، فقير سلطان مھر، رستم ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1908ع تي سماجي ورڪر سجنداس جهاتو مل واٽواڻي جي پيدائش ٿي.
21 آگسٽ 1928ع تي سنڌ جي مشھور انقلابي هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تنو مل لوهاڻي جي گهر مٺي ۾ ٿيو.
21 آگسٽ 1936ع تي جديد سنڌي ڪھاڻي ۾ اهم نالو اندرا واسواڻي ميرپور خاص سنڌ ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1940ع تي سنڌ جو باڪمال شاعر عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
21 آگسٽ 1944ع تي صحافي الھه رکيو نعيم جنم ورتو.
21 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو ڄاتل سڄاتل نعت گو شاعر سيد گل محمد شاهه بخاري درگاهه شريف ميان غلام صديق ميڪڻ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1967ع تي صحافي عزيز سومرو جنم ورتو.
21 آگسٽ 2006 تي شرناءِ نواز، استاد بسم الله خان جي وفات ٿي.
21 آگسٽ 2007ع تي اردو جي نامياري ليکڪه ۽ ناول نگار قرت العين حيدر جي وفات ٿي.
21 آگسٽ 2012ع تي نامور ڀارتي سنڌي اديب شاعر ۽ ليکڪ ارجن سڪايل 93 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي علائقي اولهه انڌيري ۾ ديھانت ڪري ويو.
21 آگسٽ 2012ع تي شاعر، ليکڪ ۽ لسنر ڊاڪٽر قربان علي جهتيال لاڏاڻو ڪيو.
22 آگسٽ 1858ع تي آزاديءَ ۾ ويساهه رکندڙ روپلو ڪولهي شھادت جو جام پيتو.
22 آگسٽ 1906ع تي خواجه جي-الانا جوپورو نالو غلام علي ولد الھه ڏنو خواجه ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ انگريزي ۾ هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ عالمي شھرت حاصل ڪئي.
22 آگسٽ 1922ع تي مشھور اديب ۽ نوبل انعام يافته ڊاڪٽر عبدالسلام پيدا ٿيو.
22 آگسٽ 1925ع تي اردو جو مشھور اديب، افسانا نگار ۽ اسڪالر اشفاق احمدجنم ورتو.
22 آگسٽ 1933ع تي باڪسنگ جو مقابلو پھريون ڀيرو ٽي وي تي ڏيکاريو ويو.
22 آگسٽ 1937ع تي عظيم ۽ امر انسان نور محمد لاکير وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق مسلم هاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
22 آگسٽ 1944ع تي آزاديءَ جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله سنڌيءَ راهه رباني ورتي.
22 آگسٽ 1944ع تي مذهبي اسڪالر مولانا شفيع محمد مسجدي لاڏاڻو ڪيو.
22 آگسٽ 1954ع تي شاعر ۽ اديب ثناءُ الله ثنا سرهندي خواجه محمد ابراهيم خليل سرهندي جي گهر گلزار خليل پير سرهندي تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
22 آگسٽ 1956ع تي مذهبي اسڪالر مولانا احمد هالائي هيءُ فاني جھان ڇڏيو.
22 آگسٽ 1967ع تي نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
22 آگسٽ 1975ع تي شاعر محمد خان سمون جو جنم ڏينھن آهي.
22 آگسٽ 1976ع تي نوجوان شاعر، ريڊيو پروڊيوسر ۽ مضمون نگار نادر جوڻيجو، خادم حسين جوڻيجي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو
22 آگسٽ 2017ع تي سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس پي ايڇ.ڊي جو موضوع ”سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر“ اٿس.
22 آگسٽ 2017ع تي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ۽ عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيو. آخري آرامگاهه قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ اٿس.
23 آگسٽ 634ع تي خليفة المسلمين حضرت ابوبڪر صديق رضه جو وصال ٿيو. اصل نالو عبدالله، ابوبڪر ڪنيت ۽ صديق لقب اٿس.
23 آگسٽ 980ع تي مشھور سائنسدان بو علي سينا جنم ورتو.
23 آگسٽ 1299ع تي مشھور سياح مارڪوپولو کي جيل مان آزادي ملي.
23 آگسٽ 1623ع تي صوفي شاعر، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو لاڏاڻو ٿيو.
23 آگسٽ 1798ع تي ٺٽي جي اڳوڻي گورنر غلام علي نظاماڻي وصال ڪيو.
