انيڪ خوبين وارو شخص: گل سليم اعواڻ
پر حفيظ الله ولد حامدالله کوهاري جهڙي گهڻن ڳڻن واري شخص جي زندگي جي باري ۾ لکڻ ڪجھه ڏکيو ڪم آهي. سندس زندگي جي هر پهلو کي لکڻ لاءِ جدا جدا مضمونن جي ضرورت آهي.
آءٌ پنهنجي باري ۾ اهو چئي سگهان ٿو ته مون کي حفيظ الله جي زندگيءَ جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ آهي. پوءِ اها سندس ابتدائي دور هجي يا سندس آخري گهڙيون هجن، سندس حياتي جو هر هڪ دؤر ٻين لاءِ هڪ سبق ۽ قابل تقليه عمل آهي.
سندس والد سائين حامد الله 1956ع ۾ ڊرائينگ جو امتحان ۽ ماستري جي ٽريننگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڪٽنب سميت ڳوٺان لاڙڪاڻي لڏي آيو. اهو سندس هڪ سٺو عمل هيو، ان جي ڪري سندس سموري اولاد تعليم حاصل ڪري سگهي.جيتوڻيڪ هو هڪ پرائمري استاد هيو پر هن پنهنجي اولاد پٽن ۽ ڌيئرن کي پنهنجي ٻين مائٽن کان بهتر تعليم حاصل ڪرڻ م مدد ڪئي،هن فالتو وقت ۾ مصوري ڪري اضافي آمدني حاصل ڪئي-سندس خاص هنر ڪپڙي ۽ شيشي تي مصوري هئي، ڪپڙي تي مصوري ۾ منهنجي نظر ۾ سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ هن جهڙو ڪو به ماهر ڪو نه هيو نه وري اڄ آهي
پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ حفيظ الله کي مصوري لاءِ وڌيڪ لاڙو ۽ شوق هيو ۽ هن پوءِ ان ۾ پنهنجي سگهه آهر ڪمال حاصل ڪيو.
هن ڊرائينگ ۾ انٽر ۽ ماسٽرس ۾ سڄي سنڌ ۾ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪري ڊرائينگ ٽيچر جي نوڪري ڪئي.
ڊرائنگ جي امتحانن کان علاوه هن M.A جي ڊگري به حاصل ڪئي.
هي ته عام ماڻهن واري ڪهاڻي آهي پر جيڪي ڳالهيون حفيظ الله کي ٻين جي ڀيٽ ۾ نمايان ڪن ٿيون اهي هن ريت آهن.
هن ننڍي هوندي ميٽرڪ پاس ڪري نوڪري ڪئي جيئن ته هو پنهنجي ڀائرن جي پڙهائي ۾ پنهنجي پيءُ جي مدد ڪري سگهي ان لاءِ کيس حيدرآباد وڃڻو پيو. اتي هو تمام سادگي بلڪه ڪجھه قدر ڏکيائي سا گذارڻو پيو.
ڊرائينگ ماسٽر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي گهر واري جي تعليم تي توجه ڏني. جيئن ته هن جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي ان ڪري سندس گهر واري جي پرائمري تعليم کان سائنس جي ڊگري تائين حفيظ الله جي توجه ۽ مدد جو هٿ آهي. سندس گهر واري پنهنجي خاندان ۾ پهرين ڊگري يافته آهي.
هڪ ننڍي پگهار وارو ٽيچر ٿي ڪري (ان وقت ماسترن جي پگهار تمام گهٽ هوندي هئي ۽ ڊرائينگ ٽيچر جهڙوڪ فڪس هوندي هئي) به هن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ تعليم ڏياري ايتري قدر جو سندس نياڻيون به ڊگري هولڊر آهن
چوڻ ۾ ته حفيظ الله هڪ ڊرائينگ ٽيچر هيو پر هن اسڪول جي ٻارن جي هر شعبي ۾ مدد ڪئي ۽ همٿايو هن ٻارن لاءِ هنري نمائشن، ڊرائينگ جي نمائشن، ڊرائينگ جي امتحانن، اسڪائوٽنگ، تقريري مقابلن، ڊرامن ۽ ملڪي ٽوئرس لاءِ انتظام ۾ مدد ڪئي اسڪول جو ڪو اهڙو فنڪشن ڪو نه هوندو هيو جنهن ۾ حفيظ الله جو انتظام نه هجي هو ذاتي طور به انهن ۾ حصو وٺندو هيو ۽ پڻ ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيائين.
ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت ۾ هو هر سال پنهنجي اسڪول جي شاگردن جي تياري ڪرائيندو هيو پر شهر جي ٻين اسڪولن جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي تياري ۾ مدد ڪندو هيو. ايتري قدر جو ڪيترن شاگردن کي ماسٽرس امتحان ۽ ملڪ جي آرٽس ڪاليج جي امتحانن جي تياري ڪرائي کين نمايان حيثيت ڏياري.
هن کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ، جاگرافي ۽ فنن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ هئي. ايتري قدر جو فلمن ۽ موسيقي جي باري ۾ ماهرانه معلومات هئي.
حفيظ الله جتي به نوڪري ڪئي اتي جي اسڪول جي ڊرائنگ هال بلڪه ورانڊن کي تصويرن ۽ معلوماتي چارٽن ۽ نقشن سان سينگاريو.
نوڪري کان علاوه هن ڊرائنگ جي شعبي ۾ ذاتي ڪم به ڪيو. هن شهري توڙي ڳوٺاڻي زندگي جي هر پهلو ۽ هر هنر تي تصويرون ٺاهيون.
هن پنهنجي سنڌ صوبي جي اديبن، شاعرن، سياستدانن، مصورن سماجي ڪارڪن جا پورٽريٽس ٺاهيا.
هن جو سڀ کان وڏو ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٽيهن سرن تي تصويرون ٺاهيون. هونءَ ته ٻين مصورن به شاهه جي بيتن تي مصوري ڪئي پر هنن گهڻو ڪري علامتي تصويرون ٺاهيون يا ڪن مخصوص موضوع ۽ بيتن کي اجاگر ڪيو آهي. پر حفيظ الله انهن (ٽيهن سُرن) تي منظرڪشي ڪئي آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ادارو يا حڪومت حفيظ الله کوهاري جي محنت کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري.
گل سليم اعواڻ
مرحوم جو استاد
۽ پاڙيسري