لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ارشاد علي عرضائي

تعارف

سگهڙ ارشاد علي عرضائي 02 اپريل1965ع ۾ عرضي ڀٽو تعلقہ سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شھدادڪوٽ ڄي هڪ ڏاهي ڏات ڌڻي سالڪ سگهڙ حبيب الله “حبيب”مڱڻھار جي گهر۾ اک کولي پڙهڻ جي عمر ۾ آيو ڳوٺ جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو پرائمري تعليم ۽ناظرہ قرآن شريف پڙهائڻ ۾ سندس پُڦڙ استاد تاج محمد مڱڻھار محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهائي مڊل اسڪول ڏانھن روانو ڪيو مڊل تعليم ۾ ڪلاس ٽيچر سائين عبدالمجيد ڀٽو {ڳاڙهو} هيو مڊل تعليم کان پوءِ عرضي ڀٽو ۾ سھولت نہ هجڻ ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميروخان ۾ {1979ع دوران} داخلا ورتي اتي بہ ڪلاس ٽيچر سائين علي مراد تونيه ۽ سائين حاجي نواب علي ويسر {ابڙو رتوديرو وارو} بھترين استاد هئو جن دلچسپي سان تعليم ڏني اتان {1980ع دوران} ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري ۽ غربت سبب سندس بابي سائين طرفان کيس مامي عيد محمد {عيدن} مڱڻھار وٽ درزڪي ڪم سکڻ ڪجهہ ويھاريو.
ارشاد علي 1982ع ۾ سگهڙائپ ڏانھن وک وڌائي۔ سگهڙائپ ارشادعلي عرضائي جي مؤروثي ملڪيت هئي ڇاڪاڻ تہ هن جو پڙڏاڏو لعل ڏنو ان وقت جو بھترين ڏاهو سگهڙ هو ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيرح جي رسالي جو پارکو ۽ حافظ هو ۔ شاھہ سائين جو بيت/وائي جڏهن ترنم ۾ ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙن جي مٿان وجد طاري ٿي ويندو هيو ان کان سکيا ورتي عرضائي جو پڙنانو الله ورايو جيڪو بہ بھترين ڏاهو سگهڙ ۽ڪچھرين جو مور هوندو هيو۔ان کان وري بابي سائين حبيب الله”حبيب” سکيا ورتي، اهڙي طرح اها ڏات منتقل ٿيندي ڀائرن وٽ پر اهي نروار نہ ٿيا ۽ ان کان پوءِ جڏهن عرضائي وٽ اها ڏات پھتي تہ هن گهر ۾ رکڻ بجاءِ نروار ڪري ڇڏي ۔سگهڙحبيب الله “حبيب” جي جيڪا شاعري ملي سگهي اها سھيڙي سائين منظور علي مھيسر حسيني جي ڪتاب “گڏيل گل گلاب جا” ۾ ڇپرائي.
ارشاد علي کي ان وقت جي آرپي{RP}ريسورس پرسن بدرالدين مڱڻھار جيڪو ارشاد علي عرضائيءِ جو سؤٽ پڻ آهي جي ڪوشش سان {MST} مسجد اسڪول ٽيچرجو ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو ۽ هن 16اپريل1986ع۾ ڳوٺ الھرکيو جويو{محمد صديق سناڻي}۾ پھرين جوائننگ ڪئي۔1995ع۾ PTC پاس ڪري PSTپڪو سرڪاري ملازم ٿيو2000ع۾ انٽرپاس ڪئي۔اڳ۾ ذڪرڪري چڪو آهيان تہ سگهڙائپ مؤروثي ملڪيت هئي ان ڪري اها ڏات هلندي اچي ارشادعلي عرضائي جي سر جو تاج بڻي۔هونءَ تہ ڳوٺ جا جهونڙاسگهڙ استاد علي حيدر ڀٽو۔عبدالغفورڀٽومرحوم غلام محمد{غلام}ڀٽومرحوم درمحمد درل لانگاه غلام قادر{غلام گڙو}مرحوم سدورو ٿھيم عرضائي جو وڏو ڀاءُ اختيار احمد ۽ٻيا شامل هئا جن سان بہ {عرضائي}ڪچھريون ڪندو هيو۔ پر 1980ع جي پوئين ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد غلام ڪبير بليدي {لولائي} لڏي اچي پاڙيسري ڳوٺ بھادر ڀنڊ ۾ صوبيدارسرائي علي حسن ڀنڊ جي زمينن تي ويٺو۔عرضي ڀٽو ۾ اچڻ ڪري عطار هيو ۽ خريدارن کي ڳولي لڌوجن جا نالا مٿي ڄاڻايل آهن ۔پر ارشاد عرضائي سان سندس پيچ پختا ٿي ويا۽ شاگردي قبول ڪري پٽيلو بنجي ويو۔هن کي استاد جي مدد مھرباني اڀل آسرو ۽ دعا تمام گهڻي هئي (ڇوتہ استاد بہ ڏات ڌڻي۽ بھترين سگهڙ هيو) وري سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” ۾ شموليت سان زندگي ۾ اڃان نکار اچي ويس. سندس لوڪ ادب شاعريءَ جو ڪتاب “عشق امر ذات” 16 ڊسمبر 2018ع ۾ ڇپيو اڄ جيڪو ڪجهہ بہ آهي اهو استاد غلام ڪبير بليدي۽ سنڌسگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي صحبتي سنگت جي ڪري آهي الله پاڪ اڃان بہ کيس علم۔ادب ۽ سگهڙائپ ۾ واڌارو ڪري . (آمين)

مَدح

ڪيان تعريف ڪَران سھڻي سرور دي، جنھن دا افضل اعليٰ شان اي،
جنھن دي ڪيتي رب ني جوڙيا جملي ڪل جهان اي.

سڀ نبيان دا بڻ سلطان آيا، اسان امت تي ڪَرڻ احسان آيا،
ڪمزور قافلي دا ڪاروان آيا، ٻوليندڙ اسان ڏي قرآن آيا،
عزت احترام سڻاوڻ عربي دي، آيا فيض ڀريا فرقان اي.

امام الانبياءَ تي ختم المرسلين هي، شافع محشر تي سيدالثقلين هي،
قرة العين تي راحت العاشقين هي، نان محمدﷺ تي لقب صادق امين هي،
ڪانھي طاقت زبان وقلم ڪون بيحد بالا بيان هي.

والضحيٰ واليل دا قسم چاوي، نيڪي ڪرڻ وچ من ڪونہ پيا ڍاوي،
حضرت موسيٰ نان پيا طورتي الاوي، ول اپڻي محبوب ڪون پيا عرش منگواوي،
اٺاره سال رهيا اٿان مولامي زبان تي محبوب مھمان اي.

مزمل مدثر دي پاندا پوشاڪ اي، مالڪِ ڪوثر تي واليءِ لولاڪ اي،
بلند بالا برتر عربي دا اخلاق اي، پکي جيت انسان حجر شجر مشتاق اي،
عطر مشڪ عمبر بہ آ ڪي منگدي اٿان دان اي.

جڏان سمجهہ آئي سڻيا مين نان اي، تڏا ڪون رکيا مين حبيب وچ ھان اي،
محبوب منور ميڏا شافي ڇپر ڇان اي، “عرضائي” احمد دا سگهڙ ثناخوان اي،
ديدار درشن جي ٿي وڃي پِڇي“ارشاد” ٻھون احسان اي.

****

مَدح

افضل درجو الله ڪيو، محبوبَ مھربان جو،
عقل ڪم ڪاٿي ڪندو نينھن بنا نادان جو.

سوا لک انبياءَ کان سرس عظمت عربيءَ جي آاتم،
دين اتم، درجا اتم، عزت عربي جي آ اتم،
صلوات سلام تي جيڪا ملي سا رحمت تسبيح جي آ اتم،
قرآن فضيلت ۾ نازل ٿيو الحمد کان والناس تائين،
جنھن بہ جاني جي دامن جهلي ان کي پرور ڪيو آ پاس سائين،
اهو قرب اسان تي ئي آ ڪريم نبي سھڻي سخي سلطان جو.

معراج تي مرسل ويو هلڻ رات ڏينھن جو رڪي ويو،
سفرجو ساٿي ساڻ هو سو ماڳ انھي تي مُڪي ويو،
حورن ملڪن جو حبيب آڏو جلدي سر جُهڪي ويو،
آمھون سامھون ڪريم سان ڪريم جي ڪچھري ٿي وئي،
روح رهاڻ ۾ رات هڪ ١٨هن ورهين جي گھَرِي ٿي وئي،
نہ پوش نہ پردو هو مھمان لاءِ ميزبان جو.

ڪيڏي تہ سڪ هئي سلمان کي جو ٻھڳُڻ ٻُھاري ڏيندو وتي،
باري بره هو بلال کي جو تتل واريءَ تي پچندو وتي،
درڪار هيس ديدار جي تڏهن پيو غار۾ نانگ گهمندو وتي،
سڄڻ سائين سڪ وارن لاء ڇپر ڇانوَ ٿي آيو آ،
عاشقن سان پاڻ عاشق هي پنھنجو معشوق ملايو آ،
اها اسپيشل مھرباني الله جي آ جنھن قدر ڪيو آ محبوب جي مستان جو.

آڱر اڀي ڪري چنڊ ڏي دلبر پيو ان کي ڌار ڪري،
اشارو ملي جي ان پٿر کي پاڻي پکيءَ جيان پيو پار ڪري،
ٿورو پري ٿئي جي ان ٿُڙَ کان پرين تہ ڳوڙهن جي ڳلن تي پيو هار ڪري،
ايڏي شناس اٻوجهن کي جو پيا سھڻي نبي جي سڃاڻ ڪن،
حيرت آ، هِنَ مسلمانيءَ تي جو پاڻ جھڙو ٿا عربيءَ کي اڻڄاڻ ڪن،
جنھن جي ڪري ڪائنات جُڙي هو گستاخ بہ ان عاليشان جو.

قدم رکن جي ڪريم ڪاٿي تہ پٿر بہ پير چمندا وتن،
جبل وڻ جانور بہ جلوو پسي جاني اڳيان جهڪندا وتن،
پيزار چمڻ لاءِ پرديسي عرش ٿا سڪ ۾ سڪندا وتن،
سڪ محبت سڀني جي پھچي پرين پوري ڪئي،
عشق وارن کان “عرضائي” چوي دلبر نہ ڪڏهن دُورِي ڪئي،
مرتبو مٿاهون ٿي ويو محب ڪري هيٺ زمين ۽ مٿي آسمان جو،
افضل درجو الله ڪيو آمحبوب مھربان جو،
عقل ڪم ڪاٿي ڪندو نينھن بنا نادان جو.

****

مَدح بنا نقطي بيت

همسرمَ ڪو مرسل، اڪرم اطهر مَحَمَّدُﷺ آ،
گل گوهر گهڻو ڪَمِ آ، سھڻو سراسر مُحَمَّدُﷺ آ،
راحم رکوال محد لحد، و در گهر مُحَمَّدُﷺ آ،
آهم سھارو مرسل وارو، اصل آهر مُحَمَّدُﷺ آ،
ڪل عالم سرا ڪامل، ڪرم ڪڪر مُحَمَّدُﷺ آ،
سوا سھڻل مَ ڪو ڪم آ، اسم دل هرهر مُحَمَّدُﷺ آ،
مڪمل عمر ساراه لک مگر اعليٰ امر مُحَمَّدُﷺ آ،
موڪل درود وسلام صدوار مسلم، سھڻو سرور مُحَمَّدُﷺ آ.
دلدار دلاور مُحَمَّدُﷺ آ، آ سھڻل سام “عرضائي” ادا.

****