شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

ٻه اکـــر: نجيب الله کوهارو

مون کي چٽي طرح ياد آهي، جڏهن آءٌ صبح جو سوير تاريخ 21.11.2011 بروز سومر تي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيس، جڏهن بابا سائين کان موڪلائڻ آيس ته چيائين، ”يار! ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ آءٌ کيس وراڻيو ته بابا ڊيوٽي تي پيو وڃان، چيائين، ته منهنجي طبيعت ۾ مزو نه آهي، مون کي ڪراچي وٺي هل. ته آءٌ اچرج ۾ اچي ويس، ۽ حيران ٿي کيس ڏٺو، ڇاڪاڻ ته بابا سائين ڪراچي شهر سان خاص محبت نه رکندا هُيا، جو سندس دل جو آپريشن ۽ هڪ ٽنگ جو آپريشن پڻ اُتي ڪرائي چڪا هياسين. سندس چوڻ مطابق ته ”ڪراچي ڏائڻ شهر آهي“ ۽ اڄ وري اِهو اسرار ته مون کي ڪراچي وٺي هل. اڄ بابا جي اکين ۾ هڪ عجيب خمار هيا، دل جي نه چاهيندي به آءٌ ۽ امي ۽ ننڍو ڀاءُ احسان کيس ڪراچي کڻي پئي آياسين، بابا سائين رستي ۾ تمام بي چيني ظاهر ڪئي ۽ هلندي هلندي اسان ”ڀٽ شاهه“ پهتاسين، بابا سائين اتي دعا گهري ۽ پوءِ اڳتي روانا ٿياسين، ڪراچي شهر ۾ پهچي آءٌ هڪ عجيب آندماند محسوس ڪئي. ان ڏينهن تي آرام ڪري ٻئي ڏينهن”قطر اسپتال“ وياسين، جن ڪجهه ٽيسٽيون لکي ڏنيون ۽ داخل ٿيڻ جي تاريخ ڏني، بهرحال تاريخ 25.11.2011 تي جمعي جي ڏينهن قطر جي سرجري واري وارڊ ۾ داخل ٿياسين، جتي بابا سائين کي بيڊ نمبر هڪ مليو. اسان سڀ تمام بي چين ۽ سندس صحت لاءِ دعاڳو ٿياسين، جتي ڊاڪٽر اصغر اچي کيس طبعيت ڏٺي، پوءِ اسان کي آپريشن جي تاريخ 30.11.2011 ڏني ۽ پڻ چيو ته ڪنڊيشن تمام نازڪ آهي، جو اتي بابا سائين جي دل جي ڌڙڪن پڻ برابر نه هئي. پر حالات هٿان مجبور هياسين، ۽ آخر تاريخ 30.11.2011 بروز اربع تي سندن آپريشن ٿيو، مگر شام کان رات گذري، بابا سائين کي هوش اچڻ خاطر تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون، مگر حالت تمام پيچيده هئي. آخر تاريخ 01.12.2011 تي بابا سائين اک کولي، جڏهن آءٌ سندن بيڊ جي مٿن کان قرآن ڪريم جو ورد ڪري رهيو هيس. بابا اتي ائين ٿورڙي اک کولي مگر ڪجهه به نه ڳالهايو، ڀانيم ته اڃان خماريل آهن. نيٺ ڇنڇر 03.12.2011 تي کين پوري طرح هوش آيو، اتي مان سندن کان پڇيو ته بابا سائين اوهين سڃاڻيو پيا ته آءٌ ڪير آهيان؟ ته پاڻ وراڻيو ته ها! ”شان پٽ“، ته احساسن منهنجي اکين مان لڙڪ ٽميا، ته بابا سختي جو اظهار ڪندي چيو ته روئين ڇو ٿو؟ روءُ نه، ”الله پاڪ کان مهلت ملي آهي، جو 17 تاريخ تي واپس وڃڻو اٿم.“ اهي لفظ ٻڌي آءٌ حيران رهجي ويس، سندن ڳالهه کي جاري رکندي پڇيم ته بابا اوهان ٻيو ڇا ڏٺو؟ اتي پاڻ چيائين ته ڏسان ٿو ته هڪ تمام وڏو پاڻي جو جهاز آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جا بزرگ چڙهن پيا، آءٌ به ان ۾ سوار ٿيس، جتي ڪجهه ملائڪ مون کي وٺي ”الله تعاليٰ“ جي بارگاهه ۾ آندو، جتي رب پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو، ۽ پاڻ فرمايائون ته ”تون هينئر وڃ، جو تنهنجي تاريخ 17 تي آهي ۽ تون پنهنجن کان موڪلائي اچ“. سو هينئر تون ڀينرن ۽ ڀائرن کي گهراءِ ته آءٌ سندن سان ملي وٺان ۽ ائين بابا سائين سڀن کان موڪلائڻ واسطي هن جهان ۾ ڄڻ ته ٻيهر موٽي آيا.
بهرحال! ڏينهن گذرندا پئي رهيا، مگر بابا جي نيڻن ۾ ننڊ نه پئي آئي. آءٌ ۽ ٻيا بابا سان موجوده گهر ڀاتي تمام بي چين رهياسين.
دؤران انهن ڏينهن جي بابا بيڊ جي ڀت ڏانهن اکيون ڪري چوندا هيا، ته ”ٻَڌو ڇو ٿا؟ مووي رڪارڊ ڇوٿا ڪريو؟“ آءٌ کيس ڏسندو ئي رهندو هيس، پر مون کي 17 تاريخ تمام گهڻو پريشان رکيو ته آخر بابا 17 محرم پئي چئي يا 17 ڊسمبر؟ نيٺ 16.12.2011 تي شام جو تقريباً 4 بجي بابا سائين چيو ته مون کي ٻاهر ته وٺي هل، جو گهڻا ڏينهن سمهي سمهي بي چين ٿيو آهيان، ۽ آءٌ کيس وِيل چيئر تي ويهاري کيس کڻي آيس ٻاهر. جتي بابا فرمائش ڪئي ته مون کي نارانگي کارائي. آءٌ کيس نارانگي جي هڪ ڦاڪ ڏني ته بابا سائين چيو ته نه هي ڦاڪ کٽي آهي. مون کي مٺي ڦاڪ کاراءِ. پوءِ بابا سائين چيو ته مون کي کير پيار ته آءٌ ثمر ساڻ کڻان، مون نه پئي سمجهيو ۽ کيس کير ٺاهي ڏنو، بابا سائين کير پيتو ۽ چيائين ته واپس اندر وٺي هل جو سيءُ ٿو ٿئي. آءٌ کيس واپس I.C.U ۾ ويل چيئر تي کڻي پئي آيس، پر بابا سائين جون نظرون صرف مون ۾ ئي رهيون، آءٌ کيس بيڊ تي سمهاريو، بابا سائين مون کي اکين جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيو، آءٌ کيس ڪنڌ جهڪائي ٻڌڻ لڳس، ته ڪن ۾ کاڏي تي هٿ رکي چيائين ته پٽ هاڻي موڪلاڻي آ! پويان گهر جي ماءٌ ۽ ڀائرن ڀينرن جي توکي پارت هجي! ائين چئي آخري ڪلمو پاڪ پڙهي اکيون بند ڪيون، جو شام جا 4:15 ٿيا هئا ۽ بابا سائين هڪ دفعو ٻيهر ”ڪوما“ ۾ هليو ويو ۽ اسان وري ڳڻتي ۾ گذاري سندس لاءِ ڌڻي در دعائون ڪرڻ لڳاسين ۽ انتظار ۾ پوري رات گذري وئي ۽ نئين سج جي آمد 17.12.2011 ڄڻ اسان جي لاءِ ڪنهن غم جو پيغام آندو هجي. ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ افسوس! منجهند جو 1:45 تي نسرين نالي هڪ نرس اچي اها ڏکائتي خبر ڏني ته ”توهان جو والد هي فاني دنيا ڇڏي، راهه رباني ڏانهن روانو ٿي چڪو آهي!“
ائين بابا اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو. الله پاڪ کان اها دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪندو.
(آمين)