تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

مارچ

عيسوي سال جو ٽيون مھينو مارچ آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”مارس“ (MARS) ديوتا جي نالي تي پيو. اهِل روم مارس ديوتا کي جنگ جو ديوتا چوندا آهن. هي تمام خطرناڪ ديوتا هو ۽ هن جي شڪل تمام خوفناڪ هئي. روم وارن جو عقيدو هو ته ڪڪر، برسات، بجلي سڀ مارس ديوتا جي هٿ ۾ آهن.

پھرين مارچ 1892ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولا بخش مسڪين ڀٽو شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1897ع تي مشھور شاعر ۽ اديب احسن ڪربلائي اصل نالو مرزا گل حسن بيگ ولد مرزا دوست ٽنڊو آغا حيدر آباد ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1899ع تي ٽلو مل ٽيڪ چند ڌيرواڻي دادو ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشھور/ سماجي ورڪر هو.
پھرين مارچ 1920ع تي مشھور عوامي شاعر ۽ راڳي مينهل فقير مھر ڳوٺ طيب ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1927ع تي قومي سردار ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان، ولد ملڪ سردار خان ڳوٺ ٿاڻي بولان خان ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1927ع تي شاعر مولوي نورالدين نور ولد خاوند ڏنو چانڊيو قنبر علي خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏاتو جي وانڍ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1932ع تي شاعر شيخ عبدالعليم جوش ولد شيخ عبدالله ”عبد“ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1934ع تي نامياري اسٽيج اداڪار ايس پي مينگهاڻي، اصل نالو سوڀراج پرسرام مينگهاڻي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1935ع تي گڊو بئراج سکر جو افتتاح ٿيو.
پھرين مارچ 1939ع تي مشھور اديب مستنصر حسين تارڙ جوجنم ڏينھن آهي.
پھرين مارچ 1950ع تي شھنشاههِ ايران پاڪستان جي دوري تي آيو.
پھرين مارچ 1955ع تي استاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1955ع تي شاعريءَ سان ذوق رکندڙ راز علي گل ڀٽو ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف ۾ پيدا ٿيو.
پھرين مارچ 1956ع تي لسانيات، لغات، لطيفيات، جو ماهر آفتاب ابڙو، اصل نالو (عبدالله ابڙو) ڳوٺ گابرسڻ باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1956ع تي شاعر سجاد ميراڻي اصل نالو غلام حسين علي بخش ميراڻي جي گهر پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1960ع تي نوجوان شاعر زيب ڪنگو اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو ڪنگو ڳوٺ ڪنگا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1961ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اسير، ناميارو قانوندان سياسي اڳواڻ جھانگير راهوجو، وڳڻ شھر تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1962ع تي پاڪستان ۾ ٻيون آئين نافذ ڪيو ويو.
پھرين مارچ 1967ع تي علي محمد ڪاڪيـپوٽو ولد بھادر خان ڪاڪيـپوٽو وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ برصغير جو وڏو عالم محقق، اديب، ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
پھرين مارچ 1968ع تي جنرل حافظ الاسد، شام جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.
پھرين مارچ 1968ع تي ناميارو راڳي احمد مغل ولد حيات علي مغل پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1969ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار منظور جوکيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1970ع تي نوجوان شاعر مارو جمالي اصل نالو سڪندر علي ولد فيروز خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1972ع تي مراڪش ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو.
پھرين مارچ 1976ع تي شاعر ۽ صحافي ادريس عاجز، محمد مراد عباسي جي گهر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1977ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو بنياد پيو.
پھرين مارچ 1979ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي محمد خان غني وفات ڪئي.
پھرين مارچ 1981ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري پورو نالو غلام مرتضيٰ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1981ع تي صفي الله آءِ سومرو اصل نالو صفي الله سومرو ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اسسٽنٽ ايڊيٽر اٿس.
پھرين مارچ 1996ع تي شاعر عامر انصاري، محمد صالح انصاري جي گهر گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1888ع تي سياسي ليڊر سرشاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ خان ڀٽو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1914ع تي مشھور مصور شاڪر علي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مارچ 1915ع تي سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست جي قابل احترام شخصيت قاضي عبدالمجيد ”عابد“ سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو.
2 مارچ 1923ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو مهان ڪوي شيخ اياز، اصل نالو مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ ڄائو.
2 مارچ 1933ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسي جنم ورتو.
2 مارچ 1944ع تي شاعر واسديو ونيسيمل سڌ ناڻي ”موهي“ ميرپورخاص ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1956ع تي مراڪش، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
2 مارچ 1963ع تي ڪي.ٽو تي پاڪستان جو قبضو حڪومت چين تسليم ڪيو.
2 مارچ 1964ع تي ليکڪ ڊاڪٽر گل بليدي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مارچ 1970ع تي روڊيسياڪو جمھوري خودمختياري حاصل ڪئي، جيڪو هاڻي زمبابوي جي نالي سان مشھور آهي.
2 مارچ 1981ع تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جي جھاز کي هائيجيڪ ڪري ڪابل کڻي ويا.
2 مارچ 1992ع تي ازبڪستان اقوام متحده ۾ شموليت اختيار ڪئي.
2 مارچ 1995ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار واجد لاڏاڻو ڪيو.
2 مارچ 2000ع تي سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس ۽ شاعر انيس انصاري وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.
3 مارچ 1841ع تي مشھور عالمِ دين، صوفي بزرگ احمد يار خان مھر ولد عبدالغفار خان مھر ڳوٺ خان گڙهه ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
3 مارچ 1903ع تي بھترين شاعر ۽ اديب محمد خان غني ولد محمد دائود ميمڻ ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
3 مارچ 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ليکڪ فتاح ملڪ شھر پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1947ع تي مھتاب اڪبر راشدي، اصل نالو بدرالنساء ولد محمد عيسيٰ چنه نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ محقق، ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ فنِ ثقافت علم ادب سان لاڳاپيل آهي.
3 مارچ 1951ع تي اديب ڊاڪٽراشرف سمون جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1957ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عنايت ميمڻ اصل نالو عنايت الله ولد محمد يعقوب ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1962ع تي سياستدان ۽ گورنر عشرت العباد خان جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1969ع تي صحافي منور شيخ جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1972ع تي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جو عھدو ختم ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جو عھدو مقرر ڪيو ويو.
3 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر خاڪِي جاني بدين ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1981ع تي شھزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شاديءَ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.
3 مارچ 1982ع تي اردو جي نامور شاعر فراق گورکپوري جو وڇوڙو ٿيو.
3 مارچ 1988ع تي شاعر احمد گل، اصل نالو احمد خان ولد حبيب الله سولنگي جي گهر ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1193ع تي سلطان صلاح الدين ايوبي جو وڇوڙو ٿيو.
4 مارچ 1201ع تي مشھور مصنف ۽ ماهر نجوم، فلسفي خواجه نصير الدين طوسي جو جنم ڏينھن آهي.
