لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

شعبان علي “شيدا” چنجڻي

تعارف

نالو: شعبان علي “شيدا” چنجڻي.
پيءُ جو نالو: حسن علي چنجڻي.
پيدائش جي تاريخ: 01.01.1982
تعليم: ايم اي اسلامڪ ڪلچر.
ادبي فن جي شروعات: 1997ع.
شاعري ۾ استاد: محمد صديق “سڪايل” پيرزادو
پورو پتو: ڳوٺ ميانداد چنجڻي، تعلقو نصيرآباد، ضلعو قمبرشھدادڪوٽ.
موبائل رابطہ نمبر: 03002386292 واٽس اپ نمبر: 03002386292
اي ميل : shabanchinjni@gmail.com
فيس بڪ آءِ ڊي: شعبان علي چنجڻي طاھري

مَدح مصطفيٰﷺ

ٻيا بہ عاليشان پر، اعليٰ اوھان جي ذات آ،
ڇا ڪجي تعريف، بس تنھنجي مٿان صلوات آ.

حُسن جي حد ھيٺ، تون آن مٿڀرو منھنجا نبي،
سونھن، تنھنجي مسڪراهٽ مان کنيل خيرات آ.

خَلق جا محبوب سڀ محدود ھڪڙي محب ۾،
تو مٿان ھڪ ٻہ نہ پر شيدا سڄي ڪائنات آ.

عاشقن کي مون ڏٺو آ، چنڊ کي منٿون ڪندي،
چنڊ جنھن جي ڏئي غلامي، سا تہ تنھنجي ذات آ.

سڀ حسينن ۽ جميلن جو ذڪر بند ٿي ويو،
ھر گهڙي ھر جا تنھنجي واکاڻ وائي وات آ.

يارسول اللهﷺ ھي “شعبان چنجڻي” ڇا چوي،
بس سڄو قرآن تنھنجو، خُلق تنھنجي نعت آ.

****

مَدح

يا محمد مُصطفىٰﷺ تو تي سلام،
اي حبيبِ ڪبريا تو تي سلام.

نور تنھنجي ساڻ روشن ٿيو جھان،
يا نبي نور الھدىٰ تو تي سلام.

سونھن ۾ تنھنجو نہ ثاني ڪو مٺا،
مظھرِ نورِ خدا توتي سلام.

حضرتِ جبريل آ تنھنجو غلام،
اي امام الانبيا تو تي سلام.

اي گنھگارن ڪِنن جا آسرا،
شافعِ روزِ جزا تو تي سلام.

يا نبي خير الورى يا مجتبىٰ،
مالڪِ ارض و سما تو تي سلام.

سيدِ عالم نبيءِ محترم،
صاحبِ جود و سخا تو تي سلام.

شوق سان “شعبان چنجڻي”، يا نبيﷺ
ٿو پڙھي صبح و مسا تو تي سلام.

****