4
اڄ جو هي ويران ۽ حيران کنڊر ڀنڀور، تنهن جي مٽي ۾ پيار جي ڪا ايڏي پوتراتا سمايل آهي، جو صديون گذرڻ بعد به منجهس رچيل پريت جي سڳنڌ، ايئن سمايل آهي. جيئن پرھ ڦٽيءَ جو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي سرهاڻ.
مونکي ننڍپڻ کان دنيا گهمڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر اهڙو موقعو ڪونه مليو. نيٺ اهو وقت به اچي ويو. ائين مون ۽ ڊاڪٽر راڄي پروگرام ٺاهيو ته ٻاهر گهمڻ هلون. سو پروگرام هيئن ٺهيو ته پهرين هندستان پوءِ سري لنڪا، تنهن کان پوءِ ٿائلينڊ، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۽ مڪائو ٻيٽ گهمجي. انهيءَ دؤر ۾ سواءِ هندستان جي ٻين سڀني ملڪن لاءَ پاڪستاني شهريءَ کي ويزا جي ضرورت ڪانه هوندي هئي. ڊاڪٽر سر ظفرالله خان، پاڪستان جي پهرئين وزير خارجه، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته گڏيل هندستان جي شهرين لاءِ سڄي دنيا ۾ پاسپورٽ جي به ضرورت ڪانه هئي، سواءِ روس ۽ ترڪي جي. هينئر ته دنيا جي هڪ ٻن غير ملڪن کان سواءِ پاڪستان جي شهرين لاءِ هر ملڪ لاءِ ويزا ضروري آهي، پر يورپ ۽ جپان جي ويزا ته پاڪستانين لاءِ هاڻ هر روز ڏکي ٿيندي وڃي. يورپي ملڪ نوان قانون ٺاهي ويزا لاءِ وڃن وڌيڪ سخت پابنديون هڻندا. پر وري به آمريڪا جي ويزا اڄ به ڪجهه آسان آهي. انهيءِ سختيءَ جو وڏو سبب، اُت غير قانوني پاڪستانين جو، وڏي تعداد ۾ انهن ملڪن ۾ موجود هئڻ آهي. جيڪي ات پهچي آسائلم يعني سرڪار طرفان پناه حاصل ڪن ٿا. يا ڪنهن پوڙهي عورت سان شادي رچائين ٿا، جنهن کي ھت چون ”پيير ميريج“ ، ٿئي ائين ٿو جو يورپي يونين جي غريب ملڪن جون عورتون، فرانس، انگلينڊ ۽ جرمني پهچي وڃن ٿيون. ڇو ته يورپين يونين جي ملڪن جي شهرين هئڻ ڪري انهن يورپي يونين جي ملڪن ۾ وڃڻ ۽ اتي رهڻ تي ڪابه پابندي ڪانهي. اهي غريب ملڪن جون عورتون اُت پهچي ڪنهن پاڪستاني يا ٻي اهڙي ڪنهن ملڪ جي شهريءَ سان آسانيءَ سان شادي ڪريو ڇڏين. يا وري هر مهيني سٺي رقم وٺي صرف ڪاغذن تائين شادي ڪريو ڇڏين، ته پوءِ ڪورٽون به انهن ماڻهن کي انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو ڇڏين. هاڻ ته انهن ملڪن ۾ انساني حقن واري قانون جي بنياد تي به انهن ملڪن ۾ رهڻ جي اجازت مليو وڃي. جيسين وڃي ڪورٽ فيصلو ڪري، تيستائين ڪيئي سال لڳيو وڃن. اسان جي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو به انهيءَ بنياد تي لنڊن ۾ ڪيئي سال رهي آيو. انهيءَ کان سواءِ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ويزا ختم ٿيڻ کان پوءِ به، غير قانوني طور لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ات رهيا پيا آهن. جن ۾ وڏو تعداد پاڪستانين جو آهي، جن جو موقف آهي ته وري به گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ واپس موڪليندا، ٻيو ڇا ڪندا، سو جيترو به انهن ملڪن ۾ رهي سگهون ٿا، سو رهون ۽ ٻين به غيرقانوني حرڪتن ڪري به پاڪستانين لاءِ دنيا ۾ وڃڻ لاءِ سختيون وڌنديون وڃن.
اسان هندستان جي ويزا لاءِ صبح جو درخواست ڏني ۽ شام جو ويزا ملي وئي. انهي زماني ۾ هندستان جو ڪائونسليٽ ڪراچي ۾ ڪم ڪندو هو، پر هينئر ڪافي وقت کان بند آهي. هاڻ ويزا جو مسئلوGerrys معرفت وسيلي حل ٿئي ٿو. ويزا وٺي آئون ڊاڪٽر عارب راڄو پنهنجي سفر تي روانا ٿي وياسين ۽ تقريباََ ٻارهن ڏينهن هندستان ۾ هئاسين ۽ هندستان ۾ دادا گوبند پنجابي ۽ اُتم اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي. جڏهن اجنتا ۽ الورا گهمڻ هليا وياسين ته ات جل گائون ۾ منهنجي ڳوٺ جا هندو ڀائر جيڪي ورهاڱي کان پوءِ ٻني مان لڏي هندستان آيا ۽ انهن مان گهڻا جل گائون ۾ اچي رهيا هئا. انهن به اسانجي ڏاڍي خدمت ڪئي. اتان واپس اچي مون هندستان بابت سفرنامون لکيو ”ديس بديس“ جي نالي سان، جيڪو پاڪستان ۾ ٻه دفعا ۽ هندستان ۾ هڪ دفعو شايع ٿيو، پر مزي جي ڳالهه ته انهيءَ سڄي سفرنامي ۾ مونکان برصغير جي عظيم سنڌي ڳائڻي، ماسٽر چندر سان ٿيل ملاقات ۽ روح رهاڻ جو احوال درج ڪرڻ رهجي ويو، سو چاهيان ٿو ته انهيءَ مهان راڳيءَ چندر جي ملاقات جو توهان سان به احوال اوريان. ننڍي هوندي پاڪستان ريڊيو تان فرمائش ۾ هندستان جي سنڌي ڳائڻن جا به گانا وڄندا هئا، پر 1965ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل جنگ کان پوءِ ريڊيو ۽ پاڪستان ۾ هندستاني فلمن تي به بندش لڳائي وئي. جڏهن جنرل مشرف پاڪستان جي حڪومت تي فوجي قبضو ڪيو، تڏهن هن هندستاني فلمن ۾ ڊرامن تان بندش لاهي ڇڏي، پر گانن تي شايد اڃان به بندش آهي، البته ايف ايم ريڊيو چينلن تي اڄ به هندستاني گانا هلن پيا. ۽ ماڻهو هندستاني گانن جون وڏي تعداد فرمائشون ڪن ٿا. ننڍپڻ ۾ آئون چندر جا گانا فرمائش ۾ ڏاڍي شوق سان ٻڌندو هوس جنهن مان سندس هڪڙو گانو ته مونکي اڄ به سڄو ياد آهي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن:
”ڀورل جي ڀر ۾ پکڙا اڏياسي، نوڪر چندر سان ڪرڪين ماڻا“
دادا گوبند پنجابي ۽ اُتم ٻئي بابا سائين جا دوست هئا ۽ ساڻس گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ به شامل هئا. آئون هندستان ويس ته ساڻم ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ اتي منهنجي ڏاڍي خاطر تواضح ڪيائون، سڄي ممبئي گهمايائون، پنهنجن گهرن ۽ هوٽلن ۾ منهنجو ڏاڍيون دعوتون ڪيائون. دادا گوبند پنجابي هڪ ڏينهن مونکي ماسٽر چندر جي گهر وٺي هليو، جيڪو صفا پوڙهو ٿي ويو هو. چندر جي گهر واري به زنده هئي. سندس پٽ مهيش چندر، هاڻ هندستان ۾ هندي ۽ سنڌي ڳائڻ ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي، سو ڪنهن پروگرام تحت، ممبئي کان ٻاهر ويل هو، اسان ٻنپهرن جي ماني به ماسٽر چندر جي گهر کاڌي. اسان کيس سنڌ جون ڪافي ڳالهيون ٻڌايون ۽ حال احوال ڏنا، پر پاڻ اسان جي ڳالهائڻ دؤران هڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ اسان کي مسلسل ٻڌندو رهيو. ڪچهريءَ دؤران، سندس گهر واريءَ چانهن وغيره سان اسان جي خاطر تواضح ڪئي. چندر مونکان پهريون سوال هي ڪيو ته ”عبدالحئي! توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم جو وڻ بيٺل هو سو اڃا تائين بيٺل آهي يا سُڪي ۽ وڍجي ويو؟ آئون اهو سوال ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويس، ته مار! اڄ اسي وارو ڏهاڪو آهي ۽ هي ماڻهو ستيتاليھن / اٺيتاليهن ۾ ويا، يعني انهي ڳالهه کي تقريباً 40 سال ٿي ويا، پر هنن ماڻهن جو وطن هو، تن سنڌ خوشيءَ سان ڪانه ڇڏي هئي، انهن هندو سنڌين جي هندستان ۾ پيدا ٿيل نئين نسل کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان ڪابه دلچسپي ڪانهي، اتم جي ڌيءَ، جيڪا دبئي ۾ رهندي آهي، تنهن سنڌ جي دؤري دؤران چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو ته ڪو وجود ئي ڪونهي ۽ هندستان ۾ هڪ به سنڌي اسڪول ڪونهي. ورهاڱي کانپوءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا کان وٺي ڊاڪٽر فهميده حسين تائين جيڪي به سنڌي عالم اديب هندستان ويا انهن هندستان جي سنڌين بابت تمام سخت ڳالهايو آهي، چندر اسان کي ٻني اچڻ جو سربستو احوال ٻڌايو، چيائين هڪ دفعي آئون پنهنجي شهر ٺارو شاھ کان حيدرآباد آيس ۽ ٽنڊي جهانيان ۾ راڳ جي محفل ڪيم، اتان ڪو هندو سيٺ مونکي محفل ڪرڻ لاءِ لائقپور وٺي ويو، اها راڳ جي محفل شاديءَ ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ توهان جو پيءَ ارباب نورمحمد پليجو به آيل هو. تنهن مونکي چيو ته هتان واپسي ۾ توهان ٻني ۾ به راڳ جي محفل ڪجو. مون سندس دعوت قبول ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻني آيس ۽ اوهان جي اوطاق ۾ نم هيٺيان، سڄي رات محفل ڪئي، انهي محفل ۾ موجود هڪ هندو تپيدار، محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ مونکي سندس جاءِ / چاوڙي تي وٺي آڻي سمهاريو. صبح جو ارباب نورمحمد ۽ انهي تپيدار کان موڪلائي مونکي ٻيڙيءَ ۾ ويهاري حيدرآباد روانو ڪيو. انهيءَ عاليشان نم هيٺان بهار جي مند ۾ راڳ جي محفل مونکي اڄ به ياد آهي. مون کيس ٻڌايو ته اهو نم اڃا تائي قائم دائم آهي ۽ سرسبز آهي، پر ڪافي پراڻو هئڻ ڪري منهنجي پٽ فرُخ جي چوڻ تي، جيڪو ايگريڪلچر گريجوئيٽ آهي، ڪجهه ٽار وڍي ڪافي هلڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي جا صفا سڪل ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري اڃان به سائو ستابو لڳو پيو آهي. نمورين پچڻ تي، اڃا تائين ماڻهو مڻن جي مقدار ۾ نمورين جو ٻوريون ڀري، پيڙهائي ان مان تيل ڪڍي ڪم آڻيندا آهن. پاڻ ٻڌايائين ته مهتاب محبوب هڪ دفعو انڊيا آئي ته مون وٽ اچي رهي هئي. ماسٽر چندر اسان کي ٻنپهرن جي عاليشان ماني کارائي ساڻس ڪافي دير تائين ڪچهري ڪري پوءِ کانئس موڪلائي، دادا گوبند جي گهر موٽي آياسين.
آئون جنهن علائقي ۾ رهان ٿو انهي کي لاڙ چوندا آهن، انهيءَ جي به هڪ پنهنجي تاريخ تهذيب ۽ ثقافت آهي آئون چاهيان ٿو ته توهان کي هن علائقي جي سياحت جو ٻڌايان. لاڙ جي هن سڄي خطي جي سياحت ۽ تجارت جي اهميت اسانکي قديم زماني کان تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿي. جنهن جو احوال ڪجهه هن ريت آهي. ته قديم زماني ۾ خشڪي رستا تمام گهٽ ۽ غير محفوظ هوندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ آمدرفت جو مکيه ذريعو پاڻي جا رستا هئا، جيڪي سمنڊن، ندين ۽ درياهن تي مشتمل هئا. آمدرفت جا درياهي ۽ سامونڊي رستا موجوده دؤر ۾ به سڄي دنيا ۾ واپار ۽ سياحت جو مکيه ذريعو آهن. يورپ ۾ اڄ به وڏي پيماني تي سياحت ۽ واپار ندين ذريعي ٿئي، پر پاڻ وٽ هاڻ تجارت ۽ سياحت لاءِ درياهن ذريعي آمدرفت ۽ سير ۽ سفر مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. سواءِ حج جي، اسان وٽ سامونڊي سفر به گهٽجي ويو آهي. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ڪراچي بندر کان ممبئي لاءِ سامونڊي جهاز، پهريون ڀيرو، برٽش انڊيا نيويگيشن محڪمي وارن هلائڻ شروع ڪيو. جنهن جي عرشي جو ڀاڙو پنج رُپيا هوندو هو. ان کان پوءِ حاجي قاسم اسٽيمرس ڪمپنيءِ في ڪس ڀاڙو، فقط اڍائي رپيا ورتو ۽ هر مسافر کي هڪڙو ريشمي رومال به ڏيندا هئا. هتي جهاز رانيءَ جي احوال لکڻ جو مقصد آهي ته سنڌي جي لاڙ واري خطي جي ڏکڻ طرف واري سموري سرحد، سامونڊي ڪنارو آهي جيڪو ساڍا ٽي سئو ميلن تي مشمتل آهي. انهيءَ سامونڊي ڪناري تي هزارين سالن کان ڪيئي ننڍا وڏا بندر قائم هئا، جن وسيلي سنڌ جي ٻي دنيا سان تجارت ۽ سياحت هلندڙ هئي. عرب توڙي يورپي حمله آور قومون پڻ سنڌ ۾ سامونڊي رستي کان داخل ٿيا. سنڌي جي سامونڊي ڪناري وارو سمورو علائقو ۽ سنڌو نديءَ جو حيدرآباد تائين وارو حصو، سنڌي جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ شامل آهي. لاڙ واري ڀاڱي ۾ ماضيءَ ۾ هيٺيان بندر موجود هئا. 1. گزري بندر 2.گهوڙا ٻاري بندر 3. ڪيٽي بندر 4. ديبل بندر 5 لاهري بندر 6. شاھ بندر 7 اورنگا بندر 8 کڙڪو بندر 9 علي بندر 10 ٺٽو بندر، هندستان ،بلوچستان ۽ عربستان جا هيٺيان بندر سنڌ کي تمام ويجها هئا، هندستان جا 1 مانڊوي بندر ڪڇ ۾، 2 لکپت بندر، ڪڇ ۾، 3 پور بندر ڪاٺياواڙ ۾ هئا. بلوچستان جو 1 سون مياڻي بندر، 2 جيواڻي بندر، 3 گوادر بندر هو اومان جو، 1 پسني بندر ۽ 2 مسقط بندر هو.
مولانا سيد سليمان ندوي، سنڌ جي عربن سان لاڳاپن بابت سندس لکيل ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته عرب سوداگرن، سنڌ مان هزارين سالن کان وٺي واپار پئي ڪيو. سڪندر اعظم جي بَري ٻيڙي جي اميرالبحر، نيريسڪس، بحري سفر بابت سندس ڪتاب ۾ ٺٽي شهر کي ”هينا نگر“ ڪري لکيو آهي. اهڙو اظهار وليم ونسيٽ پوءِ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. هڪڙي انڊين ٽي وي چينل تان مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪلام ساوڻ ميگهواڙ جي آواز ۾ ٻڌم، ساوڻ ميگهواڙ سان گڏ، اٽلي جي زبان ۾ اٽلي جي هڪ مشهور ڳائڻي جو گانو به ڳائيل ٻڌم، جيڪو جئيپور جي شاهي محل ۾ فلمائيل آهي بين الاقوامي شهرت ماڻي چڪو آهي.!
پاڪستان جي سٺ سيڪڙو دولت لاڙ جي خطي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪياماڙي بندر بن قاسم بندر ۽ دُنيا جا ٻيو نمبر ڪوئلي جا وڏا ذخيرا جيڪي سونڊن ۽ ننگرپارڪر ۾ آهن. تيل ۽ گئس جا به وڏا ذخيرا لاڙ ۾ آهن. پر انهيءَ سموري دولت تي پنجاب قابض آهي. لاڙ جي ماڻهن جي حالت اها آهي. ته بقول شاھ ڀٽائي :
”سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾!“
جڳ مشهور سياح، محمد ابن بطوطه پنهنجي سنڌ جي سفر جي پڇاڙيءَ ۾ اچي لاهري بندر ڏٺو، تنهن بابت بيان ڪري ٿو ته هي تمام خوبصورت شهر آهي. هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي اڏيل آهي. سنڌو دريا پڻ هن شهر جي پاسي وٽان لنگهندو، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اصل ۾ هي شهر هڪڙو تمام وڏو بندرگاھ آهي. جتي يمن ۽ فارس جا سوداگر تمام گهڻا تجارتي ٻيڙا هاڪاري اچن ٿا. تنهن ڪري هي شهر تمام شاهوڪار ۽ خوش حال آهي. هتي محصول تمام گهڻو ورتو ويندو آهي. علاء الملڪ مونکي ٻڌايو ته هن بندرگاھ جو فقط محصول به سٺ لک دينار آهي. جنهن مان مونکي انهيءَ جو ويهون حصو ملندو آهي. (ابن بطوطه جو سفر نامون ص 14)
سنڌ جو لاڙ وارو علائقو، جيڪو هينئر ٺٽي، سجاول، ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ ڪراچي ضلعن تي مشتمل آهي. پر اڳوڻون پ پ پ سينيٽر، قربان شاھ چئي ٿو ته اسانجو مير پور خاص وارو ضلعو به لاڙ ۾ شامل آهي. سنڌ جي هن لاڙ واري علائقي ۾ سنڌ جا تمام ناميارا حاڪم، بزرگ ۽ عالم پيدا ٿيا. انهن ۾ ڄام نظام الدين سمون، سڀني کان وڌيڪ ڪامياب، انصاف ۽ امن قائم ڪندڙ ۽ ديندار حاڪم ٿي گذريو اهي. تنهن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر، نياز همايوني، شعر لکيو ته:
سنڌڙي ڪنهن ارغون جي ناهي،
سنڌڙي ڄام نظام جي آهي،
غاصب توکي ڪو حق ڪونهي،
سنڌڙي سنڌ جي عوام جي آهي.
ٻيو حاڪم دودو سومرو شهيد هو. درياء خان دولھه ڄام نظام الدين جي لشڪر جو سالار ، ڄام فيروز سان وڙهندڙ ارغون فوج سان جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو. تنهن کان سواءِ شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، شهيد شاھ عنايت الله صوفي ميران پور / جهوڪ وارو، مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، محمد زمان لنواريءَ وارو، پير پٺو، سيد جميل شاھ، سخي ڏاتار، شاھ يقيق، محمد علي جناح، مولانا حاجي احمد ملاح ۽ ٻيا به ڪيترائي عالم ۽ اڪابر هن لاڙ واري خطي ۾ پيدا ٿيا. سنڌ جا آڳاٽا گاديءَ وارا شهر، جهڙوڪ ٺٽو، محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي، نيرون ڪوٽ به لاڙ واري خطي ۾ ئي موجود هئا. پرڏيهي سياح به وڏي تعداد ۾ لاڙ واري علائقي ۾ ئي ايندا هئا. سنڌي ٻولي ۾ لکيل اوائلي سفرناما به گهڻي تعداد ۾ لاڙ جي رهاڪن لکيا. مثلاََ سيد ميران محمد شاھ، سندس انگلينڊ ۽ اسپين جي سير ۽ سفرجو احوال، سائين جي ايم سيد سندس لکيل خطن ۾ بيان ڪيو آهي جيڪي ”رهاڻ“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو لکيل سفرنامو ”آمريڪا جو سير ۽ سفر“ جي نالي سان شايع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا سير ۽ سفر متعلق لکيل خط، ”سڄڻن جي سار“ عنوان سان ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيا. ڊاڪٽر الانا اهي خط انگلينڊ جي سفر دؤران لکيا هئا، ڊاڪٽر عبدالجبار جو سندس چين واري سفر بابت لکيل سفرنامون ”مائو جي ملڪ ۾“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سندس آتم ڪهاڻي ۾ بمبئي جو احوال سفرنامي وانگر لکيو آهي. پرواني ڀٽيءَ جا سندس سينيگال جي سفر بابت لکيل خط ”روزانه عبرت“ اخبار ۾ شايع ٿيا. الهبچائي سمي جو لکيل سفرنامون لاڙ جو سير ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. تنهن کان سواءِ سير ۽ سفر متعلق منهنجا لکيل15 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه پريس ۾ ڇپائي هيٺ آهن. سفرناما گهڻو ڪري اهي ماڻهو لکندا آهين جيڪي اڪثر ڪري هن جهان کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ معروضي حالتن جو اصل علم پرائڻ خاطر سير سفر ڪندا آهن. ۽ معلوم ڪرڻ جي جستجو ۾ مشغول رهندا آهن، ته دنيا جي هن گولي تي موجود ملڪن ۾ انسان ذات جي زندگي ڪيئن ٿي گذري، ماڻهن جو ڪار وهنوار ڪهڙو آهي، انهن ملڪن جي ماڻهن جون مختلف مقصدن جي ڏس ۾ ثقافتي سرگرميون، ريتون، رسمون رواج ڪهڙا آهن ۽ انساني زندگيءَ ۽ سماج متعلق سندن سوچون، فڪرات ۽ عقيدا ڪهڙا آهن.
قديم زماني جا سياڻا ماڻهو، بندرگاھن تي وڃي، پرڏيهي سوداگرن، سياحن ۽ سياڻن سيلاني ماڻهن کان، سندن سفر سودي، سير ۽ سياحت بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌندا هئا. ۽ پنهنجي وطن واسين کي انهن ڳالهين کان واقف ڪندا هئا هن زماني ۾ سير سفر جتي هڪ روح ريجهائيندڙ وندر آهي ته اتي علم پرائڻ جو به تمام وڏو وسيلو آهي هن دؤر ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ته هر ڪا شئي موجود آهي ۽ دنيا جي هر هڪ ڪُنڊ ڪُڙڇ جا احوال هڪيا ملن ٿا. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن سان گڏ، فلمن، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي فيس بڪ ۽ ٻين بي شمار چينلن ۽ ويب سائيٽن ذريعي سڄي دنيا جي قومن جون سموريون ڪارگذاريون اکين سان روبرو پيون پسجن. قديم دؤر ۾ ڄاڻ سڃاڻ ۽ خبرچار رسائڻ وارا موجوده جديد ذريعا ته هئا ئي ڪونه! تنهن زماني ۾ پرڏيهن ۽ پرديسي ماڻهن جا احوال حاصل ڪرڻ لاءِ بيحد ڊگها، اڙانگا ۽ گهڻا سفر ڪرڻا پوندا هئا. اهي اڙانگا سفرڪي ڪي بهادر ۽ بانڪا ماڻهو، چست ۽ چالاڪ ماڻهو، بردبار ۽ باهمت ماڻهو، اتم عزم ۽ مثبت مقصد جي حصول خاطر، سخت، جفاڪش، اورچ مهم جو، ۽ مهندا مڙس ڪشالا ڪڍي دنيا جي گولي جا چڪر لڳائي علم ۽ آگھيءَ جا انمول خزانا ۽ دُنوي دولت جا پڻ انبار آڻيندا هئا. سائنس جي ترقي سان موجوده دور ۾ گذر توڙي سفر جا تمام گهڻا وسيلا مُيسر آهن. اسانجن سرنديءَ وارن خوشحال ماڻهن کي گهرجي ته رڇن، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهين تي خرچ ٿيندڙ پيسا دنيا جي سير سفر ڪرڻ ۾ خرچ ڪري، ڌرتي جي هن گرھ تي ڇا پيو ٿئي، وهي ۽ واپري، پنهنجي اولاد کي ترقي يافته ملڪن ۾ تعليم ڏياريو ۽ پنهنجي خاندان سان قوم ۽ وطن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪريو. دنيا ۾ انهن قومن ئي ترقي ڪئي آهي، جيڪي تعليم ۽ تجارت ۾ اڳتي آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو محسن ۽ عظيم، عالم،مخدوم ابوالحسن، جنهن موجوده سنڌي ٻولي، جي اولين آيوٽا يعني الف بي تيار ڪئي، انهيءَ رسم الخط جنهن سنڌي ٻولي جي موجوده مروج رسم الخط جي تشڪيل لاءِ گهربل حقيقي بنياد مهيا ڪيو. اهو ئي مهان عالم، ٺٽي يعني لاڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي جي سياڻپ، سورهيائي ۽ جدوجهد جي نرالي علامت، ڪلاچي جو معذور، مورڙو ملاح، حقيقت ۾ ڪرشمارتي ڏاهپ جو حامل ۽ سنڌ جي حيرت انگيز شجاعت جو قابل فخر اڻموٽ سپوٽ ۽ سنڌي ديوَمالا جو اُملھه ماڻڪ هو. ادب جي عالمي تاريخ موافق، سنڌي ادب جو بيشتر ۽ بي بها خزانو، سنڌي لوڪ موافق، سنڌي ادب تي مشتمل آهي. لوڪ ادب جي زندگي جو محور لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ داستان هوندا آهن. جن ۾ قوم جي مڙني طبقن جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگي جي سمورن پهلوئن جي حقيقي ڪردار نگاري موجود هوندي آهي. سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي، سنڌ جي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن ۾ لوڪ موسيقي جي صورت ۾ پڻ ڀلي ڀت معروضي طور موروثي ڀائيواري آهي. ڪيترن ئي لوڪ داستانن جو معروضي تعلق لاڙ واري ثقافتي طور زرخيز علائقي سان واڳيل آهي. جهڙوڪ؛ نوري، ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مير باگو، سونيتي ۽ مورڙي ميربحر وارن جا داستان، جاگرافي، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان لاڙ جي ماضي جا معروضي مزار آهن.
شريف الادريسي به هڪڙو وڏو عالم سياح هو، تنهن سندس لکيل ڪتاب “نُزهة المشتاق“ ۾ ڄاڻايو آهي ته منصوره هڪ وڏو ۽ ڏاڍو آباد شهر آهي. هت شاهوڪار واپاري رهن ٿا. دولت ۽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي زمينون سرسبز ۽ باغ ميويدار آهن. ماڻهن جا گهر پڪا ۽ ڪچا، ٻنهي قسمن جا آهن ۽ شهر غريبن جو تڪليفون دور ڪندڙ آهي، هتي جي رهاڪن لاءِ شهر ۽ پسگردائي ۾ وڻندڙ ۽ فرحت بخش جايون آهن، جت اهي تفريح لاءِ ويندا آهن. آرام، سڪون ۽ تفريح لاءِ ڪيترائي ڏينهن مقرر آهن. هتي چاندي ۽ ٽامي جا سڪا رائج آهن. هتي جو درهم، چاندي واري معياري درهم کان پنجوڻي قيمت جو آهي. هتي واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهن جو وڏو تعداد رهي ٿو، بازارون با رونق ۽ کاڌي پيتي جي سامان سان ڀريون پيون آهن. هتي مڇي ته جام ٿئي، پر گوشت به سستو آهي. باقي ميوات ڪجهه هت ٿئي ڪجهه ٻاهران اچي.
سنڌ ۾ انگريز سياحن جي اچڻ ڪري، سنڌ جي تاريخ جي درٻاري طرز تحرير ڦِري، عقلي ۽ علمي بنياد تي لکجڻ لڳي، جنهن ۾ ليکڪن، انگريزن جي سامراجي مفادن کان سواءِ باقي ٻين سمورين ڳالهين کي حقيقت پسند ٿي لکيو. مغلن جي دؤر حڪومت کان وٺي، ڪي سياحت لاءِ ۽ ڪي وري جاسوسيءَ واسطي، سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ انگريز ۽ ٻيا يورپي ماڻهو ايندا رهيا. انهن سنڌ بابت بيشمار ڪتاب لکيا. انهن ڪتابن مان يورپي لوڪ به گهڻو ڪري سنڌ جي سامونڊي ڪناري کان، يعني لاڙ واري علائقي وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. سن 1699ع دؤران سنڌ ۾ آيل هڪڙي انگريز سياح، اليگزينڊر هئملٽن، سندس سفرنامي ۾ ٺٽي شهر بابت لکيو آهي ته ٺٽو شهر دينيات، لسانيات، سياسيات ۽ تعليم جي درس ۽ تدريس جي سلسلي ۾ خاص شهرت رکي ٿو. هت چار سئو وڏا تعليمي ادارا آهن. جت شاگردن کي مٿئين علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. انگريز جاسوس فوجي، هينري پاٽنجر سن 1809ع ۾ سنڌ ۾ آيو، تنهن سندس سنڌ ۽ بلوچستان واري سفرنامي ۾ لکيو آهي ته جڏهن نادر شاھ دهليءَ کان سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ آيو تڏهن ٺٽي شهر ۾ لونگين ۽ گربين اُڻڻ وارن ڪورين جا چاليھه هزار آڏاڻا هئا. صرافن، ناڻي جي مٽا سٽا ڪرڻ وارن، اناج جي واپارين ۽ ٻيا مختلف ڪاروبار ڪرڻ وارن جي دڪانن جو تعداد سٺ هزار هو. تنهن کان سواءِ ٻين مختلف هنرن جا ڪاريگر پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هئا، تن جو انگ ويھه هزار ٻڌايو ويو آهي. رچرڊ فرانسز برٽن، سندس ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ لکيو آهي ته سنڌي بابت ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي هندستان ۾ اچڻ وقت هندستان جي ڪنهن به ٻي مقامي ٻولي ۾ ايترو ادب موجود ڪونه هو،، جيترو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هو.
لاڙ جي خوبصورت ۽ مٿاڇري ۽ شاهوڪار شهرن کي ڏسڻ لاءِ هڪ طرف سوين پرديسي سيلاني ايندا هئا ته ٻئي طرف بندرن تي قائم هئڻ سبب انهن شهرن کي ڪيترن ئي حريص سلطانن ۽ سردارن ڦري نيست و نابود ڪري ڇڏيو . مثلاً ديبل بندر واري شهر کي عربن ۽ ٺٽي شهر کي ارغونن، ترخانن ۽ پورچوگيزن تاراج ڪيو. پورچوگيز لاهري بندر کان ٿيندا. 1566ع ۾ ٺٽي آيا ۽ شهر ۾ تمام گهڻي خونريزي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ موٽي وڃڻ وقت شهر کي باھ پڻ ڏنائون. ڪن مغربي محققن لکيو آهي ته پورچوگيزن ٺٽي شهر جي ڦرلٽ مان ايترو ته گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو، جو ايترو گهڻو مال غنيمت کين ڪنهن به ٻي هنڌ ڪيل ڦرلٽ ۾ هٿ ڪونه ڪيو هو.
اڄ به لاڙ جا چار ماڳ: ڀنڀور، مڪلي، بادشاهي مسجد ۽ ڪينجهر سنڌ جي اهم ۽ عظيم تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي مرڪزن ۾ شامل آهن. انهن سمورن تاريخي ۽ تفريحي ماڳن تي اونهاري جي مند دؤران چند مهينن اندر لک کن سياح ته ضرور ايندا هوندا. جيتوڻيڪ سياحت کاتي طرفان اتي ڪو جوڳو بندوبست ٿيل ڪونهي. پر جيڪڏهن اتي ڪوھ مري تي ٿيل بندوبست جيترو هجي ته شايد سياح هتي ڪيئي لکن جي تعداد ۾ اچي سهڙن. اهڙو گهربل بندوبست خانگي شعبي کي شامل ڪرڻ سان بلاشڪ نهايت خوش اسلوبيءَ سان ٿي سگهي ٿو.
لاڙ جي سامونڊي بندرن ۽ شهرن ۾ سوداگرن سان گڏ ڪيترن ئي عرب، ترڪ، پورچوگيز، انگريز ۽ ٻين يورپي قومن جا سياڻا سيلاني توڙي عالم ۽ عارف افراد پڻ ايندا هيا. ۽ لاڙ سميت سنڌ جو سير ۽ سفر ڪري، سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب، رسالا ۽ مقالا لکي شايع ڪيا. انهيءَ سموري علمي خزاني جو هتي مفصل بيان نٿو ڪري سگهجي. هن کان اڳ ابن بطوطه جا ڪجهه تاثرات پيش ڪيا اٿم، جنهن سنڌ جي شهر ”برهمڻ آباد“ کي ”بهنوا“ لاهري بندر کي ”لوهراني“ ۽ سيوهڻ کي ”سيوستان“ ڪري لکيو آهي. ديبل بندر ۽ منهوڙي جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس. پاڻ لکي ٿو ته اروڙ کان هيٺ سنڌو دريا کي مهراڻ سڏبو آهي. سنڌو درياء وهندو، پوڇڙ ۾ ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انهن مان هڪڙي شاخ لاهري بندر جي ويجهو ۽ ٻي شاخ ڪجهه قدر پورب کان هٽي، ڪڇ واري علائقي مان وهندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هو لکي ٿو ته سنڌ ۽ هند جا ماڻهو ڊگها وار انهي ڪري رکندا آهن ته جيئن مغز کي گرمي نه لڳي.
سن 346ع هجري ۾ عرب سياح، علي بن حسين جو ادبي نالو ”مسودي“ طور مشهور ٿيو. هو تمام وڏو سياح ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. پر افسوس! جو سندس فقط ٻن ڪتابن التنبيھه والاشراق ۽ ٻيو مروج الذهب کان سواءِ باقي ٻين سمورن ڪتابن جي نالن جي به ڪا خبر ناهي! مٿي ڄاڻايل ٻن ڪتابن جو فرينچ ٻولي ۾ ترجمو ٿيو. تنهن کان پوءِ انهن ڪتابن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيو ۽ ڪتاب التنبيهه و الا شراق“ سن 1894ع ۾ لنڊن ۾ شايع ٿيو. مسودي انهي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند کي ٻه جُدا مُلڪ ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌي ٻولي بابت لکيو آهي ته اها ٻولي هندي ٻولي کان مختلف زبان آهي. سنڌ تي سڪندر جي حملي بابت لکي ٿو ته سنڌ مان واپس وڃڻ وقت سڪندر سنڌ جا ڪجهه عالم اديب ۽ سياڻا ماڻهو به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. مسودي سنڌ جي حدن بابت لکي ٿو ته سنڌ ۽ ملتان هڪ ملڪ هو ۽ ان وقت قنڌار جو حاڪم به سنڌي راجائن جي خاندان مان ئي هو. هو کنڀات کي به سنڌ جي اثر هيٺ ڏيکاري ٿو. سنڌ جي کرڙي واري جنگ، جيڪا ڌارئين حمله آور شاھ شجاع ۽ سنڌين جي وچ ۾ لڳي. انهي جنگ بابت جنهن شاعر سر ڪيڏارو تخليق ڪيو. سو هئو خليفو نبي بخش قاسم . سندس مرقد بدين ضلعي ۾ موجود آهي. سندس رسالو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي. کيس ڪيڏاري جو قادرالڪلام شاعر سڏڻ ۾ ڪوبه وڌاءَ ڪونهي. موجوده دؤر ۾ بدين جي جاکوڙي ڪردار جو حامل محمد سومار شيخ به لاڙ جي محققن ۽ مؤلفن ۾ شامل آهي.