4 مارچ 1665ع تي برطانوي بادشاهه چارلس (ٻيو) هالينڊ سان جنگ جو اعلان ڪيو.
4 مارچ 1789ع تي آمريڪا ۾ جمھوريت جو آغاز ٿيو.
4 مارچ 1861ع تي ابراهيم لنڪن آمريڪا جو صدر بڻيو.
4 مارچ 1940ع تي مشھور اديب مختلف ٻولين جو ماهر ۽ شاعر داد محمد ”خادم“ بروهي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
4 مارچ 1953ع تي ڪينيڊا جو جيٽ جھاز ڪراچي ايئرپوريٽ تي ڪري تباهه ٿيو.
4 مارچ 1945ع تي فن لينڊ، جرمني سان جنگ جو اعلان ڪيو.
4 مارچ 1960ع تي ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري انيس انصاري جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1960ع تي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ احمد خان شيدا ابڙو لاڏاڻو ڪيو.
4 مارچ 1975ع تي شاعر اسير اياز اصل نالو اياز حسين چنه راڌڻ اسٽيشن جي ويجهو جنم ورتو.
4 مارچ 1987ع تي نوجوان شاعر ۽ نثر نويس بسمل - اصل نالو منصور احمد چانڊيو ولد سرمد چانڊيو جي گهر قنبر ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1998ع تي سنڌ جي برک ڪھاڻيڪاره ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ وفات ڪئي.
4 مارچ 2013ع تي نامياري سماج سڌارڪ ۽ انسانيت جي شيواڌار ڊاڪٽر هر چند راءِ عمر ڪوٽ ۾ پنھنجي گهر رين بسيرا ۾ وفات ڪئي.
5 مارچ 1909ع تي سيد صبغت الله شاهه ثاني شھيد (پڳ ڌڻي) سورهيه بادشاهه ڇهون (پير پاڳارو) سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
5 مارچ 1913ع تي حاجن شاهه ”هم وطن“ سيتائي ولد سيد فتح محمد شاهه ڳوٺ سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو. پاڻ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
5 مارچ 1930ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي، اصل نالو محمد حسن ”محسن“ ولد فقير محمد چنا ميرانپور ٻرڙو ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1944ع تي قومي شاعر راشد مورائي اصل نالو سيد راشد علي شاهه ولد سيد علي شاهه ”خادم“ ضلعي نوشھروفيروز ۾ پيدا ٿيو.
5 مارچ 1951ع تي ايشين گيمز جو آغاز ٿيو.
5 مارچ 1953ع تي روس جي سابق صدر جوزف اسٽالن جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 1957ع تي زميندار ۽ سياستدان اعجاز جکراڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1963ع تي اديب، شاعر، سماجي سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري ڳوٺ ڏيول ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1977ع تي نوجوان ٽھيءَ جو شاعر عبدالحميد آس ٻٻر جوهيءَ ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر، صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌي، محمد صادق جاگيراڻي جي گهر ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1983ع تي شاعر مجيب سنڌي اصل نالو مجيب الرحمان ولد محمد حيات دوڙ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1987ع تي تحريڪ آزادي جو ممتاز رهنما سينيٽر راحت سعيد چتاري جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 1992ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 2012ع تي سنڌ جو قومي شاعر سرڪش سنڌي، اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ اٿس.
5 مارچ 2017ع تي شاعر ۽ استاد عبدالرحمٰن عبد مغيري راهه رباني ورتي آخري آرامگاهه ميان لال ۾ اٿس.
5 مارچ 2018ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي لاڏاڻو ڪيو.
6 مارچ 1888ع تي فرانسيسي گورنر ليگارڊي، شھر جبوتي جو بنياد رکيو.
6 مارچ 1933ع تي پھريون اقبال ڏينھن ملهايو ويو.
6 مارچ 1952ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر محمد امين ولد موليڏنو ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
6 مارچ 1959ع تي غزل گو شاعر اياز گل اصل نالو (اياز علي دل) سکر ۾ پيدا ٿيو.
6 مارچ 1963ع تي شام ۾ فوجي انقلاب آيو.
6 مارچ 1973ع تي آمريڪي نوبل يافته مصنف پرل بڪ جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 1974ع تي پاڪستان ريڊ ڪراس سوسائٽي جو نالو تبديل ڪري هلال احمر رکيو ويو.
6 مارچ 1978ع تي نوجوان ليکڪ ۽ ترجمي نگار خالد وسير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
6 مارچ 1980ع تي آزاد انور ڪانڌڙو اصل نالو انور ڪانڌڙو ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سڄاڻ صحافي، ليکڪ، مضمون نگار ۽ مقالا نگار اٿس.
6 مارچ 1990ع تي مشھور گلوڪاره مالا جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 2001ع تي ليکڪ ۽ شاعر انور ضياءَ عباسي جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 2007ع تي سيد ڪامل شاهه جھانيان هي فاني جھان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندن آخري آرام گاهه درگاهه مانڌم سوڀو ديرو جي ويجهو آهي.
7 مارچ 1844ع تي عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني ڳوٺ همايوني تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
7 مارچ 1928ع تي محمد علي صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1931ع تي مشھور شاعر سرجيت سنگهه جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1950ع تي نالي وارو شاعر مير عبدالرسول مير گمبٽ ضلعي، خيرپور ۾ جنم ورتو.
7 مارچ 1952ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر ويوين رچرڊ جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1955ع تي بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
7 مارچ 1981ع تي آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1982ع تي صوبي سرحد جي اڳوڻي گورنر، ارباب سڪندر خان خليل کي قتل ڪيو ويو.
7 مارچ 1998ع تي سنڌ جو مشھور ترقي پسند اديب، شاعر صحافي ۽ بيباڪ سياستدان ڪامريڊ برڪت علي آزاد وفات ڪئي.
7 مارچ 1999ع تي مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو لاڏاڻو ٿيو.
7 مارچ 2000ع تي سياستدان بيگم طاهره آغا جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1884ع تي شاهه لطيف جي بيتن جو شارح هوتچند مولچند گربخشاڻي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
8 مارچ 1897ع تي افغانستان جو رهنما جمال الدين افغاني جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1908ع تي قومي شاعر، بيباڪ صحافي محمود هالائي ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ نوان هالا ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
8 مارچ 1979ع تي عورتن جو عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ نوٽيس ورتو 20 ڊسمبر 1999ع تي جنرل اسيمبلي عورتن جي متڀيد جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون.
8 مارچ 1921ع تي نامور فلمي نغمه نگار، ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مارچ 1931ع تي پنجابي فلمن جي مشھور اداڪار يوسف خان جو جنم ڏينھن آهي.
8 مارچ 1942ع تي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو ڳوٺ ڪاٺيا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ ڄائو.
8 مارچ 1945ع تي هند سنڌ جو ناميارو اديب، ڪھاڻيڪار، اخبار نويس ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڪنڊياري ۾ ڄائو.
8 مارچ 1957ع تي گانا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
8 مارچ 1966ع تي شاعر ادل سولنگي ڳوٺ مھرابپور تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
8 مارچ 1977ع تي مشھور افسانه نگار ڪرشن چندر جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1977ع تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
8 مارچ 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ستار سندر اصل نالو عبدالستار مري ڳوٺ واحد بخش مري، نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
8 مارچ 1983ع تي جڳ مشھور الغوزي نواز خميسو خان لاڏاڻو ڪيو.
9 مارچ 1746ع تي نپولين ۽ جوز بقائن جي شادي ٿي.
9 مارچ 1825ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ جي ولادت ٿي.
9 مارچ 1846ع تي بھترين شاعر ۽ مضمون نگار آخوند فقير محمد ”عاجز“ ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو.
9 مارچ 1924ع تي سنڌ جو مخلص انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
9 مارچ 1933ع تي مشھور اديب، اردو، فارسي ۽ گوجري ٻوليءَ جو شاعر صابر آفاقي جو جنم ڏينھن آهي.
9 مارچ 1942ع تي نالي وارو نقاد، ڪھاڻيڪار ممتاز مھر سکر ۾ جنم ورتو.
9 مارچ 1948ع تي ممتاز ماهر قانون غلام علي ميمڻ جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 1951ع تي مشھور شاعر فيض احمد فيض راولپنڊي سازش ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو.
9 مارچ 1961ع تي ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينھن آهي.
9 مارچ 1978ع تي ملڪ جي ممتاز ديني روحاني پيشوا مخدوم محمد شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 1985ع تي پاڪستان جي ممتاز دانشور جِي الانا جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 2000ع تي نامياري لوڪ راڳي پٺاڻي خان جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 2010ع تي شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ملڪ نديم جو وڇوڙو ٿيو. ڊاڪٽر ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق هو.

10 مارچ 1739ع تي نادر شاهه، دهليءَ ۾ قتل عام ڪرايو.
10 مارچ 1739ع تي غدر جي بعد لال قلعو دهليءَ جو دروازو کوليو ويو.
10 مارچ 1869ع تي مسلم ليگ جو نالو تجويز ڪندڙ سر محمد شفيع جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1872ع تي عالم دين مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1876ع تي ٽيليفون تي پھريون پيغام گراهم بيل پنھنجي هڪ دوست والسٽن کي ڏنو.
10 مارچ 1910ع تي (سھڻا سائين) خواجه الله بخش غفاري ولد حضرت محمد مٺل (پير مٺا سائين رح) جو جنم شھر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.
10 مارچ 1932ع تي زيب ڀٽي، پورو نالو قادر بخش ڀٽي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ؛ اديب ۽ استاد اٿس.
10 مارچ 1935ع تي شاعر، مترجم ۽ ڪھاڻيڪار بشير مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1938ع تي ذوالفقار راشدي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي پير ڳوٺ (شاهه جو ڳوٺ) لڳ نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ معروف شاعر، اديب ۽ صحافي اٿس.
10 مارچ 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ، شاعر، ڊراما نگار ۽ تنقيدنگار امداد حسيني (سانول) ٽکڙ وسئين ملوڪ شاهه ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1945ع تي مشھور ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
10 مارچ 1950ع تي ايران جي رضا شاهه پھلوي سڀ کان پھرين شاهي قلعي لاهور جو سير ڪيو.
10 مارچ 1957ع تي شاعر عادل سخيراڻي اصل نالو غلام رسول ولد فقير محمد خان سخيراڻي جو جنم ٿيو.
10 مارچ 1959ع تي مشھور رانديگر ڪپل ديو جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1973ع تي مشھور صحافي ۽ پروڊيوسر نور جوکيو گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1974ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊراما نگار رفيق وقار، محمد قاسم کھڙو جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1982ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان، سريلنڪا جي خلاف پھريون ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ 204 رنـز تان کٽيو.
10 مارچ 1986ع تي موتين جھڙو انسان تاج محمد ابڙو 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
10 مارچ 1995ع تي مشھور راڳي موهن ڀڳت وفات ڪئي.
11 مارچ 1858ع تي جنگ آزاديءَ دوران انگريزن لکنؤ تي قبضو ڪيو.
11 مارچ 1884ع تي مشھور شاعر الفريڊ دارالامر جي باقاعده رڪنيت اختيار ڪئي.
11 مارچ 1892ع تي آمريڪي رياست مساجو سيٽس ۾ باسڪٽ بال جو پھريون عوامي مقابلو ٿيو.
11 مارچ 1922ع تي ملائيشيا جي رياست پاهانگ ۾ تنڪو عبدالرزاق جو جنم ٿيو.
11 مارچ 1924ع تي تحريڪ آزادي جو سورهيه سچو سپاهي هيمون ڪالاڻي پٽ پيسومل ڪالاڻي سندس اصل نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا، هيمون ڪالاڻي سکر ۾ ڄائو.
11 مارچ 1934ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر سليم اختر جو جنم ڏينھن آهي.
11 مارچ 1935ع کان فارس کي ايران چيو وڃي ٿو.
11 مارچ 1948ع تي مشھور تعليمدان ۽ ليکڪ سيد ديدار حسين شاهه ديھه ڪلانڪوٽ، چاچڙڪي مڪان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
11 مارچ 1969ع تي نوجوان دانشور، ڪالم نگار ۽ نقاد جامي چانڊيو ڳوٺ ٽوڙهي بجار، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. اصل نالو جاويد احمد چانڊيو اٿس.
11 مارچ 1969ع تي شھيد سنڌ، بھادر نياڻي ۽ سورمي، غزاله بتول صديقي، دادو ضلعي جي علمي ادبي شھر پاٽ شريف ۾ جنم ورتو.
11 مارچ 1973ع تي مشھور ناول نگار خاتون ممتاز شيرين جو وڇوڙو ٿيو.
11 مارچ 2013ع تي نامياري راڳي غلام علي سنديلو جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1828ع تي جرمن ماهرِ لسانيات، محقق ۽ لطيف جي پارکو ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شھر السفيلڊ ۾ ڄائو.
12 مارچ 1915ع تي صوفي راڳ جي مشھور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1917ع تي روس ۾ انقلاب آيو.
12 مارچ 1922ع تي سنڌي علم ادب جو روشن ستارو محبوب علي چنه سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو.
12 مارچ 1925ع تي صوفي فقير موهن لال آهوجا جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1935ع تي شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪھاڻيڪار غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
12 مارچ 1945ع تي ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1947ع تي نالي وارو شاعر عاجز اڄڻ جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1948ع تي ڪراچي کي پاڪستان جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
12 مارچ 1967ع تي انڊونيشيا ۾ جنرل سھارتو اقتدار سنڀاليو.
