پنھنجي پاران: تاريخ منھنجي اکين جو دروازو آهي...!
لئن لئن منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳين ذات، ڀيري ڀاڳ مڙي. (شاھ لطيف)
تاريخ قومن کي صدين تائين زنده رکندي آهي، جن قومن تاريخ ۽ لوڪ ادب جو حوالو محفوظ ڪري ورتو آهي، انهن قومن جو جيئاپو صدين تائين رهڻو آهي. سنڌ به اها خوش نصيب سرزمين آهي جنھن وٽ تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي ۽ ثقافت محفوظ ورقن ۽ نشانن موجود آهن. لوڪ ادب، علم ادب جو سمنڊ آهي، جنھن مان سموري ادب جي صنفن کي روشني ملي ٿي. لوڪ ادب ثقافت جي اهڃاڻن ۾ شامل آهي، تاريخ، لوڪ ادب ۽ ثقافت قومن کي آڪسيجن جو ڪم ڏين ٿا. مون به ڪوشش ڪئي آهي ته اينٿراپالاجي کي وسعت ڏجي انھيءَ حوالي سان هيءُ منھنجو ٻيون ڪتاب آهي. پھريون ڪتاب "سنڌ جي تاريخ"(سھيڙيل تاريخ وار) رڳو سنڌ جي تاريخ تائين هو. هي ٻيو ڪتاب، (تاريخ جو منظر ۽ پس منظر) سنڌ سميت عالمي سطح تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته : روزاني عوامي آواز ڪراچي جي روز جي سلسلي( تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو )۾ سڄو سال يعني تاريخ جا 365 ڏينھن شامل ٿيا. تاريخ تي ڪم ڪرڻ منھنجي نظر ۾ انتھائي ڏکيو ڪم آهي، جڏهن مون تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو، ڪٿي ته اهڙي به تاريخ ملي جنھن ۾ هڪ شخص ٽي جنم وٺي ٿو ۽ ٻه ڀيرا مري ٿو، اهڙي موڙ تي جڏهن تحقيق ڪندڙ پھچي ٿو ته ان لاءِ اڃان وڌيڪ کوجنا ڪرڻي پوي ٿي.
روزاني عوامي آواز ڪراچي جي دوستن جا لک ٿورا جن هر ويل منھنجي همت ۾ واڌارو ڪيو، جنھن ۾ زرار پيرزاو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، قاضي عابد، صاحب خان ڀٽي، نعيم سنڌو، قاضي اعجاز جون صلاحيتون به گڏ رهيو ۽ لاڙڪاڻي جي عوامي آواز جي سرڪيوليشن مينجر آزاد مجتبيٰ گهانگهرو جا به ٿورا جنھن سڄو سال روزاني عوامي آواز جي ڪاپي اعزازي طور ڏني.
ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽ پس منظر" ۾ رفيق آزاد شيخ ڪمپوزنگ سان گڏ رهنمائي پڻ ڪئي، ڪتاب جي آخري مرحلي دوران استاد رفيق آزاد شيخ ڌڻيءَ کي پيارو ٿي ويو، استاد رفيق شيخ جي اوچتي وڇوڙي تي دلي صدمو پڻ رسيو.
ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽ پس منظر" ۾ جن دوستن رهنمائي ڪئي خاص طورتي ٽائيٽل ڊزائين لاءِ ۽ ڪتاب جي سيٽنگ لاءِ مرتضيٰ ”مير“ ميمڻ دل ۽ جان سان محنت ڪئي، ڪتاب مڪمل ڪرڻ تائين ساٿ ڏنو. سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ مترجم جھانگير عباسي بيڪ ٽائٽل لاءِ پنھنجو قيمتي رايو ڏنو سائينءَ جو احساس مند رهندس.
سنڌي ڪهاڻي جي منفرد نانءُ اعجاز سولنگيءَ جا به وڏا وڙ جنھن ڪتاب ۽ منھنجي زندگيءَ متعلق تفصيلي طور تي لکيو.
سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ پبلشر عيسيٰ ميمڻ جا به احسان جنھن زندگيءَ جا ڪجهه لمحا اسان لاءِ صرف ڪيا.
نظم جي منفرد ڪوي ثناءُ الله عتيق چنجڻي جا مسڪراهٽ ڀريا جملا دل جي دامن ۾ هر ويل پيا رقص ڪندا. آخر ۾ ڊاڪٽر اياز قادري جو هيءُ چوسٽو جيڪو منھنجي جذبن جي هر ويل عڪاسي ڪندو آهي.
ڏيئا دل جي داغن جا ڪي ٻاري ڇڏياسين،
حـياتـي جـا رستا سنواري ڇڏياسين.
سڀ لئه رکيو سين سـدا صـاف سيـنـو،
ڪُدورت ۽ ڪِينو ٻھاري ڇـڏياسيـن.
فقير محمد سنڌي