8
سنڌ نه ڏٺا سُک، اڀري سج لهي ويا.
(شيخ اياز)
جڏهن يورپ ۽ آمريڪا ته ٺهيو پر مسلمان ملڪ، دبئي ملائيشيا ۽ ترڪي گهمي پوءِ جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ ٿا اچون ۽ سياستدانن، ججن ۽ جنرلن جا قصا ۽ بيان ٽي وي تي ٿا ڏسون ته حيران ٿيو وڃون! ٽي وي تي مون پاڻ ڏِٺو ته هڪ سياسي ڌرڻي جي ماڻهن کي هڪ جرنيل وردي ۾ پيو پيسا ڏي. ڪورٽن جا جج، اخبارن ۾ اهڙا پيا سياسي بيان ڏين جو اهڙا بيان سياستدان به ڪونه ٿا ڏين. باقي سياستدانن جون ته ڳالهيون ئي پنهنجون آهن. انهي دؤران منهنجو ننڍو ڀاءَ مير نصير پليجو، يونين ڪائوسل ٻنون جو چيئرمين هو، يونين ڪائونسل کي حڪومت پئسا ڏنا، ته ٻاويهه سئو رپيا هڪ نلڪي جي حساب سان گهرجائو ماڻهن کي پاڻي جا نلڪا هڻائي ڏيو. اسان مارڪيٽ مان مختلف دڪانن تان پڇائي سٺي ڪوالٽِي جي هڪ نلڪي جي قيمت هڪ هزار رپيا معلوم ڪئي، تنهن ڪري مليل رقم مان اسان تقريباََ هڪ سئو ويهه سٺي ڪوالٽي وارا نلڪا گهرجائو ماڻهن کي هڻائي ڏنا. يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ٻڌايو ته نلڪا لڳرائي ڏيڻ بابت ضلعي آفيس ۾ ايم بي يعني داخلا ڪرائبي. انهي داخلا لاءِ ضلعي آفيس وياسين، ته آفيس وارن چيو ته بابا! اسان کي پنهنجي حصي جا پئسا ڏيو ته پوءِ داخلا ڪنداسين! جيترا پيسا هنن گهريا، سي جيڪر کين ڏيون ها ته پوءِ شايد ماڻهن کي پنجاهه نلڪا به ڪونه لڳرائي ڏئي سگهون ها. اسان کين سڄي حقيقت ٻڌائي ته اسان پبلڪ کي پنجاهه جي بدران هڪ سئو ويهه سٺي ڪوالٽي وارا نلڪا لڳرائي ڏنا آهن. اسان سمجهيو ته آفيس وارا ڏاڍا خوش ٿيندا ته توهان ڪيڏو نه سٺو نيڪيءَ جو ڪم ڪيو اهي. پر هو ڪونه مڙيا ۽ اسان نااميد ٿي واپس ورياسين نيٺ هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته لعنت وجهه تون انهن آفيس وارن تي نلڪن جي ايم بي ٿيندي ئي ڪانهي. پوءِ اهو قصو ائين خود به خود ختم ٿي ويو. ٻيو دفعو حڪومت اعلان ڪيو ته جيڪو زميندار پنهنجو واٽر ڪورس پڪو ڪرائڻ چاهي، ته انهي کي حڪومت به سبسڊي طور پيسا ڏيندي. سو مون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٽي واٽر ڪورس پڪا ڪرايا، پر جيڪا سرڪاري ماپ هئي انهي کان ڪجهه ميٽر وڌيڪ ٺهرايم. اهي واٽر ڪورس اڄ به صحيح سلامت آهن. انهن ڪڙين کي ٺهندي به پندرهن سال کن ٿي ويا آهن ۽ واسطيدار سڀ ڪامورا به انهن کي تيار ٿيل حالت ۾ ڏسي واسي ويا آهن پر سندن سرڪاري رڪارڊ ۾ اهي واٽر ڪورس اڃا تائين ٺهيل ئي ڪونه آهن. مونکي ذاتي طرح خبر آهي ته اسان جي تر ۾ اهڙا ڪافي زميندار آهن. جيڪي واٽر ڪورسن ٺهرائڻ لاءِ سرڪار کان پيسا وٺي کائي ويا ۽ سرزمين تي هڪڙي سر جو به ڪم ٿيل ڪونهي انهن مان ڪي زميندار ته بيئنڪ مان چيڪ وٺي شهر مان وڃي موٽرسائيڪل يا ڪار وٺي آيا. اهي خبرون به مونکي واٽر ڪورس مينيجمينٽ واري اداري جي آفيسرن ئي ٻڌايون. اهڙو ئي ٻيو هڪ دلچسپ واقعو به توهان کي ٻڌايان ٿو. ٿيو هيئن ته اسان هميشه پنهنجي ويجهي شگر مل شاھ مراد يا ديوان شگر مل کي پنهنجو ڪماند ڏيندا هئاسين، پر هڪ دفعي ال آصف شگر ملز ڳاڙهو جي ڪين مينيجر اسان کي چيو ته توهان مل جي مالڪ سيٺ اسحاق سان ملو، هو توهان کي ڪمند جي ريٽ کان به ڪجهه وڌيڪ رقم به ڏيندو. سو اسان سيٺ سان ملڻ سندس آفيس وياسين. پاڻ گهڻ ڳالهائو ۽ ٿورو جذباتي به ٿي لڳو، پر دِل جو صاف ماڻهو هو. اسان کي ماني به کارايائين ۽ ڪمند جي سرڪاري اگهه کان ڪجهه وڌيڪ رقم جي آفر به ڪيائين ته اسان به کيس سڄي سيزن ڪمند ڏنو. آخر ۾ هنن اسان کي اسان جي ڪمند جي رقم کان سواءِ ڪافي وڏي رقم ٻي به بئنڪ ۾ موڪلي ڇڏي. اسان انهيءَ اضافي رقم جو چيڪ ٺهرائي کيس وڃي ڏنو ته پاڻ حيران ٿي ويو ۽ اسان کي چيائين ته مو نکي سڄي زندگي ۾ ياد ڪونهي ته ڪنهن زميندار اسان کي ايڏي وڏي رقم واپس ڪئي هجي. ٻي سال به انهي مل جو ڪين مينيجر اسان وٽ آيو ۽ چيو ته ڪمند اسان کي ڏيو ۽ وڌيڪ توهان سيٺين سان ڳالهايو. اسان ڪراچي وڃي سيٺ اسحاق سان ڳالهايو هن چيو ته هن سال اسانجي مل جي مينيجمينٽ منهنجي ڀاءُ دائود جي حوالي آهي. توهان هاڻ ان سان ڳالهايو، پاڻ چيائين ته هينئر لنچ ٿيڻ واري آهي هو به هتي اچي لنچ ڪندو ۽ پاڻ لنچ گڏجي ٿا ڪريون، توهان پوءِ وڃي ساڻس ڳالهايو. لنچ دؤران سيٺ اسحاق، دائود سان اسانجو تعارف ڪرايو. اسان لنچ ڪري سيٺ دائود سان گڏ سندس آفيس آياسين ۽ ساڻس هر ڳالهه چٽي پٽي ڪري واپس آياسين ۽ معاهدي موجب کين ڪمند ڏنوسين. سيزن پوري ٿي ته سيٺ پاڻ سندس زبان تان ڦري ويو ۽ حساب مطابق جيڪا رقم ٺهي ٿي اها ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته اوهان کي پنهنجي حساب مطابق رقم ملندي. اسان سيٺ اسحاق کي اها ماجرا ٻڌائي تنهن اچي کيس سمجهايو ۽ چيو ته توهان کي ياد آهي ته گذريل سال پنهنجي موڪليل اضافي رقم هنن ڪيئن نه چيڪ ٺاهي اچي واپس پنهنجي ٻوٿ تي رکي. سيٺ اهي ئي لفظ ڳالهايا جيڪي مون هت لکيا آهن. سيٺ اسحاق جي چوڻ باوجود سيٺ دائود ڪونه مڃيو ۽ سندن مرضي موجب چيڪ ٺاهي آڻي ڏنو. اسان به چيڪ بنا ڏسڻ جي کڻي ڳوٺ آياسين ۽ اُت حساب ڪيوسين ته چيڪ ۾ اها ئي رقم هئي جيڪا اسان گهري ٿي. ٿيندو هيئن هو ته جڏهن هنن وٽ پيسا ڪونه هوندا هئا ته اهي اسان کي پيسن عيوض اوتري کنڊ جا ليٽر ٺاهي ڏيندا هئا، جيڪي اسان ڪراچي ۾ ئي کنڊ جي واپارين کي ڏيندا هئاسين، جيڪي اسان کي ليٽر ۾ درج کنڊ جي مقدار برابر پيسا ڏيندا هئا. سو ٿيو ائين جو انهن اسان کي جيڪي کنڊ جا آرڊر ڏنا هئا. انهن جي سندن رڪارڊ ۾ داخلا ڪانه ڪئي وئي ۽ ائين اسان کي پنهنجي جائز رقم خود به خود ملي وئي. انهن سيٺين جون ٻه شگر ملون هڪڙو ال آصف شگر ملز ڳاڙهو ۽ ٻي باواني شگر ملز تلهار ۾ هيون، جيڪي هنن ٻن ٽن سالن ۾ وڪڻي ڇڏيون، جيڪي سندن پيءُ هنن کي ٺاهي ڏئي ويو هو.نااهل ۽ بي ايمان ماڻهو جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي. جهڙو هنن ڀائرن جو ٿيو. هنن جو چاچو سيٺ امين جنهن کان زوري باواني شگر ملز ڦري کيس فاران شگر ملز ڏنائون. اڄ سيٺ امين فيملي ۽ سندس اولاد تمام خوش آهي ۽ فاران شگر ملز سنڌ جي سُٺين ملن مان هڪ آهي. انهي جنرل ضياء واري فوجي حڪومت دؤران سنڌ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا هڪ ايم آر ڊي تحريڪ جنهن فوجي حڪومت کي لوڏي وڌو ٻيو ملٽري طرفان ٽنڊي بهاول ۾ ڳوٺاڻن جو قتل عام، جنهن بابت ملٽري انوڪوائري ۾ انهي واقعي ۾ ملوث ميجر کي مجرم قرار ڏئي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر کيس سزا نه ڏيڻ سبب اهو مسئلو سالن جا سال ٽنگيو پيو هو. ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڪري مقتولن جي خاندان جي عورتن سخت مايوس ٿي پاڻ تي گاسليٽ هاري احتجاج طور پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ٻه عورتون سڙڻ سبب نيٺ مري ويون. پر سندن ماءَ مائي جندو مرڻ کان ته بچي وئي پر سڙڻ ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي، سندس منهن صفا سڙي ويو هو. هنن ٻنهي واقعن تي گهڻو لکيو ويو آهي. خاص ڪري ايم آر ڊي تحريڪ تي ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن. تنهن ڪري آئون هنن واقعن تي وڌيڪ ڪونه ٿو لکان.
دنيا ۾ هن وقت ٻه سئو کان به زياده ملڪ آهن ۽ پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان روس کان ايراضيءَ ۾ ڏھ دفعا ننڍو آهي. پر پاڪستان جو نهري نظام روس کان به وڌيڪ سٺو آهي. پاڪستان مٽرن جي پيداوار ۾ دنيا ۾ ٻيو نمبر خوباني ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ چوٿون نمبر بصر ۽ کير جي پيداوار ۾ دنيا اندر پنجون نمبر کجور جي پيداوار ۾ ڇهون نمبر انبن جي پيداوار ۾ ستون نمبر، چانورن جي پيداوار ۾ اٺون نمبر ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نائون نمبر ۽ ڪينو ۽ مالٽا جي پيداوار ۾ دنيا اندر ڏهون نمبر ملڪ آهي.
مجموعي طور زرعي پيداوار ۾ سڄي دنيا اندر پنجويهين نمبر تي صنعتي پيدوار جي لحاظ کان دنيا اندر پنجونجاهين نمبر تي آهي ڪوئلي جي پيداوار جي لحاظ کان سڄي دنيا اندر ۽ سي اين جي تي هلندڙ گاڏين ۾ دنيا اندر پهرئين نمبر تي آهي.
گيس جي ذخيرن جي لحاظ کان پاڪستان ايشيا کنڊ ۾ ڇهين نمبر تي ۽ دنيا جي ستون نمبر ايٽمي طاقت آهي. تنهن کان سواءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماڻهو جائز ۽ ناجائز نموني ڪمائي هڪ سال ۾ ٽيهه ارب ڊالر پاڪستان موڪليندا آهن پر سياستدانن ۽ سول حڪمرانن جي رشوت خوري عيوض ماڻهو ۽ ملڪ مقروض آهي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون وڃن ٿيون وڌيڪ خراب ٿينديون، جنهن جي سڌرڻ جي پري پري تائين ڪابه اميد نظر نٿي اچي.
منهنجو ڳوٺ ٻنون ضلعي سجاول سنڌ انهي ملڪ پاڪستان ۾ آهي چار سئو گهرن تي مشتمل اهو ڳوٺ ٻنون هوائي مفاصلي موجب، بيت الله، ڪعبي شريف کان 819 ميل پري، روضه رسول صلي الله عله وسلم کان 1795.33 ميل پري، ڪلفٽن ڪراچي کان 77 ميل پري نوري آباد کان 31.5 ميل پري، حيدرآباد کان 31 ميل پري، ٽنڊي محمد خان کان 23 ميل پري، ميرپور بٺوري کان 14.75 ميل پري، دڙي کان 10.55 ميل پري، انس سمي کان 8 ميل پري جنهاڻ کان 5.15 ميل پري، سجاول کان 25.5 ميل پري، ٺٽي بادشاهي مسجد کان 32.5 ميل پري جهرڪن کان 8 ميل پري، قادرڏنو شاھ کان 4.12 ميل پري، ڳوٺ صابر پليجي کان 2.73 ميل پري،ڳوٺ عبدالحئي پليجي کان 2.1 ميل پري، ڳوٺ عبدالله پليجي کان ڏهائي 75 ميل پري، راهوٺ کان هڪ ڏهائي 76 ميل پري ۽ لنڊن کان 3698 ميل پري آهي. انهي کانسواءِ منهنجو ڳوٺ ٻنون سنڌو دريا جي ڪپ تي هئڻ ڪري (يعني سنڌو ندي جو مکيه وهڪرو ٻني ڳوٺ کان اڌ ڪلو ميٽر پري مس هوندو) ۽ ٻيو ته ٻني ڳوٺ جي اتر طرف وٽان پڃاري ڦاٽ جيڪو سوين سالن کان وهندو سڄي لاڙ کي آباد ڪرڻ ڪري، ٽيون ته ڪيترن ئي آبپاشي وارن واهن جو ٻني وٽان نڪري آس پاس جي سڄي علائقي کي آباد ڪرڻ سبب ۽چوٿون ته پنهنجن قديم پتڻن سبب، پنجون ته پنهنجن ٻن اوليائن، شاھ پير ڏنو ۽ ٻيو موريو فقير جي ڪري، ڇهون ته پنهنجين اٺن 8 مسجدن ڪري ستون ته ڳوٺ جي ٻن عالمن جي ڪري اٺون ته اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، ڳائڻن، شرنائي نوازن، دهلارين، الغوزي نوازن، چنگ ۽ گهڙو وڄائڻ وارن ڪري، نائون ته ذري، مُڪيس ۽ هرمچي جي بيمثال ۽ نهايت نفيس ڀرتن ڪري، ڏهون ته لاجواب رلين ٺهڻ ڪري، يارهون ته پلي، مڇي، گانگٽن، ماکي، مکڻ، گيهه ۽ ماهي ڪري، ٻارهون ته تترن ۽ سياري ۾ پرديسي پکين جي اچڻ ڪري، تيرهون ته صحتمند اٺن، مينهن، ٻڪرين ۽ رڍن ڪري، چوڏهون ته درياء جي گهيڙن ڪري، جيڪي ساوڻ جي مند ۾ سيڻائين تي تري مينهن کي درياء تاري اڪاري پار ڪندا هئا. پندرهون ته کوئنر لاک، پيرون ۽ مَڪَ ڪري، سورهون ته ملاکڙي ڪوڏي ڪوڏي ۽ والي بال راند ڪري ۽ ساوڻ درياء ۾ چانڊوڪي راتين توڙي ڏينهن دوران ٻيڙيءَ تي سير ڪندي ۽ جنهن زماني ۾ ڪچي ۾ ڀلا ٻيلا موجود هئا، تڏهن وڏن وڏن وڻن جي ڇانئن ۽ ان اندر ڦاڙهن ۽ ٻين ڪيترن ئي جانورن جي موجودگي سبب هي علائقو توڙي پري جا ماڻهو درياءَ جو سير ڪرڻ لاءِ ٻني ايندا هئا ۽ اسانجي اوطاق اڳيان بيٺل سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻي نم جي ڇانو ۾ شاندار محفلون مچائيندا هئا. انهن ۾ شيخ اياز، ماسٽر چندر، ماسٽر ابراهيم ڪڇي ۽ عابده پروين به شامل هئي. شيخ اياز ته پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ پنجن صفحن تي بابا جو ذڪر ڪيو آهي. انهي نم هيٺان سج لٿي بعد آئون دوستن سان محفل ۾ مسرور هوس، ته هڪ ماڻهو اچي مون کي چاچا قادر ڏني شاھ جو نياپو ڏنو ته توهان ٺٽي ۾ مون سان اچي ملو، چاچي قادر ڏني شاھ مرحوم جو بابا سائين ارباب نورمحمد پليجي سان دوستي جو سٺو رستو هو، هو ضلعي ڪائونسل ٺٽو جو چيئرمين هو. قادر ڏني شاھ سان ڀائرن جهڙي دوستي هئي ۽ ضلعي جي سياست ۾ پڻ هميشه گڏ رهيا. جڏهن مظفر لغاري ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي سيٽ تي اميدوار ٿي بيٺو ته چاچا قادر ڏني شاھ کيس نياپو موڪليو ته تون اسان جي طرفان چيئرمين شپ جو اميدوار ٿي بيهه، ته اسين توکي بنا مقابلي ٿا چونڊرايون، پر هن اها ڳالهه قبول ڪانه ڪئي ۽ چاچا قادر ڏني شاھ جي سامهون اليڪشن ۾ بيٺو، پر ڪِري پيو. ٻئي ڏهاڙي آئون ٺٽي ۾ شيرازي هائوس ويس ته ات هڪڙي پليجي خدمتگار ٻڌايو ته سائين ڊي سي آفيس ويو آهي ۽ توهان لاءِ نياپو ڇڏي ويو آهي، آئون وڃي ساڻس اُت مليس، پوءِ اتان اٿي اسين ضلعي ڪائونسل جي آفيس آياسين. اُتي مونکي چيمبر ۽ وٺي وڃي ٻڌائين ته آئون ٺٽي سب ڊويزن مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بيهان ٿو ۽ ٺٽي تعلقي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي منهنجي پٽ اعجاز علي شاھ کي ٿو بيهاريان. سجاول سب ڊويزن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي رئيس مامون خان ملڪاڻي پاڻ ٿو بيهي ۽ جاتي ۽ شاھ بندر واري صوبائي اسمبيلي جي سيٽ تي سندس پٽ غلام قادر کي بيهاري ٿو. سجاول ۽ بٺوري واري صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي، فقير عيسيٰ ۽ شاھ نواز لغاري وارن جو خيال آهي ته حاجي عبدالخالق سومرو بيهي. پر منهنجو خيال آهي ته انهي تڪ تان تون اليڪشن ۾ بيھه، تون صرف هڪ ڪم ڪر جو رئيس مامون خان ملڪاڻي کي راضي ڪري چئو ته تنهنجي بيهڻ لاءِ مونکي چئي، يا فون ڪري باقي هر ڳالهه کي آئون سنڀاليندس. مون کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته چاچا قادر ڏنو شاھ مونکي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ چوندو. سو اها ڳالهه ٻڌي في الحال ته حيران ٿي ويس ۽ پنهنجي خيال ۾ گم ٿي ويس. ته پاڻ چيائين ته ڇا پيو سوچيئن؟ تڪڙ ڪانهي تون ٻن ٽن ڏينهن ۾ سوچي سمجهي پوءِ مونکي جواب ڏج، آئون هتان اٿي سڌو حمزه خان پليجي جي جڳهه تي آيس. ٻنپهرن جي ماني جو ٽائيم هو پر ماني کان اڳ اسڪاچ جي ٻاٽلي اچي وئي ته اسين انهي محفل ۾ لڳي وياسين. انهي وچ ۾ سابق صوبائي وزير محمد خان سومرو، ان وقت ٺٽي جو اسسٽنٽ ڪمشنر عارف صاحب جيڪو پوءِ سنڌ جو هوم سيڪريٽري ٿيو. رسول بخش پليجي جو وڏو ڀاءُ علي اڪبر پليجو ۽ حمزي خان جا هڪ ٻه ٻيا دوست به آيا ته محفل مچي وئي. گپ شپ ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا سڀ دوست هليا ويا. پر آءُ ات ترسي پيس ۽ حمزي خان کي چاچا قادر ڏني شاھ واري سربستي ڳالهه ٻڌايم. انهي زماني ۾ سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ حمزي خان جا آڪٽراءِ جا ٺيڪا هئا ۽ شهيد فاضل راهو رئيس مامون خان ملڪاڻي ۽ سنڌ جي ڪافي سياسي ماڻهن سان پنهنجا ذاتي تعلقات به ٺاهي ويو هو. مون کي پاڻ چيائين ته تون سڀاڻي پنجين بجي سجاول پهچي پنهنجي سجاول واري آڪٽراءِ آفيس ۾ انتظار ڪج. انهي آفيس جو انچارج سرويچ سجاولي آهي. اتان پاڻ رئيس مامون خان ملڪاڻي جي ڳوٺ ڪڙ ملڪ هلنداسين. پاڻ ٻڌايائين ته رئيس مامون خان سندس ڳوٺ آهي. پروگرام موجب اسان ٻئي ڏينهن رئيس مامون خان ملڪاڻي جي ڳوٺ وياسين ۽ سندن اوطاق اڳيان کليل پڌر ۾ ويٺا هئاسين ته اونداهي رات ۾ ات پري کان هڪ ڊٻ تان گاڏين جي چڙهڻ جي روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. ان بابت مون کانئس پڇيو ته پاڻ ٻڌايائين ته اها روشني هندستان جي ڪنهن مٿانهين ڀيڻي تي ٺهيل شهر جي آهي. اها روشني ڪڏهن ڪڏهن اسان ڏسندا رهندا آهيون. اسان ات ڪافي دير ڪچهري ڪئي. رئيس مامون خان ملڪاڻي به هڪ روايتي بردبار وڏيرو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دؤران جنرل ضياء سان سجاول جي انسپيڪشن بنگلي ۾ ملاقات ڪئي هئائين، تنهن