12 مارچ 1972ع تي ڪمپيئر ۽ اداڪار نعمت الله جوڻيجو (محمد ملوڪ) ولد حسين بخش جوڻيجو ڳوٺ ٺل جوڻيجو تعلقه رتوديرو ۾ جنم ورتو.
12 مارچ 1985ع تي بين الاقوامي اسلامي محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر غلام جيلاني برق جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1985ع تي شام جو حافظ الاسد ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو ويو.
12 مارچ 1987ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي 10 هين آئين جي ترميم کي منظور ڪيو.
12 مارچ 1992ع تي سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ حسين بخش خادم وفات ڪئي.
12 مارچ 1993ع تي انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1781ع تي يورنيس سيارو دريافت ٿيو.
13 مارچ 1889ع تي ايفل ٽاور کي مڪمل ڪيو ويو.
13 مارچ 1941ع تي سر شاهه محمد سليمان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1941ع تي صحافي عبدالغفار صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مارچ 1955ع تي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظھر مغل جو جنم ڏينھن آهي.
13 مارچ 1960ع تي اسلام آباد ۾ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
13 مارچ 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي شاعر حليم باغي اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ، ضلعي ميرپور خاص ۾ ڄائو.
13 مارچ 1967ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر فرينڪ وارل جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1978ع تي بنگلاديش جي سينيئر وزير مسيح الرحمان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 2007ع تي سينيئر صحافي احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 2009ع تي لالي ووڊ جو ناليوارو ڊائريڪٽر، فلمي اداڪار ڪيفي جو وڇورو ٿيو.
13 مارچ 2016ع تي قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
14 مارچ 1879ع تي مشھور سائنسدان آئن اسٽائن جو جنم ڏينھن آهي.
14 مارچ 1883ع تي فلاسافر، معيشتدان، سماجياتدان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ ڪارل مارڪس پروشيا جي وچولي طبقي ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1900ع تي ڪميونسٽ انقلاب ۽ تاريخ جو نامور اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ولد سيد زين العابدين بخاري ڀارت گجرات جي مشھور شھر احمد آباد ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1900ع تي ماهوار عصمت جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
14 مارچ 1933ع تي نامور اديب، شاعر ۽ استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽھڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1937ع تي قادر الڪلام شاعر سرويچ سجاولي اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ ڳوٺ ابراهيم تارڙ لڳ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
14 مارچ 1953ع تي ناليوارو اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري ڳوٺ عالم خان زرداري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
14 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر قادر بخش ”بشير“ وفات ڪئي.
14 مارچ 1959ع تي اديب قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر اديب انقلابي اصل نالو مظفر علي ولد علي حسن چانڊيو ڳوٺ گاهي خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1967ع تي لاهور، سرگودا ۽ سيالڪوٽ شھرن ۾ جنگ ۾ بھادري ۽ جوان مرديءَ جو مظاهرو ڪندڙ کي هلال استقلال جو اعزاز ڏنو ويو.
14 مارچ 1969ع تي ايئر مارشل اصغر خان، تحريڪ استقلال پارٽيءَ جو بنياد رکيو.
14 مارچ 1976ع تي بلبل سنڌ مولوي قاضي دوست محمد جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه ڪينيڊي مارڪيٽ لڳ عثمانيه مسجد لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
14 مارچ 1987ع تي سنڌي ادب جو روشن باب پير علي محمد راشدي ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
14 مارچ 1989ع تي شاعرهوش محمد درد ابڙو، ڪولاب جيئل ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1990ع تي شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1206ع تي سلطان معز الدين محمد غوري جو قتل ڪيو ويو.
15 مارچ 1846ع تي عالم ۽ شاعر مولوي الله بخش اٻوجهو جنم ورتو.
15 مارچ 1846ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر رکيل شاهه ولد ميان نور محمد شاهه ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور (بلوچستان) ۾ ڄائو.
15 مارچ 1874ع تي جليل القدر ديني ۽ سماجي اڳواڻ محمد صادق (کڏي وارو) ولد مولانا عبدالله شيخ ڪراچي جي محلي کڏي ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1920ع تي مشھور سنڌي اخبار ”الوحيد“ جو پھريون پرچو شايع ٿيو.
15 مارچ 1922ع تي گيتن جو خوبصورت شاعر بردو سنڌي اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ ولادت ٿيس.
15 مارچ 1925ع تي قادر الڪلام شاعر سليم ڳاڙهوي جو اصل نالو الھه ورايو ولد حاجي الهڏنو مھر هو. پاڻ ڳوٺ ڳاڙهوي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
15 مارچ 1929ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر نشتر ناٿن شاهي اصل نالو غازي خان نشتر ولد بالو خان لغاري ڳوٺ ٻهاري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1930ع تي ڊاڪٽر غلام علي الانا ولد خواجه الله ڏنو ڳوٺ تڙ خواجه تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، عالم، محقق، دانشور ۽ ماهر لسانيات اٿس.
15 مارچ 1941ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ مترجم ولي رام ولڀ مٺي ضلعو ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1942ع تي لڪشمڻ امرومل دُبي ڳوٺ شر خيرپور ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر اٿس.
15 مارچ 1952ع تي مشھور اديبه رخسانه صولت جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1953ع تي نالي وارو چترڪار حفيظ الله کوهارو ڳوٺ سھڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو.
15 مارچ 1955ع تي پاڪستان جي ڪرڪيٽر محسن حسن خان جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1956ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق سوڀران نرملداس وفات ڪئي.
15 مارچ 1961ع تي نثر نويس محمد صالح کھڙو ولد فضل محمد کھڙو ڳوٺ کهڙا تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
15 مارچ 1969ع تي استاد نظاماڻي اصل نالو محمد ابراهيم نظاماڻي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، محقق ۽ نثر نويس اٿس.
15 مارچ 1969ع تي يوسف هارون مغربي (اولهه) پاڪستان جو گورنر مقرر ٿيو.
15 مارچ 1973ع تي شيخ مجيب الرحمان بنگلاديش جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو.
15 مارچ 1981ع تي انگلينڊ جو رانديگر بيرنگٽن جو وڇوڙو ٿيو.
15 مارچ 1995ع تي (شھيد ڀٽو گروپ) جو قيام عمل ۾ آيو. جنھن جو چيئرمين مير مرتضيٰ ڀٽو ٿيو.
15 مارچ 2001ع تي ماهر لسانيات ۽ لطيف سرڪار جو پارکو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
16 مارچ 1236ع تي سلسلي چشتيه جو باني حضرت خواجه معين الدين چشتي جو وصال ٿيو.
16 مارچ 1406ع تي تاريخدان ابن خلدون جو وڇوڙو ٿيو.
16 مارچ 1846ع تي نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاه ولد نور محمد شاه ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1878ع تي شاهه ايران رضا شاهه پھلوي جو والد رضا شاهه محمد جو جنم ڏينھن آهي.
16 مارچ 1903ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صوفي منش انسان آغا عبدالنبي عليگ ولد آغا گل حسن خان پٺاڻ شڪارپور ۾ ڄائو.
16 مارچ 1909ع تي سنڌ جو مزاحيه شاعر امام الدين ”ضامن“ ميھڙ جي ڀرسان دٻي ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1943ع تي آمريڪي سفير، آرنلڊ ليوس رافيل، نيويارڪ ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1956ع تي شاعر نظر لاکائي ڳوٺ وڏالاکا تعلقي صوبيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1957ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز ”نشانِ حيدر“ جي شروعات ٿي.
16 مارچ 1971ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عزيز قاسماڻي اصل نالو عبدالعزيز چانڊيو ولد سونو خان (سرمد چانڊيو) جي گهر ڳوٺ جمع خان چانڊيي تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1972ع تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پھريون دفعو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچ کيڏي وئي.
16 مارچ 1975ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره ارم محبوب حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1987ع تي لاهور جي انگريزي اخبار پاڪستان ٽائيمز جي 40 هين سالگره ملهائي وئي.
16 مارچ 1996ع تي سنڌ جو سريلو فنڪار ڦوٽو زرداري وفات ڪئي ڦوٽي زرداري جي جنم ڀومي ضلعو سانگهڙ آهي پاڻ اٽڪل 1956ع تي پيدا ٿيو.
17 مارچ 1672ع تي انگلينڊ- هالينڊ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
17 مارچ 1861ع تي اٽليءَ آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
17- مارچ 1905ع تي داغ دهلوي اصل نالو مرزا محمد ابراهيم حيدرآباد دکن ۾ وفات ڪئي.
17 مارچ 1911ع تي پھريون دفعو مسلم اوقاف بل قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو.
17- مارچ 1920ع تي بنگلاديش جي باني، شيخ مجيب الرحمان جو جنم ڏينھن آهي.
17 مارچ 1920ع تي خلافت جو مسئلو مولانا محمد علي جوهر جي قيادت ۾ وفد برطانوي وزيراعظم سان مليو.
17 مارچ 1938ع تي اسلامي جدوجھد جي تاريخ جو امر انسان پير تراب علي شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
17 مارچ 1952ع تي ڪوري پائڊ، کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي درميان، پي آءِ اي جي پھرين تجرباتي پرواز ٿي.
17 مارچ 1961ع تي شاعر سيف الله سيف جو جنم آهي.
17 مارچ 1971ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ذوالفقار ڪورائي، سردار صاحب خان ڪورائي پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1976ع تي براڊڪاسٽر وسند علي مھر خان پور جي قديم ڳوٺ ٿاهريو ۾ محمد صادق جي گهر ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1982ع تي سنڌ جو مشھور سيلاني فقير ۽ صوفي شاعر ولايت علي شاهه وصال ڪيو.
17 مارچ 1985ع تي روسي صدر ڪانسٽنٽائن الستيتوت چرننڪو جو وڇوڙو ٿيو.
17 مارچ 1987ع تي پاڪستان، انڊيا جي سرزمين تي پھرين ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي.
18 مارچ 1878ع تي مشھور عالم ۽ تحريڪ آزادي جو ڪارڪن عبدالرحيم شاهه سجاول ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
18 مارچ 1925ع تي اردو جي مشھور اديب محمد اسحاق ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
18 مارچ 1960ع تي شاعر، ڪمپيئر ۽ ڊراما شارٽ اسٽوري رائيٽر عبدالجبار آزاد منگي نصيرآباد جي منگي محلي ۾ جنم ورتو.
18 مارچ 1961ع تي جنوبي ڪوريا ۾ ڊاڪٽر جون چانگ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو.
18 مارچ 1962ع تي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگي نصيرآباد، ضلعي قنبر - شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
18 مارچ 1970ع تي ڪمبوڊيا جي سربراهه پرنس سھانوڪ جي حڪومت ختم ڪئي.
18 مارچ 1975ع تي اسحاق سميجو ضلعي دادو جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ، شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ آهي.
18 مارچ 1978ع تي چوٿين عالمي هاڪي ٽورنامينٽ شروع ٿي.
18 مارچ 1978ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي.
18 مارچ 1982ع تي چشتيان بھاول نگر ۾ احسان دانش آخري مشاعري ۾ شرڪت ڪئي.
18 مارچ 1993ع تي ملڪ جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو آمريڪا ۾ وفات ڪئي. 20 مارچ تي سنڌڙي لڳ سندس ابائي قبرستان ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ گهرجي ڀرسان باغ ۾ دفنايو ويو.
18 مارچ 1994ع تي مشھور سنڌي اداڪار محبوب عالم جو وڇوڙو ٿيو.
18 مارچ 1999ع تي روازني تعمير سنڌ (اخبار) حيدرآباد مان قاضي شاهه محمد خريد ڪري جاري ڪئي.
18 مارچ 2007ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جو ڏکڻ آفريڪا ۾ ورلڊ ڪپ هلندي پراسرار موت ٿيو.
19 مارچ 1857ع تي جنگ آزادي جي پھرين گولي بازڪ پور جي مقام تي هلي.
19 مارچ 1885ع تي برصغير ۾ جديد شاعريءَ جو باني سرڳواسي ڪشن چند ”بيوس“ لاڙڪاڻي شھر جي مشھور حڪيم تير ٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو.
19 مارچ 1886ع تي شاعر، نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينھن آهي.
19 مارچ 1898ع تي ميران محمد شاهه (ٻيو) ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه ٽکڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، معروف اديب، شاعر، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر هو.
19 مارچ 1911ع تي پھريون ڀيرو عورتن جو ڏينھن ملهايو ويو.
19 مارچ 1933ع تي شاعر عبدالفتاح عبد بٺورائي ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
19 مارچ 1949ع تي نالي وارو شاعر، سيد غضنفر علي ”راجا“ شھر رتوديرو ۾ سيد وريل شاهه جي گهر جنم ورتو.
19 مارچ 1953ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسڪول براڊ ڪاسٽ پروگرام شروع ڪيو.
19 مارچ 1960ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر خدا بخش خاڪي فقير شھدادڪوٽ ۾ وصال ڪيو.
19 مارچ 1972ع تي نيشنل اسٽيڊيم لاهور جو نالو تبديل ڪري قذافي اسٽيڊيم رکيو ويو.
19 مارچ 1972ع تي پاڪستان جي حڪومت پنجاب جي ڪمشنر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
19 مارچ 1974ع تي اديب ڀڳت کيمچند جو چالاڻو ٿيو.
19 مارچ 1979ع تي مصور گل محمد کتري جو وڇوڙو ٿيو.
19 مارچ 1982ع تي ڪراچي ۾ پھريون ايشيائي هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ کيڏيو ويو.
