تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب چوٿون: ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ

چوٿين باب "ڪھاڻيون ٻڌائيندڙ" ۾ هراري چوي ٿو تہ انسان ٻين جانورن کان هن لحاظ کان مختلف آهي تہ جانور ٻِٽِي سچائي واري دنيا ۾ رهن ٿا؛ يعني هڪ پاسي اُهي پنھنجي ذات کان ٻاهر وارين شين جھڙوڪ وڻن، جبلن ۽ دريائن وغيرہ سان مانوس آهن، تہ ٻئي پاسي وري اهي پنھنجي ذات جي اندر موضوعي طرح سان موجود حسي ۽ وقوفي يا ذهني تجربن جھڙوڪ ڊپ، مزو ۽ خواهش وغيرہ سان مانوس آهن ۽ انھن تي انحصار ڪندڙ آهن. پر انسان هن سلسلي ۾ ٽي-رُخِي سچائي تي انحصار ڪري ٿو، جنھن ۾ سندس سچائي جا ٻہ رُخ تہ مٿيان ساڳيا آهن پر ٽيون رُخ بلڪل نئون آهي جيڪو آهي شين ۽ خيالن متعلق ڪھاڻيون گهڙَڻ. انسان هن ڏانءُ جي ڪري نوٽن، خدائن، قومن ۽ ڪارپوريشنن متعلق وقتن فوقتن ڪھاڻيون پئي گهڙِيون آهن. انھن ڪھاڻين ئي تاريخ جي ڌارا ۾ انسان کي پٿر جي دؤر کان زراعت جي انقلاب تائين، زراعت جي انقلاب کان صنعت جي انقلاب تائين ۽ صنعت جي انقلاب کان موجودہ سليڪان دور (ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وغيرہ) جي انقلاب تائين پئي ڌِڪيو آهي، ڇو تہ ڪھاڻين جي حيثيت هڪ ٽئين سچائي وارِي آهي جيڪا مادِي دنيا ۾ معروضي طرح نہ پر مختلف ماڻھن جي وچ ۾ هڪ بين الافرادي (Inter subjective) عقيدي طور رهي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو انساني تاريخ ۾ هزارن کان ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد تائين اجنبي ماڻھو گڏيل مقصدن ۽ مفادن تحت هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا رهيا آهن.
ڪھاڻين گهڙڻ جو ڌنڌو اٽڪل 70 هزار سال اڳ ان وقت شروع ٿيو هو جڏهن ٻولِي کي علامتي اظھار جو روپ ڏنو ويو ۽ نتيجي ۾ هڪ عام ڀولڙن يا انساني مخلوق منجهہ وقوفي يا ذهني انقلاب برپا ٿيو. هن انقلاب ماڻھن کي ان قابل بڻائي ڇڏيو جو اهي پنھنجن ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن ۽ تصورن بابت ٻين ماڻھن کي آگاھہ ڪرڻ لڳا ۽ اهي مختلف موضوعن تي ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳا. شروع وارن 60 هزار سالن دوران سندن ڪھاڻيون مقامي سطح تائين ماڻھن کي جوڙي رکڻ ۾ ڪامياب رهيون. ان دؤر جي اهم ڪھاڻين ۾ قبيلي جي گذاري ويل اڳواڻ جي روح جي پُوڄا ڪرڻ يا وري سامونڊي سِپين منجهان ملندڙ ناياب موتين جي پوڄا وغيرہ جھڙا تصور شامل هئا. اڳتي هلي 12 هزار سال اڳ جڏهن زرعي انقلاب آيو تہ انھن تصوراتي ڪھاڻين بہ وڌيڪ بھتر صورت اختيار ڪئي ۽ مختلف عظيم خدائن جا تصور ٺھيا. اڳتي هلي انھن خدائن سان نہ رڳو زمين ۽ ان جي اپت جو ڪجهہ حصو پر انساني زندگيءَ مان انھن جي خدمت ۽ عبادت جو ڪجهہ حصو پڻ جُڙي ويو. جيترو جيترو اسان جو مادِي حصو يا خيراتي دان توڙي جسماني عبادت جو حصو وڌندو ويو اوترو اوترو اجنبي ماڻھن جو هڪ ٻئي سان تعاون پڻ وڌندو رهيو. نتيجي ۾ هاڻي هزارن نہ پر لکن جي تعداد ۾ ماڻھن انھن ڪھاڻين جي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڀرپور تعاون ڪرڻ شروع ڪيو ۽ دنيا ۾ مختلف عبادت گهر يعني مندر ۽ چرچ وغيرہ ٺھي ويا ۽ خدا جي قانون کي نين ٺھيندڙ سلطنتن ۾ رائج ڪيو ويو. اهڙي نموني انساني تعاون جو وڏي پيماني تي پرچار ۽ عمل شروع ٿيو.گڏيل انساني تعاون جي ڪري هڪ طرف تہ دريائن ۽ قدرتي آفتن جي خوف کي بندن ٻڌڻ ۽ ڪينالن کوٽڻ وسيلي ختم ڪيو ويو ۽ اجتماعي معاشرتي مَشِين ۾ انسان کي هڪ عظيم مقصد لاءِ هڪ اهم پُرزو بڻايو ويو، تہ ٻئي طرف وري زرعي انقلاب برپا ٿي ويو، جنھن اڳتي هلي گهڙيل ڪھاڻين وارن خدائن کي حقيقي خدائن ۾ پڻ تبديل ڪري ڇڏيو. جنھن جو مثال مصر جو بادشاھہ فرعون هو. فرعون مصر ۾ لکين مزدورن وسيلي گهڙيل ڪھاڻي جھڙوڪ خدا جي تصور ۽ ان کي راضي ڪرڻ جي فرضي تصور وسيلي ناقابلِ يقين حد تائين مختلف ڪم ۽ ڪارناما ڪري ڏيکاريا. اهي سڀ ڪم ۽ ڪارناما فقط اجتماعي تعاون بدولت ممڪن ٿي سگهيا هئا. جھڙوڪ انھن گڏجي ڊيم ٺاهيا، ڪينال کوٽيا، ڏڪارن کي ختم ڪيو ۽ ايسيتائين جو احرامِ مصر جھڙا دنيا جا عجوبا پڻ ٺاهيا، جيڪي اڄ بہ دنيا کي حيرت ۾ وجھاندڙ آهن. جيئن تہ خدا ڪڏهن بہ مري نہ ٿا سگهن ۽ انھن کي ٻار بہ ڪونھن، ان ڪري انھن جون طاقتون ۽ ملڪيتون ڏينھون ڏينھن وڌنديون رهيون. سُميريائي تهذيب (پنج هزار سال اڳ) دوران تاريخ ۾ پھريون دفعو لکت ۽ پئسي يا ناڻي جو نظام لاڳو ڪيو ويو. پئسو يا ناڻو دنيا جي پھرين اهڙي گهڙِيل ڪھاڻي هئي، جنھن لکين نہ پر ڪروڙين ۽ اربين اجنبي ماڻھن جي وچ ۾ تعاون جي راھہ هموار ڪئي جيڪا اڄ بہ قائم آهي.
لکت جي ابتدا سان ڄڻ تہ گهڙيل ڪھاڻين معروضي حقيقت جو روپ ورتو، ان ڪري سلطنت جي ڪارندن جي لکتن کي اڻٽر قانون جي حيثيت ملي وئي؛ پر لکت ۾ هيرا ڦيرين جي ڪري وقتن فوقن مسئلن بہ ڪَرُ کنيو، جھڙوڪ چين ۾ 1958ع ڌاري ملڪي سطح تي هڪ وڏي ڏُڪار جنم ورتو، جنھن ڪروڙين ماڻھن کي موت جي ابدي ننڊ سُمھاري ڇڏيو. ٿيو ايئن جو سرڪاري ڪارندن بدعنواني ۽ پئسا هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ گُدامن مان اناج کڻندا رهيا ۽ لکت ۾ ان کي ساڳيو رکندا آيا. اناج جي اصل موجودگي ۽ لکت وارن انگن اکرن ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويو. هي ڳالھہ راز ۾ رَهِي، جنھن ڪري مرڪزي سرڪار ڪروڙين ٽَن چانور ٻين ملڪن کي وڪڻي ڇڏيا. نتيجي ۾ هڪ وڏو ڏڪار پيدا ٿي پيو، جنھن ۾ ڪافي سارو جاني نقصان پڻ ٿيو. وقت سان گڏ ملڪي اشرافيه (بيورو ڪريسي) انھن بيقائدگين تي ضابطو پئي آندو آهي ۽ نتيجي ۾ سرڪاري لکت وڌيڪ بھتر ٿيندي پئي رهي آهي.
جھڙي طرح زمينن، ڪئنالن ۽ ٻنين کي لکت وسيلي محفوظ ڪيو ويو، اهڙي طرح مختلف سلطنتن ۾ موجود ڪھاڻين جھڙوڪ: ناڻي، کاتن ۽ خدائن توڙي مذهبن جي معلومات کي پڻ لکت ۾ محفوظ ڪيو ويو. سرڪار طرفان پني جا بيڪار ٽڪرا نوٽن ۽ ڊالرن جي صورت ۾ ڇاپيا ويا، مذهبي اُصول ۽ مذهبي زندگي گذارڻ جي ڍنگ کي پاڪ ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو. ادارن جا اصول ۽ متا ٺاهيا ويا ۽ انھن جي خلاف ورزي لاءِ سزائن جا قانون ٺاهيا ۽ نافذ ڪيا ويا. اهي سڀ مقصد فقط گهڙيل ڪھاڻين تي پڪي عقيدي ۽ يقين وسيلي ۽ هڪ ٻئي سان انھن ڪھاڻين جي بنياد تي پيدا ڪيل عام ڀروسي وسيلي حاصل ڪيا ويا. جھڙي ريت اڪثر تعليمي ادارن جي پاران سندن فارغ التحصيل شاگردن کي ڏنل پني جو هڪ ٽڪرو يا سرٽيفيڪيٽ بيڪار نہ ٿو سمجهيو وڃي، اهڙي ريت مذهبي ڪتابن جي تعليمات کي پڻ سچو ۽ حرفِ آخر سمجهيو ٿو وڃي. ايئن ئي لکت ۾ گهڙيل ڪھاڻيون هزارن سالن تائين انسانن ۾ ساڳيو اعتماد ۽ اعتقاد برقرار رکيو اچن ٿيون. اڄ بہ حلف کڻندڙ آمريڪا جي صدرن کان وٺي ڪورٽن ۾ شاهديون ڏيندڙن تائين اربين ماڻھو پاڪ ڪتابن تي هٿ رکي قسم کڻندا آهن ۽ بيان ڏيندا آهن.
ڪھاڻين جي اصلي حيثيت ڇا بہ هجي، پر اهي عملي طرح بلڪل ڪارگر آهن ۽ ڪم ڪن ٿيون. اهي ڪروڙين اجنبي ماڻھن جي وچ ۾ باهمي تعاون پيدا ڪن ٿيون. پر سوال اهو آهي تہ ڇا انھن ڪھاڻين انسانن کي هميشہ فائدو ئي ڏنو آهي؟! مذهبي ماڻھو مثال طور مولوي صاحبان اهو چوندا آهن تہ "اسان جو نظام اثرائتو آهي ۽ هن وقت تقريبن ڏيڍ ارب ماڻھو مسلمان آهن ۽ انھن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي؛ يا وري تعليمي ادارن جا منتظمين اهو چوندا آهن تہ اسان جي شاگردن جا امتحاني نتيجا گذريل پنجن سالن کان %7.35 سيڪڙو تائين وڌيا آهن؛ يا وري قديم مصري چوندا هئا تہ اهي وڌيڪ ٽئڪس اوڳاڙين ٿا ۽ انھن ڪيترائي ڪينال کوٽيا آهن ۽ حيرت ۾ وجھاندڙ احرامِ مصر ٺاهيا آهن. پر ڇا واقعي انھن بنيادن تي اسان ڪنھن نظام جي مؤثر هجڻ ۽ ڪامياب هجڻ کي تسليم ڪري سگهون ٿا؟! انسانن جي خوش هجڻ لاءِ ضروري آهي تہ انھن جون مادِي، سماجي ۽ نفسياتي ضرورتون بھتر نموني سان پوريون ٿينديون هجن. جيڪڏهن ڪنھن بہ دؤر ۾ هڪ هاري يا مزدور جا هٿ ۽ جسم پورهيو ڪندي زخمي ٿيندا هجن پر ان کي موٽ ۾ رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ مناسب مانيءَ ڳڀو بہ ميسر نہ هجي، اهو مختلف اناج پوکيندي بہ اناج لاءِ محتاج هجي، اهو سون جي کاڻين ۾ ڪم ڪندي بہ پنھنجين نياڻين لاءِ سونو ڪوڪو بہ نہ ٺھرائي سگهندو هجي تہ پوءِ اها ترقي تہ نہ چئبي... اهي دعوائون سچيون تہ نہ چئبيون...
تاريخ جو بيانيو ڪو هڪڙو نہ آهي؛ سچائي بہ ڪا هڪڙي نہ آهي؛ تاريخ جا پاسا ۽ سچائيون بہ گهڻ طرفيون ۽ گهڻ رخيون آهن. ان ڪري جڏهن اسان گهڻن مان هڪ پاسو چونڊيون ٿا تہ ظاهر آهي ٻين پاسن کان ۽ ٻين سچائين کان ڄڻ تہ مُنھن موڙي ڇڏيوسين ۽ انھن کي خاموش ڪري ڇڏيوسين. ان حوالي سان انساني گهڙيل ڪھاڻين ۽ تعاون وارن ڄارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين تہ اسان کي خبر پوندي تہ انھن جي ڪاميابي کي ۽ مؤثر هجڻ کي جنھن پيماني ۽ لٺ سان ماپيون ٿا اهو پيمانو ۽ اها لٺ پڻ اسان جي ئي ٺاهيل آهي، جيڪا ضروري نہ آهي تہ گهربل تصور ۽ ڪاميابيءَ کي صحيح بہ ماپيندي هجي. وڌيڪ تہ اسان پنھنجي ٺاهيل شيءَ کي غير شعوري طور وڌيڪ مارڪون ڏيندا آهيون. اسان پنھنجن ٺاهيل تصورن جھڙوڪ خدا، قوم ۽ ڪارپوريشن جھڙن تصورن جي ڪاميابيءَ کي هٿ ٺوڪين پيمانن سان ماپيندا آهيون. ظاهري طرح سان اسان لاءِ اهو مذهب ڪامياب آهي، جنھن جا پوئلڳ وڌندا رهن ۽ ان جي تعليمات تي حرف بحرف پيروي ڪندا رهن ۽ هڪ قوم تڏهن ڪامياب چئبي جڏهن اها وڌيڪ ناڻو ڪمائيندي رهي وغيرہ.
انھن ڪھاڻين جو تاريڪ پهلو اهو آهي تہ اهي اجتماعي طرح سان پنھنجي منشُور مطابق تہ ڪامياب قرار ڏنيون وڃن ٿيون، پر اهي انفرادي سطح تي يعني هڪ عام مذهبي پيروڪار، قوم جي هڪ فرد يا ڪارپوريشن جي هڪ عام مزدور جي حيثيت سان ان کي ڏينھون ڏينھن پَستِي، تڪليف ۽ ذلت ۾ غرق ڪنديون وڃن ٿيون. مثال طور قوميت جي ڪھاڻي جي اثر هيٺ پيدا ٿيل قومي تظادن جي ڪري هڪ ملڪ ٻئي ملڪ سان وڙهي ٿو. توڙي جو اهو جنگ ۾ فتح حاصل ڪري ٿو، پر ان فتح جي باوجود انفرادي طرح سان ان ملڪ جا هزارين ماڻھو پنھنجيون زندگيون وڃائي ويھن ٿا ۽ اوترا يا ان کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پنھنجو ڪو نہ ڪو عضوو وڃائي ويھن ٿا. اها تڪليف حقيقي طرح سان فقط انفرادي طور تي ئي محسوس ڪئي ويندي آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي تہ گهڙيل ڪھاڻين کي فقط ڪھاڻيون ئي سمجهيو وڃي، تہ جيئن بيڪار جنگين کان پاسو ڪري سگهجي ۽ انفرادي ۽ حقيقي اذيت کان محفوظ رهي سگهجي. ياد رهي تہ انھن ڪھاڻين کي انسانن پنھنجي لاءِ ٺاهيو آهي نہ ڪِي ان ڪري ٺاهيو آهي جو پاڻ کي ئي انھن مٿان قربان ڪري ڇڏي. ايڪيھين صديءَ ۾ بايو ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر الگورڌمز وسيلي دنيا ۾ نوان مذهب اچڻ وارا آهن، جيڪي اسان جي وجود جِي نہ فقط هر وقت نگراني ڪندا رهندا پر اسان جي جسمن، دماغن ۽ ذهنن تي اثر انداز ٿي اسان لاءِ نوان تصوراتي بهشت ۽ دوزخ جوڙيندا. ان وقت هٿراڌو گهڙيل تصور ۽ مادِي حقيقت يا ٻين لفظن ۾ مذهب ۽ سائنس ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو.