تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

باب ڇھون: جديد ٺاهُہ

باب ڇھين جي موضوع "جديد ٺاهہ" کي يووال نوح هرارِي مطابق هڪ جملي ۾ سوڙهو ڪري سگهجي ٿو: "اڄ جو انسان دنيا جهان متعلق جوڙيل ‘معنائن’ يا نظرين کي‘‘طاقت’جي حصول جي ڊوڙ ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي". اڄ جي جديد دؤر تائين اڪثر قومون ۽ ثقافتون هن ڪھاڻي تي يقين رکنديون آيون آهن تہ هن وسيع ڪائنات ۾ انسان جو ڪردار تمام اهم آهي. تاريخ ۾ سندس اهو ڪردار سڀني شين تي قادر خدائن يا فطرت طئه ڪيو هو، جنھن کي انسان تبديل نہ پئي ڪري سگهيا. اُن ڪائناتِي تصور انساني زندگيءَ کي معنيٰ تہ ڏني هئي، پر انسانن کي طاقت کان محروم رکيو هو. ان ڪري ماڻھو دنيا جي اسٽيج تي فقط اداڪارن وانگر هئا ۽ خدائي لکت انھن جي اداڪارِي ۾ جان پئي وڌِي، پر اهي پنھنجي طرفان ڪجهہ نہ پئي ڪري سگهيا. اهي فقط اهو ئي ڪري پئي سگهيا، جيڪو انھن لاءِ اڳ ۾ ئي لکيل هو. انھن جي هٿ-وس نہ زندگي ۽ موت هئا ۽ نہ وري ڏڪار، وبائون ۽ جنگيون. ان ڪري انسان انھن کي خدا جي رضا سان مشروط سمجهاندو هو ۽ انھن مصيبتن تي راضِي بہ رهندو هو. هُو اهو سمجهاندو هو تہ چاهي اهي سڀ شيون زندگي ۾ ڀلِي مصيبتون محسوس ٿينديون هجن، پر هُو انھن کي خدا طرفان آزمائشون سمجهي سھندو هو تہ جيئن مرڻ کان پوءِ وارِي زندگيءَ ۾ پاڻ کي بھشت جي نعمتن لاءِ اهل بڻائي سگهي.
"جديد ٺاهہ" ڪائنات جي هن قسم جي تصور کي رد ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪائناتي ڊرامي ۾ انسان فقط اسٽيج تي هڪ اداڪار وانگر نہ آهي؛ سندس زندگي لاءِ ڪو بہ خدائي قانون يا ڪا بہ لکت نہ آهي؛ سندس زندگيءَ واري ڊرامي جو ڪو بہ هدايتڪار نہ آهي؛ نہ وري اهو ڊرامو ڪنھن ٻئي جي پيشڪش آهي؛ ۽ زندگيءَ يا موت جي ڪا بہ معنيٰ نہ آهي. هينئر تائين جي معتبر سائنسي معلومات مطابق ڪائنات مادي جو هڪ اونداهو ۽ انڌو سفر آهي، جنھن جو ڪو خاص مقصد نہ آهي ۽ نہ ئي ان جو وجود، جيڪو ڪائنات جي وٿي ۽ وسعت ۾ جيڪا اربين نُورِي سالن تي ٻڌل آهي، ڪا حيثيت رکي ٿو! ڪائنات ۾ مختلف لقاءَ هڪڙن پٺيان ٻيا پيا ٿيندا ۽ ايندا رهيا آهن ۽ اڳتي بہ ٿيندا ۽ ايندا رهندا. هن منصوبي جو ڪو بہ سُٺو يا خراب اختتام نہ آهي. ان جو مطلب اهو وڃِي بِيھي ٿو تہ انسان کي ڪنھن بہ شي جي جهل پل نہ آهي. انسان جي جھالت ۽ اڻڄاڻائي ئي سندس سڀ کان وڏي رڪاوٽ ۽ جهل پل آهي. وبائون، ڏڪار ۽ جنگيون خدا طرفان آزمائشون نہ آهن، پر اسان پاڻ ئي انھن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. اسان لاءِ بھشت ۽ دوزخ انتظار نہ ڪري رهيا آهن، پر اسان پاڻ ئي پنھنجين زندگين کي آسائشن ۽ تڪليفن سان بھشت ۽ دوزخ بڻائي سگهون ٿا.
هن وقت اسان سائنس ۽ تحقيق ۾ ناڻي جي وڌيڪ سِيڙپ سان وبائن، ڏڪارن ۽ جنگين تي تقريبن ضابطو آڻي چڪا آهيون. آخر هڪ ڏينھن، جيڪو هاڻي گهڻو پري نہ آهي ( 10 کان 20 سال لڳندا)، اهڙو ايندو جڏهن انسان ابدي حياتي، ابدي حُسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي هن دنيا ۾ ئي حاصل ڪري سگهندو. ان وقت جو ننڍو حڪمران طبقو پاڻ کي خدائي صفتن سان ليس ڪري چڪو هوندو.
هرارِي جي خيال مطابق انسان جو لافاني بڻجڻ ۽ خدائي صفتن حاصل ڪرڻ وارو خواب ان ڪري تڪڙو ساڀيان طرف وَڌِي رهيو آهي جو اسان انسان باهمي تعاون وسيلي بھتر مستقبل تي ڀروسو ڪرڻ ۽ ان لاءِ ناڻي جي سيڙپ ڪرڻ سکي سگهيا آهيون. جيئن تہ وبائن، ڏڪارن ۽ جنگين تي ضابطي لاءِ سائنسي تحقيق ۽ سوچ جي ضرورت هوندي آهي، جنھن لاءِ وري اسان کي سيڙپڪارن جي ڀروسي ۽ انھن جي ناڻي يا قرض جي ضرورت پوندي آهي. ان ڪري اڄڪلھہ جي دؤر ۾ اهڙي قسم جو ڀروسو ۽ ناڻو جاکوڙِي سائنسدانن ۽ محققن لاءِ گهڻو تڻو موجود آهي. نتيجي ۾ انسان پنھنجِي معاشي ترقي ۽ پنھنجن خوابن جي تعبير ڏانھن تيزي سان روان دوان آهي ۽ هُو سيڙپڪارن جو ڀروسو ۽ سندن ناڻو انھن کي وياج سميت واپس بہ ڪندو رهي ٿو. اها خاصيت ڪنھن ٻِي مخلوق ۾ موجود نہ آهي.
ارتقائي لحاظ کان ماضي ۾ ڌرتيءَ تي انسانن جي کاڌي خوراڪ جا وسيلا ڄڻ تہ جمود جو شڪار هئا. ڪجهہ خاندانن کي تہ جهجهي مقدار ۾ کاڌو ميسر هجڻ ممڪن هو، پر مجموعي طور تي کاڌي جا وسيلا ساڳيا ئي رهندا پئي آيا. اهو ئي سبب هو تہ روايتي مذهبن جھڙوڪ عيسائيت ۽ اسلام اها ڪوشش ڪئي تہ انسانن جي کاڌ خوراڪ ۽ معاشي ترقي جي وسيلن جي ورڇ ۾ فرق کي گهٽ يا ختم ڪيو وڃي، يا اهي نعمتون يا اهڙا واعدا مرڻ کان پوءِ آسمانن ۾ ٻِي زندگي يعني بھشت جي تصور وسيلي پيش ڪيا وڃن. اهڙي ريت انھن مذهبن ۾ ماڻھن کي جوڙي رکڻ ۽ انھن جي معيشت کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جديديت جو تصور ان جي برعڪس هن ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ معاشي ترقي نہ فقط ممڪن آهي، پر اها هر ايندڙ وقت لاءِ انتھائي ضروري آهي. عبادتون، نيڪ عمل ۽ مراقبا ڀلِي بھتر ۽ اُتساهيندڙ ڇو نہ هجن، پر ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کي فقط معاشي ترقي يا وڌندڙ انساني ۽ مادِي وسيلن سان ئي مُنھن ڏئي سگهجي ٿو.