19 مارچ 2006ع تي پاڪستان فلم انڊسٽري جو روشن ستارو اداڪار، محمد علي دل جي دوري سبب هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
20 مارچ 1351ع تي محمد بن تغلق جو وڇوڙو ٿيو.
20 مارچ 1739ع تي نادر شاهه، هندستان جي شھر دهليءَ تي قبضو ڪيو.
20 مارچ 1923ع تي اردو جي ناليواري نثرنگار شوڪت صديقيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 1943ع تي پيرانِ پاگاره سلسلي جي پير صبغت الله شاهه ثاني کي انگريزن موت جي سزا ڏني.
20 مارچ 1956ع تي تيونس، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
20 مارچ 1966ع تي مشھور گلوڪارهه الڪا ياگنڪ جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 1969ع تي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن، ويٽنام سان جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
20 مارچ 1971ع تي ڪھاڻيڪار ۽ مترجم جھانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي ڳوٺ محراب پور ڪلهوڙو تعلقه باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 مارچ 1976ع تي هند جي حڪمران مير جمال خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 مارچ 1987ع تي زمبابوي جي وزيراعظم رابرٽ موگا، پاڪستان جي دوري تي آيو.
20 مارچ 1987ع تي بالي ووڊ اداڪار ڪنگنا رناوت جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 2014ع تي مشھور صحافي، ناول نگار ۽ ليکڪ خشونت سنگهه جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مارچ 1897ع تي دين محمد اديب فيروز شاهي ڳوٺ فيروز شاهه تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. سڃاڻپ پاڻ بلند پايه عالم، نثر نويس ۽ شاعر هو.
21 مارچ 1912ع تي پاڪستان جو مشھور موسيقار خواجه خورشيد انور جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1921ع تي ڪوٽاري پريڊ جو افتتاح ٿيو.
21 مارچ 1924ع تي اردو جو مشھور اديب اسلم ڪاشميري جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1932ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو.
21 مارچ 1938ع تي مشھور خطاط، سرور راهي جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1940ع تي نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي ايم سيد جي گهر سن ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.
21 مارچ 1949ع تي ويسٽ انڊيز جو مشھور ڪرڪيٽر ڪالي چرن جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1962ع تي خواجه محمد طاهر نقشبندي، عالم معروف سڄڻ سائين جو جنم درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
22 مارچ 1844ع تي مولانا تاج محمد امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه ڳوٺ ديواني لڳ ڳاڙهي موري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. مولانا تاج محمد امروٽي پاڻ برک عالم، فاضل، شاعر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
22 مارچ 1888ع تي فٽبال ليگ جو قيام عمل ۾ آيو.
22 مارچ 1913ع تي قائداعظم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
22 مارچ 1918ع تي شاعر ۽ ليکڪ اِندر ڀوڄواڻي اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند ڀوڄواڻي ڳوٺ ٻيلي تعلقي سجاول ضلعي ڪراچيءَ (هاڻي ٺٽي) ۾ ڄائو.
22 مارچ 1945ع تي عرب ليگ قائم ٿي.
22 مارچ 1946ع تي برطانيه، اردن کي آزادي ڏيڻ لاءِ معاهدي تي صحيح ڪئي.
22 مارچ 1954ع تي سڄاڻ شاعر بلبل کور واهي اصل نالو خان محمد جت کورواهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
22 مارچ 1974ع تي پاڪستان جي مشھور دانشور، اديب پروفيسر حميد احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
22 مارچ 1982ع تي مشھور شاعر احسان دانش جو وڇورو ٿيو.
22 مارچ 1984ع تي معروف شاعر عبدالعزيز خالد، قرآن مجيد جو منظوم ترجمو ڪيو.
22 مارچ 1999ع تي سنڌ موسيقيءَ جو روشن ستارو وحيد علي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. وحيد علي 1950ع ۾ ٽنڊي آدم شھر ۾ جنم ورتو.
22 مارچ 2005ع تي اداڪار رشيد خمار جو وڇوڙو ٿيو.
22 مارچ 2008ع تي اسرائيل، تلڪرم جو ڪنٽرول فلسطين حوالي ڪيو.
23 مارچ 1878ع تي آچاريه آسودو مل گدواڻي، سنڌ جي انھن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪھاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو آسودومل گدواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
23 مارچ 1912ع تي آغا بدرالدين دُراني ولد آغا شمس الدين ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو سڃاڻپ، مشھور سياستدان ۽ علم ادب دوست رهيو.
23 مارچ 1925ع تي مشھور نڙائي فنڪار، مير محمد لنڊ ڳوٺ ڪيٽي مير نارو خان چڪ نمبر 3 تعلقي ڏيپلي ۾ پيدا ٿيو.
23 مارچ 1929ع تي مشھور براڊڪا سٽر سرور بلوچ دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
23 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان پيش ڪئي وئي.
23 مارچ 1948ع تي پاڪستان جي ڪرڪيٽر وسيم باري جو جنم ڏينھن آهي.
23 مارچ 1950ع تي نشانِ حيدر جو اعزاز جاري ڪيو ويو.
23 مارچ 1952ع تي ناميارو شاعر ۽ اديب قادر بخش ”مخلص“ ولد صحبت خان چانڊيو ڳوٺ گهنور خان چانڊيي تعلقي ساماري، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
23 مارچ 1956ع تي پاڪستان ۾ پھريون آئين نافذ ڪيو ويو.
23 مارچ 1956ع تي پاڪستان، دنيا جو پھريون اسلامي جمھوريه ملڪ بڻيو.
23 مارچ 1957ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر ڪيپٽن محمد سرور شھيد کي مليو.
23 مارچ 1959ع تي سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آصف مٺياڻوي شھر مٺياڻي ۾ ڄائو.
23 مارچ 1963ع تي مشھور صوفي شاعر، نماڻو فقير ديھانت ڪئي سندس ارٿي سچل سائين جي پيرن کان آهي نماڻو فقير هڪ عورت جو نالو آهي. جنھن جو اصل نالو هاسي ٻائي يا رڪي ٻائي هو. جيڪا شڪارپور جي هڪ هندو ڏوڍاراهه جي نياڻي هئي. سخي قبول محمد (ثاني) نماڻو فقير نالو رکيس، نماڻو فقير جي ولادت 1888ع تي ٿي.
23 مارچ 1966ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر ميجر راجه عزيز ڀٽي شھيد کي مليو.
23 مارچ 1970ع تي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن صمد رضوي ساز لاڏاڻو ڪري ويو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
23 مارچ 1970ع تي جدي ۾ اسلامي وزير خارجه ڪانفرنس منعقد ٿي.
23 مارچ 1979ع تي پاڪستان جي سڀ کان ننڍي ريجمنٽ سنڌ ريجمينٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
23 مارچ 1982ع تي ذوالفقار علي شيخ سوڀوديرو شھر ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري اٿس.
