شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

مخلص انسان: مسرت ابڙو

مرڻ اڳي جي مئاسي مري ٿين نه مات
هـونـدا سـي حـيـات جيئڻ اڳي جي جيـا

سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ان عظيم انسان بابت جيترو لکجي اهو گهٽ هوندو. اهڙا عظيم انسان دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي محبتن جي سونهن ۽ سوڀيا سان هن سنسار کي مهڪائي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي هجڻ جو ثبوت هن دنيا ۾ سرهاڻ ۽ خوشبو جي صورت ۾ ڏيندا آهن. هو نه صرف ”مهان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺهيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن الله جي زمين تي محبتن جا گل وکيرڻ وارو هي عظيم انسان ۽ قدرت جو حسين شاهڪار هن فاني دنيا مان اسان کان ائين وڇڙي ويو جيئن گلاب جو گل وقت کان اڳ ڪنهن خزان جي موسم جي ور چڙهي ويو هجي. نه چاهيندي به اسان کان هميشه لاءِ جدائيءَ جا گهاءَ، اسان جي دلين تي لڳائي پنهنجون حسين يادون ۽ محبتون اسان لاءِ امر بڻائي ويو هجي.
هو تخليقي سوچ رکندڙ ۽ محبتن کي ورهائڻ وارو انسان جسماني طور ته اسان کان جدا ٿي ويو پر سندس محبتون ۽ مسڪراهٽون اسين ڪڏهن به نه وساري سگهنداسين ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.
اڄ نــــه اوطـــاقــــن ۾ طـــالــــب تــنـــــواريــــن
آديـسـي اٿــي ويــا مــڙهـيــون مــون مــاريـــن
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا