لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

ڪنهن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي اھم صنف ”مدح ۽ نعتيہ ڪلام“ ۾ سنڌ ۾ موجود چونڊ سگهڙن جو ڪلام ترتيب ڏئي پيش ڪيو ويو آھي. اشعار ۽ ڪلام سان گڏ لاڳاپيل سگهڙ يا لوڪ شاعر جو تعارف پڻ ڏنو ويو آھي. مدح لوڪ ادب جي هڪ جامع صنف آھي جنھن جو نالو عربي ٻوليءَ مان اخذ ڪيو ويو آھي، جنھن جي معني آھي تعريف يا ساراھ ڪرڻ. نعت اھڙو نظميہ ڪلام آھي جنھن ۾ رسول ڪريم صہ جي تعريف بيان ڪيل ھجي.

Title Cover of book مدح نامو (مدحون ۽ نعتيہ ڪلام)

منظور علي مھيسر

تعارف

منظور علي ولد الله بخش ولد محمد عثمان ولد محمد صالح مھيسر، سياري جي شروعاتي موسم ۾ الله بخش مھيسر جي گهر ٢٥ نومبر ١٩٥٩ع تي ڳوٺ ڌڱاڻو مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو هاڻوڪو تعلقو سجاول جوڻيجو ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ڄائو. جڏهن پڙھہڻ جي عمر کي رسيو تہ استاد واحد بخش مھيسر وٽ قرآن شريف ناظرہ پڙهي پورو ڪيائين جيڪو ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ پيش امام هو ۽ ان سان گڏ ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڌڱاڻو مھيسر مان ١٩٧٠ع ۾ پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين. اتي جن استادن وٽان فيض حاصل ڪيائين انھن ۾ استاد علي مراد عرف استاد جمن مھيسر، استاد غلام رسول ابڙو، استاد فيض محمد ڀٽو ۽ استاد محمد جمن سومرو سر فهرست آهن. ١٩٧٥ ع دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان بعد ١٩٧٦ع کان ١٩٧٨ع تائين خانگي نوڪري ڪيائين. ان کان بعد ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۾ ڪرياني جو دوڪان کوليائين ١٠ ڊسمبر ١٩٧٩ ع تي مسجد اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٿيو پھرين پوسٽنگ سرور آباد مھيسر ۾ ٿي جيڪو پنھنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. پوءِ پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ١٩٨١ ع ۾ انٽر خانگي پاس ڪيائين ١٩ مئي ١٩٨٢ ع تي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ فريش پرائمري ٽيچر جو آرڊر ٿيو، هڪ سال گذرڻ بعد روحاني سلسلو بہ الله جي فضل و ڪرم سان حاصل ٿيو۔ جو روحاني رهبر غوث الزمان سخي سادات حضرت قبله سيد غلام حسين شاه بخاري غفاري نقشبندي مجددي نورالله مرقده جن جي مبارڪ هٿ تي نقشبندي سلسله عاليه ۾ بعيت ٿي ۽ حسيني فقير سڏائڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ الله پاڪ کان دعا آهي تہ سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ٻچڙن سان تا قيام ادب جو سلسلو قائم ۽ دائم رکي آمين۔
منظور علي مھيسر جي پرائمري ٽيچر دوران جن اسڪولن ۾ بدلي ٿي انھن ۾ جي پي ايس ڌڱاڻو مھيسر، جي پي ايس حاجي احمد خان جتوئي، جي پي ايس حاجي محمد خان بوزدار، جي پي ايس محمد فاضل مھيسر، جي پي ايس ڪوٽ لعل بخش مھيسر ۽ جي پي ايس جان محمد انڙ سر فهرست آهن.
١٩٨٣/٨٤ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مين لاڙڪاڻو مان پي ٽي سي پاس ڪيائين ١٩٨٦ ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان خانگي طور بي اي پاس ڪيائين۔١٩٨٩ ع ۾ شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ پاس ڪيائين. ١٩٩٣ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج حيدر آباد مان سي ٽي پاس ڪيائين۔ ١٩٩٤ ع م شاه عبد اللطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين ۽
مولوي عربي، مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جو امتحان سکر بورڊ مان پاس ڪيائين ١٩٩٨ ع ۾ ايم ايڊ جو امتحان الخير يونيورسٽي آزاد ڄمو ڪشمير مان پاس ڪيائين۔ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي بہ ڪوشش ڪيائين پر يونيورسٽي ۾ مذهبي تضاد سبب اهڙي اميد کان رهجي ويو. ١٩٩٨ ع کان ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاه گل بخاري کي ادبي استاد قبولي نثر جي شروعات ڪيائين ۽ پھريون ڪتاب جنوري ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پھريون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٻيو ڪتاب مارچ ١٩٩٩ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٻيو جي نالي سان شائع ٿيو۔ ٽيون ڪتاب مئي١٩٩٩ ع ۾ اسان جو آقا اسان جو رهبر صلي الله عليہ و آلہ وسلم شائع ٿيو۔ چوٿون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠٠ ع ۾ اسان مسلمان ڪيئن آهيون شائع ٿيو۔ پنجون ڪتاب نومبر ٢٠٠١ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ٽيون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڇهون ڪتاب مئي ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو چوٿون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ستون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو پنجون جي نالي سان شائع ٿيو۔ اٺون ڪتاب ٢٠٠٢ ع ۾ الحسيني جي نالي سان شائع ٿيو۔ نائون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا حصو ڇهون جي نالي سان شائع ٿيو۔ ڏهون ڪتاب اپريل ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو خير پور ميرس لکيو۔ يارهون ڪتاب آگسٽ ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو دادو لکيو۔ ٻارهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو سکر شڪارپور لکيو۔ تيرهون ڪتاب ٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه ضلعو نوشھرو فيروز لکيو ۔ چوڏهون۔ ڪتاب٢٠٠٥ ع ۾ مھيسر نامه صوبہ پنجاب لکيو۔ مئي ٢٠٠٦ ع ۾ سجاول جا سگهڙ پندرهون ڪتاب لکيو۔ سورهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٢ ع شائع ٿيو ۔ سترهون ڪتاب اپريل ٢٠١٣ ع ۾ گڏيل گل گلاب جا شائع ٿيو ۔ارڙهون ڪتاب سوکڙي ٢٠١٧ ع شائع ٿيو۔اوڻيھون ڪتاب۔ سوکڙي ٢٠١٨ ع شائع ٿيو۔ ويھون ڪتاب۔ جنوري ٢٠٢٣ ع ۾ جاني جدا ٿي ويا شائع ٿيو۔ايڪيھون ڪتاب مارچ ٢٠٢٣ ع ۾ جيئن ڏٺو مون جانبن کي شائع ٿيو۔ ٻاويھون ڪتاب جون ٢٠٢٣ ع ۾ خيال ملن خيالن سان تہ منزل آسان آ۔ شائع ٿيو۔ ٽيويھون ڪتاب ڊسمبر ٢٠٠١ ع ۾ امن شائع ٿيو۔جوڪجهہ ٢٠٢٣ ع ۾ چوويھون ڪتاب شائع ٿيو۔ڪيئن قرب ڪندا ها ڪامل محبت وارن مريدن سان۔ هاڻي پنجويھون ڪتاب تي ڪم ھہلندڙ آهي جڙيا رهن جڳ ۾۔ سگهڙائپ جي فن م سندس استاد آهي سگهڙ عبد الرحمان مھيسر۔ هن وقت حمد، نعت، ڏور بيت، آجيان جا بيت، منقبت، رباعي تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي سماجي ڪمن ۾ بہ جيڪي ڪم ڪيائين آهي هي آهن حسيني ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ٻہ سال جنرل سيڪريٽري ۽ ٻہ سال صدر رهيو۔تعلقو ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سجاول جوڻيجو ۾ ڏھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو۔ مھيسر سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن مسوا ۾ ويھہ سال جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جو تا حيات ميمبر آهي۔ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو پڻ ميمبر آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ جڙيو چانڊيو جو ميمبر آهيءِ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان سال کن کان پڻ وابستا آهي۔ ۴ جوڪجهہ ٢٠١١ ع تي ايڇ ايس ٽي گريڊ سورهين ۾ پرو موشن ٿيو ۽ هاءِ اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر مان ٣١ آڪوبر ٢٠١٨ ع تي رٽائر ٿيو۔ ڪجهہ وقت پنھنجو پرائيوٽ اسڪول بہ کوليائين۔ پوءِ اهو بند ڪري ١٥ جنوري٢٠٢٢ ع تي لاڙڪاڻي ۾ لڏي آيو ۽ شيخ زيد ڪالوني ۾ گلوبل سائنس ڪاليج ۾ پڙھہائي ٿو۔١٩٧٤ ع ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو تہ ان وقت شادي ٿي هئي ۔اولاد ۾ ڇھہ پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون انھن ۾ ٻہ پٽ وفات ڪري ويا هڪ عبد التواب ۔ ٻيو الله بخش ۔ هن وقت چار نياڻيون ۽ چار پٽ آهن پھريون عبد الو حيد ٻيو عبد الصمد ٽيون عبد التواب چوٿون دربان علي مھيسر شامل آهن۔ سندس جذبا اڃا تائين جوان آهن الله پاڪ کيس علم، ادب، ڏات ۽ ڏاهپ ۾ اڃا بہ واڌارو فرمائي. (آمين ثُم آمين)

