تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

مئي

عيسوي سال جو پنجون مھينو مئي آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”ميا“ (MAIA) ديوي جي نالي تي رکيو ويو. هن مھيني ۾ سج اتر اڌ گول خط استوا جي بلڪل ويجهو پهچي ويندو آهي. اتر اڌ گول ۾ گرمي جو آغاز ٿي ويندو آهي ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ سياري جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿيندا آهن.

پھرين مئي 1236ع تي شمس الدين التمش جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين مئي 1840ع تي دنيا جي سڀ کان پھرين ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پھرين مئي 1886ع تي مزدورن جو عالمي ڏينھن طور شڪاگو جي شھيدن جو ڏينھن طور ملهايو وڃي ٿو. مزدور تحريڪ 1811ع ۾ هڪ پورهيت ”ڪمس“ جي اڳواڻيءَ ۾ لڊلائٽ نالي تنظيم ٺاهي جنھن اڳتي هلي مزدورن جا حق تسليم ڪرايا.
پھرين مئي 1931ع تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ مڪمل ٿي.
پھرين مئي 1934ع تي عالم، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق خليق مورائي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرامگاهه لياري نديءَ ڀرسان مارواڙي مقام ۾ آهي.
پھرين مئي 1940ع تي نالي واري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق، ولد تاج محمد سهرياڻي بلوچ جنم ورتو.
پھرين مئي 1955ع تي مشھور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 1961ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر، زخمي چانڊيو اصل نالو (ڄام خان) ولد مولا بخش چانڊيو شھر ڊکڻ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مئي 1966ع تي آزاد بخاري، اصل نالو عبدالڪريم شاهه چڪ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
پھرين مئي 1969ع تي ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پڊعيدن ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
پھرين مئي 1971ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسو، ولد محمد حسن کوسو ڳوٺ حاجي احمد خان کوسو لڳ جهڏو ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو.
پھرين مئي 1973ع تي نوجوان شاعر انور ساگر ڪانڌڙو ڳوٺ الھه بچائي ڪانڌڙي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 1982ع تي سياستدان، مير رسول بخش ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين مئي 1983ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار علي صفدر ولد شير احمد بيوس چانڊيو ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 2011ع تي پاڪستان جي شھر ايبٽ آباد ۾ فوجي آپريشن ۾ القائده اڳواڻ اسامه بن لادن مارجي ويو.
2 مئي 1519ع تي مشھور مصور، ليونارڊو جو وڇوڙو ٿيو.
2 مئي 1729ع تي روس جي ملڪه ڪيٿرائن جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1912ع تي رئيس امروهي جي وڏي ڀاءُ سيد محمد تقي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1924ع تي جمال ابڙو، ”جمال الدين“ ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگين تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ويهين صدي جي وڏن سنڌي ڪھاڻيڪارن مان هڪ آهي.
2 مئي 1951ع تي ايران ۾ تيل جي صنعت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو.
2 مئي 1952ع تي تنوير جوڻيجو مٺي ۾ پيدا ٿيو، اباڻو شھر (پاٽ ضلعو دادو) ادبي سڃاڻپ ماهر سماجيات، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار اٿس.
2 مئي 1952ع تي اردن جو شاهه حسين تخت نشين ٿيو.
2 مئي 1955ع تي ليکڪ ضياءَ شاهه جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو.
2 مئي 1964ع تي ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ولد قاضي فيض محمد، نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
2 مئي 1969ع تي ويسٽ انڊيز جي مشھور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1970ع تي سردار محمد عثمان سومرو 68 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
2 مئي 1974ع تي پاڪستان جا تمام جنگي قيدي وطن واپس پھتا.
2 مئي 1976ع تي نامور باڪسر، محمد علي، جمي ينگ کي شڪست ڏئي عالمي اعزاز پنھنجي نالي برقرار رکيو.
2 مئي 1976ع تي نوجوان شاعر سڪندر کرل ڳوٺ نسيم کرل تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو.
3 مئي 1469ع تي مشھور اطالوي ماهر سياسيات ۽ تاريخ نويس نيڪولو ميڪاولي جو جنم ڏينھن آهي.
3 مئي 1481ع تي سلطنت عثمانيه جي سلطان محمد فاتح جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1494ع تي ڪرسٽو فر، جميڪا کي دريافت ڪيو.
3 مئي 1613ع تي پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خوشحال خان خٽڪ، ڌاري اڪوڙهه ۾ شھباز خان جي گهر ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1906ع تي وحدت الوجود جو قائل سائين بچل شاهه هڪ سئو سالن جي ڊگهي عمر ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. سندس آخري آرام گاهه سکر ۾ اولهه طرف سکر بئراج جي لڳ بچل شاهه مياڻي نالي ڳوٺ ۾ آهي.
3 مئي 1912ع تي اردو جو عالم ۽ اديب ڊپٽي نذير احمد، ولد مولوي سعادت علي جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1920ع تي سنڌ جو مهان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمه نگار، علم سياسيات ۽ ليڪچر گهري دلچسپي اٿس.
3 مئي 1945ع تي پاڪستان جي مشھور رانديگر صادق محمد جو جنم ڏينھن آهي.
3 مئي 1946ع تي جماعت اسلامي جو امير ۽ وڪيل اسد الله ڀٽو جنم ورتو.
3 مئي 1947ع تي جپان ۾ آئيني جمھوريت جو قيام عمل ۾ آيو.
3 مئي 1950ع تي سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ محقق اياز عالم ابڙو قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1969ع تي هندستان جي اڳوڻي صدر ذاڪر حسين جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1975ع تي نوجوان شاعره ايس نسيم ميمڻ موري ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1977ع تي موسيقي جي دنيا جو گل گلابي، استاد محمد ابراهيم ڪينسر جي مرض ۾ ڪومائجي ڪلاسيڪل دنيا کي الوداع ڪيو.
3 مئي 1986ع تي ممتاز عالم دين، قاضي عظيم الدين جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1986ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو سياسي ميڙاڪو محترم بينظير صاحبه جي ٻن سالن جي جلاوطني کان پوءِ ڪراچي اچڻ تي ٿيو.
3 مئي 1994ع تي سنڌ جو عظيم فنڪار، منصور بلوچ لاهوري ۾ انتقال ڪيو.
3 مئي 2015ع تي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو وڇوڙوٿيو.
4 مئي 1799ع تي شير ميور،ٽيپو سلطان شھيد ٿيو.
4 مئي 1884ع تي جان ڪوليئر جو جنم ڏينھن آهي.
4 مئي 1901ع تي سلسله عاليه سھروردي جو عظيم بزرگ شيخ المشائخ محمد اقبال حميد سھروردي جو جنم ٿيو.
4 مئي 1905ع تي اردو جي مشھور شاعر آختر شيراني جو جنم ٿيو.
4 مئي 1910ع تي موجوده اسرائيل جي دارالحڪومت تل ابيب جو بنياد رکيو ويو.
4 مئي 1930ع تي شاعر محمد اسحاق مجاهد جو جنم ڏينھن آهي.
4 مئي 1931ع تي مصطفى ڪمال پاشا، ترڪي جو صدر بڻيو.
4 مئي 1963ع تي ممتاز مزاح نگار، شوڪت ٿانوي جو لاهور ۾ وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1977ع تي شاعر فقير در محمد هيسباڻي جو وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1980ع تي يوگو سلاويه جي صدر مارشل ٽيٽو جو وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1983ع تي برطانيه جي شھزادي اين، برٽش ڪائونسل جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو.
4 مئي 1996ع تي شاعر تنھا سيف بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
5 مئي 1818ع تي معروف جرمن سياسي فلسفي ڪارل مارڪس پروشيا جرمني ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1821ع تي فرانس جو سپھ سالار ۽ شھنشاهه بوناپارٽ نيپولين جو وڇوڙو ٿيو.
5 مئي 1925ع تي خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاسپورٽ جو سلسلو پھريون دفعو شروع ٿيو.
5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ پھريون سڌو سنئون ريڊيو، ٽيلي گرافڪ رابطو ٿيو.
5 مئي 1953ع تي سماجي ورڪر محمد اشرف کهاوڙ ولد خانصاحب امداد حسين خان کهاوڙ شھدادڪوٽ ان وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1956ع تي ٽوڪيو ۾ عالمي جوڊو چيمپئين شپ مقابلي طور افتتاح ٿيو.
5 مئي 1957ع تي موسيقي جو بي تاج بادشاهه شاهه محمد نابينا وفات ڪئي.
5 مئي 1961ع تي آمريڪا، انسان کي خلا ۾ موڪليو.
5 مئي 1963ع تي راڳي ذوالفقار علي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر پريم پتافي اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر ساٿي محبوب زنگيجو ولد محمد بچل رنگيجو ٻيڙو خان گاڏهي ڪي اين شاهه ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1980ع تي نوجوان شاعر سرفراز عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1986ع تي شاعر رضا نادر شيخ، اصل نالو نادر حسين لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 2006ع تي ننڍي کنڊ جو عظيم موسيقار نوشاد علي دل جي تڪليف سبب بمبئي جي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
5 مئي 2009ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت قمر شهباز لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
6 مئي 1523ع تي المعروف صوفي بزرگ، حضرت مخدوم بلاول کي شھيد ڪيو ويو.
6 مئي 1831ع تي شاهه اسماعيل دهلوي کي شھيد ڪيو ويو.
6 مئي 1935ع تي بھترين مصور، ڀڳوان ڪپور اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور ڪراچي شھر ۾ ڄائو.
6 مئي 1957ع تي مشھور شاعر اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان مير بحر، ڳوٺ ڪاري کھي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
6 مئي 1960ع تي اداڪاره سنگيتا پٽاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
6 مئي 1972ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو وڇوڙو ٿيو.
6 مئي 1973ع تي صحافي رام ڪولهي جو جنم ڏينھن آهي.
6 مئي 1975ع تي سنڌ جو عظيم انسان عالم، صحافي، پبلشر ۽ سماجي ورڪر عبدالحميد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.
6 مئي 1976ع تي صوفي شاعر، فقير محمد سليمان جو لاڏاڻو ٿيو.
6 مئي 1995ع تي سگهڙ، ڌڻي بخش ميمڻ راهه رباني ورتي.