23 مارچ 1985ع تي محمد خان جوڻيجو وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو.
23 مارچ 1992ع تي مشھور صوفي راڳي ڍول فقير گڙدن جي تڪليف جي ڪري هن جھان کي الوداع ڪيو. ڍول فقير جو اصل نالو ڍولڻ ولد فقير محمد خاصخيلي هو.
23 مارچ 2005ع تي ريڪارڊر ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ جي تحت پاڪستان جي مشھور چينل ”آج ٽي.وي“ پنھنجي نشريات جو آغاز ڪيو.
24 مارچ 1603ع تي انگلستان جي ملڪه الزبيٿ اول جو وڇوڙو ٿيو.
24 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان منظور ٿي.
24 مارچ 1946ع تي ڪيبنيٽ مشن دهليءَ پھتو.
24 مارچ 1946ع تي ماهر لسانيات، محقق هدايت پريم روهڙي شھر ۾ جنم ورتو. اصل نالو هدايت الله آخوند هئس.
24 مارچ 1948ع تي قائداعظم پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اردو کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪابه ٻئي زبان سرڪاري نٿي ٿي سگهي.
24 مارچ 1970ع تي ڊاڪٽر سيد عاشق علي جھانيان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي جي سيد هادي بخش شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
24 مارچ 1976ع تي ارجنٽائن جي صدر جارج وڊيلا اقتدار سنڀاليو.
24 مارچ 1978ع تي ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
24 مارچ 1979ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي مھاراشٽر جي شھر ممبئي ۾ پيدا ٿيو.
24 مارچ 1996ع تي شاعر ۽ نثر نويس بلال تبسم، اصل نالو محمد بلاول محمد اسلم ٽوٽاڻي جي گهر جنم ورتو.
24 مارچ 2014ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر راشد مورائي جي وڇوڙي جو ڏينھن آهي.
25 مارچ 1655ع تي ڪرسٽن هائجنز سيارو زحل جو چنڊ ٽائٽن دريافت ڪيو.
25 مارچ 1843ع تي سنڌي سرويچ هوش محمد شيدي مياڻيءَ جي ميدان جنگ ۾ شھيد ٿيو.
25 مارچ 1912ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1913ع تي خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير مراد علي خان ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1916ع تي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ جيٺانند ڀاونداس لعلواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
25 مارچ 1952ع تي ماهر ڊاڪٽر، اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
25 مارچ 1952ع تي سنڌ جو نالي وارو گويو استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. استاد بيبوخان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
25 مارچ 1953ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽر هارون رشيد جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1955ع تي مشھور شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو اصل نانءُ غلام عمر ولد الھه ڏنو گهمرو ڳوٺ ڪيٽي مير محمد گهمرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
25 مارچ 1957ع تي سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رحمت الله ماڄوٺي چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر جنم ورتو.
25 مارچ 1969ع تي پاڪستان جو صدر محمد ايوب خان پنھنجي صدارتي عھدي تان استعفى ڏني.
25 مارچ 1969ع تي پاڪستان جي صدر طور جنرل يحى خان عھدو سنڀاليو.
25 مارچ 1971ع تي عوامي ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو.
25 مارچ 1975ع تي شاهه خالد بن عبدالعزيز سعودي عرب جو اقتدار سنڀاليو.
25 مارچ 1975ع تي شاهه فيصل کي قتل ڪيو ويو.
25 مارچ 1977ع تي ڪرم حسين ڪلهوڙو ولد محمد معشوق ڪلهوڙو جي گهر ڳوٺ سيد سردار شاهه لڳ ٻيڙو چانڊيو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ استاد، سوشل ورڪر، مترجم ۽ شاعر اٿس.
25 مارچ 1978ع تي مشھور شاعره سعيده عروج مظھر جو وڇوڙو ٿيو.
25 مارچ 1994ع تي نوجوان شاعر ساگر بلاول نوابشاه ۾ جنم ورتو.
26 مارچ 1911ع تي مشھور شاعر جوالا پرشاد برق جو جنم ڏينھن آهي.
26 مارچ 1936ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل ”ڀاٽيا“ ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشھري فيروز) ۾ جنم ورتو. جنم جو نالو لوڪومل هئس.
26 مارچ 1941ع تي اندرا گانڌي جي شادي فيروز گانڌي سان ٿي.
26 مارچ 1942ع تي ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار شريعت جو ايڊيٽر مفتي عبدالوهاب چاچڙ ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
26 مارچ 1954ع تي مشھور پاڪستاني هيرو سنتوش ڪمار جي پھرين شادي لاهور جي حڪيم محمد حسين جي ڌيءَ جميلا حسن سان ٿي. سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى رضا هو.
26 مارچ 1971ع تي اڳوڻي صدر يحى خان سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي.
26 مارچ 1971ع تي بنگلاديش پاڪستان کان ڌار ٿي پنھنجي الڳ ملڪي حيثيت بڻائي.
26 مارچ 1974ع تي بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
26 مارچ 2006ع تي اسڪاٽ لينڊ ۾ ريسٽورنٽ ۾ سگريٽ پيئڻ تي پابندي لڳائي وئي.
26 مارچ 2008ع کان سڄي دنيا ۾ (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينھن ”مرگهي جي آگاهي“ طور ملهايو ويندو آهي.
27 مارچ 1300ع تي قومي سورمو، دودو سومرو، ڌرتيءَ خاطر وڙهندي شھيد ٿيو. سندس آخري آرام گاهه بدين ضلعي جي سرحد سان لڳ ڳوٺ روپا ماڙيءَ ۾ آهي.
27 مارچ 1822ع تي اردو پھرين اخبار ”جام جھان نما“ جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
27 مارچ 1845ع تي مشھور طبعياتدان وليم رونتجن جو جنم ڏينھن آهي.
27 مارچ 1898ع تي تحريڪ آزادي جي اڳواڻ سر سيد احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1929ع تي قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجا 14 نقطا پيش ڪيا.
27 مارچ 1962ع تي شاعر ۽ سياسي اڳواڻ جميل الزمان ”جميل“ جنم ورتو.
27 مارچ 1968ع تي دنيا جو پھريون خلاباز، يوري گيگارين جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1971ع تي ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگي دادو ۾ جنم ورتو.
27 مارچ 1978ع تي نالي واري شاعره ۽ ڪھاڻيڪاره ساجده جبين (ساجد شاهه) ڳوٺ باجارا ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
27 مارچ 1982ع تي پاڪستان، سري لنڪا جي خلاف لاهور ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي.
27 مارچ 1984ع تي گني جو صدر سيڪو طور جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1986ع تي ممتاز مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عبدالحئي جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1994ع تي شاهه لطيف جو شارح ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڪلياڻ آڏواڻي ديھانت ڪئي.
27 مارچ 1997ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو.
27 مارچ 1999ع تي شاعر مسڪين ملاڪاتيار جو وڇوڙو ٿيو.
28 مارچ 1738ع تي برطانيه، اسپين جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
28 مارچ 1845ع تي ميڪسيڪو، آمريڪا سان سفارتي تعلقات منقطع ڪيا.
28 مارچ 1854ع تي ڪريمين جنگ، فرانس، روس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
28 مارچ 1898ع تي مولانا محمد قاسم مشوري ولد حاجي محمد عثمان مشوري ڳوٺ مشوري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مولانا مشوري جو تعلق بگٽي بلوچن جي مشھور قبيلي مشوري سان آهي.
28 مارچ 1919ع تي رولٽ ايڪٽ جي مذمت ڪري قائداعظم وائسراءِ کي خط لکيو.
28 مارچ 1922ع تي شام ۾ انقلاب آيو.
28 مارچ 1937ع تي نائيجيريا جي جنرل اولسي گن جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1964ع تي سنڌي ٻولي جو شاعر نصير احمد سومرو ولد الله بخش سومرو هنگورجه شھر ۾ جنم ورتو.
28 مارچ 1966ع تي ترڪي جي صدر جورت ثنائي پنھنجو عھدو سنڀاليو.
28 مارچ 1968ع تي شاعر بشير احمد جگر خون جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1969ع تي آمريڪي صدر آئزن هاور جو وڇوڙو ٿيو.
28 مارچ 1975ع تي بالي ووڊ، اداڪار اڪشي کنا جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1985ع تي ملهه پھلوان شير ميربحر انتقال ڪيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پھلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ آهي.
28 مارچ 1990ع تي پاڪستان جي وڏي ديني شخصيت، عالم، مفتي، دين اسلام جو خادم مولانا محمد قاسم مشوري هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
29 مارچ 1815ع تي اڳوڻي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جو جنم ڏينھن آهي، جنھن سنڌي ٻولي ۽ صورت خطي لاءِ بھتر ڪردار ادا ڪيو.
29 مارچ 1885ع تي روس، افغان سرحد تي حملو ڪيو.
29 مارچ 1911ع تي خير محمد ”اوحدي“ ولد محمد ابراهيم انصاري شڪارپور ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، شاعر، نقاد، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو ڪارڪن ٿي گذريو آهي.
29 مارچ 1931ع تي گيتن ۽ ڪافين جو شاعر، بلاول پرديسي هالا تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خاڻوٺ ۾ جنم ورتو.
29 مارچ 1949ع تي ترڪي، اسرائيل کي تسليم ڪيو.
29 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
29 مارچ 1955ع تي فرانس جي ريل گاڏي تيز رفتاريءَ جو رڪارڊ قائم ڪيو.
29 مارچ 1970ع تي ترڪيءَ ۾ زلزلي سبب ڪافي جانين جو نقصان ٿيو.
29 مارچ 1973ع تي اردو کي قومي زبان قرار ڏيڻ جي شِق منظور ٿي.
29 مارچ 1979ع تي مشھور مصنف بشير احمد ڊار جو وڇوڙو ٿيو.
29 مارچ 1982ع تي ڪويت اڪيڊمي جي طرفان ڊاڪٽر سليم الزمان کي ايوارڊ ڏنو ويو.
29 مارچ 1992ع تي نالي واري شاعر لقمان حڪيم کوکر، ولد عبدالرحمان کوکر هن فاني جھان کي الوداع چيو.
29 مارچ 1996ع تي تعليمدان ۽ وڪيل سيد احسان علي شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
29 مارچ 2004ع تي بلغاريه، ايسٽونيا، لٽويا، ليٿوانيا، رومانيه، سوواڪيا ۽ سلووينيا جي نيٽو ۾ شموليت ٿي.
30 مارچ 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
30 مارچ 1867ع تي آمريڪا، روس کان ست ڪروڙ ٻه لک ڊالر جي عيوض آلاسڪا خريد ڪيو.
30 مارچ 1890ع تي معروف اديب ۽ سماجي ورڪر محمد صديق ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو.
30 مارچ 1905ع تي نثر نويس الھه بخش، ٺري لڳ ٽنڊو غلام علي ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1927ع تي آسٽريلين رانديگر ويلي گراوٽ جو جنم ڏينھن آهي.
30 مارچ 1941ع تي سياستدان وسيم سجاد جو جنم ڏينھن آهي.
30 مارچ 1945ع تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران سوويت يونين، آسٽريليا تي حملو ڪيو.
30 مارچ 1978ع تي مير حسن علي خان ٽالپر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
30 مارچ 1979ع تي محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر مخمور بخاري اصل نالو سيد شير الله هالا ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1984ع تي شاعر وفا غلام عباس ڳوٺ حاجي عمر دين خاصخيلي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1987ع تي ممتاز عالم دين علامه احسان الاهي ظھير جو وڇوڙو ٿيو.
30 مارچ 2002ع تي مشھور شاعر آنند بخشي جو وڇوڙو ٿيو.
30 مارچ 2011ع تي اداڪاره روشن عطا جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه دالميا قبرستان ڪراچي ۾ اٿس.
31 مارچ 1594ع تي فرانسيسي فلاسافر، سائنسدان ۽ رياضيدان ريني ڊيسڪارٽس جو جنم ڏينھن آهي.
31 مارچ 1889ع تي پيرس جي مشھور ايفل ٽاور جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيو.
31 مارچ 1914ع تي ليکڪ مير الله بخش ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
31 مارچ 1921ع تي منگوليا کي آزادي ملي.
31 مارچ 1933ع تي هٽلر جرمني جو اقتدار سنڀاليو.
31 مارچ 1941ع تي پاڪستاني اداڪار وحيد مراد جي گهر واري سلمى مراد جو جنم ٿيو.
31 مارچ 1968ع تي قادرالڪلام شاعر ۽ ڪھاڻيڪار فيض محمد ”فيض“ حيدري وفات ڪئي.
31 مارچ 1969ع تي منگوليا ۾ مسلمانن جي سڀ کان قديم يونيورسٽي جو سنگِ بنيد رکيو ويو.
31 مارچ 1972ع تي بالي ووڊ اداڪاره مينا ڪماري جو وڇوڙو ٿيو.
31 مارچ 1973ع تي قومي آزادي کي سائين جي ايم سيد باقاعدي هڪ نظريي ۽ پروگرام جي صورت ۾ پيش ڪيو. جنھن جا نظرياتي اصول هئا، قومپرستي، سوشلزم، سيڪيولرزم ۽ جمھوريت شامل رکيا.
31 مارچ 1983ع تي ڪولمبيا ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 5 هزار انسان اجل جو شڪار ٿيا.
31 مارچ 1987ع تي صحافي ۽ ليکڪ علي محمد ڀٽو لاڏاڻو ڪيو. آخري آرامگاهه گدي پٺاڻ قبرستان حيدرآباد ۾ اٿس.