23 آگسٽ 1943ع تي محقق، تاريخدان ۽ اديب محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري تعلقي موري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو.
23 آگسٽ 1944ع تي بالي ووڊ اداڪاره سائره بانو جو جنم ڏينھن آهي.
23 آگسٽ 1946ع تي مثالي سماجي ورڪر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصيت محمد ملوڪ انڙ ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
23 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُنِ منظور ٿي.
23 آگسٽ 1967ع تي نئين ٽھيءَ جي شاعره رخسانه پريت اصل نالو رخسانه ڌيءَ محمد صديق چنڙ ڪاري موري، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. رخسانه پريت ناليواري سياستدان ڊاڪٽر دودو مھيريءَ جي وني آهي.
23 آگسٽ 1972ع تي شاعر انور علي شاهه چڪ واري جي وفات ٿي.
23 آگسٽ 1976ع تي سينيٽ، اسلام آباد يونيورسٽيءَ جو نالو تبديل ڪري قائداعظم يونيورسٽي رکڻ جو بل منظور ڪيو.
23 آگسٽ 1986ع تي ترڪي جي سابق صدر جلال بايار جي وفات ٿي.
23 آگسٽ 1987ع تي مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي وفات ڪئي.
23 آگسٽ 2010ع تي شاعر اختر لڪياري هي فاني جھان ڇڏيو.
23 آگسٽ 2014ع تي نالي واري شاعر ڪرم ٽالپر جو انتقال ٿيو.
24 آگسٽ 1876ع تي ٽالپر حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1889ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ وفات ڪئي سندس آخري آرام گاهه شريف صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ آهي.
24 آگسٽ 1922ع تي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1929ع تي فلسطين ۽ پي.ايل.او جي اڳواڻ ياسر عرفات جي پيدائش جو ڏينھن اهي.
24 آگسٽ 1931ع تي برطانيه جو جھاز ڪِري تباهه ٿيو، 62 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
24 آگسٽ 1947ع تي اسڪالر مولانا قمر الدين مھيسر جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1953ع تي ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن غلام رسول چانڊيو جنم ورتو.
24 آگسٽ 1960ع تي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجه حرارت واسٽڪ جي مقام تي ٿيو.
24 آگسٽ 1974ع تي سياستدان ۽ وڪيل عبدالستار پيرزادو وفات ڪئي.
24 آگسٽ 1974ع تي شاعر، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ علي حسن ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
24 آگسٽ 1977ع تي مشھور شاعر محمد جمن هالو وصال ڪيو، آخري آرامگاهه مڪلي قبرستان ۾ اٿس.
24 آگسٽ 1980ع تي مشھور صحافي، اديب ۽ بھادر حر مجاهد فقير محمد رحيم مھر لاڏاڻو ڪيو.
24 آگسٽ 2005ع تي اداڪار جمشيد انصاري جي وفات ٿي.
25 آگسٽ 1852ع تي صوفي شاعر پير ميان غلام نبي پنڃل هالن ۾ جنم ورتو.
25 آگسٽ 1867ع تي مشھور سائنسدان مائيڪل فريڊ انتقال ڪيو.
25 آگسٽ 1896ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر ۽ قابل احترام استاد، قادر بخش بشير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
25 آگسٽ 1916ع تي جنگِ عظيم اول ۾ رومانيه، آسٽريليا ۽ جرمني خلاف اعلان جنگ ڪيو.
25 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پھرين بئنڪ جو افتتاح ٿيو.
25 آگسٽ 1955ع تي ليکڪ الھه بچايو پنھور جو جنم ڏينھن آهي.
25 آگسٽ 1962ع تي مشھور ناول نگار ۽ شاعر تسليمه نسرين جو جنم ٿيو.
25 آگسٽ 1962ع تي زرعي ماهر ڊاڪٽر عبدالله آريجو جي پيدائش ٿي.
25 آگسٽ 1968ع تي آسٽريليا جي رانديگر سيٽن ميڪب جنم ورتو.
25 آگسٽ 1969ع تي قائره ۾ عرب ليگ جو اجلاس ٿيو.
25 آگسٽ 1972ع تي چين پھريون دفعو ويٽو پاور استعمال ڪيو.
25 آگسٽ 1979ع تي سماج سڌارڪ بلاول شاهه حسيني جو وڇورو ٿيو.
25 آگسٽ 1987ع تي شاعر، استاد زيب سومرو جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 1998ع تي ماکيءَ کان مٺو آواز محمد علي ٻگهيو لاڏاڻو ڪيو.