7 مئي 1828ع تي ريڊ ڪراس جي باني، هنري ڊرنئٽ جو جنم ڏينھن آهي.
7 مئي 1861ع تي بنگالي زبان جي عظيم شاعر، رابندر ناٿ ٽئگور ڪلڪتي ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ جنم ورتو.
7 مئي 1898ع تي قادر الڪلام شاعر مرزا علي محمد بيگ ولد مرزا قربان علي بيگ ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
7 مئي 1920ع تي سوويت يونين، جارجيا جي آزادي تسليم ڪئي.
7 مئي 1924ع تي سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو رهه رباني ورتي.
7 مئي 1959ع تي مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ادبي نالو اُبو راشد سنڌي ۽ ابو ناصر عاقلائي ولد مولانا علي محمد حقاني لاڙڪاڻي شھر جي قديم ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
7 مئي 1962ع تي شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينھن آهي.
7 مئي 2004ع تي چليءَ ۾ طلاق کي قانوني حيثيت حاصل ٿي.
7 مئي 2004ع تي ڪراچي ۾ جمعي نماز دوران امام بارگاهه تي خودڪش ڌماڪيو ٿيو جنھن ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. سَوَن کان مٿي زخمي ٿي پيا.
7 مئي 2015ع تي محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي جو چالاڻو ٿيو.
7 مئي 2018ع تي راڳي محمد عرس چانڊيو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
8 مئي 1821ع تي يونانين، ترڪي فوج کي شڪست ڏني.
8 مئي 1887ع تي شاعر، ميان غلام محي الدين ميرل جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1938ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر، جاويد برڪي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1962ع تي منگلا بند جي تعمير شروع ٿي.
8 مئي 1968ع تي جان ڪوليئر 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
8 مئي 1979ع تي صحافي ۽ ايڊيٽر عرفان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1980ع تي مارشل ٽيٽو کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
8 مئي 1998ع تي مشھور راڳي عبدالله ڪڇي جو وڇوڙو ٿيو.
9 مئي 1841ع تي مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
9 مئي 1857ع تي جنگ آزاديءَ جو آغاز ٿيو.
9 مئي 1877ع تي رومانيه جي پارليامينٽ ترڪيءَ کان آزادي حاصل ڪئي.
9 مئي 1896ع تي دنيا جو پھريون زير زمين ريلوي سسٽم جوآغاز بڊالپسٽ ۾ ٿيو.
9 مئي 1912ع تي اديب ۽ محقق الھه بچايو، يار محمد سمون جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
9 مئي 1927ع تي آسٽريليا جو نئون گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ٿيو.
9 مئي 1929ع تي ممتاز علام دين، روحاني پيشوا مولانا محمد شاهه امروٽي ولد ميان نظام الدين شاهه ڳوٺ ديواني پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
9 مئي 1931ع تي شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سڀ کان پھريان ڀوپال ويو.
9 مئي 1948ع تي ليکڪا رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
9 مئي 1962ع تي شاعر حاجي پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
9 مئي 1978ع تي سنڌي صحافت جو روشن ستارو ۽ سنڌ جو معمر سياستدان قاضي سليم اڪبر ڪراچي ويجهو روڊ حادثي ۾ راهه رباني وٺي ويو.
9 مئي 1998ع تي اداڪار ۽ مشھور گلوڪار طلعت محمود جو وڇوڙو ٿيو.
10 مئي 1854ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر ديپڪ روهيت چند جو جنم ڏينھن آهي.
10 مئي 1908ع تي پھريون ڀيرو مائرن جو (ماءُ جو عالمي ڏينھن) ملهايو ويو.
10 مئي 1930ع تي شاعر ۽ شاه لطيف جو پارکو الھه نواز رُڪڻائي ڳوٺ رُڪڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1940ع تي ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني، بيلجيم، نيدرلينڊز ۽ ليڪسمبرگ تي حملو ڪيو.
10 مئي 1940ع تي ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ولد در محمد ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف فيص محمد سوڍر تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
10 مئي 1952ع تي وجودي فڪر جو ڪھاڻيڪار، مشتاق شورو سجاول ۾ عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1963ع تي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي نيپال فوج جو اعزاز، فيلڊ مارشل ان جي دوري دوران نيپال ۾ بڻايو ويو؟
10 مئي 1963ع تي ليکڪ قربان ٻگهيو جو جنم ڏينھن آهي.
10 مئي 1966ع تي ناميارو فنڪار، غلام رباني چانڊيو ولد سجاول فقير چانڊيو ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1971ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو انائونسر شبير شاهه ولد سيد محمد شاهه ڳوٺ دودائي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1974ع تي غزل گوشاعر، حافظ شاهه ناطق حسيني حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
10 اپريل 1974ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر محمد عالم جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
10 مئي 2002ع تي هندي ۽ اردو ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڪيفي اعظمي جو وڇوڙو ٿيو.
11 مئي 1911ع تي سوامي ڪلا چند لاڏاڻو ڪيو. آسٿان ڪلياڻ مندر تي ٽي ڏينھن ميلو لڳندو هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ اهو ميلو لڳڻ بند ٿيو.
11 مئي 1912ع تي مشھور افسانه نگار، سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
11 مئي 1926ع تي مشھور اديب همايون جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1938ع تي مشھور اداڪار مصطفى قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1942ع تي عالمي صھيوني ڪانفرنس نيويارڪ ۾ منعقد ٿي.
11 مئي 1944ع تي سياستدان حيدر علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1944ع محقق، نقاد، افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري ڳوٺ تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. ”تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي خدمتون“ پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس.
11 مئي 1973ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.
12 مئي 1820ع تي ممتاز سماجي ڪارڪن ۽ جديد نرسنگ جي باني، اٽليءَ جي فلارنس نائٽ انگيل جو جنم ٿيو.
12 مئي 1857ع تي جنگ آزادي جي مجاهدن، بھادر شاهه ظفر کي پوري هندوستان جو بادشاهه بڻائڻ جو اعلان ڪيو.
12 مئي 1881ع تي معروف چاڪليٽ ڪمپني، ڪيڊبريءَ جو باني، جان ڪيڊبري جو وڇوڙو ٿيو.
12 مئي 1904ع تي نظم ۽ نثر تي دسترس رکندڙ آخوند محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو.
12 مئي 1932ع تي ناميارو اديب، شاعر، خوش خط ۽ مرثيه خوان قربان علي بيگ مرزا وفات ڪئي.
12 مئي 1936ع تي علامه اقبال پنجاب مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو.
12 مئي 1944ع تي گيت جو خوبصورت شاعر ۽ قومي ڪارڪن جمن دربدر عمر ڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر جنم ورتو.
12 مئي 1945ع تي مارشل زوخوف، برلن شھر تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران قبضو ڪيو.
12 مئي 1946ع محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ڳوٺ ڊٻ، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
12 مئي 1951ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ٿيو. 1952ع ۾ يونيورسٽيءَ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
12 مئي 1951ع تي جامعيه ڪراچي قائم ٿي.
12 مئي 1971ع تي اقوام متحده، جي جنرل اسيمبليءَ نسلي امتياز ختم ڪرڻ جو سال قرار ڏنو.
12 مئي 1978ع تي اردو جي مشھور شاعر، مولانا ماهر القادري جو وڇوڙو ٿيو.
12 مئي 1980ع تي (ڳائڻي) ناليواري گلوڪاراه امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد، موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
12 مئي 1990ع تي قومي ۽ سماجي فڪر رکندڙ شاعر افضل قادري ڦڦڙن جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
12 مئي 1991ع تي سنڌ جو ڏاهو زيب عاقلي حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو.
12 مئي 2003ع تي اقوام متحده جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر، صدر الدين آغا خان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1846ع تي آمريڪا، ميڪسيڪو جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
13 مئي 1881ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين پھرين ريل گاڏي هلائي وئي.
13 مئي 1883ع تي سنڌ جو سياسي اڳواڻ ۽ سرهندي پيرن جو نامور فرد پير غلام مجدد سرهندي ولد ميان عبدالحليم سرهندي مٽياري ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
13 مئي 1911ع تي گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1921ع تي شاعر نواب بھاول خان لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1969ع تي ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1970ع تي مذهبي عالمِ دين مولانا غلام رسول عباسي جو لاڏاڻو ٿيو.
13 مئي 1978ع مفتي مير رشد الله امروٽي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1983ع تي پاڪستان جو مشھور ادڪار علاؤ الدين جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1998ع تي ڀارت 2 جوهري تجربا ڪيا، جنھن کانپوءِ آمريڪا ۽ جاپان ڀارت تي معاشي پابندي لڳائي ڇڏي.
14 مئي 1879ع تي شڪاگو ۾ آرٽ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو.
14 مئي 1907ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊمارشل محمد ايوب خان جو جنم ڏينھن آهي.
14 مئي 1914ع تي مشھور اديب، مير گل خان نصير جو جنم ڏينھن آهي.
14 مئي 1943ع تي سنڌ جي پھرين وزيراعظم الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ شھيد ڪيو ويو.
14 مئي 1948ع تي اسرائيل جي قيام جو اعلان ٿيو.
14 مئي 1950ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي.
14 مئي 1963ع تي ڪويت اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
14 مئي 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي.
14 مئي 1995ع تي موسيقار ۽ راڳي استاد مٺو ڪڇي اصل نالو محمد اسحاق ولد محمد بچل ڪڇيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
15 مئي 1853ع تي لنڊن م ٽيون رائل اوپيرا هائوس جو افتتاح ٿيو.
15 مئي 1867ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل فقير اصل نالو عبدالخالق دايو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پير بخش جي گهر پيدا ٿيو.
15 مئي 1918ع تي آمريڪي پوسٽ آفيس، دنيا جي پھرين ايئرميل سروس شروع ڪئي.
15 مئي 1926ع تي مشھور سياستدان الاهي بخش سومرو شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو..
15 مئي 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش جوهي ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو حاجي فقير سومرو هئس.
15 مئي 1931ع تي مشھور سنڌي نثر نويس ۽ شاعر موتي پرڪاش ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
15 مئي 1940ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت رکيل شاهه هن دنيا کي الوداع ڪيو.
15 مئي 1940ع تي مولوي ۽ شاعر الله بخش اٻوجهو وفات ڪئي.
15 مئي 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مايه ناز غزل گو شاعر وفا ناٿن شاهي اصل نالو مشتاق ولد خيرات علي قريشي شھر بنڊيالا ضلعي امر ستر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.
15 مئي 1957ع تي برطانيه پھرين هائڊروجن بم جو تجربو ڪيو.
15 مئي 1958ع تي سنڌ جو نالو وارو اديب منصور قادر جوڻيجو ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1959ع تي شاعر، فيض پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 1966ع تي حزب الله ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ، تعلقو ۽ ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ. ايڊيٽر، تحقيق، ترتيب ۽ مضمون نگار اٿس.
15 مئي 1967ع تي بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 1970ع تي ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر ابڙو جو جنم ٿيو.
15 مئي 1971ع تي صحافي، سھيل پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1971ع تي نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو ڳوٺ ملھائيندي راجا تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1976ع تي شاعر، مسرور پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 2018ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جو اسير، قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ شاعر عمر الدين زرداري جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ سھراب زرداري لڳ ڪڪڙ ضلعي دادو ۾ اٿس.
16 مئي 1811ع تي جنگ اليورا جو آغاز ٿيو.
16 مئي 1922ع تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪنھن به تعارف جو محتاج ناهي، رشيد احمد لاشاري ”رشيد“ ڳوٺ ملگزار، نصيرآباد، ضلعي سبي ۾ پيد اٿيو.
16 مئي 1928ع تي مشھور شاعر ساقي زمان شاهه لاڏاڻو ڪيو.
16 مئي 1943ع تي جرمني ۾ يھودي بغاوت جو خاتمو آندو ويو.
16 مئي 1948ع تي مصر جي صدر جمال عبدالناصر عملي طور فوجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.
16 مئي 1958 تي اسٽيج ڊائريڪٽر ٻلديو گهنشاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
16 مئي 1975ع تي دنيا جي واحد خاتون مسز جنڪو تابيت، مائونٽ ايورسٽ کي سَرِ ڪيو.
16 مئي 1984ع تي چيزل شاهه اصل نالو سيد العزيز ولد رکيل شاهه وفات ڪئي. سيد چيزل شاهه فتحپور تعلقي گنداواهه اولهه (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. پاڻ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
16 مئي 1986ع تي نيواوا ۾ آمريڪا جي زير زمين تجربيگاهه ۾ خطرناڪ تابڪاري پکڙجي وئي.
16 مئي 1986ع تي آمريڪي گلوڪار جنيٽ جيڪسن جو جنم ڏينھن آهي.
16 مئي 2005ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي، پـيمرا جو بل منظور ڪيو.
16 مئي 2005ع تي ڪويتي پارليامينٽ عورتن جي حق راءِ جو بل پاس ڪيو.
17 مئي 1545ع تي شريعت ۽ طريقت جو صاحب، مخدوم نوح سرور جو گادي نشين، مخدوم امين محمد اول جو جنم ڏينھن آهي.
17 مئي 1804ع تي هزهائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر جنم ورتو شاعري ۾ تخلص جعفري ڪتب آڻيندو هو.
17 مئي 1865ع تي انٽرنيشنل ٽيليگراف يونين قائم ٿي.
17 مئي 1900ع تي ايران جي مشھور مذهبي شخصيت آيت الله خمينيءَ ايران جي شھر خمين ۾ جنم ورتو.
17 مئي 1924ع تي شاعر، نقاد، ڪالم نويس ۽ ايڊيٽر سيد منظور نقوي اصل نالو سيد لطف علي شاهه والد جو نالو سيد حسين علي شاهه ٽنڊي جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
17 مئي 1937ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو غيبي ديري ۾ ڄائو.
17 مئي 1937ع تي اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن عبدالوهاب پليجو ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ ڄائو.
17 مئي 1938ع تي مذهبي عالم دين مفتي هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
17 مئي 1949ع تي شاعر ۽ اديب ارڏو اترادي اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
17 مئي 1958ع تي موسيقار آسر فقير خواجه جو لاڏاڻو ٿيو.
17 مئي 1978ع تي چارلي چپلن جو چوري ٿيل لاش ٻن مھينن بعد هٿ ڪيو ويو.
17 مئي 1995ع تي ياڪ شِراڪ، فرانس جو صدر منتخب ٿيو.
17 مئي 2012ع تي سماج سڌارڪ ۽ ڪلاسيڪل ڪردار فقير مقيم ڪنڀار، اصل نالو فقير محمد، راهه رباني ورتي.
18 مئي 1821ع تي بزرگ هستي شيخ عبداللطيف ثاني لنواري واري جو وصال ٿيو.
18 مئي 1872ع تي عظيم فلسفي ۽ رياضيدان لارب برٽرنڊ آرٿر وليم رسل انگلينڊ جي هڪ وڏي گهراڻي رسل ۾ جنم ورتو.
