شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

ڳُڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو!: شاهده کوکر

خدا هر انسان کي هڪ ئي مٽيءَ مان ٺاهي هن دنيا ۾ موڪلي ٿو ۽ پوءِ هر هڪ جي فطرت جو الڳ الڳ نمونو هجي ٿو ۽ هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سرهاڻ، خوشبو، مڻيا ۽ ڪردار هجي ٿو. اهڙو ئي هڪ نرالي فطرت جو مالڪ پنهنجي ذات ۽ هن سنڌ ڌرتيءَ تي چمڪي چنڊ جيان نروار بڻجي ادا حفيظ کوهارو پيدا ٿيو. مون وٽ اهڙا لفظ ئي ڪونهن، ڇو ته ادا حفيظ جي شخصيت تي اڃان ڪجهه اُتم لفظ هجن جو مان ساڻس شخصيت تي لکي سگهان. ڇوته، ادا حفيظ هر لفظ جي اکر ۾ ساراهه سان ٽمٽار آهي. جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي شخصيت ۽ ڪردار تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ شاهه لطيف رح جو هي شعر لکجي ويندو آهي ته؛
مـــاڻــهــو سڀ نه ســـهڻـــا، پـــکــي سڀ نه هـــنــج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
ته سچ به ماڻهو ته ماڻهو هجن ٿا، پر انهن منجهه ڪي ماڻهو انسان بڻجي هڪ خوبصورت گلن جيان خوشبوءِ کيڙي، چوگرد سرهاڻ جا دروازا ٺاهي ماڻهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪري ڇڏن ٿا. مان ادا حفيظ کوهاري جي شخصيت تي اگر لکڻ ويهان ته يقينن هڪ ڪتاب لکجي وڃي. ڇو ته آئون ادا حفيظ کي پنهنجي هوش سنڀالڻ سان ئي پنهنجي پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ ڏٺو. هر پاڙيسريءَ کي پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ جي نگاهه سان ڏسندي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ادا حفيظ جن جو گهر هڪ پيار ڪرڻ وارو گهر چئجي ته به وڌاءُ ناهي. ڇو ته شروع کان ئي سندن گهر جي هر ڀاتيءَ کي اسان سان پيار آهي. ان زماني کان جڏهن ادا حفيظ جن جا والد محترم چاچا حامدالله جيڪي پڻ هڪ وڏا مصور هئا. جيڪي پڻ هڪ زنده دل انسان هئا. انهن جو به اسان نياڻين سان ايتري محبت هوندي هئي جو اسان پاڻ ۾ پنج ڀينريون ئي سندن گهر ۾ ننڍيون ٿي وڏيون ٿيون سين، جو اڄ به اسان سندن گهر مان اهوئي پيار ۽ سڪ پسيون ٿا. ادا حفيظ جيڪي سدائين کِلمُک، مذاقي، روئڻ واري کي به کلائي ڇڏي. سندن اهڙي طبيعت جو جنهن وقت سندن گهر وڃون ته عورتن کان وڌيڪ ادا حفيظ جن جو قرب ۽ ڪچهري وڌيڪ هوندي هئي. پاڙيسريءَ جي ناتي ادا حفيظ جن اسان سان وڌيڪ پيار ڪندا هئا. جو انهن جي محبت ۽ قرب اسان کي وري وري ڇڪي سندن گهر وڃڻ تي مجبور ڪندو هيو. بيماريءَ دوران ادا حفيظ جن ڏانهن ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو. ايتري تڪليف هوندي به ادا حفيظ اهو محسوس نه ڪرايو ته آءٌ ڪنهن تڪليف ۾ آهيان. زنده دل انسان، جنهن جي انسانيت جو مثال اسان جي دلين ۾ هڪ تاريخ بڻجي چڪو آهي. جيڪا تاريخ ڪڏهن مِٽجي نٿي سگهي.
يادن جي دريءَ ۾ جڏهن جهاتي پائيندي ڏسون ٿا ته ادا حفيظ کوهارو جو چهرو هڪ سچي ۽ شفاف آئيني جيان آڏو اچي ٿو. بيماريءَ دوران جڏهن، ادا حفيظ هڪ ٽنگ کان محروم ٿي چڪا هئا ۽ اسان ساڻن عيادت لاءِ گهر وياسون ته ڳالهين دوران ادا حفيظ جي تڪليف کي ڏسندي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ان ويل هي زنده دل انسان پوءِ به کلندي اسان سان ڳالهائيندو رهيو ۽ اهو به محسوس ڪرڻ نه ڏنائين ته آئون ڪنهن تڪليف ۾ آهيان، سندن زنده دلي جو اهو به هڪ ثبوت ڪافي آهي ته ان حال ۾ بيساکيءَ سان به هڪ ڊرامي ۾ پڻ ڪم ڪيائون. فن سان وڏي چاهت هُينِ. ادب جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون وغيره لکندا هئا.
ادا حفيظ کوهارو، زندگيءَ ۾ ڏک کي ڏک ڪري ظاهر نه ڪيو پر ڏکن کي اندر ۾ لڪائي چهري تي ڪڏهن ظاهر نه ڪيائون. پر مسڪرائيندا ۽ مهڪندا رهيا. ڏک ۾ مسڪرائي چوندا هئا ته ڇڏيو ڏک جي ڳالهه نه ڪيو پر خوشين ۽ زندگيءَ جي ڳالهه ڪيو. ڇو ته زندگي چار ڏينهن هجي ٿي. خوش ٿي گذارجي ۽ حقيقت به اها آهي ته ادا حفيظ تڪليفن ۽ ڏکن ۾ به مسڪرايو ۽ خوش رهيو. ايترو زنده دل انسان، پر اتي مان اهو ضرور چونديس ته ادا حفيظ جن سان دنيا وارن ايتري وفا نه ڪئي جيترا هو پاڻ سٺا باڪردار انسان هئا. ڇوته سندن پنهنجن رشتيدارن به تڪليفن ڏيڻ ۾ ڪين گهٽايو. پر پوءِ به هي انسان خوبين جو مالڪ زنده دلي جو ثبوت ڏيندي ڪنهن سان سينو نه ساهيو. اهڙي انسان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اسان ساڻن شخصيت ۽ ڪردار جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهون. پر آخر ۾ آئون ايترو ضرور چونديس ته اهڙا انسان گهٽ ئي پيدا ٿين ٿا جيڪي پنهنجو نالو روشن ڪندي هر ماڻهوءَ جي زبان تي سندن شخصيت ۽ ڪردار جا ڳڻ ڳائيندا رهن. سو سچ به ادا حفيظ کوهارو هڪ باڪردار ۽ خوبين جو اڻکُٽ خزانو هيو. اهڙي شخصيت جنهن جو نالو ساراهه ۽ نيڪيءَ سان گڏ ماڻهن جي زبان تي اچي ٿو. ماڻهو ته مري وڃن ٿا پر انهن جو ڪردار پويان پنهنجي نيڪي ۽ خوبيون ڇڏي وڃن ٿا. سو اڄ ادا حفيظ کوهارو جن پنهنجي پويان اها نيڪي ساراهه ڇڏي ويا آهن جو اسين ساڻن ياد ڪندي اهو ئي چئون ٿا ته سچ ۾ ادا حفيظ - ادا حفيظ هيو.
ڳُڻَ جنهن جا ڳائن ماڻهو،
سي ئي انسان آهن ماڻهو.