لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ميرحسن ملڪ

تعارف

نالو : ميرحسن
پيءُ جو نالو: عبدالڪريم
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: 12 مارچ 1991ع
تعليم: انٽر
ادبي فن جي شروعات: 2012ع
ادبي استاد: سگهڙ محمد صادق ملڪ
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ: سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ميان جو ڳوٺ، تعلقو خانپور ضلع شڪارپور، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، هنڌ ڳوٺ بھار علي بھار ٻرڙو، لڳ ميرپور ٻرڙو، مڃتا ايوارڊ سرٽفڪيٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش، هنڌ ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊم سنڌ سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌي لوڪ ادب ڏھاڙو تقريب ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب (سلات) جي گڏيل ڪاوشن سان منعقد ڪيل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جشنِ بھار سرٽيفڪيٽ، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار رسالو ويجهار ڪراچي ، ماهوار سمنڊ رسالو ڪراچي
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي (ڏياڻي)ضلع ڪشمور، تعلقہ تنگواڻي، پوسٽ آفيس ڪرمپور، واٽس اپ نمبر: 03022613312 اي ميل : mirhassan214@gmail.com

نعتيہ مداح

پرور ٺاهي آ پيارا، ڪائنات تنھنجي صدقي،
سج چنڊ ستارا ٿي آ، پرڀات تنھنجي صدقي.

انسان شرف وارو اعليٰ مرتبو آ ماڻيو،
مخلوق ۾ مڙين کان بالا مرتبو آ ماڻيو،
ڏاتر ڏنو آ ڏينھن ۽، ٺھي رات تنھنجي صدقي.

جنت ۽ حور غلمان، ٻيون نعمتون هزارين،
ارض و سما سمنڊ ٿيا، ۽ برڪتون هزارين،
مٺڙا مليا هي ميوا باغات تنھنجي صدقي.

غنچا ۽ گل ڦل ٿيا، جٿ ڪٿ ٿيون بھاريون،
ساوڪ ۽ سونھن سرس هِتِ ھُتِ ٿيون بھاريون،
پکڙين ۾ پيار واري آلات تنھنجي صدقي.

هڪ “مير حسن ملڪ” ڇا، سنسار آ ثناگر،
مون بي جهلي آ جهولي، سگدر آھيان پيناگر،
الله ڪيو احسان آ، ڳائي نعت تنھنجي صدقي.

****