ملاقات جو احوال ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌائين. موڪلائڻ کان اڳ حمزي خان ساڻس مون بابت سربستو احوال ٻڌايو ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته اسان جي هن اڻپڙهيل لڏي ۾ هڪ پڙهيل همراه به ته آيو. حمزي خان کي چيائين ته هاڻ اوهان ڇٽا، اهو ڪم هاڻ مونتي آهي. اسان رئيس جي ڳوٺان دير سان روانا ٿياسين. اتي ايڏي ته ماڪ پئي پَئِي جو رستي تي ڪابه شئي نظر ڪانه ٿي آئي. گاڏي هلائڻ ۾ ڏاڍي ڏکائي پي ٿي. مون پنهنجي سموري زندگي ۾ايتري گهڻي ماڪ ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي. سجاول تائين حمزي خان جي گاڏي هئي. جنهن کي سندس ڊرائيور پئي هلايو. سجاول کان پوءِ حمزو خان ٺٽي هليو ويو. سجاول کان ٻني تائين پنهنجي گاڏي آئون هلائيندو آيس. سمنڊ کان جيئن جيئن پري ٿيندا وياسين. تيئن تيئن ماڪ به ويئي گهٽجندي هن کان اڳ منهنجو اٿڻ ويهڻ سڄو پڙهيل لکيل ماڻهن اديبن، شاعرن ۽ باذوق ماڻهن سان هو. پر اليڪشن دؤران سڄو وقت موقع پرست لالچي، دوکي باز ۽ بي ڀروسن ماڻهن سان واسطو رهيو. سڄي دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا ڪونه آهن، پر هن دنيا ۾ ڪي اصول پرست ۽ لاجواب ماڻهو به موجود آهن، جنهن ڪري هي دنيا پئي هلي! ورڪ دؤران ڪڏهن ڪڏهن آئون ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ٻارن سان وڃي ملندو هوس ۽ سوال جواب ڪندو هوس ۽ هوشيار ٻارن کي انعام ڏيندو هوس، ته اها ڳالهه به ڪن ماڻهن کي ڪانه وڻي ۽ چوندا هئا ته ٻار پنهنجا ووٽر ٿورو آهن؟ منهنجي مقابلي ۾ اليڪشن ۾ مظفر لغاري بيٺل هو، جيڪو ويچارو تمام سادو سوڌو ماڻهو هو. سندس پيءَ رئيس جمال خان لغاري تازو تازو وفات ڪئي هئي، تنهن ڪري ماڻهن جي اڪثيريت جي هن سان همدردي هئي. مظفر لغاري انهيءَ اليڪشن کانپوءِ ڪڏهن يونين ڪائونسل جو ميمبر به ڪونه ٿي سگهيو. اسانجو قومي اسيمبلي جو اميدوار رئيس مامون خان ملڪاڻي هو، جيڪو حد کان وڌيڪ شريف انسان هو ۽ سندس مدمقابل احمد خان ميمڻ، جيڪو تمام هوشيار، حاضر جواب ۽ ڪي قدر پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو، مذڪوره خوبين هوندي به انهي اليڪشن کان پوءِ احمد خان ميمڻ پڻ ڪڏهن به يونين ڪائونسل جو ميمبر ڪونه ٿي سگهيو. اليڪشن کان اڳ توڙي پوءِ منهنجو احمد خان ميمڻ سان تمام سٺو واسطو آهي. اليڪشن جي ٽن سالن بعد جنرل ضياء هوائي حادثي ۾ مري ويو، ته ان جي جاءِ تي هڪ تعصبي مهاجر، جنرل اسلم بيگ چيف آف آرمي اسٽاف ٿيو، تنهن پهرين ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اليڪشن نه ٿئي ۽ جيڪڏهن ٿئي ته غير پارٽي بنياد تي ٿئي ته جيئن آئون صدر ٿيان. پر آرمي جي ٻين جنرلن سندس ڳالهه ڪانه مڃي. آرمي جي اها چونڊ غير جانبدار نه ڪرائي ها، جنهن ڪري ئي پيپلزپارٽي اها اليڪشن کٽي ۽ بينظير وزيراعظم جو اعزاز ماڻيو، پر اسلم بيگ سندس جان نه ڇڏي، ڇو ته جنرل کي پاڪستان جو سنڌي وزيراعظم قبول ڪونه هو. نيٺ 18 مهينن جي مختصر مدت ۾ جنرل اسلم بيگ صدر غلام اسحاق معرفت بينظير جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، پوءِ مهراڻ بئينڪ مان ڪروڙي رپيا ڦري، اڌ پاڻ کاڌئين ته اڌ بينظير جي مخالف اميدوارن کي ڏئي، اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏياري، مهراڻ بيئنڪ اسڪينڊل وارو ڪيس جنرل اسلم بيگ تي اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.
