شخصيتون ۽ خاڪا

ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

حفيظ الله کوهارو رنگن جي دنيا وسيلي سڄي دنيا کي رنگين ڪري ڇڏيو، جنھن جا هٿ تہ ڪمال سان برش کي هلائڻ ۾ مھارت رکندا هئا، اهڙي ريت سندس حسن اخلاق بہ ان مصوريءَ جھڙي حسناڪي رکندڙ هو.حفيظ الله کوهارو ڀٽائي سرڪار جي سڀني سُرن کي مصوريءَ جو ويس ڏئي. اڃا بہ پنھنجي تاريخ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ڪونہ ڇڏي. هو نہ صرف ”مھان“ آرٽسٽ هيو، پر قدرت جو تخليق ڪيل محبتن جي مٽيءَ مان ٺھيل هڪ مجسمو هو، هن جي مَنَ ۾ قدرت جا اهي سڀ رنگ سمايل هئا جيڪي هڪ عام ماڻھوءَ کي عظيم انسان بڻائيندا آهن.

Title Cover of book ڳڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو(حفيظ کوهارو، فن ۽ شخصيت)

الوداع حفيظ : نظام الدين سومرو

ڇــنــي گــل گــلاب جــا ڪــيئــه ڌارون ڌار
موت توتي ميار ڏيندس ڏينهن قيام جي
اڄ پهريون دفعو لکڻ لاءِ هٿ ڪنبي رهيو آهي. هن هٿن سان ڪيترائي ڪتاب لکيا پر ائين ڪنبڻيءَ ڪڏهن نه ورتو، ڪنبن به ڇونه جڏهن هي اکيون آليون به هٿن جو ساٿ ڏيئي ويٺيون آهن. ڇو ته احوال به ان پاڪ روح جو آهي جنهن ستت ئي بي وفا دنيا کي الوداع چئي مالڪِ حقيقيءَ سان وچن نڀايو آهي.
”الــســت بــربــکـم“ جـڏهـن ڪَـنِ پـيــوم،
”قـالو بليٰ“ قلب سين تڏهـن تـت چـيـوم،
تنهين وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سين.
جي ذڪر منهنجي ان دوست حفيظ الله کوهاري جو جيڪو مون لاءِ ابي امڙ کانپوءِ تسلي ۽ آٿت هيوم. هونءَ به مون بدنصيب لاءِ خوشيون گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪنديون آهن پر هي حفيظ الله جي وڇوڙي جو هن عمر ۾ صدمي ڪمر ٽوڙي رکي آهي هو منهنجي اکين ۾ منهنجي جگر ۾ تيستائين هوندو جيستائين هي به ڏيوگل نٿو ٿئي. اچو ته ان عظيم هستيءَ ۽ منهنجي دوستيءَ جو مختصر ذڪر اوهان جي گوش گذار ڪريان. ٺيڪ ڏهن سالن جي عمر ۾ اسين ٻئي يعني حفيظ الله ۽ آءٌ نظام الدين سومرو ڇهين درجي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ گڏ ٿياسون استادن به هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر بي سود. آءٌ پنهنجي دوست کي ڊيوٽيءَ جيان سوير ساڍي ستين وڳي دروازي تي اسڪول وڃڻ لاءِ آواز ڏيندو هيس ۽ واپسي به گڏ ٿيندي هئي. ڪيترن موقعن تي ٻالڪپڻ ۾ واقعا به جنم وٺندا رهيا. ڪي مزاحيه ته ڪجهه سنجيده ليڪن اُهي واقعا وسرڻ جهڙا به نه آهن. پڙهندي پڙهندي هڪ نئون استاد ڪلاس وٺڻ لاءِ آيو، جنهن انگريزيءَ ۾ اچاريل نالا هن ريت پئي اچاريا جيئن ته رجب علي کي راجابالي، شوڪت کي شافوڪوري نظام الدين کي نڍيڍ دين حفيظ الله کي حفن مولا. ان هندو استاد جي اچارن تي اسين روز ٻئي دوست پيا کلندا هياسين. اهڙي طرح اسڪول ته اسڪول پر شام جو پڙهڻ گهمڻ سدائين گڏ ٿيندو هيو. هر روز ريڊيو کڻي يار مون ڏانهن ايندو هيو. اتي محلي کان ٻاهران ٻنين ۾ ويهي ڪچهري به ڪندا هياسين ته ريڊيو به ٻڌندا هياسين ۽ هميشه اسڪول جي ئي زماني کان ئي مون جهڙي حرڪتي مگر ڊرپوڪ کي سندس جون تسليون پئي همت ڏيارينديون هيون هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مان هاسٽل ۾ پڙهائي خاطر رهندو هوس جتي منهنجا ڪلاس ميٽ گوهر بروهي، ربنواز بروهي مان نظام الدين ۽ هڪ انتهائي قداور ڳوٺ جو اٻوجهه بروهي نالي کڻڻ کان سواءِ هاسٽل ۾ رهندا هياسون ته ٽيپهريءَ جي نماز تائين شاهه محمد ڊرائنگ ٽيچر پڙهائيندو هو هڪ ڏينهن سائين شاهه محمد جي طبعيت خراب هئڻ سبب ان بروهيءَ کي نالي کڻڻ کانسواءِ سائين شاهه محمد چيو ته اڄ تون نماز پڙهاءِ پٺين صف ۾ مان به هوندس. طبعيت ٺيڪ نه آهي مان بروهيءَ گوهر کي ڪن ۾ چيو ته سائين شاهه محمد غلطي ٿو ڪري ڄٽ کان امامت ڪرائڻ جي، هي ڪِنُ ضرور ڪندو. بروهيءَ گوهر چيو ته مان به پيءُ جو پٽ هوندس جو غلطي ڪندي ڇڏيومانس. ائين ئي ٿيو جڏهن هو نماز پڙهائڻ لڳو ته الحمد شريف پورو ڪرڻ بعد وچ نماز ۾ چيائين، سائين شاهه محمد اڳتي ڇا پڙهان پوءِ جيئن ئي هو ۽ ٻيا سڀ سجدي ۾ ويا مان ۽ گوهر بروهيءَ اڳٺ لٽڪيل کي ڇڪي وٺي گِهِلي مسجد کان ٻاهر ڇڏي ڀڄي وياسين. مان ڏڪندي اچي حفيظ وٽ ساهه پٽيو کيس حقيقت ٻڌائي هو کلڻ ۾ نه پئي ماپيو.. مان تنهن تي ناراض ٿي چيومانس ته منهنجو سِرُ ٿو وڃي سائين شاهه محمد ماريندو. هو سنجيده ٿي سياڻن وانگر تسلي ڏيندو رهيو ۽ ائين پڙهندي کيڏندي ڪامرس ڪاليج جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ پهتاسون. وري ايس وي ۽ پي ٽي سيءَ ۾ داخلا گڏ ورتي سون. دوستيءَ جي حالت اها هئي جو جيڪڏهن ڳوٺ به ويندو هو ته به ساڻ وٺي ويندو هو ۽ جي لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن ٻئي سان دوستيءَ تي به ناراض ٿيندو هيو ۽ رُسي ويندو هو. مان ننڍپڻ کان ئي کيس چوندو هيس ته رُسڻ ڪنهن کان سکيو آهين.
ائين کلندي – کيڏندي وقت گذرندو رهيو، ان وقت ٻنهي دوستن جا روح ان وقت ڏکي ٿيا جڏهن حيدرآباد چند مهينن جي ٽريننگ لاءِ کيس سائين حامدالله، ڀائو سعيد الله ۽ ٽيون اسڪول ميٽ اسٽيشن تي کيس ڇڏڻ وياسون. اهڙو پهريون احساس هيو ته دوستيءَ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي. ڪيترائي پهر سندس وڇوڙي ۾ نير وهائيندو رهيس، هڪ عرصي بعد اوچتو ئي سندس آواز ۾ منهنجي دروازي تي سڏ ٿيوم، آواز سڃاتم اهڙي خوشي مون کي دوستيءَ ۾ ڪڏهن ڪانه ملي. چيائين ته ڀائو فلم ڏسنداسون. مون چيومانس ته گهر وارا فلم جي نالي تي ڏاڍي مار ڏيندا آهن، پر تنهنجي دوستيءَ جي ڪري مار سهائبي. فلم هئي ديور ڀائي جا سندس ۽ منهنجي يادگار هئي. اُنَ کان پوءِ ڪڏهن به سندس کان سواءِ اڪيلي ڪا