25 آگسٽ 1998ع تي اداڪاره ماروي جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 2008ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاه لطيف جو پارکو حيدر علي لغاري اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنھنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي.
25 آگسٽ 2016ع تي صحافي ۽ ليکڪ ساز ڪاظمي جو وڇورو ٿيو.
26 آگسٽ 1824ع تي مير حسن علي خان ٽالپر ولد مير نور محمد خان ٽالپر جنم ورتو. سڃاڻپ نامور عالم، سخن سنج شاعر هو.
26 آگسٽ 1924ع تي شاعر گرداس انواڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
26 آگسٽ 1938ع تي شاعر نور سمون خيرپور ۾ جنم ورتو.
26 آگسٽ 1956ع تي مذهبي عالم، شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
26 آگسٽ 1960ع تي مذهبي عالم ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
26 آگسٽ 1963ع تي پاڪستاني عورتن جي هڪ گروپ سوات جي سڀن کان وڏي چوٽي سر ڪئي.
26 آگسٽ 1986ع تي فدا محمد خان کي صوبي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
26 آگسٽ 1986ع تي ڪيمرون ۾ قدرتي چشمي مان زهريلي گيس جو اخراج ٿيو جنھن سان تقريباً ٻه هزار (2000) انسان اجل جو شڪار ٿيا.
26 آگسٽ 2006ع تي سياسي اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
26 آگسٽ 2009ع تي ڪھاڻيڪار، صحافي، ليکڪ ۽ ڪمپيئر حضور بخش آزاد جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
27 آگسٽ 1789ع تي فرانس ۾ انقلاب آيو.
27 آگسٽ 1842ع تي جليل القدر صوفي بزرگ ۽ سچل سائين جي درگاهه جو پنجون سجاده نشين سخي قبول محمد درازي (ثاني) ولد خواجه نجم الدين درازن ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
27 آگسٽ 1883ع تي انڊونيشيا جو جزيرو ڪراڪاٽو زبردست زلزلي سبب تباهه ٿيو.
27 آگسٽ 1876ع تي مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 1908ع تي آسٽريليا جو رانديگر ڊان بريڊمين جنم ورتو.
27 آگسٽ 1929ع تي مراد علي مرزا حيدرآباد جي ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس، مترجم، نقاد اٿس.
27 آگسٽ 1934ع تي گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي جنم ورتو.
27 آگسٽ 1940ع تي شاعر جمال پلي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان، عالمي اداري خوراڪ جو رڪن بڻيو.
27 آگسٽ 1947ع تي ريڊيو پاڪستان هجرت ڪري آيلن لاءِ اڌ ڪلاڪ لاءِ پھريون ڀيرو پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪيو.
27 آگسٽ 1972ع تي ريسلنگ جي چيمپئين گريٽ خالي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آگسٽ 1974ع تي شاعره ۽ ڪالم نويس عرفانه ملاح جنم ورتو.
27 آگسٽ 1976ع تي برصغير جو مشھور گلوڪار مڪيش جو انتقال ٿيو.
27 آگسٽ 1982ع تي شاهراهه قراقرم تي درهه خنجراب کي ٽريفڪ لاءِ کولڻ تي پروگرام منعقد ٿيو.
27 آگسٽ 1986ع تي نالي وارو شاعر،ا ديب ۽ صحافي ذوالفقار راشدي لاڏاڻو ڪيو.
27 آگسٽ 1996ع تي قاضي عبدالمجيد عابد هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
27 آگسٽ 1984ع تي شاعر، سازيدي نواز، مصور ۽ ليکڪ غلام رسول، غلام ابڙو هالائي راهه رباني ورتي.
27 آگسٽ 2006ع تي شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 2015ع تي جسٽس رٽائرڊ ظفر حسين مرزا جي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1749ع تي جرمن شاعر گوئنٽيءَ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1826ع تي موهاڪس جي جنگ لڳي.
28 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شھداد خان جي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1896ع تي مشھور اديب، نقاد ۽ شاعر فراق گورخپوري جنم ورتو.
28 آگسٽ 1919ع تي ڪليه جاميه عثمانيه قائم ٿيو.
28 آگسٽ 1937ع تي ناليوارو ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي جنم ورتو.
28 آگسٽ 1939ع تي ليکڪ برج موهن جي پيدائش ٿي.
