مُـھاڳ
ترجمو انگريزي لفظ ٽرانسليشن (Translation) لاطيني لفظ ٽرانسليٽيو مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. ترجمي جا ٻہ قسم چيا وڃن ٿا، هڪ کي ايزيٽز ٻيو فڪشنائيز هوندو آهي. سنڌ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ محمد عثمان ڏيپلائي فڪشنائيز ترجما گهڻا ڪيا.
عالمي ليول تي ترجمي نگارن جي هڪ فيڊريشن ٺھيل آهي. (International federation of translators) جنھن ۾ 55 ملڪ 80 هزار کان وڌيڪ سنڌيڪارن جي نمائندگي ڪري ٿي. جنھن جو قيام 1953ع ۾ عمل ۾ آيو. مقدس ڪتاب (اناجيل) جي سنڌيڪار ’سينٽ جيروم‘ جي وفات جي ڏينھن30 سيٽمبر تي ترجمي جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي. سينٽ جيروم کي ترجمي جو روحاني پيشوا يا ’پيءَ‘ تصور ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾هن وقت محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو ٺھيل آهي. جتان ترجمي نگارن جا ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا .
سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريان ترجما مذهبي ڪتابن جا، هڪ ’قران مجيد‘ ٻيو ’بائيبل‘ جا ٿيا، عرب دؤر ۾ قران شريف جو ترجمو 280ھہ ۾ سنڌ جي هڪ راجا، عبدﷲ بن عمر هباريءَ ڏي ڪري موڪليو هو، هن ترجمي جو رڳو ذڪر ملي ٿو ترجمو ٿيل ڪتاب نہ ملي سگهيو آهي، روايت آهي تہ اهو ترجمو ان وقت جي رائج سنڌي لپيءَ ۾ ٿيو هو. موجودہ لپي ان کان الڳ آهي، روايت آهي تہ ان دؤر ۾ سنڌ ۾ ست لپيون رائج هيون گهڻي رائج خداوادي لپي هئي. ٻيو ترجمو ”متي“ نالي سان بائيبل مان ’سينٽ مئٿيور‘ جو سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ 1819ع شايع ٿيو. هن ترجمي کي پھريون سنڌي ٻوليءَ جو ترجمو چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب برٽش لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. جنھن کي سنڌي ٻوليءَ جي پھرئين ڪتاب جو شرف حاصل آهي. ان دؤر ۾ ضرور ڪي ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ٿيا هوندا، پر انھن جو مڪمل تفصيل اڃا ناهي ملي سگهيو.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، لپيءَ کي نئين سرسنواريو ويو، ۽ درسي ڪتاب ڇپيا تہ ٻاهريون ادب ترجمي جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سيوهڻ ڄائي نامور عالم ديوان ننديرام ميرچنداڻي، تاريخ معصوميءَ کي فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾1854ع ۾ ترجمو ڪيو.کيس ان ترجمي تي سرڪار پاران انعام بہ مليو هو. ديوان ننديرام هڪ ٻيو ڪتاب ’ايسپ جون آکاڻيون‘ 1854ع ۾ پڻ ترجمو ڪيو. ان ئي دؤر ۾ ڪيترائي ٻاراڻا ڪتاب ۽ تاريخ جا ڪتاب ترجمو ڪيا ويا، ناول ’ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ‘ غلام حسين جو ترجمو شايع ٿيو. جلد ئي ’ڪتاب سڌا تورو ڪڌا تورو‘ ترجمو ٿي شايع ٿيو. راسيلاس 1968ع ۾ انگريزي زبان مان ديوان اُڌارام ۽ نولراءِ ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر کان ترجمو باقائدي شروع ٿيو، انگريزي، هندي، اردو، فارسي، عربي ۽ ٻين ٻولين مان ترجما ڪيا ويا. ديوان ننديرام مير چنداڻي سيوهاڻيءَ، ڪاهنداس، قاضي غلام حسين، مرزا قليچ بيگ، واڌو مل چنديرام، گرڏنو لالسنگهہ سيوهاڻي، ڄيٺمل پرسرام، محمد حنيف صديقي، محمد ابراهيم جويو، آغا سليم، ولي رام ولڀ، م. ن. محزون، تنوير عباسي، عطا محمدڀنڀرو، جڳت آڏواڻي، نجم عباسي، يوسف سنڌي، نياز همايوني، سومار علي سومرو، مدد علي سنڌي، ممتاز بخاري، مخدوم امير احمد، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، عمر سومرو، عنايت بلوچ علي اظھار، ننگر چنا، قربان چنا، مشتاق مسرور باريچو، حسين بادشاهه، الطاف ملڪاڻي، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، نواز خان زنئور، نبي بخش دانش شر، انس راڄپر، امجد سراج ميمڻ ،۽ ٻين ترجمي جي حوالي سان پاڻ ملھايو آهي ۽ ٻاهرين عالمي ادب کان سنڌ جي ماڻھن کي مالا مال ڪيو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جو پنھنجو شاندر ادب هن وقت تائين ترجمي جي صورت ۾ عالمي دنيا تائين پھچي ناهي سگهيو. جڏهن تہ سنڌيءَ ۾ هزارين ڪتاب ٻاهرئين ادب جا ترجمو ٿي چڪا آهن. عربيءَ مان قران شريف جا ڪيترائي ترجما سنڌ جي عالمن ڪيا آهن .جن ۾ علامہ علي خان ابڙو ۽ تاج محمد امروٽي جا ترجما مشھور آهن.
سنڌيءَ ٻوليءَ مان ڪي ٿورا ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. شاھہ لطيف رسالو ارنسٽ ٽرمپ پھريون ڀيرو 1866ع ۾ جرمني زبان ۾ ترجمو ڪيو. ايلسا قاضي شاھہ لطيف جو رسالو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. شاھہ جا رسالا ڪجهہ ٻين مترجمن بہ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن.شاھہ لطيف جي شاعري انگريزيءَ کان سواءِ،اردو، بلوچي، سرائڪي، ڍاٽڪي، پنجابي، بروهڪي، سرائڪي، ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي امام شيخ اياز جا چار ڪتاب هن وقت تائين انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. هڪ‘The STORMS CALL FOR PRAYERS’ جي نالي سان آصف فرخيءَ 1999ع ترجمو ڪيو آهي. ٻيوIMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ جي نالي سان جي. ايم گرگلاڻي2003ع ۾ترجمو ڪيو آهي.ٽيون SONGS OF FREEDOM جي نالي سان سليم نور حسين 2003ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. چوٿون، ‘ ON THE BANK OF INDUS’ جي نالي سان لطيف نوناريءَ 2006ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. اياز جو ٻيو ڪجهہ شعر هندي،اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمنيءَ زبان ۾ ترجمو پڻ ٿيو آهي. انگريزي ترجمي کان پھرين فهميدہ رياض سندس شاعري اردوءَ ۾ ڪتابي صورت ۾ ‘حلقہ ميري زنجير ڪا ’ جي نالي سان 1974ع ۾ ترجمو ڪري ڇپائي. نامياري شاعر اياز گل جي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي جو ڪتاب ‘The Exiled Memories ’نالي سان 2021ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن خيرپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جو ترجمي نگار لطيف نوناري آهي. نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ جوڪتاب ‘Elegy Brave Hearts Tomorrow’ جي نالي ڊڪٽر سحر گل انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي سو پڻ ڇپيل آهي. جڏهن تہ نامور شاعرہ روبينہ ابڙو جي شاعري محمد هاشم سولنگيءَ انگريزي ءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پر اڃا اهو ڪتاب ڇپجي ناهي سگهيو، مدد علي سنڌيءُ ۾ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ڪھاڻين جون مرتب ڪيو آهي جيڪو مختلف ترجمي نگارن جو ترجمو ٿيل ۽ ڇپيل آهي ۽ ڪجهہ ڪتاب مختلف صنفن تي انگريزيءَ ۾ اصلوڪا لکيل آهن.
اسان جي دوست، روشن خيال،ترقي پسند، فلسفي، ڏاهي، معلم ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي جڳ مشھور ليکڪ يووال نوح هراري جو ڪتاب HOMO DEUS :A BRIEF HISTORY OF TOMORROW جو مختصر اختصار سان تز ترجمو ‘هيمو ڊيئس : سڀاڻي جي مختصر تاريخ’ جي نالي سان ڪيو آهي. انگريزي زبان ۾ تہ هي ڪتاب 500 صفحن کان مٿي آهي. پر ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جي مختلف بابن جو نچوڙ ڪڍي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو، يُووال نوح هراريءَ جي شخصيت ۽ تصنيفن جو عاشق آهي .
ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي ڪتاب جي يارهن بابن جو جدا جدا ترجمو ڪري هر هڪ باب کي جدا رکيو آهي جيئن هرهڪ باب کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، ترجمو آسان ۽ ڏاڍو تز ڪيو ويو آهي .ڊاڪٽر محمد الياس ڀُٽي ترجمي ۾ ڪا ڏکي ٻولي استعمال نہ ٿو ڪري هو عام ٻولي استعمال ٿو ڪري. جنھن سان پڙهندڙ جلد ڳالھہ جو مقصد سمجهي وڃي ٿو. ڊاڪٽر هڪ طويل ڪتاب جو مختصر ترجمو ڪري ڪتاب کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. هن وقت طويل ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪو تيار ناهي اُن ڪري آنءٌ سمجهان ٿو تہ هن ڪتاب جو مختصر اختصار پڙهڻ فاعدي وٽان آهي . هاڻ تہ گوگل تي هر شيءِ ٽرانسليٽ ٿئي پئي، پر هي ترجمو ڊاڪٽر صاحب گوگل تان ناهي ڪيو، ٿي سگهي ڪجهہ سالن ۾ ليکڪ قلم سان ترجمو ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ گوگل ٽرانسليشن جو رواج پئجي وڃي، پر اسان جي عالمن قلم جي پورهيي سان جيڪي ترجما ڪيا، ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ٻاهرئين عالمي ادب کان روشناس ڪرايو سي ترجما شاهڪار آهن. اميد تہ اڳتي بہ اهڙا ڪتابَ ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو ترجما ڪندو رهندو .
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
14.10.2024