فلم ڪانه ڏٺي ۽ روز هڪ پليٽ رائل تي ڦڪڙ جي ڇولن جي ضرور کائيندا هئاسون ۽ رات جو به کٽ ٻاهر ڪڍي يارهين تائين پڙهندا هياسين. آخر اهو ڏينهن اچي ويو جو سلسلو روزگار منهنجو داڻو پاڻي ڪراچيءَ ۾ لکيل هيو. هن ڀيري سندس کي يعني پنهنجي يار کي هنجون هاريندي ڏٺم. مون کيس چيو ته يار هڪڙي جوڙي ۾ گهران نڪتو آهيان منهنجو حوصلو ڪمزور نه ڪر. هينئر اها عمر هئي جو اسان ٻارن ٻچن وارا ٿي وياسين. پر طبعيتن ۾ ڪنهن به قسم جو ڦيرو ڪونه آيو. مگر اهو حفيظ الله جيڪو مونکي سياڻن جيان سمجهائيندا هئا. غيرن اغيارن کيس اهڙو ستايو جنهن جو ارمان سموري زندگي هوندو. هر تڪليف ۾ مسڪرائيندڙ بلا جي سهپ رکندا هئا. موت کان اڳ کيس زندگيءَ ماريو هيو. لحاظ ڪندي مان وضاحت کان قاصر آهيان، پر جنهن وقت سندس ڳالهائڻ ٻڌندو هوس ته پنهنجي ڇاتي سان لڳائي کيس چپ ڪرائيندو هوس ته هميشه چوندو هو ته يار ڪهڙو دوست آهين. تسليءَ جي بجاءِ پاڻ به روئي ٿو ڏين ۽ مان اڪثر چوندو هوس ته يار الله اڃان توکي سهپ ڏي. اهڙن عذابن کان ته مان ڪراچيءَ ۾ چڱو آهيان. اهڙي وقت ۾ منهنجي امڙ جو وڇوڙو ٿيو. اها ڳالهه حفيظ الله لاءِ غم جو پهاڙ بڻجي ڪري ڇو ته فطري ڳالهه هئي ته امان الائي ڇو مون کان وڌيڪ حفيظ الله کي ٻچو ڪري سمجهندي هئي. امڙ وئي کان پوءِ حفيظ الله جي والده احتراماً بنا نالي کڻندي منهنجي امان رهي ۽ مان امڙ سان جڏهن به ملندو هوس امڙ جي صدمن سبب هنجون هاريندي ڏسندو هوس ۽ امڙ ائين چوندي هئي ته نظام حفيظ جي دل کير ۽ ڪوري لٽي جيان صاف اٿئي. هن ڏاڍا سور سٺا اٿئي. بس باقي ٿورو ٽائيم وٺندس اوچتو هن پاڪ روح جنهن نه زماني کان ڪجهه احسان ورتو نه ڪنهن کي رنجايو، فقط نيڪيءَ ڪرڻ پٺيان مليا ته سور مليا. اوچتو خبر ملي ته باءِ پاس لاءِ اٽيڪ کانپوءِ ڪراچيءَ پهتل آهن. اها خبر ڳڙي ڪِرڻ کان گهٽ ڪانه هئي. اتي مان پهتس ته اسپتال ڀاڄائي ۽ شان سندن خدمت ۾ هئا. مون کي ڏسي چيائين شان تِڪا وٺي اچ کائڻ تي دل ٿي چوي. تِڪا اچي ويا مشڪل سان ٻوٽي اڌ کائي چيائين ته بس مان نٿو کائي سگهان. مان چيومانس کاڌئي ڇا! ڀاڄائيءَ چيو ته ادا ايترو به توهان کي ڏسي کاڌو اٿائين.
هتي هڪ ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته جيئن ته قرآن ۾ فرمايل آهي ته نيڪ عورتون نيڪ مردن لاءِ نيڪ مرد نيڪ عورتن لاءِ. سو بيشڪ جس هجي ڀاڄائيءَ کي جنهن هر گهڙي حق زوجيت ادا ڪئي. آخري ڏينهن ۾ سڄي سڄي رات جاڳي، ننڊ ۽ آرام ڏيڻ باوجود جاڳڻ. سڀ ڳالهيون ٻار ٻچا، نوڪري وساري مڙس جي هڪ ڇڪ اچڻ تي فوراً ڊاڪٽر ڪرائڻ. پرديس جا پنڌ جاڳي لاڙڪاڻي ڪراچيءَ آڻڻ ٿيڻ. جس هجي ڀاڄائيءَ کي. حفيظ الله هميشه ڀاڄائيءَ جي وفاداريءَ جا واقعا روئيندي ٻڌائيندا هئا. خدا جو شڪر ادا ڪيم. باءِ پاس کان پوءِ بلڪل خوش هيا. اهي محفلون، مجلسون رهنديون هيون. مان جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو هيس ته صرف گهر ۽ حفيظ الله وٽ هوندو هئس.
ائين اوچتو وري الائي ڪهڙي نظر منهنجي دوست کي لڳي ويئي خوشخشي داڻي مان ڦلاهه ٿي ڄنگهه کي ڪاٽڻو پئجي ويو ۽ ان جي باوجود دنيا کي ڏندين آڱريون آهن جو ڪڏهن به قسمت کي نه ڪوسيائون. الٽو ٻين کي حوصلو ڏيندا رهيا. وري اوچتو لاڙڪاڻي مان فون آئي. فونيون ته هر ٻئي ٽئين ڏينهن پيا ڪندا هياسين، پر هينئر جا فون آئي سا اها ته ٻي ڄنگهه بتال کائي ويئي آهي. مان ڪراچيءَ ٿو اچان. شام مهل هن ڀيري خبر ناهي ڇو منهنجي مسز جلدي مون کي تيار ڪيو ۽ چيائين ته مان ادا حفيظ جي طبعيت پڇنديس. اسين وياسين بلڪل ٺيڪ چڱا ڀلا کلندي ڳالهائيندي مليا. ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ داخل ٿيا. مون کي چوڻ لڳا ته نظام هاڻي جڏهن تون مان رٽائر ٿينداسين ته پوءِ مان به ڪراچيءَ هميشه لاءِ لڏي ايندس. پوءِ وڌيڪ نوڪري نه ڪنداسين. ائين شان سان فون تي حال احوال ٿيندا هئا. ته گنودگيءَ واري ڪيفيت ۾ آهن، موڪل واري ڏينهن مان فون ڪري پڇيم ۽ چيم ته مان اچان ٿو قطر هاسپيٽل ۾ آءِ سي يو، ويم، ساڻس مليم، مون کي ڏسي خوشيءَ وچان منهن کوليائيون آواز نه نڪتو. مگر منهنجو دم نڪري ويو. صرف ٻه لڙڪ لار ڪري نڪتا، سندن جا ڳوڙها هٿن سان اُگهيا. گهران منهنجي اسپتال ۾ فون آئي ته اسان ادا حفيظ لاءِ سورة ياسين جو ورد ڪري رهيا آهيون، پاڙي جون نياڻيون پڙهڻ لاءِ آيون آهن. هاڻي سندن طبعيت ڪيئن آهي. ڪجهه دير لاءِ ڀاڄائيءَ سان ڳالهه ٻولهه به ٿين. ائين ٻئي موڪل جي انتظار ۾ هئاسين ته اوچتو لاڙڪاڻي مان نياڻيءَ جي فون آئي ته بابا ٽي وي کوليو. سنڌ ٽي وي کي ڏسو. چاچا حفيظ الله رحلت ڪري ويا آهن. ان کان اڳ ۾ مان شان کان پڇا ڪيم، جنهن جي خبر منهنجي مٿان وِڄُ جيان ڪڙڪي ۽ اڄ سميت دل هنجون هاري رهي آهي، ته مان لاڙڪاڻي حفيظ کي ڪٿان ڳولهيندس. اهي گهٽيون جايون ويران ڏسي ڪٿي سڪ پائيندس.
منهنجو دوست ڪنهن جو ڪجهه به نه کڻي ويو آهي، هن ٻين تي ٿورا ته ڪيا هوندا. پر پاڻ ستايل ضرور هئا، ڪڏهن مٿي تي گهنج ڪونه ڏٺم. هو وڏو بردبار، حوصلي وارو، صبر سان تڪليفون ڪاٽيندو درگذر ڪندو. پيڪرِ حياءُ، باشناس، پروقار با احترام، سدا بهار گل جيان هيا. ڄڻ ڪا نظر لڳي ويئي. اهڙي ته وڇوڙي جي واءُ گہلي – شل الله لواحقين کي صبرِ جميل عطا ڪري ۽ سندن جي قبر کي رب العالمين روشن فرمائي ۽ قبر کي جنت جي باغن مان هڪ باغ بڻائي (آمين ثم آمين).
نڪا ”ڪن فيکون“ هئي نه ڪا مورت ماهه
نــڪــا سُــڌِ ثواب جي نــڪــو غــرض گــنــاهه
هــيــڪــائي هيــڪ هــئــي، وحــدانيت واهه
لميائين لطيف چــئــي اُت ڳـجـهــ انــدر ڳاهه
اکــــيـــــن ۽ ارواهــــه اهــا ســــاڃــــــا سپــريــن!

(شاهه)

نظام الدين سومرو
24.03.2012