هن دؤر جا معاشيات جا ماهر ۽ سياستدان معاشي ترقي کي ٽن سببن جي ڪري اهم سمجهان ٿا.

• پھريون سبب هي آهي تہ جڏهن اسان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندا آهيون تہ اسان جي کپت پڻ وڌندي، نتيجي ۾ اسان جي زندگي ۾ آسائش ۽ خوشيءَ جو مقدار بہ وڌندو.
• ٻيون سبب هي آهي تہ وقت سان گڏ انسانن جو تعداد بہ وڌندو ٿو رهي، ان ڪري اسان کي پنھنجا پيداواري وسيلا ۽ اپت بہ وڌائڻا پوندا.
• ٽيون سبب هي آهي تہ جيڪڏهن پيداواري وسيلا ۽ اپت نہ وڌائينداسين ۽ فقط ورڇ کي بھتر بڻائينداسين، تڏهن بہ وڌندڙ انساني آبادي جي ڪري غربت ۽ تشدد ۾ اضافو ئي ٿيندو.

هن وقت بجاءِ ان جي جو عيسائيت ۽ اسلام هيٺ ماڻھن کي خالي دلاسا ڏئي انھن جي زندگين کي جهانم بڻائجي، بھتر اهو آهي تہ آزاد مارڪيٽ، سرمايہ داري، اشتراڪيت ۽ انسان-پسنديت جي اصولن هيٺ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۾ سيڙپ وسيلي معاشي ترقي لاءِ ڪوششون وٺجن ۽ دنيا جي سڀني انسانن جي زندگين کي دنيا ۾ ئي بھشت جھڙين نعمتن سان خوبصورت بڻائجي. هن دؤر ۾ معاشي ترقي (سائنس ۽ تحقيق ۾ وڌ ۾ وڌ سيڙپڪاري) ڄڻ تہ هڪ نئين مذهب جو درجو اختيار ڪري چڪي آهي، جنھن تي دنيا جي سڀني روايتي مذهبن جا پوئلڳ پڻ هڪ جيترو ڀروسو ڪري رهيا آهن. جڏهن وڌيڪ سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ وڌيڪ نفعو حاصل ٿيندو تہ اهو وڌيل نفعو اڃان بہ وڌيڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندو. هاڻي دؤر اچي ويو آهي تہ اسان پنھنجي نفسيات کي پڻ روايتي ۽ پراڻين وسيلا گهٽائيندڙ راندين جھڙوڪ شطرنج وغيرہ سان نہ پر بينڪن مان ملندڙ قرضن ۽ بونسن وسيلي پنھنجي سرمايي ۽ وسيلن کي وڌائيندڙ وڊيو-گيمن جھڙوڪ کاڻيون کوٽڻ (Minecraft) ۽ سيٽلرز آف ڪيٽان جھڙين راندين سان بھتر بڻايون.
تہ ڇا دنيا جي معيشت ۽ انسانن کي ملندڙ معاشي حصي يا ٽُڪري (Pie) جي ماپ يا سائيز هميشہ وڌندي رهندي؟ هن سوال جي جواب ۾ يووال نوح هراري جو خيال آهي تہ روايتي طرح سمجهيو ويندو آهي تہ دنيا ۾ ٻن قسمن جا معاشي وسيلا يعني خام-مال ۽ توانائي موجود آهن. اهي معاشي وسيلا هميشہ مقرر ۽ محدود مقدار ۾ موجود آهن، جيڪي خرچ ٿيڻ سان گهٽ تہ ٿيندا آهن پر انھن کي وڌائي نہ ٿو سگهجي. پر "جديد ٺاهه" ۽ دنيا جي جديد ترقي جا تصور اسان کي ٻڌائين ٿا تہ معاشِي ترقي جا وسيلا ٻہ يعني خام مال ۽ توانائي نہ آهن، پر اهي ٽي آهن: خام مال، توانائي ۽ تحقيق. خام مال ۽ توانائي چاهي مقرر، محدود ۽ ختم ٿيندڙ ڇو نہ هجن، پر سائنسي تحقيق وسيلي نہ فقط خام مال ۽ توانائي جي موجود وسيلن منجهان ملندڙ اپت يا پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، پر دنيا ۾ نت نوان خام مال ۽ توانائي جا ذريعا پڻ ڳولي ۽ استعمال ڪري سگهجن ٿا.
انسانن لاءِ سائنسي تحقيقي انقلاب جي سونهري دريافت سندن "اڻڄاڻائي يا جھالت" جو اعتراف آهي. جڏهن اسان اهو تسليم ڪندا آهيون تہ دنيا توڙي ڪائنات ۾ اسان جو علم تمام ننڍڙو ۽ محدود آهي، تہ ان صورت ۾ اسان لاءِ فطري طور تي نين دنيائن، نين دريافتن ۽ نين ايجادن جا رستا ڄڻ تہ کُلي وڃن ٿا ۽ اسان اُن علم واري گَسَ جا پانڌيئڙا بڻجي وڃون ٿا. نتيجي ۾ انسان ڏينھون ڏينھن ترقي جي نت نون رستن تي هلندي نت نيون ۽ خوبصورت منزلون ماڻيندو رهي ٿو. توانائي کي ئي ڏسو تہ پراڻي وقت ۾ فقط ڪاٺ ۽ ڪوئلو ئي ٻارڻ طور استعمال ٿيندا هئا. زرعي دور ۾ زرعي انقلاب دوران پيدا ٿيل ناڻي ۽ نفعي کي اولھہ جي ڪجهہ ملڪن (برطانيه) ۾ سائنس ۽ کوجنا جي شعبن ۾ جڏهن سيڙايو ويو تہ ٻاڦ تي هلندڙ مشينون ايجاد ٿيون، جن دنيا ۾ صنعتي انقلاب جي راھہ هموار ڪئي. بعد ۾ ٻارڻ جي بيروني ساڙڻ واري طريقي کي اڃان وڌيڪ بھتر بڻائي جڏهن قدرتي تيل ۽ گئس جھڙن ٻارڻن کي مشينن اندر ساڙيو ويو تہ پراڻيون دنيائون، پراڻا طريقا ۽ پراڻيون ثقافتون ئي مَٽجي ويون ۽ صنعتي انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انساني زندگي ۾ تمام گهڻيون آسائشون اچي ويون. صنعتي انقلاب کان پوءِ تحقيق ۾ سيڙپڪاري وسيلي اڄ جو انسان سليڪان انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هاڻي هڪ دفعو وري تحقيق جي بدولت انسان ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائيل ۽ سمارٽ فون وسيلي هڪ نئين انقلاب طرف وڌي رهيو آهي.
ايندڙ وقت جو اهو انقلاب جيڪو ٻن يا ٽن ڏهاڪن جي دُورِي تي آهي، انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم جو انقلاب هوندو، جنھن ۾ صنعتي ترقي ۾ اڳتي وڌيل ٿورڙا ملڪ شايد بک، ڏڪارن، وبائن ۽ جنگين کان اڳتي نڪري وڃن ۽ اتان جي حڪمرانن جو ننڍو ٽولو فاني انسانن مان لافاني بڻجڻ جي خواب جي تعبير ماڻي وٺي ۽ اهي حڪمران سدا حسين، سدا جوان ۽ سدا حيات جھڙين خدائي ۽ بھشتي صلاحيتون ۽ نعمتون حاصل ڪري وٺن. هن وقت توڙي ان ايندڙ وقت ۾ انسانن ۽ ڌرتيءَ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو فقط هڪڙو ئي آهي، اهو آهي ماحولياتي تباهي.