28 آگسٽ 1942ع تي شاعر پير بخش عباسي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1950ع تي ڪمپيئر ۽ صحافي اسلم آزاد ولد سليمان ڪورائي بلوچ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1965ع تي سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو مشھور اداڪار احمد حسين ولد محمد بچل ميمڻ دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
28 آگسٽ 1968ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو اصل نالو سلميٰ اٿس. والد جو نالو حسين بخش لغاري جنم جو هنڌ ڳوٺ دودو خان لغاري تعلقو ميرپور خاص اٿس.
28 آگسٽ 1968ع تي اردن جي ولي عھد شھزادو حسن جي شادي بيگم شائسته اڪرام الله جي ڌيءَ ثروت اڪرام الله سان ڪراچي ۾ ٿي.
28 آگسٽ 1973ع تي 90 هزار پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسي لاءِ دهلي ۾ هڪ معاهدو ٿيو.
28 آگسٽ 1984ع تي قومي جهنڊي جي بي حرمتي لاءِ سزا 3 سال قيد مقرر ٿي.
28 آگسٽ 2002ع تي راڳي شفيع محمد جمن جو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو.
28 آگسٽ 2005ع تي نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتـڙ جو وصال ٿيو.
29 آگسٽ 1521ع تي بغداد تي عثماني ترڪن قبضو ڪيو.
29 آگسٽ 1829ع تي مشھور ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جنم ورتو.
29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيندي لکپڙهه سنڌيءَ ۾ ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو.
29 آگسٽ 1904ع اولمپلڪ راند سنيٽ لوئي ۾ ٿي.
29 آگسٽ 1906ع تي هند، سنڌ جي ليکڪ گل سدا رنگاڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
29 آگسٽ 1942ع تي اديب ۽ تعليمي ماهر پروفيسر احسان دانش ڀٽو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
29 آگسٽ 1942ع تي مشھور اديبه بشرى رحمّٰن پيدا ٿي.
29 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي جي سئنيما گهرن ۾ پھريون دفعو پاڪستاني دستاويزي فلم ڏيکاري وئي.
29 آگسٽ 1952ع تي سياستدان قيصر خان بوزدار راهه رباني ورتي.
29 آگسٽ 1956ع تي پاڪستان جي سابق گورنر غلام محمد وفات ڪئي.
29 آگسٽ 1963ع تي قانوني ماهر شمس الدين ابڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
29 آگسٽ 1971ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر، پائلٽ آفيسر راشد منھاس شھيد کي ڏنو ويو.
29 آگسٽ 1983ع تي ممتاز مذهبي عالم مفتي جعفر حسين مجتھد وصال ڪيو.
29 آگسٽ 2002ع تي سياستدان الھه بخش ڀٽو وصال ڪيو.
29 آگسٽ 2007ع تي نعت گو الحاج خورشيد احمد هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
30 آگسٽ 1565ع تي مغل بادشاهه جھانگير جو جنم ٿيو.
30 آگسٽ 1899ع تي شاعر محمد موسى راز جنم ورتو.
30 آگسٽ 1948ع تي شاعر غلام قادر دلدار جي پيدائش ٿي.
30 آگسٽ 1953ع تي شاعر شاد ڪولاچي جنم ورتو.
30 آگسٽ 1956ع تي شاعر گل حسن ساٿي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
30 آگسٽ 1965ع تي ليکڪ، سماجي ورڪر ڊاڪٽر اسلم آزاد جنم ورتو.
30 آگسٽ 1968ع تي سماجي سوچ جو مالڪ پير محمد پانڌياڻيءَ وفات ڪئي.
30 آگسٽ 1971ع تي قومي ڪارڪن، نامور شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زنئور تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ جنم ورتو.
30 آگسٽ 1972ع تي نظم جي شاعر علي محمد خالديءَ وفات ڪئي.
30 آگسٽ 1980ع تي ناليواري ليکڪ نور محمد ڪنڀر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
30 آگسٽ 1981ع تي ايران جي سابق وزيراعظم باهنر کي قتل ڪيو ويو.
30 آگسٽ 1983ع تي ممتاز اديب ڊاڪٽر جميل جالبي کي ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.
31 آگسٽ 1915ع تي مير علي احمد ٽالپر ولد مير نبي بخش ٽالپر ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ اک کولي، ادبي سڃاڻپ؛- ممتاز سياستدان، اديب، مفڪر ۽ فلاسفر اٿس.
31 آگسٽ 1947ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر، نقاد، طنز نگار ۽ صحافي عبدالرحمٰن نقاش ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ جنم ورتو .