ڳالهه پي ٿي منهنجي صوبائي اسيمبلي جي بٺوري سجاول تڪ تي اليڪشن ۾ بيهڻ جي، اسان واري تڪ تان نه بيهڻ ڪري حاجي عبدالخالق سومري اليڪشن ۾ منهنجي مخالفت ڪئي. هن تڪ جي گهڻو ڪري سڀني سومرن منهنجي مخالفت ڪئي. اميدوارن جي گهڻو ڪري هر هفتي مڪلي ريسٽ هائوس تي ميٽنگ ٿيندي هئي. ريسٽ هائوس جو تمام وڏو ڪمپائونڊ وال هوندو هو. جنهن اندر ڪافي وڏو ميدان هوندو هو، پر اسان جون گاڏيون مين گيٽ کان ٻاهر بيهاريندا هئا ۽ اسان کي ڪافي پنڌ ڪري اندر وڃڻو پوندو هو. ڇو ته اها ميٽنگ فوجين وٽ هوندي هئي. اهو سياستدانن سان ناراضگي جو اظهار هوندو هو. انهي وقت ۾ اڄ وانگر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن هڪ ئي ڏينهن تي ڪونه ٿيندي هئي. قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۽ رزلٽ اٺن ڏهن ڏينهن بعد صوبائي اسميبلي جي اليڪشن ٿيندي هئي ۽ نفسياتي طرح جنهن پارٽي جو پهرين قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊبو هو. ته پوءِ انهيءَ پارٽي جي صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جي کٽڻ جا چانسز اڃا به وڌي ويندا هئا. ٻيو ته بٺوري ۽ سجاول واري منهنجي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي اهو تفاوت تمام گهڻو ٿي ويو، جنهن کي غور ڪري اليڪشن کٽڻ منهنجي لاءِ ناممڪن هو ۽ هي منهنجو اليڪشن جوپهريون تجربو هو. جيتوڻيڪ ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي اليڪشن ۾ آئون ڀرپور حصو وٺندو هوس ۽ مسلم هاسٽل اسٽوڊنٽ يونين جو صدر به ٿي رهيس ۽ سنڌ جي وڏين شاگرد تنظيمن جو عهديدار به ٿي رهيس. مثال طور سائين جي ايم سيد بزم صوفياء سنڌ لاءِ شاگردن ۾ پرچار لاءِ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ ٺاهي ته اپر سنڌ لاءِ سيد باقر شاھ ۽ لوئر سنڌ لاءِ مونکي مقرر ڪيائين ۽ پڻ ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو به نائب صدر هوس. ان جو صدر يوسف لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام ساقي هو. شاگرد هلچل دؤران ڪيترا ڀيرا جيل به وڃڻ ٿيو. پر هُن ۽ هِن سياست ۾ زمين ۽ آسمان جيترو تفاوت هو. سنڌ جي روايتي وڏيرڪي سياست جي طور طريقن کي سمجهڻ ۽ ماڻهن جي تقاضائن کي پرکڻ لاءِ پهريون نسخو اهو آهي، ته ڪوڙ ۽ اٽڪل بازي کي پنهنجو هٿيار بڻائجي. سو شايد آئون اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگهيس. انهي سڄي صورتحال هوندي به ڪن ڌرين جا مطالبا ۽ مونتي پريشر ويو وڌندو. انهي صورتحال کان تنگ ٿي مون اليڪشن ۽ هميشه لاءِ سياست کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ سڄو زور ٻارن جي تعليم، لکڻ پڙهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي ڏنو ۽ وقت مصروف گذاريو. انهيءَ رات آئون ٻني ۾ هوس ۽ مون سان گڏ صرف حمزو خان پليجو