جيڪڏهن ماحولياتي تباهي (وڌندڙ زميني، آبي ۽ فضائي گدلاڻ ۽ ٻيلن جي ڪٽائيءَ جي ڪري وڌندڙ گرين هائوس اِفيڪٽ گئسون، عالمي گرمي جو درجو؛ جهانگلي جيوت جو خاتمو؛ ۽ اوزون جي تباهي) موجودہ رفتار سان وڌندِي رهِي تہ ان جي پيشِ نظر هي ڌرتي جلد ئي انسانن توڙي ٻي حياتي لاءِ تپي ٽانڊو بڻجي ويندي ۽ ايندڙ ڪجهہ ڏهاڪن ۾ رهڻ جي قابل نہ رهندي. هن وقت بہ چين جو بيجِنگ شھر ايترو گدلو ۽ آلوده بڻجي چڪو آهي جو اتي جا ماڻھو پنھنجن گهرن، ادارن ۽ آفيسن، جن ۾ هوا کي صاف ڪرڻ وارا نظام لڳل آهن، کان ٻاهر نڪرڻ پسند نہ ٿا ڪن. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ مجموعي طرح سان اسان انسانن وٽ ڪي گهڻا طريقا نہ آهن، پر پوءِ بہ ڪجهہ طريقا موجود آهن. انھن مان هڪ تہ اسان روايتي ٻارڻ جھڙوڪ قدرتي تيل، گئس ۽ ڪوئلو ٻارڻ بند ڪريون ۽ عالمي سطح تي وڌ ۾ وڌ ٻيلا پوکيون؛ ٻيو طريقو هي آهي تہ وڌندڙ آلودگيءَ جي ناڪاري اثرن (چمڙي جو ڪينسر، گرمي ۽ گدلاڻ) تي انفرادي يا ننڍي پيماني تي ضابطي آڻڻ جا طريقا ڳوليون تہ جيئن پنھنجن گهرن، ادارن، آفيسن ۽ مارڪيٽن ۾ زندگي کي معمول مطابق رکي سگهون؛ ٽيون ۽ آخري طريقو هي بہ ٿي سگهي ٿو تہ مُرڳو هن ڌرتيءَ کان پري ٻئي ڪنھن مناسب سَياري تائين رسائِي حاصل ڪريون ۽ ان تي زندگي جي گهربل سھولتن کي ممڪن بڻايون!
جديد ٺاھہ ۽ دؤر جون ڪيتريون ئي چڱايون ڇو نہ هجن پر ظاهر يا لِڪ ۾ ڄڻ تہ "ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا" هجڻ وارِي ڳالھہ صحيح آهي يا وري "جيڪو ڏاڍو سو گابو" آهي واري ڳالھہ ٺيڪ آهي. عالمي سطح تي دنيا جي گدلاڻ ۾ گذريل ڏهاڪي 2000ع کان 2010ع تائين آلودگي جو مقدار 2.2 سيڪڙو سالانہ جي حساب سان وڌيو آهي ۽ ان آلودگي کي پيدا ڪندڙ دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ آهن. رڳو آمريڪا ئي کي ڏسو تہ اهو سالانہ 1.3% سيڪڙو تائين عالمي گدلاڻ کي وڌائيندڙ ملڪ آهي. تاريخ ۾ اسان کي انصاف نہ ٿو ملي، ڇو تہ اها هڪ حقيقت آهي تہ جڏهن بہ ڌرتي تي مصيبتون آيون آهن تہ انھن جو اثر غريب ملڪن ۽ سندن ماڻھن تي وڌيڪ ٿئي ٿو. جڏهن دنيا ۾ آلودگيءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آواز اُٿي ٿو تہ ان کي پيدا ڪندڙ ۽ وڌائيندڙ ملڪ تمام گهٽ توجھہ ڏين ٿا، ڇو تہ انھن وٽ مقامي طرح انھن اثرن کي گهٽ ڪرڻ جا طريقا بہ وڌيڪ ميسر رهن ٿا. ان ڪري هينئر توڙي ايندڙ وقت ۾ ترقي يافتہ ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جي ڪري اسان جي ڌرتي جڏهن اُٻرندڙ آلُو جھڙي گرم ٿي ويندي تہ اهڙي مصيبت ۾ لوڙيندا وري بہ غريب ملڪ ۽ سندن غريب عوام.