شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

عظيم فنڪار: الله وڌايو شيخ

1974ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ايمپائر سينيما تي اسان جي دوستيءَ جي شروعات ٿي هئي، ان دور ۾ اسان ٻنهين جون ٺهيل تصويرون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون، ان ڪري گفتگو جي شروعات به ڊرائنگ جي فن بابت ٿي هئي.
ايمپائر سينيما جي سامهون پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو چانهن جو هوٽل هوندو هو، هڪ دفعي ان هوٽل ۾ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي کي ويٺل ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، ان وقت مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو هو.
ٻن ٽن سالن کان پوءِ مون انٽر تائين تعليم حاصل ڪري مسٽر حفيظ کوهاري کي چيو ڀائو آئون ڊرائنگ جي فن سان دلچسپي رکندڙ آهيان، ڇا آئون ڊرائنگ ٽيچر ٿي سگهان ٿو؟ مسٽر حفيظ فرمايو ان لاءِ توکي انٽر ڊرائنگ جو امتحان به پاس ڪرڻو پوندو. انٽر ڊرائنگ جي امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ آيو هوس ان وقت مسٽر حفيظ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ نئون آيو هو، پاڻ تعليم يافته خاندان سان تعلق رکڻ وارو خوبصورت نوجوان، ڪلين شيو، خوش پوش رهندو هو.
مسٽر حفيظ کي ڊرائنگ جو فن پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو هو، استاد حفيظ جو والد صاحب محترم حامدالله کوهارو خوبصورت تصويرون تيار ڪندو هو ۽ ڊزائين ٺاهڻ جو وڏو ماهر هوندو هو.
جڏهن آئون ڊرائنگ ٽيچر ٿيس ته مون کي ٽريننگ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، هڪ سال کان پوءِ ٽريننگ پوري ڪري جڏهن آئون لاڙڪاڻي واپس آيس ته مون کي پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ پوسٽ آرڊر مليو. پائليٽ هاءِ اسڪول جهڙو عظيم ادارو هجي ۽ مسٽر حفيظ کوهاري جهڙو عظيم فنڪار دوست هجي ته ڪيترو نه مزو هوندو.
اسڪول ۾ جڏهن ڪوبه فنڪشن وغيره يا ساليانو ڊرائنگ جو امتحان وغيره شروع ٿيندو هو ته آئون مسٽر حفيظ سان گڏ هوندو هوس، اسڪول ۾ سائين حفيظ جي استاد ۽ شاگرد ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
سائين حفيظ رات ڏينهن سخت محنت ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي ڊرائنگ جو ماهر بڻائي ڇڏيو هو ۽ اسڪول جي ڊرائنگ هال کي خوبصورت تصويرن سان سينگاريو هئائين.
ڪجهه عرصو پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي حيثيت سان رهي ڪري مون ڊرائنگ بابت سينيئر استادن کان گهڻو ڪجهه پرايو.
هڪ ڀيري سائين حفيظ مون کي ۽ مسٽر رياض احمد کوهاري کي صلاح ڏيندي چوڻ لڳو، تعليم ۾ گريجوئيٽ ته آهيو پر جيڪڏهن نوڪريءَ ۾ ترقي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڊرائنگ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪريو، امتحان جي تياري لاءِ منهنجي ۽ مسٽر رياض احمد کوهاري جي ڊرائنگ ورڪ ۾ تمام گهڻي مدد ڪيائين. 1993ع ۾ اسان ٻئي امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد روانا ٿياسين، ڊرائنگ ماستر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي 17 گريڊ جا آفيسر بڻجي وياسين.
پاڪستاني چوڪ جي ڀرسان مسٽر حفيظ جو گهر هو، ڪڏهن ڪڏهن آئون استاد حفيظ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس اوطاق ۾ ويندو هوس ته نيون نيون ٺهيل تصويرون ڏيکاريندو هو ۽ مزيدار آکاڻيون ۽ لطيفا وغيره ٻڌائي دوستن کي ڏاڍو کلائيندو هو، پاڻ نهايت شريف ۽ خوش مجاز انسان هو ۽ انسان ذات جي هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو.


الله وڌايو شيخ
ڊرائنگ ماسٽر
02.02.2012