باب ٽيون: انساني چڻنگ
هن جي جواب ۾ هراري ثبوتن سان اهو واضع ڪري ٿو تہ انسانن توڙي سڀني جانورن جي سوچ ۽ جذبا جھڙوڪ غصو يا ڪاوڙ (ٻين جي سوچ ۽ رويي سان سھمت نہ هجڻ)، همت (مقابلي ڪرڻ جي همت)، خوف ( مقابلي جي ڊپ جو غالب اچڻ )، فرار (مقابلي کان پوئتي هٽڻ)، پيار (پنھنجي نسل کي جاري رکڻ ۽ جِين منتقل ڪرڻ)، نفرت (نقصانڪار شيءَ کان پاسو ڪرڻ ) ۽ خوشي (پنھنجون جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي گهرجون پوريون ڪرڻ) وغيرہ هڪجھڙا آهن، جيڪي اسان جي توڙي جانورن جي دماغن ۾ 80 ارب نيوران گهرڙن جي فائرنگ ۽ انھن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيده تعلقات جا نتيجا آهن. شعور ۽ روح جي حوالي سان 7 جولاءِ 2012ع ۾ دنيا جي دماغي سائنسدانن "شعور متعلق ڪيمبرج اعلان" ۾ يڪراءِ طور تي اهو واضع ڪيو آهي تہ نہ رڳو انسانن پر ٻين جانورن ۽ مخلوقات ۾ پڻ انسان وانگر پيچيده نيوراني، ڪيميائي ۽ دماغي-رابطن جا عمل سندن دماغن ۾ ٿيندا آهن، جيڪي انھن ۾ انسانن وانگر مٿيان احساس ۽ جذبا پيدا ڪندا آهن. مطلب تہ انسان حياتياتي ۽ روحاني طرح سان جانورن کان وڌيڪ بھتر ۽ برتر نہ آهي. ان ڪري جانورن، پکين، مڇين، ريڙهيون پائيندڙ نانگن بلائن ۽ ڀونءِ آبي جاندارن (خشڪي توڙي پاڻيءَ ۾ زندھہ رهندڙ جانورن) وغيرہ کي ايذاءُ يا تڪليف پھچائڻ يا انھن جي فطري حياتي کي تبديل ڪرڻ يا انھن جي حياتي کسڻ جي ذميواري يا ڏوھہ ملوث انسان يا انسانن جي مٿان آهي.
هرارِي مطابق انسان پنھنجين غلطين کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ اڪثر ڪري مذهبن جو سھارو وٺندو آيو آهي. جانورن جي دنيا ٻن سچائين تي ٻڌل هوندي آهي: هڪ سندن ذاتي سوچ يا پسند نا پسند تي ٻڌل سچائي (موضوعي) ۽ ٻي وري مادِي دنيا ۾ موجود شين بابت سچائي (معروضي)، جھڙوڪ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور، جبل، درياءَ وغيرہ. پر هنن ٻن سچائين کان سواءِ هڪ ٽئين سچائي بہ هوندي آهي، جيڪا فقط انساني سماج ۾ ئي گهڙِي وئي آهي. اها آهي مختلف ماڻھن جي وچ ۾ موجود عام سوچ ۽ سمجهہ واري سچائي يا بين الافرادي سچائي (Inter-subjective reality). هي سچائي مادِي دنيا ۾ ٻاهر موجود نہ هوندي آهي پر انساني سماج ۾ ضرور موجود هوندي آهي. هن جو واسطو ۽ انحصار انسانن جي ڪھاڻيون گهڙڻ واري خوبي ۽ هڪ ٻئي سان رابطي جي ڄارن تي آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي سچائيون هن قسم جون يعني بين الافرادي سچائيون آهن ۽ اهي ماڻھن جي عام سوچ ۽ عقيدي سان وابستہ آهن. مثال طور، ناڻي يعني پئسن يا روپين يا ڊالرن وغيرہ کي ڏسجي تہ انھن جي بذاتِ خود ڪا اهميت ۽ قيمت نہ آهي، ڇو تہ اهي فقط ڪاغذ جي ٽڪرا ئي تہ آهن. پر جيئن تہ هر ماڻھو جي نظر ۾ انھن جي اهميت آهي ۽ انھن بابت دنيا جا تقريبن سڀ ماڻھو اهڙو عقيدو ۽ ويساھہ رکن ٿا، انڪري اهي اهم آهن ۽ اسان انھن سان شين ۽ خدمتن جي خريد ۽ فروخت ڪري سگهون ٿا ۽ ڪندا آهيون. ساڳي ريت ڪارپوريشنون، ملڪ يا مختلف کاتا وغيرہ مادِي دنيا ۾ معروضي طرح تہ موجود نہ آهن پر اهي اسان جي سماج ۾ ايترا ئي موجود سمجهيا ويندا آهن جيترا وڻ ٽڻ ٻوٽا، جانور، جبل، درياءَ وغيرہ. حقيقت ۾ اهي شيون (ناڻو، ڪارپوريشنون، ملڪ، ڪمپنيون، کاتا وغيرہ) اسان ماڻھن جي وچ ۾ گڏيل سوچ، عقيدي ۽ ڀروسي کي ظاهر ڪن ٿيون.
◙