هو. سڄي رات مئڪشي ۾ گذري وئي. وڃڻ مهل مون کيس صلاح ڏني ته سينيٽ جي اليڪشن تون پاڻ بيهه، چيئن ته وڏيرا توسان سٺو ڪونه هليا، سو مونکي ڪئين قبول ڪندا ! مون کي چيائين ته جنرل اليڪشن ۽ سينيٽ جي اليڪشن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اڄ دير ٿي وئي آهي، آئون جلد، ٻن ٽن ڏينهن ۾ وري ٻني ايندس، پوءِ وڌيڪ صلاح ڪنداسين. ٻه ٽي ڏينهن بعد پاڻ ٻني آيو، ساڻس گڏ ٺٽي جو مشهور وڪيل لکاڏنو بهراڻي به هو. انهي رات اسان سينيٽ جي اليڪشن تي تفصيل سان ڳالهايو. لکاني بهراڻي ٻڌايو ته سينيٽ جي اليڪشن کٽڻ لاءِ موجوده صورتحال ۾ پاڻ کي ساڍن ستن ووٽن جي ضرورت آهي، پر بندوبست اٺن ووٽن لاءِ هئڻ گهرجي. حمزي خان ٻڌايو ته مونکي ٽن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن اعجاز شاھ شيرازي، غلام قادر ملڪاڻي ۽ محمد موسيٰ چانڊيو بدين مان شهيد فاضلو راهو جي ڪري يوسف چانگ جي ووٽن ۾ وڏي اميد آهي. منهنجي بزنس پارٽنر جي معرفت آئون حيدرآباد شهر مان ٻن مهاجر ميمبرن کان به ڪوشش ڪري ووٽ وٺي سگهان ٿو. پاڻ ٻڌائين ته منهنجو حيدرآباد جو وڪيل ۽ دوست مسٽر انڙ، جنهن جي گهر واري رزروڊسيٽ تي ميمبر ٿي آهي. انهي سان به ڳالهه ٻولهه ڪبي. مطلب ته هن سينيٽ واري اليڪشن ۾ صرف اٺن ماڻهن سان ڳالهائڻو هو ۽ انهي زماني ۾ پيسن تي ووٽ خريد ڪرڻ جو اڃان تصور ئي ڪونه هو. نڪو سياستدانن وٽ انهي وقت ۾ ايڏي گهڻي دولت هئي. تڏهن ڊفينس سوسائٽي ۾ بنگلو ڏهن پندرهن لکن ۾ ملندو هو. وڏي موٽر گاڏي صرف پيرپاڳاري يا ٻئي ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ سياستدان وٽ هوندي هئي. شاديون ۽ ٻيون دعوتون به تمام سادگيءَ سان ٿينديون هيون جن بابت ان زماني جي شادين جي فوٽن مان توهان کي اندازو ڪري سگهو ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙا به ميمبر چونڊجي آيا، جن وٽ انهي کان اڳ صرف هڪ پراڻي موٽر سائيڪل هوندي هئي. ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ هنن ڪارون ۽ جيپون خريد ڪيون، ۽ ائين حمزو خان تمام آسانيءَ سان سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. حمزي خان اسان جي علائقي ۾ به تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن ۾ ٻني ڳوٺ ۾ پڪيون گهٽيون پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪيون ناليون گرلس مڊل اسڪول پرائمري اسڪولن جون ٻه بلڊنگون ٻني ڳوٺ ۾ ويهن پڪن گهرن واري ڪالوني ٻني کان راهوٺ پڪو رستو، ڳوٺ احمد پليجي کان ڳوٺ عبدالحئي پليجو وايا صابر پليجو پڪو رستو، ڳوٺ عبدالله پليجي ۾ گرلس اسڪول ۽ بوائز اسڪول جون عمارتون، ڳوٺ عبدالحئي پليجو ۾ اسپتال ۽ اسڪول جون عمارتون ٺهرايائين ۽ سندس ڪوٽا مان ٻني ۽ ارد گرد جي ڪيترن ئي بي روزگار غريبن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.