لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

مُھاڳ: لوڪ ڏاهپ جي نرالن رنگن جي حفاظت !

لوڪ ڏاهپ هڪ اهڙي نرالي وٿ آھي، جنھن ذريعي ڪنھن قوم جي تاريخ، جاگرافي، تھذيب ۽ تمدن جي حفاظت بہ ٿي سگهي ٿي تہ ان سان گڏ ان قوم جي قومي تاريخ، ورثي، قدامت ۽ سياسي سماجي قدرن جو پڻ صحيح پتو پئجي سگهي ٿو.
سنڌي لوڪ ادب پڻ سنڌ جي مختلف دورن جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو عڪاس ۽ عوامي امنگن جو ترجمان آھي، منجهس مختلف تاريخي، تھذيبي ۽ سماجي اهڃاڻ موجود آھن، جن کي پڙھڻ سان سڄو عڪس اکين اڳيان مجسم صورت وٺي اچي ٿو بيھي ۽ ماضي جي اوج و ڪمال يا زوال جي چٽي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پڙھندڙ کي سڄي تصوير سمجهايو ڇڏي.
جڏھن لوڪ ادب جي ايڏي اهميت آھي تہ ان تي ڌيان بہ اهڙو ئي ڏيڻ گهرجي ها ۽ مختلف حڪومتي توڙي ادبي ادارا ان کي پنھنجو سمجهندي سندس حفاظت توڙي واڌ ويجهہ لاءِ ڪوشان هجن ها ۽ هر هفتي، مھيني يا ڪجهہ مھينن کان پوء هڪ ڪتاب عوام جي هٿن ۾ موجود هجي ها، اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ ڪافي ڪتاب موجود ٿي وڃن ها، جن تي وري مختلف رخن کان تحقيق ڪئي وڃي ها ۽ فني بنياد تي انھن جو جائزو وٺي سندن ادبي قيمت ۽ اهميت مطابق انھن کي ايوارڊ ۽ مان مرتبو آڇيو وڃي ها، پر بدقسمتيء سان ائين ناهي، لوڪ ادب کي هتي ڪنھن شمار ۾ ئي نہ ٿو آندو وڃي، بلڪہ لوڪ ادب لکندڙ سگهڙن کي ڄڻ تہ شاعر ئي نہ ٿو سمجهيو وڃي، جيڪا روش سنڌي ٻوليءَ جي خلاف آھي ۽ انتھائي غير ذميواراڻي روش آھي.
اسان جا ادبي ادارا جن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو تہ اهي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪن ۽ اهڙا پلان ترتيب ڏئي انھن کي عمل لائق بنائين جن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي هٿي ملي ۽ سنڌي ٻولي دنيا جي سڌريل ٻولين سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھڻ جي لائق بنجي سگهي ۽ پوري دنيا جا ماڻھو مختلف صورتن ۾ سنڌي ادب جو مطالعو ڪندي، ان جي حسناڪين ۽ نيارين وٿن کان واقف ٿي سگهن، پر هتي تہ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن، هر ادارو پنھنجا
نوازي، اداري جي سربراهيءَ جي شھنشاهيت وانگر پشت بہ پشت منتقلي ۽ ڪرپشن جو ڳڙھہ بنجي تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پھتو آھي، ايتري حد تائين جو اهي ادارا هيڏي ساري بجيٽ ھوندي ڪو معياري ڪتاب ڇاپڻ لاءِ بہ تيار نہ آھن، نتيجي طور ٻولي ۽ ادب، خاص طور تي لوڪ ادب جي واڌ ويجهہ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي.
ائين هرگز نہ آھي تہ ڪو لوڪ ادب سرجي ئي نہ ٿو بلڪہ لوڪ ادب جا سرجڻھار سگهڙ ۽ سياڻا پنھنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت مختلف گروپ بنائي مختلف پروگرام بہ منعقد ڪن پيا، لوڪ ادب جي نيارين وٿن ۽ خالص ٻوليءَ جي ڀنڊار جي سھيڙ بہ ڪن پيا ۽ سوڌي سنواري پنھنجي وس ۽ وت آھر مختلف ڪتاب بہ ڇپرائين پيا.
پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپائڻ واري سلسلي جو هيء ٽيون ڪتاب آھي، جيڪو پي ڊي ايف صورت ۾ تيار ڪرائي محفوظ ڪيو پيو وڃي، هن ڪتاب کان اڳ حمديہ شاعريء تي مشتمل ڪتاب " وحدت جي وائي " ۽ مناجات تي مشتمل ڪتاب " مناجات الاهي" اڳ ئي تيار ڪري پي ڊي ايف فارميٽ ۾ محفوظ ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ هيء ڪتاب " مدح نامو" پڻ مڪمل تيار صورت ۾ اوهان جي سامھون آھي جيڪو پڻ اڳين ٻن ڪتابن وانگر لوڪ ادب تنظيم سلات جي پليٽفارم تان مختلف سڄاڻ سگهڙن جي گڏيل شاعريءَ تي مشتمل آھي.
ڪتاب ۾ موجود شاعري موضوع مطابق فقط مدحيہ شعرن تي مشتمل آھي.
مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ، اهڙي تعريف جيڪا ڪنھن دنيوي فائدي لاء نہ هجي پر جنھن جي تعريف ڪئي وڃي اها هستي ان تعريف لائق هجي.
مدح جي وصف لکندي جڳ مشهور ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب "مداحون ۽ مناجاتون " جي صفحه نمبر 4 تي لکي ٿو تہ " عربي لفظ مدح جي معنيٰ آھي تعريف پوءِ ڀل تہ اها ڪنھن (بادشاھہ، امير، حاڪم، دوست وغيرہ) جي بہ هجي. سنڌيءَ ۾ مداح جو مضمون خاص آھي: يعني تہ اها منظوم ساراھ يا تعريف جا نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم ۽
اصحابن سڳورن يا ڪنھن ولي يا درويش جي شان ۾ ڪيل ھجي جا ڪنھن نفساني خواهش يا دنيائي سببان نہ پر خالص دلي محبت ۽ عقيدت سان ڪئي وڃي" هو اڳتي لکي ٿو تہ "مداح انھي معنوي لحاظ سان نعت يا ثنا جي برابر آھي".
سنڌي سگهڙن پڻ خصوصي طور تي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ساراھہ ۾ لاتعداد مداحون لکيون آھن جن جي مثال طور هن ڪتاب ۾ لکيل دور جديد جون مداحون شامل ڪيون ويون آھن تہ جيئن پڙھندڙ کي سنڌ جي سگهڙن جا چيل مداحن جا مختلف نمونا پڙھڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ملي سگهن.
فني طور تي مدح ڪھڙي بہ صورت ۾ لکي سگهجي ٿي، فقط موضوع جي حساب سان ان ۾ تعريف ۽ ساراھہ جو عنصر نمايان هجڻ ضروري آھي، باقي ان جو ڪو خاص فارميٽ، نمونو يا وزن مقرر ڪيل ڪونھي، پر ڪٿي بيت جي صورت ۾، ڪٿي وائي يا ڪافيءَ جي صورت ۾، ڪٿي نظم ۽ گيت جي صورت ۾ بلڪہ ڪٿي تہ غزل جي بحر يا وزن تي پڻ مداحون چيل آھن، حالانڪہ عروضي شاعريءَ جو لوڪ ادب سان ڪو واسطو ڪونھي، پر جديد ادب جي لکڻ ۽ پڙھڻ سبب صنفون پاڻ ۾ گڏجي ويون آھن ۽ سگهڙ پڻ عروضي صنفون لکڻ لڳا آھن.
ھاڻي وري اچون ٿا موجودہ ڪتاب طرف تہ هن ڪتاب جي موجودہ صورت تائين پھچڻ ۾ نامياري سگهڙ، سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جون محنتون ۽ محبتون قابل تعريف آھن، جيڪو پنھنجي جنون، جذبي ۽ عشق جي آبياريءَ لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪري، سردين ۽ گرمين جي پرواھہ نہ ڪندي بہ اڪيلي سر مختلف ادبي ادارن کان گهڻو ڪم ڪري رهيو آھي، الله سائين سندس ڪوششن کي ضرور ڪامياب ڪندو.
هتي ٻولي ۽ ادب جي قومي ادارن کي وري بہ دعوت ڏجي ٿي تہ: ٻوليءَ جي بقا نج لفظن جي ذخيري جي حفاظت سان ئي ممڪن آھي ۽ اهي نج الفاظ لوڪ ادب ۾ اڄ بہ مروج ۽ محفوظ آھن ان ڪري لوڪ ڏاهپ جا محفوظ ٿيل ڪتاب ڇپرائي ٻوليءَ جي بقا ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪريو تہ جيئن سنڌي ٻولي پنھنجي اصلي صورت ۾ مستقبل لاءِ محفوظ ٿي سگهي ۽ ادارن جي
قيام جو عظيم مقصد بہ پورو ٿي سگهي.


پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو
شھر ڦل، ضلعو نوشھروفيروز، سنڌ