مَدح

آقا جو شان ڇاھي، رحمان کان پڇي ڏس،
الحمد کان والناس تائين، قرآن کان پڇي ڏس.

نہ ڪو حسين ڏٺو آ، نہ ڪنھن ماءُ ڄڻيو آ،
عاشق ازلي اھڙي، حَسان کان پُڇي ڏِس.

صادق ۽ امين جهڙن، لقبن سان نوازيا،
جاني دشمن اھڙي، مھمان کان پڇي ڏس.

جابر جھڙي عاشق، ڪئي آ دعوت صادق،
وريا ڪيئن ٻچڙا نازڪ، ان جوان کان پڇي ڏس.

عقل دنگ رھجي، وڃي ٿو “مھيسر”،
گهرائي عرش تي عربي، ان سلطان کان پڇي ڏس.

****

مَدح

يا محمد مُصطفىﷺ، سھڻو سردار تون آھين،
اڙين ۽ اٻوجهن جو، آقا آڌار تون آھين.

چنڊ کي ٻہ اڌ ڪرين، وس وارو آھين،
ويل سج کي واپس، ڪندڙ نروار تون آھين.

گلا جيڪو ڪري ٿو، ٻڌين پاڪ ڪنن سان،
پيار ڏئي پنھنجو ڪرڻ، وارو پڳدار تون آھين.

ضعيفن جو ضامن، يتيمن جو حامي،
روئندن کي پرچائي، ڏيندڙ پيار تون آھين.

“مھيسر” کي مصيبت ۾، ڏسي سھي ڪون سگهين،
“حسيني” جو ڀر جهلو، مددگار تون آھين.

****