18 مئي 1922ع تي مشھور اديب وزير آغا جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1930ع تي شاعر ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ مدد جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1931ع تي پي ايڇ ڊي هولڊر موتي پرڪاش اصل نالو (ڊاڪٽر موتي سکر امداس شرما) دڙو ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس. (سنڌ شعر ۾ استري چٽ)
18 مئي 1933ع تي گلوڪار پير علي بخش ڀٽي جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1943ع تي سگهڙ غلام سرور ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1973ع تي تحريڪ پاڪستان جي رهنما چوڌري خليق الزمان جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1980ع تي مشھور گلوڪار علي ظفر جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1985ع تي شاعر سعيد هالائيءَ لاڏاڻو ڪيو.
18 مئي 1991 ع تي شاعر ۽ نثر نويس مبين اڃڻ اصل نالو محمد مبين، حاجي حسين بخش جي گهر ضلعي خيرپور ميرس ۾جنم ورتو.
19 مئي 1922ع تي مذهبي عالمِ دين رشد الله راشدي پير جهنڊو واري جو وصال ٿيو.
19 مئي 1930ع اتر آفريڪا ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
19 مئي 1935ع تي مشھور مصنف ٽي.اي لارنس روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
19 مئي 1953ع تي برطانيه جي ڪرنل سر جان هنٽ، مائونٽ ايورسٽ سر ڪيو.
19 مئي 1958ع تي صفي اول جي شاعره نجمه نور ڦلپوٽو خيرپور ۾ جنم ورتو.
19 مئي 1961ع تي شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ جو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 1962ع تي شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 1965ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام رسول خان جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
19 مئي 1976ع تي شاعر عطيه بتول تونيوجو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 2003ع تي نالي واري شاعر ميھر مجاهد، ولد رتو خان ميمڻ ميروخان ۾ وفات ڪئي.
20 مئي 1057ع تي مشھور عرب شاعر، ابوالعلاء المصري جو وڇوڙو ٿيو.
20 مئي 1631ع تي خاندان سادات جي باني خضر خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 مئي 1902ع تي ڪيوبا، آمريڪا کان آزادي حاصل ڪئي.
20 مئي 1915ع تي آسٽريليا جي صدر ڪرڪ شينگر جو جنم ڏينھن آهي.
20 مئي 1946ع تي عالم الدين ميان محمد نصير الدين ولد عبدالحليم ميڪڻ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
20 مئي 1946ع تي ناليوارو مصور، اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو ڳوٺ جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
20 مئي 1951ع تي نالي واري شاعره ۽ ليکڪه اڪرم سلطانه وقاصي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 مئي 1957ع تي شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ ڳوٺ حاجي فتح محمد درس تعلقي ڪنري بدين ۾ پيدا ٿيو.
20 مئي 1975ع تي سنڌ جو رياضدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر اٽلي شھر ۾ وفات ڪئي. پاڻ اٽلي ۾ ٿيندڙ هڪ بين الاقوامي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو.
20 مئي 2012ع تي اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
21 مئي 1927ع تي لينڊ برگ، بحر اوقيانوس اڪيلي سر پار ڪيو.
21 مئي 1934ع تي علامه اقبال انجمن حمايت اسلام جو صدر منتخب ٿيو.
21 مئي 1951ع تي شاعر محمد عابد مظهر ولد سيد مظهر حسين سيوهاڻي باجارا ۾ جنم ورتو.
21 مئي 1970ع تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو.
21 مئي 1973ع تي صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري جو جنم ڏينھن آهي.
21 مئي 1975ع تي مشھور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
21 مئي 1978ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار، ايم اسماعيل ٻرڙي قنبر علي خان جي تاريخي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ حاجي محمد حسن جي گهر ۾ جنم ورتو.
21 مئي 1984ع تي ڪنٽڪي (آمريڪا) جي عجائب گهر ٽيسٽ ٽيوب جي ڪامياب تجربي جي نتيجي ۾ هڪ گهوڙيءَ 65 پائونڊ وزني زيبري کي جنم ڏنو.
21 مئي 1991ع تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو ويو.
22 مئي 1441ع تي بزرگ سيد احمد ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. آخري آرامگاهه مڪلي قبرستان ۾ اٿس.
22 مئي 1545ع تي شير شاهه سوريءَ جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1820ع تي شاعر، فقير الھه رکيو مھر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
22 مئي 1875ع تي غازي پور (يو پي) جي هڪ مدرسي ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي قائم ٿي.
22 مئي 1933ع تي تجارت جو عالمي ڏينھن پھريون ڀيرو ملهايو ويو.
22 مئي 1972ع تي مشھور افسانه نگار ۽ شاعر وڪٽر هيوگو جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1972ع تي سيلون ۾ نئين آئين نافذ ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جو نالو مٽائي سريلنڪا رکيو ويو ۽ دولتِ مشترڪه ۾ شموليت اختيار ڪئي.
22 مئي 1981ع تي پاڪستان جي مشھور نعت گو شاعر، حافظ مظھر الدين جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان، مير رسول بخش خان ٽالپر وفات ڪئي.
22 مئي 1991ع تي ناميارو شاعر ۽ ريڊيو پروڊيوسر، زيب عاقلي راهه رباني وٺي ويو.
22 مئي 2012ع تي قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو.
22 مئي 2012ع تي سنڌ سان عشق رکندڙ شھيد سنڌ، غزالا بتول صديقي کي ڪراچيءَ ۾ وحدت سنڌ ريلي دوران فائرنگ ڪري شھيد ڪيو ويو.
23 مئي 1857ع تي اٽاوه ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
23 مئي 1857ع تي هوتي مردان ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
23 مئي 1902ع تي سنڌي ادب ۽ زبان سان نهايت پيار ڪندڙ خان صاحب عبدالله چنا ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو.
23 مئي 1918ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مشھور رانديگر ڊينس ڪامپٽن جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1935ع تي علامه اقبال جي ٻئين شريڪِ حيات سردار بيگم جو وڇوڙو ٿيو.
23 مئي 1935ع تي آمريڪي وزير داخله دونالڊ پي هوڊل جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1955ع تي گلوڪار ڪمليش گنگواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1960ع تي رستم زمان گاما پھلوان، جو وڇوڙو ٿيو.
23 مئي 1974ع تي مولوي نذير حسين جتوئي 71 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
23 مئي 1994ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار لاڏاڻو ڪيو.
24 مئي 1543ع تي مشھور سائنسدان ڪوپرنيڪس جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 1819ع تي انگلستان جي ملڪه وڪٽوريه جو جنم ڏينھن آهي.
24 مئي 1844ع تي مارس جو پھريون برقي پيغام واشنگٽن کان باليٽمور موڪليو ويو.
24 مئي 1931ع تي دولتِ مشترڪه جو قيام عمل ۾ آيو.
24 مئي 1949ع تي نثر نگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف جي ڪلام کي انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ امير علي ولد ولي محمد چانڊيو ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو قنبر ۾ جنم ورتو.
24 مئي 1978ع تي مشھور عالم، ۽ اديب شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. وصيت مطابق ٺٽي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڀرسان مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
24 مئي 1981ع تي صحافي مولانا عبدالغفور سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 1985ع تي شمع دهلي جي مالڪ حافظ، يوسف دهلوي جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 2005ع تي سياستدان مير الھه بچايو ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 2005ع تي مشھور مزاحيه ۽ فلمي اداڪار رنگيلو (اصل نالو محمد سعيد خان) جو وڇوڙو ٿيو.

25 مئي 632ع تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن دنيا کان پردو فرمايو.
25 مئي 1757ع تي سيد محمد راشد رضي ڌڻي ولد سيد محمد بقا شاهه جي ولادت ڳوٺ رحيم ڏنو ڪلهوڙو خيرپور ميرس ۾ ٿي.
25 مئي 1831ع تي غزل ۽ قصيدي جو شاعر داغ دهلوي اصل نالو مرزا محمد ابراهيم، نواب شمس الدين خان جي گهر دهليءَ ۾ جنم ورتو.
25 مئي 1891ع تي مارشل ٽيٽو، جوسپ بزاز جي مقام تي جنم ورتو.
25 مئي 1899ع تي بنگال جي مشھور شاعر قاضي نذرالاسلام جو جنم ڏينھن آهي.
25 مئي 1932ع تي ڀارت جو برک سنڌي شاعر ڪرشن ”راهي“ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ پيدا ٿيو.
25 مئي 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو نقاد ۽ شاعر تاج بلوچ ڪوٽ سردار مراد خان بلو، پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
25 مئي 1945ع تي محقق، نقاد، مترجم، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ حاجي خان پٺاڻ جي گهر ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ڪراچي ضلعي جو علم ادب ۾ حصو.
25 مئي 1975ع تي شاعر ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
25 مئي 1979ع تي سنڌ جو سدابھار انسان، ارباب نور محمد پليجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
25 مئي 1984ع تي فقير جعفر علي پنھور موٽرسائيڪل ۽ ويگن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
25 مئي 2005ع تي بالي ووڊ اداڪار سنيل دت جو لاڏاڻو ٿيو.
26 مئي 1883ع تي شاعر ۽ فلسفي عبدالقادر الجزائر جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1934ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي ولد حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي شھر ۾ ڄائو.
26 مئي 1965ع تي صحافي، خالد کوکر ولد محمد عيسى کوکر دادو ضلعي جي ڳوٺ باداڻي ۾ جنم ورتو.
26 مئي 1969ع تي شھيدِ ملت، خان لياقت علي خان جو وڏو ڀاءُ سجاد علي جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1982ع تي تحريڪِ پاڪستان جي نالي واري رڪن حڪيم نير واسطي جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1984ع تي شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ لاڏاڻو ڪيو.
26 مئي 1987ع تي بلوچستان جو پھريون سول گورنر سردار غوث بخش رئيساڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
26 مئي 2006ع تي مشھور وِلن جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار، اديب، جو وڇوڙو ٿيو.
27 مئي 1332ع تي حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جو ڄاڻو ابن خلدون (ابو زيد عبدالرحمان ولي الدين) تيونس ۾جنم ورتو.
27 مئي 1908ع تي شاعر عبدالفتاح فائق جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1914ع تي ناليواري مسخري، نالي مٺو جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1962ع تي مشھور ڪمنٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر روي شاستري جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1964ع تي هندستان جو پھريون وزيراعظم جواهر لعل نھرو جو چالاڻو ٿيو.
