تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب پنجون: منفرد جوڙو

پنجين باب "منفرد جوڙو" ۾ ڊاڪٽر هرارِي ٻڌائي ٿو تہ پراڻين ڪھاڻين ۽ عقيدن جي موجودگي ۾ اڄ جو انسان بهرحال نئِين ۽ معروضي ڪھاڻي يعني سائنس تي بہ انھن پراڻين ڪھاڻين جيترو ئي ڀروسو ڪري ٿو. اڪثر ڪري جڏهن مذهبي ڌرين پاران اهو چيو ويندو آهي تہ خدا انھن جي مدد ڪندو آهي، جيڪي پنھنجي مدد پاڻ ڪندا آهن تہ ان جو مطلب اهو ئي بيھي ٿو تہ دنيا جي معاملن ۾ خدا جو ڪجهہ بہ نہ وڃي. پر جڏهن اهو ساڳيو مذهبي تصور ماڻھن ۾ ڪم جو اُتساھہ ۽ پنھنجي مدد پاڻ جو جذبو ۽ تحرڪ پيدا ڪري ٿو تہ اهو تصور عملِي طرح سان بلڪل ڪارائتو بڻجي پوي ٿو. پر حالتون مَٽجي رهيون آهن ۽ نين معروضي ڪھاڻين يا سائنسي سچائين ڏانھن ماڻھو وڌيڪ تيزي سان ڇِڪبا پيا وڃن. پراڻيون مذهبي ڪھاڻيون جيتوڻيڪ وڏي پيماني تي انساني تعاون پيدا ڪرڻ وسيلي وڏا وڏا ڪم ۽ ڪارناما ڪري سگهيون، پر پوءِ بہ اهي دنيا مان ڏڪار، وبائون ۽ جنگيون ختم نہ ڪري سگهيون آهن. اهو سِهرو وري بہ دنيا جي جديد سائنسي ڪھاڻيءَ جي سِرَ تي آهي. ان جو مطلب اهو وڃي بيھي ٿو تہ اڄڪلھہ بين الافرادي فرضِي ڪھاڻي (Intersubjective myth) جي جاءِ تي ماڻھن ۾ سائنسي ۽ معروضي ڪھاڻي پير پختا ڪري بيٺِي آهي. انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي انقلابن بدولت ايندڙ وقت ۾ انسان جڏهن پاڻ کي خدائي صفتن سان مالا مال ڪري ڇڏيندا، يعني اهي غير فاني بڻجي ويندا ۽ انھن لاءِ بُک ۽ بيماري جا تصور نہ رهندا ۽ پِيرِي ۽ موت جي جاءِ تي انيڪ مُسرتون سندن هنجن ۾ هونديون، تڏهن تصوراتي خدائن، قومن ۽ ڪارپوريشنن ۾ عقيدي کي ڇڏي ڇو نہ انسان پنھنجي جسماني ۽ حياتياتي سچائي جي کوجنا ۾ اڃان وڌيڪ جنبي ويندا؟ هرارِي هتي هڪ ڏاڪو وڌيڪ چڙهِي چوي ٿو تہ نئين دنيا ۾ شايد ڪھاڻين جي اهميت گهٽ نہ ٿئي، پر اڃان بہ وڌيڪ پختِي ٿي وڃي. هن مطابق بايو ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلابي دؤر ۾ تصور ۽ حقيقت يا مذهب ۽ سائنس جو فرق شايد ختم ٿي وڃي، ڇو تہ خدا بڻيل انسان اُن قابل هوندا تہ اهي اسان جي جسمن، دماغن ۽ ذهنن يعني سوچن تي پڻ ضابطو رکي سگهندا!!!
ان ڪري مذهب ۽ سائنس جي حيثيت هڪ زال ۽ مڙس جي جوڙي وانگر آهي جنھن جا ساٿي تاريخ جي گذريل 500 سالن جي ساٿ کان پوءِ بہ هڪ ٻئي کي اڃان پُورو سمجِهي نہ سگهيا آهن ۽ وقتي طرح سان هڪ ٻئي سان پيا وڙهندا رهيا آهن.
هر مذهب وٽ پنھنجِي پنھنجِي ڪھاڻي آهي. مذهب جو اهم موضوع خدا جو تصور نہ آهي، پر انساني رابطو آهي جيڪو کين هڪ گڏيل ۽ عام مقصد لاءِ اجنبي ماڻھن کي جوڙي رکي ٿو. جڏهن تہ روحانيت وري هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو پانڌيئڙن کي اڻ ڏٺل ۽ پُرخطر راهن ۽ سوالن جي جوابن جي ڳولا ڏانھن وٺي وڃي ٿو، جتي کين جڏهن ذرو بہ پراپت ٿئي ٿو تہ پُوڄارو پُر ٿِي وڃي ٿو. روحانيت جا اهم سوال هي رهيا آهن: آئون ڪير آهيان؟ زندگيءَ جِي معنيٰ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ روحانيت مادِي جسم جي تسڪين کان بالاتر ٿي زندگي ۽ ڪائنات جي معنيٰ ۽ وُسعت جي سچائي کي پرکيندڙ آهي. ان ڪري اڪثر ڪري روحانيت جا پانڌيئڙا مذهبي ڪھاڻين جي سچائيءَ کان باغي ٿي ويندا آهن، ڇو تہ ڳُوڙِهي سوچ انھن جي ذهنن تان مختلف جھالتن ۽ ظلمن جي پردا هٽائيندِي رهندِي آهي. اهو سفر انفرادي طور مثبت نتيجا ڏيندڙ آهي، جڏهن تہ اجتماعي طور تي انساني تعاون جي فضا قائم رکڻ لاءِ اِهو موزون نہ آهي. ڇو تہ ان لاءِ اسان وٽ هر ڳالھہ جي متعلق پڪن ۽ پختن جوابن واريون ڪھاڻيون هجڻ گهرجن نہ ڪِي انھن جي خلاف ڪي سوال.
مذهبي ڪھاڻيون گهڻو ڪري ٽن حصن تي ٻڌل هونديون آهن:

• اخلاقي فيصلا جيئن: "انساني زندگي مقدس آهي"
• حقيقت تي ٻڌل بيان جيئن: "انساني زندگي حمل قرار پائڻ سان شروع ٿئي ٿي"
• اخلاقي ۽ حقيقت تي ٻڌل بيان جي پاڻ ۾ ڀيٽ جيئن: "توهان حمل کي ڪنھن بہ صورت ۾ ضايع نہ ٿا ڪري سگهو چاهي اهو هڪ ڏينھن جو ئي ڇو نہ هجي،"

مذهب ۽ سائنس بظاهر پاڻ ۾ ٽڪراءُ وارِي حالت ۾ نظر اچن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي ٻئي تاريخ جي سفر ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ ڀرجهلا رهيا آهن. مذهب هم آهنگِي ۽ تعاون پيدا ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن سماجي ڍانچو برقرار رهي ۽ ان ۾ بِگاڙ پيدا نہ ٿئي. جڏهن تہ سائنس وري طاقت چاهي ٿي تہ جيئن بيمارين جو علاج ڳولي سگهجي، جنگيون وڙِهي سگهجن ۽ جهجهي مقدار ۾ کاڌو پيدا ڪري سگهجي. ماڻھو انفرادي طور ڀلِي معروضي سچائي تائين پھچڻ چاهيندا هجن، پر اجتماعي طرح سان مذهب ۽ سائنس ٻَئِي سچائي جي ڀيٽ ۾ طاقت کي ۽ هم آهنگي کي ئي ترجيح ڏين ٿا. ان ڪري سچائيءَ تائين پھچڻ جو فقط هڪ ئي رستو وڃِي بچي ٿو، جيڪو آهي روحانيت ۽ روحاني سفر. ايڪيھين صدي تائين انساني تاريخ جو سفر مذهبِي، اشتراڪِي، سرمايہ دارِي ۽ نسلي برترِي (نازِي اِزم) جي لاهين چاڙهين کان ٿيندو انسان-پسنديت يا انسانيت (Humanism) جھڙي اعليٰ مرتبي تائين پھتو آهي، جيڪو مذهب ۽ سائنس جو بيمثال سنجوڳ يا ميلاپ آهي، پر ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي تہ اِهو سنجوڳ بہ ايندڙ انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي انقلاب دوران پنھنجو وجود شايد باقِي نہ رکِي سگهي.