مقدمو: لوڪ ادب سھيڙ جو ٽيون ڪتاب
ڪجهہ عرصي کان مون محسوس ڪيو آھي تہ اسانجو قومي ادب “لوڪ ادب” سرڪاري سطح تي يتيم ٿيندو پيو وڃي ان ڪري ان جي وارثي ڪجهہ سنجيدہ ۽ سچائيءَ سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي.
ڏٺو وڃي تہ ان حوالي سان ڪيترن ئي سالن کان وٺي سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي تمام ادارن سان لک پڙھہ سان گڏ ٽيبل ٽاڪ (روبرو ڳالھہ ٻولھہ) کان پوءِ مان مڪمل طور نا اميدي جي ٻہ واٽي تي بيٺل آھيان ۽ ان جي باوجود سنڌي لوڪ ادب بابت ڪجهہ ڪرڻ جو خواهشمند آھيان. يعني ان جي چِند ۽ نج صنفن جي بنياد تي لوڪ ورثي جي وارثي ۽ ٻوليءَ جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽرڪمال، جي وفات سبب سھيڙ کان رهجي ويل سڀني صنفن جي فن کي سھيڙي ان جي پرفارمنس/ادائگي سان گڏ تخليقن کي محفوظ ڪري ھن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي ذريعي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائي، سنڌي لوڪ ادب کي عالمي سطح تي پھريون نمبر قرار ڏيارڻ جو خواهشمند آھيان جنھن ۾ صرف تخليقڪار سگهڙن نہ پر سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قومَ جو ڳاٽ پڻ اوچو رهندو.اسان وٽ جيترو ڪم سنڌي لوڪ ادب تي ٿيل آھي يعني ڪچهرين، ڪانفرنسن، سيمينارن، ميلن سان گڏ لوڪ ادب اسڪيم ۽ سنڌ جي سگهڙن پاران مختلف تنظيمن توڙي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڇپرايل فن آھي سو منھنجي اندازي مطابق هڪ هزار کن ڪتابن کان مٿي هوندو جيڪو ڪم سڄي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل لوڪ ادب کان تمام گهڻو آھي پر اسانجي بدقسمتي آھي جو ڪو بہ فرد، ادارو يا سرڪار نامدار ان سلسلي ۾ پنھنجو سنجيدہ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
اسانجن ڪجهہ ادارن ۾ انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي گاڏڙ اکرن جي ڳالھائيندڙن کان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ، سڌاري ۽ حفاظت بابت مذاڪرا تہ ڪرايا وڃن ٿا پر ٻوليءَ جي اصليت ۽ نج پڻو سگهڙپائي جي فن جي لکين اڻ ڇپيل مُحاورن ۽ جملن ۾ محفوظ آھي ان جي باوجود ڪو بہ اسانجو اڪابر ان قسم جي ڪتابن کي سھيڙي ان مان منسوخ ۽ متروڪ ٿيل لفظ ڳولڻ مناسب ئي نٿو سمجهي جيڪا ڳالھہ دکدائڪ ۽ ستائيندڙ آھي. مون ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان سڄي صورتحال تي سنجيدہ قدم کڻندي سنڌ جي هرهڪ ادبي، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کي لکت ۾ عرض ناما ڪيا، پي ٽي وي ۽ ريڊيو سميت ٻين نجي چينلز تي خاص پروگرام ڪيا.ان وقت جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترم سردار شاھ ۽ سيڪريٽري ڪلچر غلام اڪبر لغاري سان روبرو ڳالھيون ڪري عرض ڪيوسين ۽ ھڪ سال لڳاتار پرامن طريقي سان لوڪ ادب بچايو تحريڪ بہ هلائي پر ڪٿان بہ ڪو مناسب ۽ سنجيدگيءَ سان سچائيءَ وارو جواب نہ مليو نہ وري ڪنھن بہ اداري لکيل خط جو جواب ئي عنايت فرمايو جيڪو سُور سيني ۾ سانڍيندي اهو صدمو نہ سھندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو بہ شاھہ عنايت ڳوٺ نزد سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿي ھميشہ لاءِ وڃي سُتو ۽ ٻيو ڪو سنجيدہ ۽ مخلص ساٿي نہ ملڻ سبب مون بہ هٿ ڍرا ڪيا. بعد ۾ خيال آيو تہ سنگت سان گڏجي ڇو نہ ان ڪم کي ڊجيٽل انداز سان سھيڙجي ۽ ان ڪم کي مون پنھنجي واٽس ايپ تي قائم ڪيل “عالمي” اوطاق” گروپ ۾ اظھار ڪري “لوڪ ادب سکيا” جو هڪ نئون گروپ قائم ڪندي حمديہ ڪلام کان شروعات ڪئي جنھن دوران پھريون ڪتاب “وحدت جي وائي” ۽ ٻيو ڪتاب “مُناجاتِ الاهي” ترتيب ڏنو جيڪي محترم محمد سليمان وساڻ پاران پنھنجي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيا ويا. جنھن بعد ساڳي ڪَڙيءَ جو هي ٽيون ڪتاب “مَدح نامو” آھي جيڪو لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ شاعري صفت ساراھہ جي گڏيل عنوان تي مشتمل آھي.
هن ڪتاب جي نظرثانيءَ ۾ منھنجي مُحسن دوست پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو جو مڪمل ساٿ شامل آھي جنھن لاءِ ڪجهہ دلي دعائون آھن. ان کان سواءِ جن دوستن مواد موڪلي هن سھيڙَ ۾ ساٿ ڏنو انھن جو پڻ نھايت ٿورائتو آھيان جن پنھنجي قلمي خزاني کي مون ناچيز جي سھيڙ واري سلسلي ۾ شامل ڪرڻ مناسب سمجهيو. منھنجي هن سھيڙ جو مقصد اهو آھي تہ هن آخري نسل جي سيني ۾ سانڍيل لوڪ ادب وارين تخليقُن کي محفوظ ڪري ڇڏجي. ڇو تہ بيقدري ۽ نا شناسائي سبب هن وقت لوڪ ادب جن پيرسن ۽ نوجوان سگهڙن جي سينن ۾ محفوظ آھي سي هن قومَ جا آخري فرد آھن ۽ ايندڙ نسل ان فن ۾ قدم رکڻ کان عاري آھي (اها ڳالھہ مان ذاتي تجربي جي بنياد تي چئي رهيو آھيان) ان ڪري هن هلندڙ اڌ صديءَ تائين لوڪ ادب جا وينجهار سنڌ مان هميشه لاءِ موڪلائي ويندا ۽ پوءِ اهو رهيل فن بہ سندن سينن ۾ هنن سان گڏ دفن ٿي ويندو ان لاءِ جيترو جلد ۽ ممڪن ٿي سگهي هن فن کي محفوظ بڻايو وڃي.
مدحيہ شاعري جي وصف:
مدحيہ يا نعتيہ شاعري لکڻ ۽ پڙھڻ خداپاڪ جي عظيم نعمت آھي. نعت گوئي جي صنف فنِ شاعري ۾ هڪ نئون، منفرد، اعليٰ ارفع ۽ مقدس آھي.
نعت پاڪيزہ ۽ سنجيدہ ٻولن تي مشتمل ٿئي ٿي جنھن ۾ حضورﷺ ڪجهہ والھانہ فدائيت، بي ڪنار محبّت ۽ بي پناه عقيدت جو بحر موجزن رهي ٿو. نعت مومنانہ صفت جي علمبردار ۽ آئينہ دار ٿئي ٿي.
شاعري جي جنھن بہ صنف ۾ حضور ﷺ جي تعريف ڪجي سا نعت جو مَقام تڏهن ماڻي سگهي ٿي، جڏهن انھي شعر جي نفسِ مضمون جو تعلق سڌو سنئون، صريحاً، صاف صاف فقط ۽ فقط حضورﷺ جن سان هجي!
نعت ۾ روحاني اقدار، پاڪيزہ افڪار، سروري اسرار ۽ نبوي انوار تي مشتمل معياري اشعار اچن ٿا، جن ۾ ادب شائستگي، ايمان ايقان، محبّت ۽ صداقت جا موتي مڙهيل ٿين ٿا.
انھن سڀني اصولن ۽ ڳالھين کان علاوه نعت ۾ اڃا بہ هڪ نازڪ ترين مقام اچي ٿو، اهو آهي محبّت ۽ شريعت جو امتحان. شريعت ۾ محمد مصطفيٰ ﷺ محبّت ۾ محبوبِ خداﷻ آهي! نعت جو مقام محبّت ۽ شريعت جي درميان هوندو آهي. محبّت ۽ شريعت مان ڪنھن بہ هڪ جي تقاضا کي ڇڏيو ويو تہ پوءِ نعت نعت نہ رهندي، محبّت ۽ شريعت جي بنيادن تي، نازڪ لطافتن، نوراني نزاڪتن، شاعرانہ فصاحتن، بلاغتن ۽ جدتن، سنجيدہ عقيدتن، شائستہ صداقتن، روحاني راحتن ۽ نبوي عظمتن جو ذڪر نڀائڻ واري شاعرانہ صنف ئي نعت هوندي آھي. مسلمان شاعرن کان علاوه غير مسلم شاعرن بہ حضور ﷺ جي اُسوَہِ حَسَنہ کان متاثر ٿي نعت گوئي ڪئي آهي ۽ ثناءِ رسول ﷺ جي طفيل مسلمانن جي دلين ۾ عزّت ڀريو مقام حاصل ڪيو اٿن. نعت ۾ محبّت رسالت ﷺ، جو رنگ شريعت تي حاوي ضروري رهي ٿو، تاهم پاڻ سڳورن ﷺ جي محبّت، حضور ﷺ جي شريعت جي منحرف ۽ تارڪ ٿي نٿي سگهي. پل صراط وانگر نعت، محبّت جي تخيّل ۾ هڪ نازڪ گذرگاھ آهي، جتان شاعر کي ايمان بالرسالت ﷺ جي سھاري لنگهڻو پوي ٿو.
مداح:
سڀ کان اول “مداح” لفظ جي معنيٰ سمجهڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، اصلي عربي لفظ “مَدَح” آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: ساراھَ يا تعريف، مدح ڪندڙ (اسم فاعل) کي عربيءَ ۾ “مادح” يا مداح/ چئبو آھي . سنڌيءَ ۾ پڻ “مدح” (ساراھ يا تعريف) توڙي “مدح ڪرڻ” (ساراھہ ڪرڻ تعريف ڪرڻ) ٻئي رائج آهن، پر انھن جو استعمال خاص طرح ادبي آهي ۽ پڙهيلن تائين محدود آهي. ان جي برعڪس “مداح” ۽ “مداحي” عام مشهور لفظ آهن. لغت جي لحاظ سان لفظ “مداح” خاص معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. “مداح” سنڌي نظم جي هڪ خاص جِنس آهي. بلڪ “صنف شاعري” آهي. عربي لفظ “مدح” جي معنيٰ آهي: تعريف، پوءِ ڀل تہ اها ڪنھن (بادشاه امير، حاڪم. دوست وغيرہ) جي بہ هجي.
سنڌيءَ ۾ “مداح” جو مفھوم خاص آهي: يعني تہ اها منظوم ساراھ يا تعريف= جا نبي ڪريم ﷺ ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنھن ولي يا درويش جي شانَ ۾ ڪيل هجي. جا ڪنھن نفساني خواهش يا دنيائي طمع سببان نہ، پر خالص دلي محبت ۾ عقيدت سان ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ انھيءَ محبت ۾ عقيدت جي نتيجي طور پوءِ ڀل کڻي ڪو نيڪ مقصد سري يا ذاتي هدايت نصيب ٿئي. “مداح” انھيءَ معنوي لحاظ سان 'نعت؛ يا “ثنا؛ جي برابر آهي. “مداح” چوندڙ شاعر کي عربي لفظ “مادح يا مداح” جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ “مداحي” چئبو
( سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس:ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص 29)
لوڪ ادب ڏاهو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو تہ:
شاعرن “مداحُون” نظم ۾ چيون آھن، جن ۾ آنحضرتﷺ، اصحابن ۽ اوليائن جي تعريف هوندي آھي.
ڊاڪٽر سنديلي موجب: “عربيءَ” ٻوليءَ ۾ مَدح ڪنھن بہ بادشاھہ، امير وزير جي ڪري سگهجي ٿي. پر اسانجي سنڌي شاعرن اهڙي مدح کي قصيدو سڏيو آھي، مَدح ۽ قصيدي ۾ اهو نمايان فرق آھي تہ مدح ۾ پنھنجي دلي عقيدتمنديءَ جو اظھار نھايت عاجزانہ اندازَ ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. جنھن ۾ پنھنجي مُشڪل ڪشائي نظم جو خاص جُزو هوندو آھي. يعني دنيوي مصيبتن مان آجائي ۽ آخرت جي موچارائي ڪجهہ باربار عرض ڪَيل هوندو آھي ۽ ڪڏھن وري نريني اولاد ڪجهہ ڪي خاص خيال ۽ لفظ استعمال ڪَيل هوندا آھن. پر قصيدي ۾ بادشاھ، امير، وزير، وغيرہ جي لُنڊي خوشامد بہ هڪ جُزو هوندو آھي. يعني جيڪي وصفون يا خوبيون اڳلي ۾ ھونديون آھن تن کي مبالغه آميز لفظَن ۾ سھڻو بڻائي، اهڙي تہ شَدَّ ۽ مَدَّ سان پيش ڪندا آھن، جو هُو سمجهندا آھن تہ واقعي انھن ئي خوبين جا مالڪ آھن. اهي مداحي نہ پر درٻاري شاعر آھن جن جو مقصد هوندو آھي پنھنجي آقائن جي پِرڪارن تي پردہ پوشِي ڪري، پنھنجي ڪجهہ سندن جِيءَ ۾ جاء وٺي ڪجهہ ڇڏائڻ جي تمنا رکڻ، جيتوڻيڪ سندن سڀ آقا هڪ جھڙا بہ نہ هوندا آھن، پر تڏھن بہ سندن شانَ ۾ جنھن لفاظي ۽ طمطراقي کان ڪم وٺندا آھن، سو تيليءَ مان ٿنڀ بڻائڻ جي برابر آھي.
(لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. ص 228- ڇاپو پھريون، سيپٽمبر2016ع، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي.
رحمت الله “عاجز” لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)