تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

ٻه اکر : سنڌ جي تاريخ کي سُونھري ورقن ۾ محفوظ ڪندڙ فقير محمد سنڌي...!

تاريخ جي سُونھري جهروڪن کي عوام الناس سان روشناس ڪرائيندڙ فرد غيرمعمولي صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن. ساڳي ريت سنڌ جي تاريخي واقعن توڙي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي تاريخ ساز ڪارنامن بابت نئين نسل کي شھڪار ڪتاب ارپيندڙ فقير محمد سنڌي پڻ جديد سنڌي ادب جي تاريخي شعور کي سھيڙندڙ هڪ نامور نانءُ آهي، جنھن پنھنجي جذبي، جرئت ۽ ذاتي دلچسپي وارن گڻن سبب سنڌ جي ادبي تاريخ سھيڙڻ ۾ منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي سان تعلق رکندڙ موئن جي مٽيءَ جو بيباڪ ڪردار فقير محمد سنڌي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي منظر ۽ پس منظر کي تاريخي ڪئنواس تي رنگ ڀري رهيو آهي.
فقير محمد سنڌي ايامن کان وٺي سنڌي ادب جي وشال دامن کي نج تاريخي معلومات توڙي سائنسي سوچ جو خزانو ارپيندو رهيو آهي. فقير محمد سنڌي جي شخصيت جو محور مٺڙي سنڌ آهي تنھنڪري ڪٺن حالتن ۾ به پنھنجي حصي جو ڪارج مڪمل ڪندو رهيو آهي. سندس هيءُ نڪور تاريخي ڳٽڪو ”تاريخ جو منظر ۽ پس منظر” نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ هڪ اهڙو دستاويزي ڳٽڪو آهي جنھن جي ورق ورق ۾ قديم ۽ جديد سنڌ جو سنگم وڄ وراڪا ڪندي نظر پيو اچي.
فقير محمد سنڌي گهڻ رخي شخصيت طور صحافت، ادب، شاعري ۽ تاريخي مواد جي سھيڙ رکندڙ هڪ نرالو ادبي نانءُ آهي، جنھن کي پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان سُٻنڌ، عوامي اڪيرتا ۽ ماروئڙن جي محبت مڪمل ادبي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو آهي. سندس ويروتار وجود ۾ هڪ پاسي مرڪون، کل ڀوڳ، ٽھڪ ۽ سندس وڏماڻهپي جو هڪ اهم مثال آهن ته ٻي طرف سندس گوناگون مصروفيتن باوجود صحافت جي اهم شعبي کي ڀرپور وقت ڏيڻ، ريڊيو جي دنيا ۾ پنھنجا جوهر مڃائيندي بھترين پروگرام ترتيب ڏيڻ، ادبي توڙي سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي قلمي پورهيي سان مسلسل نڀاءُ ڪرڻ سندس عظمتن جا اهڃاڻ آهن.
يقينن موجوده دور جون بحراني ڪيفيتون هڪ قلمڪار دوست لاءِ سازگار نه آهن پر پوءِ به فقير محمد سنڌي جھڙا اڻ ميا ۽ املهه انسان وقت جي بدترين وهڪرن جو رخ موڙي وطن، سماج ۽ عوام الناس جي بھتري لاءِ هر دوزخ کي پار ڪرڻ جي لازوال سگهه ساريندي قوم کي آرٽ جو لافاني جوهر پڻ ارپيندا آهن. موجودهه دور جي بدترين سياسي ۽ سماجي حالتن کي برداشت ڪندي تاريخ جي اٽل موضوع تي قلم کڻندي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي کي قلمبند ڪندي فقير محمد سنڌي ڪڏهن به مُڙي پوئتي ناهي نهاريو. تنھن ڪري، سندس لڳاتار جذبي ۽ همتن کي هرگز به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. جديد سنڌي ادب جي تاريخي تقاضائن ۽ تاريخ ساز لمحن کي آسان ٻولي ۽ آسان ترتيب سان سھيڙيندي فقير محمد سنڌي جو پورهيو کيرون لھڻي.

جــيــھــــــا ســــي تـيـھـــا مـــــون مــــــارو مـڃــئــــا،
مـــون جـــيــــڏيـــون مـلـيـــر ۾ چـونـڊن مـوڪ ميھا،
منھنجي آس اھا ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

ـ ڀلارو ڀٽ ڌڻي
ثناءُ الله عتيق چنجڻي
لاڙڪاڻو.