27 مئي 1980ع تي شيخ القرآن مولانا غلام الله خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 مئي 1999ع تي ڊاڪٽر خان محمد پنھور ايل ايم سي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
27 مئي 2007ع تي صحافي اي.جي چانڊيو جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1905ع تي مذهبي عالم، مولانا غلام صديق شھدادڪوٽي جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1918ع تي ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر جو جنم ڏينھن آهي.
28 مئي 1948ع تي جامعه عثمانيه جو رهنما سيد محمد اڪبر وفاقاني جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1957ع تي ناليوارو شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال ڳوٺ فريد آباد، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
28 مئي 1962ع تي سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1967ع تي ايلسا قاضي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
28 مئي 1974ع تي ڪرڪيٽر مصباح الحق ميان والي ۾ جنم ورتو.
28 مئي 1975ع تي قادر الڪلام شاعر سڪندر خان کوسو ولد مير بھادر خان کوسو لاڏاڻو ڪيو.
28 مئي 1998ع تي پاڪستان ۾ جوهري تجربا ڪيا ويا.
28 مئي 2008ع تي بيورو ڪريٽ، امداد الله انڙ جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 2013ع تي ناليواري شاعر، نذير احمد جوش ٻرڙو جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1453ع تي سلطان محمد فاتح، قسطنطنيه فتح ڪيو.
29 مئي 1785ع تي مير نور علي شاهه رضوي جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1884ع تي انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو وڇوڙو ٿيو، جنھن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهم خدمتون آهن.
29 مئي 1917ع تي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1922ع تي صوفي بزرگ مخدوم احمد يار خان مھر ڀرچونڊي ۾ وفات ڪئي.
29 مئي 1938ع تي مذهبي عالم مخدوم ابوبڪر مھيسر جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1940ع تي اڳوڻي صدر پاڪستان، فاروق احمد لغاري جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1947ع تي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر بادل جماليءَ جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1970ع تي شاعره، ٽي وي ڪمپيئر، ڪھاڻيڪاره ۽ ڪالم نگاره زاهده تاج ابڙو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
29 مئي 1982ع تي مشھور ليکڪا فاطمه ڀٽو ولد مير مرتضيٰ ڀٽو جنم ورتو.
29 مئي 1988ع تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي هٽايو ويو.
30 مئي 1843ع تي بزرگ سيد محمد صالح جيلاني (ثاني) جو وصال ٿيو.
30 مئي 1942ع تي سردار احمد علي پتافي ڳوٺ گلو پتافيءَ ۾ ڄائو.
30 مئي 1950ع تي بالي ووڊ اداڪار، پاريش راول جو جنم ڏينھن آهي.
30 مئي 1950ع تي ڪشمير جي صدر سردار محمد ابراهيم خان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو.
30 مئي 1955ع تي شاعر سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ ٽکڙائي جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر صحافي سجاد مھر شڪارپور ۾ جنم ورتو.
30 مئي 1981ع تي بنگلاديش جي صدر ضياءُ الرحمان چٽگانگ ۾ قتل ڪيو ويو.
30 مئي 1985ع تي مشھور سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيت مير محمد بخش خان ٽالپر ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.
30 مئي 2005ع تي ڪرڪيٽر فضل محمود جو وڇوڙو ٿيو.
30 مئي 2011ع تي صحافي سيد سليم شھزاد کي قتل ڪيو ويو.

31 مئي 1857ع تي بريليءَ ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
31 مئي 1902ع تي سنڌ جو مايه ناز موسيقار، ڊرام نويس ۽ اديب احمد چاڳلا ولد غلام علي چاڳلا ڪراچي ۾ جنم ورتو.
31 مئي 1923ع تي مناڪو جي حڪمران پرنس ٽئين جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1934ع تي ڪوئٽه ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلو آيو.
31 مئي 1939ع تي آمريڪي وزيرِ توانائي جونز هيرنگٽن جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1941ع تي ممتاز عالم دين، علامه احسان الاهي ظھير جو سيالڪوٽ ۾جنم ٿيو.
31 مئي 1942ع تي شاعر، نثر نويس ۽ تعليمدان آغا روشن علي پٺاڻ ولد آغا بشير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو.
31 مئي 1946ع تي براڊڪاسٽر نثار ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1968ع تي مشھور تاريخ دان ۽ اهل قلم رائچند هريجن فوت ٿي ويو.
31 مئي 1972ع تي نوجوان شاعر، ڪالم نگار فياض چنڊ ڪليري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
31 مئي 1978ع تي انفرادي شاعر، عارف الموليٰ ڪار حادثي ۾ انتقال ڪيو.
31 مئي 1982ع تي ملڪ جي تمام نجي صنعتن کي مالڪن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
31 مئي 1988ع تي تحريڪ پاڪستان جي سرگرم رڪن ۽ قائداعظم جي دوست حاجي عبدالستار سيٺ جو وڇوڙو ٿيو.
31 مئي 1999ع تي گلوڪار، موسيقار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽي جو وڇوڙو ٿيو.
31 مئي 2005ع تي بزرگ سيد شھبازعلي جھانيان جو وڇوڙو ٿيو.