لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

صادق علي ملڪ

تعارف
نالو: صادق علي
پيءِ جو نالو: الله ڏنو
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ:
پھرين جون 1973ع.
تعليم : B A
فن جي شروعات: 1989ع.
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ
ڇپيل ڪتاب: “سچا ٻول صادق جا”
شائع ٿيل شاعري: حافظ الملت سيريز 5، “سھڻل جا سينگار”، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري، ”786 ڏات ڌڻين جي ڪلام ۽ احوال تي مشتمل سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف ڇپيل آهن. ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي، آواز، مھراڻ، ڪي ٽي اين. سنڌ ٽي وي سميت مختلف ڇينلز تي پروگرام رڪارڊ ٿيل آهن.

مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ:
(1) سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو 1995 جيڪب آباد پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد ڪل سنڌ سگهڙ ڪچھري جي موقعي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ هنڌ مھراڻ هال جيڪب آباد
(2) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ
(03) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز
(04)صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(05) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو.
(06) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
(07) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو
(08) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد
(09) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر
(10) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو
(11) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(12) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
(13) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سنڌ هنڌ ميان جو ڳوٺ

مليل ايوارڊ:
گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ان کان سواءِ ڪجهہ مڃتا ميڊل پڻ مليل آهن.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي، ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ، عبرت ميگزين حيدرآباد.
مختلف اخبارون: ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز، سوڀ وغيرہ.
سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جا نالا جن شاعري ڳائي آهي: حاجي عبدالحق طاهري ميھڙ، حاجي گل محمد مھرگهوٽڪي، حاجي خان محمد چاچڙ گهوٽڪي، عبدالرحيم عزمي شاعر و نعت خوان پنوعاقل، عاجز رحمت الله لاشاري ڄامشورو، قربان ناريجو ۽ بدر الدين سومرو لاڙڪاڻو، بيدار بخشل چانڊيو ۽ علي شير حيدري لاڙڪاڻو، صداقت علي مھر ميرپور ماٿيلو، روشن علي مھر ميرپور ماٿيلو، عبد المجيد عباسي، نواب علي چاچڙ گهوٽڪي، صالح محمد سومرو ڏهرڪي، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، ڪريم بخش ملڪ ڪرمپور، اختر علي راڄپر ۽ حافظ ممتاز علي، محمد قاسم رضا قادري اوٻاوڙو. حافظ و قاري عبدالغني کوسو، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ، عامر منظور سولنگي بخشاپور، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، خان محمد ۽ فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، خالد حسين گلال ڳاڙهي موري، محمد اسلم مھر ٺل، برڪت علي نصيراڻي ٺل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، حافظ محمد علي کوسو باهو کوسو، عبدالله ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، صدرالدين نصيراڻي ڪرمپور، مرحوم موسن فقير نصيراڻي ڪرمپور، غلام عباس چولياڻي نواب شاھہ، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، الله بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، فنڪار مريد علي ملڪ شڪارپور.

پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي(ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور، تعلقو تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 0315-3502197 فيس بڪ آءِ ڊي: Sadique Ali Malik

مَدَح

هلي شام وصبح پيو، جنھن جو ذڪر.
اهو مٺڙو محمدﷺ سھڻو نبي، محبوب خدا جو آ دلبر.

پکي پرندن جيت جڻين ۾، ماڻھو ملائڪ وڻن ٽڻن ۾،
ثنا سڄڻ جي آ جاري ۽ ساري، وقت ناهي ڪوئي مقرر.

ٿرن برن ۾ لاتِ نبي آ، ڏينھن ھجي يا رات نبي آ،
فرش فلڪ ۾ صلي الله پڙھي، ڪوئي ڪراچي تہ ڪوئي سکر.

جيئن حسان ويو ڳائي سدائين، سائي ثنا هلندي قيام تائين،
سھڻا ثناگر سنڌڙيءَ ۾ ويو، ڳائي غلام النبي مھيسر.

جُهڙ ڦُڙ ميگهہ ملھارن ۾ آ، ثنا سھڻل جي ستارن ۾ آ،
شمس و قمر قربان وڃن ٿا، چانڊوڪين ۾ آھي پچر.

“صادق ملڪ” سبحان الله چئو، شڪرِ خدا الحمدُلله چئو،
اهڙو مليو محبوب محمدﷺ، جنھن جو ثناگر آ پرور.

****

مَدَح

يا محمد مصطفىٰﷺ، توتي صلواتون ۽ سلام.
سڏ ٻُڌي يا سيّدي رس، آھيون گندڙا غلام.

وقت مشڪل ۾ مدد ڪر، يا شفيع المذنبين.
ڇوتہ ڪنڙن ڪوجهڙن تي، تنھنجي شفقت آ تمام.

رب العالمين، تون رحمت العالمين،
تنھنجي سايئه رحمت مان، ملندو عاصين کي انعام.

خالي آ جهولي جهلي ڀر، يا نبي تون،
بي وڙو بدڪار آھيان، تنھنجي مان دام.

هيءُ صدا “صادق ملڪ” جي، آ تنھنجي چائٺ چمان.
آس اڻ تڻ آ اندر ۾، يا نبي خيرالانام.

****

مَدَح

وهواھہ محمدﷺ، تنھنجو شان نرالو،
الله ڏنو توکي آ، قرآن نرالو،

لولاڪ لما جو آ مليو، مرتبو توکي،
تون صاحبِ سلطان، حڪمران نرالو.

عرش معلىٰ تي، توکي موليٰ گهرايو،
اهڙو نہ مليو ڪنھن کي آھي مان نرالو.

هت بہ حڪومت تنھنجي، عرشن تي بہ آھي،
جبرائيل جھڙو جوان آ، دربان نرالو.

سو الک نبي تنھنجا، ٿيا مقتدي سارا،
تنھنجي امامت لئہ ٿيو، اعلان نرالو.

ناهي طاقت ڇا ڪيان، تعريف مان تنھنجي،
صدقي وڃان “صادق”، آ ثناخوان نرالو.

****

نعتيہ مَدح

قدرت جي نظارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.
سج چنڊ ۽ ستارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

باغ جي هر ٻوٽي ۽ گلڙن جي گلزارن ۾،
باد صبا بھارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ

رحمت جي ڪڪرن ۾، تنھنجا نوراني جلوا،
ماه لقا ملھارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

اسم مبارڪ مٺڙو، جنت جي پيالن تي،
دلڪش در ديوارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

اتر اولھہ ڏکڻ اوڀر، ذڪر تنھنجو آ دلبر،
شام و سحر سارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

ڏيھہ سڄي ۾ عاشق، تنھنجا ديوانا آھن.
وڏڙن ۽ ٻارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

ملڪ مداحي “صادق”، پنھل اوهان جو آھي،
“عاجز” جي پڪارن ۾، نالو محبوب تنھنجو آ.

****

مَدح

ڪائنات قادر آ بڻائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.
نور جي ٿي روشنائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

يا محمد مُصطفيٰﷺ، آھين نبي لولاڪ جو،
عرش ڌرتي رب سجائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

جنت الفردوس جنت، ۾ لطف ئي اور آ،
مومنن لاءِ آ واڌائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

تعظيم خاطر عرش تي ٿيا، گڏ فرشتا منتظر،
صلي جي وات وائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

تعريف آ تنھنجي سڄڻ، مخلوق ۾ يا مُصطفيٰ ﷺ،
ڪي قلندر ٿيا ڀٽائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

آ قلم قاصر زبان، تنھنجي ثنا قرآن آ.
“ملڪ صادق” ٿيو ثنائي، صرف تنھنجي ئي ڪري.

****

مَدح

سنسار سموري ۾ آ، سرهاڻ نبيءَ جي.
گلڙن ۾ آ گلزاري، ۽ لالاڻ نبيءَ جي.

روشني آ نور جي، ڪائنات سڄيءَ ۾،
ڄڻ چمڪي رهيو چنڊ آ، چانڊاڻ نبيءَ جي.

مليو شمس کي ڀي شعاع، حبيبن جي حُسن مان،
ٻيو سونھن حسينن کي ملي، آ کاڻ نبيءَ جي.

طاقت نہ آھي ڪنھن ۾، سڄو شان ٻُڌائي.
بس! نعت ۽ صلوات، زبان آڻ نبيءَ جي.

محبوب ڪريمن جي ڪري، ماکي مٺي آ،
ماکيءَ ۾ سمايل آھي، ميٺاڻ نبيءَ جي.

صلوات پڙھڻ ساڻ “صادق” دلڙي ٺري ٿي،
صلوات شفا آھي، امت ڪاڻ نبيءَ جي.

****

مَدحَ

ڪھڙي نموني مان ڪيان، تنھنجي ثنا يا مُصطفيٰﷺ .
آھين امام الانبياءَ، حبيب خدايا مُصطفيٰﷺ .

قرآن ۾ واکاڻ، تنھنجي حبيب ڪبريا.
الحمد کان والناس تائين، نورالھديٰ يا مصطفيٰﷺ.

لفظ مٺڙا نام ۾، ڪيڏا نہ آھن پر لطف.
يا محمدﷺ بس هجي، لبڙن سدا يا مصطفيٰﷺ.

لوح و قلم سج چنڊ تارا، جنت دوزخ حورون پريون.
تولئي آ جوڙيو، ارض وسما يا مصطفيٰﷺ.

سان گڏ آ لکيل، نالو تنھنجو هر هنڌ نبي.
برابر خدا ناهين خدا، کان تون جدا يا مصطفيٰﷺ.

ناهي طاقت ڇا لکي، تنھنجي ثنا “صادق علي” .
بس پيناگر آھيان، در تي فدا يا مُصطفيٰﷺ .

****