شاديءَ جي ويهن مهينن کان پوءِ مونکي آڪٽوبر 1978ع ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو رخسار حسين رکيم پر پوءِ اهو نالو نورمحمد ٿي ويو، جنهن جو احوال پهرئين جلد ۾ ڪري آيو آهيان پوءِ ڊاڪٽر پارس ڄائي، پوءِ فرخ ۽ پوءِ پرھ، محبوب ۽ سِپي ڄاوا. ستين ڪلاس تائين منهنجا ٻار اسان جي ڳوٺ، ٻني ۾ پڙهيا، پوءِ ڇوڪريون سينٽ ميري اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيون. ۽ انهي اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيون. ڇوڪرا نورمحمد ۽ فرخ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيا. محبوب سينٽ بونا وينچر اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو ۽ رهيو پنهنجي حيدرآباد واري گهر ۾. نور محمد پيٽارو مان انٽرميڊيئٽ ڪري، پوءِ بي بي اي ۽ ايم بي اي زيبسٽ ڪراچي مان ڪئي ۽ 2006ع ۾ انگلينڊ ويو. هن وار وِڪ يونيورسٽي مان ايم ايس سي جي ڊگري ورتي. تنهن سبب کيس انگلينڊ ۾ سروس ملي وئي. تڏهن کان وٺي هو اُتي ئي رهي ٿو ۽ کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي برٽش سٽيزن شپ به ملي وئي آهي. کين ٻه ٻار به ڄاوا آهن. مِنا ۽ آئون گذريل سال هتان لنڊن وياسين، پوءِ اتان نورمحمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه ۽ سندن ٻه ٻار، عبدالحئي جونئير ۽ زينب لنڊن کان اسپين باءِ روڊ وياسين. ڇو ته نورمحمد وٽ برٽش گورنمينٽ طرفان ڏنل ڊرائونگ لائيسنس آهي. تنهن ڪري هو سڄي يورپ ۾ ڊرائيونگ ڪري سگهي ٿو. اسپين ۾ اسان ملاگا، غرناطه، قرطبه ۽ سيول شهرن جو سير ڪري پوءِ اتان کان پورچوگال وياسين . اسپين ۽ پورچاگال ۾ ويهارو کن ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ واپس لنڊن آياسين. ٻيو دفعو آئون ۽ منيٰ ڪراچي کان سڌا ويانا وياسين ۽ نور محمد وارا لنڊن کان سڌا ويانا اچي اسان سان مليا. اتان گاڏي ڪري پوءِ اسان يورپ جا ست ملڪ باءِ روڊ گهميا. ويانا کان روانا ٿي اسان پهرين هنگري جي گاديءَ واري شهر، بڊاپيسٽ وياسين. جت پنهنجي فيملي فرينڊس، ڊورڪا وارن سان گڏجي بڊاپيسٽ شهر گهميو. تنهن کان پوءِ اسان چيڪ ريپبلڪ جي شهر پراگ وياسين، پوءِ سلوويڪيا، پوءِ جرمني، سوئزرلينڊ، اٽلي ۽ آسٽريا گهمي تقريباً چئين هفتن کان پوءِ واپس پاڪستان آياسين. نورمحمد جي فيملي لنڊن ۾ رهڻ سبب هاڻ نه رڳو اسان هر سال لنڊن وڃون، پر سِپي، پرھ ۽ محبوب وارا به جڏهن لنڊن وڃن، ته اتي نورمحمد جي گهر وڃي رهن. نورمحمد جڏهن اڃا يارهن سالن جو ٻار هو، تڏهن به مون ۽ منا سان گڏ. سعودي عرب، انگلينڊ، فرانس، بيلجيم، هالينڊ، لگزمبرگ، جرمني، مناڪو، سئيزرلينڊ ۽ اٽلي گهمي آيو هو. منهنجي وڏي ڌيءِ پارس سنڌو ايم بي بي ايس ۽ هائوس جاب ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه سال سعودي عرب ۾ وڃي ميڊيڪل آفيسر طور سروس ڪئي، هوءَ هاڻ سندس گهر واري ڊاڪٽر مالڪ سان گڏ آغا خان هاسپيٽل ۾ سروس ڪري پئي، کين ٽي ٻار آهن. هڪڙي ڌيءُ، رانيا ۽ ٻه پٽ، عبدالصمد ۽ روحل آهن. منهنجو ٻيو پٽ، فرخ حئي، پيٽاري ۾ تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام اچي داخل ٿيو، جتان بي ايس سي آنرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ شرط کيس الفلاح بينڪ، ڪراچي ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي نوڪري ملي ۽ نوڪري دؤران ايم بي اي به ڪيائين. پاڻ هاڻ الحبيب بئنڪ ۾ جاب ڪري پيو، سندس گهر واري عائشه ٽالپور، ڪراچي ۾ هڪ گرلس ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي. کين هڪ پٽ ماڻڪ موتي نالي سان آهي.