آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

هڪ ٻي زندگي جي تمنا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرنامانگار عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جو چوٿون ڀاڱو آھي.
عبدالحئي پليجو جيئن ته بُنيادي طور تي سياسي ورڪر سان گڏ هڪ سياح پُڻ آهي. اُن ڪري هن جي لکڻين ۾ واري سان سياست توڙي سياحت جو عنصر غالب ملي ٿو. خاص ڪري جن شين جو اکين ڏِٺو شاهد ٿي اُنھن ڳالهين جو وڏي بيباڪي سان تجزيو ڪندو هلي ٿو.
Title Cover of book هڪ ٻي زندگي جي تمنا

7

مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ايڏيون اوچيون ۽ سٺيون بلڊنگون هن سينگاپور شهر ۾ ڏٺيون، جيڪي مونکي جديد طرز تعمير جو شاهڪار لڳي رهيون هيون. انهن عاليشان اوچين عمارتن کي نهايت ئي سهڻي نموني سينگاريو ويو هو. هن کان اڳ مون صرف پنهنجو ملڪ پاڪستان ۽ ٿائيلنڊ ڏٺو هو. پر انهي وقت يعني 1980ع ۾ به هت يعني سينگاپور ۾ هر شئي ڏاڍي ماڊرن ٺهيل هئي، جنهن ۾ جڳهيون، رستا، هوٽلون، نائٽ ڪلب، ڪارون، بسون ۽ ماڻهن جي طرز زندگي به شامل آهي. هن کان اڳ مون ٽريفڪ جو اهڙو جديد نظام به زندگي ۾ ڪونه ڏٺو هو. جنهن ۾ مرد توڙي عورتون ڏاڍي سٺي نموني سان ملڪ جي انهي سڄي نظام کي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا. هوٽل تي پهچي ڏٺم ته اها هوٽل هڪ پراڻي طرز جي بنگلو ٿي لڳي. سنگاپور جو سڄو ملڪ، صرف 639 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، ملڪ به اهو ته شهر به اهو ته ملڪ جي گادي جو هنڌ به اهو ساڳيو سنگاپور شهر ئي آهي، جنهن کي سامراجي ملڪن، آمريڪا ۽ سندس ساٿاري ملڪن سندن سياسي ۽ معاشي مفادن جي حصول خاطر هڪ رياست بنائي اتي سندن پوئلڳ سياسي ۽ معاشي نظام قائم ڪيو آهي. سنگاپور جي سِڪي جو نالو، ”سنگاپور جو ڊالر“ آهي. هت سئو سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. آئون سمجهان ٿو ته هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي زراعت ڪانهي! پر پنهنجي فري پورٽ ۽ سٺي انڊسٽري ڪري، دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. آئون هوٽل پهچي، هوٽل جي فارملٽيز کان واندو ٿي، ٿورو آرام ڪري، پوءِ شهر گهمڻ ويس. سنگاپور چائنيز، سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ هندستاني ماڻهن تي مشتمل هڪ ملڪ آهي.هتي سنڌي به ڪجهه تعداد ۾ رهن ٿا. انهن جي هت تمام وڏي بزنيس آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي هندو پاڪستان ۽ هندستان کان پوءِ وڏي تعداد ۾ هت آباد آهن، پر هندستان وانگر هت به سنڌي هاڻي نالي جا سنڌي وڃي رهيا آهن، ڇو ته هو هاڻ هت سنڌي ٻولي ڳالهائيندا ئي ڪونه آهن!
آئون ٽيڪسي ڪري هتي جي هڪڙي وڏي نائيٽ ڪلب ويس. هي ڪلب ڏاڍو مهانگو هو هت مختلف قسمن جا ڊانس پروگرام ڏيکاريائون. هڪ فلور تي جوڙا جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا، جن ۾ وڏو تعداد نوجوان جوڙن جو هو، مون آئيس ڪريم گهرائي کاڌو. هي ڪلب ڏاڍو منظم ۽ پروقار هو، پر اتي بينڪاڪ واري چاشني، رونق ۽ عرياني بلڪل ڪانه هئي. آئون اتان اٿي پوءِ عرب اسٽريٽ ۾ آيس، جت جام انڊيئن هوٽلون هيون. مون هت ڪيرالا وارن هندستانين جي هوٽل تي ماني کاڌي، جن تازن ساون پنن مان ٺهيل ٿانون ۾ ماني ڏني. منهنجو زندگي ۾ اهڙن پنن وارن ٿانون ۾ ماني کائڻ جو پهريون تجربو هو. ماني ڏاڍي لذيذ هئي، سنيگاپور جون ڪارون. هوٽلون، ڪلب، شاپنگ سينٽر، خاص ڪري باغيچا ۽ پارڪ ڪنهن به يورپ جي ملڪ کان گهٽ ڪونه هئا. هتي جا ماڻهو به تمام امير/ شاهوڪار آهن. سنگاپور ملڪ جي معيشت ۾ شپنگ، پيٽروليم، ڪنسٽرڪشن ۽ ٽوئرزم جو وڏو حصو آهي. سنگاپور جو باشندو، يورپ ملڪن جي ماڻهن کان به وڌيڪ خوشحال زندگي گذاري ٿو. سنگاپور ۽ دبئي گهمڻ لاءِ ٽي ڏينهن ڪافي آهن. هڪ سال ۾ سنگاپور گهمڻ لاءِ سراسري طرح هڪ ڪروڙ ماڻهو/سياح اچن. سنگاپور جا ماڻهو سياحت کي اڃا به وڌيڪ زور وٺائڻ لاءِ چائنا ٽائون واري علائقي کي تمام وڏي پيماني تي سهڻي نموني وڌائي رهيا آهن. آئون رات جو اچي پنهنجي هوٽل ۾ رهيس. اها هوٽل، هوٽل نه پر هڪ بنگلو لڳي رهي هئي ۽ شهر کان ٿورو پر ڀري هئي، سڄو ڏينهن گهمڻ ڪري، رات جو ننڊ اچڻ ۾ ڪا دير ڪانه ٿيندي هئي، جئين ته سڄي دنيا ۾ هوٽلن ۾ گهڻو ڪري ناشتو مفت ۾ ڪرائيندا آهن. سو آئون به پنهنجي ڪمري مان اٿي اچي ڊائننگ روم ۾ ويٺس، جتي کائڻ لاءِ هر شئي موجود هوندي آهي، سو جائزو وٺي، پليٽ ۾ گهرج آهر کاڌو کڻي اچي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کائڻ لڳس. ڊائننگ هال ۾ ان وقت ويهارو کن ماڻهو هئا، جن ۾ يورپئين، انڊين ۽ هڪڙو جاپاني جوڙو به هو. سڄي دنيا جي وٿ بريڪ فاسٽ هوٽلن جو ناشتو گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. ڪوشش ڪبي آهي ته ناشتو ٺاهي کائجي، جو ٻنپهرن ۾ صرف برگر مان ڪم ٽپائجي، ته جيئن گهڻو گهمي ڦري سگهجي. ٻنپهرن جو گهڻو کائڻ سان بدن ڳرو ٿي پوي ٿو. ناشتو ڪري، ٻاهر اچي ٽيڪسي ڪري هتي دنيا جو مشهور پکين جو پارڪ ڏسڻ ويس. هي دنيا اندر پنهنجي قسم جو هڪ نرالو پارڪ آهي. جتي سڄي دنيا مان ڳولي ڳولي ست هزار کن پکي گڏ ڪيا ويا آهن. جن کي پنهنجي ملڪ وانگر گرم ٿڌي ماحول ۾ رکيو ويو اهي. هي پکين جو پارڪ ايڏو ته وڏو آهي جو انهي اندر ٽرام به هلندي آهي. توهان ٽرام ۾ چڙهندا لهندا پارڪ ۾ گهمندا ڦرندا رهو. جي بک لڳي ته پارڪ اندر ئي لاجواب هوٽلون به آهن، جن تي چانھه ماني کائڻ جي سهولت موجود آهي. ٽرام ۾ ويهڻ دؤران توهان کي هن پارڪ جي باري ۾ لائوڊ تي سڄي معلومات ٻڌائيندا هلندا. آئون تقريباً چئين بجي ٽيڪسي ۾ پنهنجي رهائش واري هوٽل تي موٽي آيس. سينگاپور جي جي ڊي پي سڄي دنيا جي ملڪن جي فهرست ۾ ڇٽيھه نمبر آهي ۽ اها 55635 آمريڪي ڊالر آهي. انهي امير ملڪن واري لسٽ ۾ خود آمريڪا جو نمبر چوڏهون آهي. تنهن جي جي ڊي پي 54380 آمريڪي ڊالر آهي. يعني سينگاپور آمريڪا کان به هڪ نمبر اڳيان آهي. انهي لسٽ ۾ پهريون نمبر موناڪو، ٻيو نمبر لگزمبرگ ٽيون نمبر ناروي، چوٿون نمبر قطر، پنجون نمبر مڪائو، ڇهون نمبر برونڊي، ستون نمبر سوئزرلينڊ، اٺون نمبر ڊينمارڪ، نائون نمبر آسٽريليا، ڏهون نمبر سوئيڊن يارهون نمبر چينل آئيلينڊس آهي.. ماڻهن جي قوت خريد واري ملڪن جي لسٽ ۾ سڄي دنيا اندر سنگاپور ڇهون نمبر آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت واري لسٽ ۾ سينگاپور ڇٽيهون نمبر ملڪ آهي. ڇٽيهين نمبر تي ٻن ملڪن جا نالا آهن. هڪ سنگاپور ۽ ٻيو اسرائيل. سنگاپور جي آدمشماري 55 لک آهي. دنيا ۾ ٻه سئو کن ملڪ آهن. سنگاپور دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هت تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن. دنيا ۾ فائيو اسٽار هوٽلن جي سڀني ڪمپنين جون هوٽلون سنگاپور ۾ آهن. سنگاپور ۾ موجود سڀني هوٽلن جا ڪمرا ٽيهه هزار آهن. هن هيڏي ننڍي ملڪ ۾ ڪيئن نه سڄي دنيا جي دولت خود به خود ڊوڙي ٿي اچي. غير ملڪين جي سياحت ڪري اهڙي دنيا جي لسٽ world in fingures ۾ پاڪستان جو نالو به هوندو آهي. پر اهو ڪجهه اهڙي ريت هوندو آهي، جهڙوڪ دنيا ۾ گهڻي آدمشماري وارن ملڪن جي لسٽ ۾ نمبر 1 چين 2 هندستان 3 آمريڪا 4 انڊونيشيا 5 برازيل 6 پاڪستان ۽ وري دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوج جي لسٽ ۾ نمبر 1 چين 2 آمريڪا 3 انڊيا 4 اترڪوريا 5 روس 6 پاڪستان يا وري دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻن پناهگيرن واري لسٽ ۾ پهريون نمبر ترڪي جو ته ٻيو نمبر پاڪستان جو! ۽ وري دنيا اندر هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر سعودي عرب، 2 هندستان، 3 آسٽريليا، 4 مصر، 5 گڏيل عرب امارات 6 عراق، 7 چين، 8 ويٽنام، 9 يونان، 10 پاڪستان. عوام جي خوشحالي ۾ ترقي واري ڪنهن به لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو ئي ڪونهي. سنگاپور سوين سالن کان مسلمان ملڪ هو، پر انگريزن پهريون دفعو سن 1819ع ۾ سنگاپور جي سلطان حسين شاھ سان برٽش ايسٽ انڊيا ٽريڊنگ ڪمپني جي صورت ۾ هڪ معاهدو ڪري، سينگاپور کي سندن واپاري مقصد لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. اڄ به سنگاپور ۾ هزارين مسلمان شهر جي عرب اسٽريٽ، مسقط اسٽريٽ، بغداد اسٽريٽ ۽ قنڌار اسٽريٽ تي آباد آهن. سنگاپور ۾ وڏيون ۽ شاندار مسجدون اڳوڻي دؤر جون توڙي موجوده دؤر جون به ٺهيل آهن. عرب اسٽريٽ آرتوار تي بند هوندي آهي. هن اسٽريٽ ۾ توهانکي پرفيومز ڏاڍا سٺا ملندا. هت تمام پراڻا اسڪول ۽ ڪاليج مسلم ڇوڪرين لاءِ به ٺهيل آهن جيڪي 1913ع کان قائم آهن. اهي اسڪول ۽ ڪاليج اڄ به سنگاپور جي بهترين تعليمي ادارن ۾ شامل آهن. اڄڪلهه پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ يورپ گهٽ، پر سنگاپور زياده ٿا وڃن، خاص ڪري جيري/جگر ۽ بڪين/گردن جي علاج لاءِ آئون ٻي ڏهاڙي هتي جي مشهور پڪنڪ پوائينٽ سينٽوسا جزيرو گهمڻ ويس. جت مسلمانن جي دؤر حڪومت ۾، سلطان حسين جو محل هوندو هو. پوءِ انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ هت انگريزن جي فوج جو مرڪز هو. انهن ات هڪ قلعو به ٺهرايو هو. پر هاڻ هي جزيرو سنگاپور ۾ سياحت جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. جيئن آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ ڊزني لينڊ آهي. تيئن سنگاپور ۾ وري هن جزيري جي صورتحال ڊزني لينڊ جهڙي آهي. هت به سياحن لاءِ هر سهولت ميسر آهي. هت ڪيبل ڪارون لاجواب سامونڊي ڪنارو، جت هزارين سياح پيا ترن ۽ رانديون ڪن. هت جديد قسم جا عجائب گهر موجود آهي. جت عجائبات جي هر شئي موجود آهي. ٻارن جي تفريح لاءِ به جديد قسم جا واٽر پارڪ ۽ ميوزيڪل گارڊن قائم ڪيا ويا آهن. سنگاپور ۾ رهائش لاءِ ڪيئي هوٽلون آهن کاڌي پيتي لاءِ به ويسٽرن ۽ لوڪل ڪيفيز ۽ ريسٽورينٽ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سمنڊ ۾ گهمڻ ۽ گهمائڻ لاءِ جديد قسم جون ٻيڙيون ۽ لانچون به آهن ته سمنڊ ۾ ترندڙ سائيڪلون ۽ موٽر سائڪلون به هر وقت موجود آهن. سلسلو بيچ تي ماڻهن لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ کليل هوندو آهي. يعني هي سمنڊ جو ڪنارو جهڙو ڪر هوندو ئي رات جو گهمڻ لاءِ آهي. هت لائيٽ جو به ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو بندوبست ٿيل آهي. هت يورپيئن سياحن جي وڏي رش آهي ۽ توهان کي گرل فرينڊ ملڻ جا به تمام گهڻا چانسز هوندا آهن. پر هت مهانگائي به تمام گهڻي آهي. ٻيڙين جي سير، کاڌي پيتي ۽ رهائش وارين هوٽلن جا اگهه ڏاڍا ڳرا آهن. آئون اتان رات جو دير سان موٽيس ۽ هوٽل ۾ اچي سُتس. صبح جو سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن ويس. ان وقت هلڪي برسات پئي پئي. رستن تي به ٿورو ٿورو پاڻي بيٺل هو، وڻن جي پنن تي به هلڪو پاڻي نظر پئي آيو. برسات سبب، سنگاپور جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگون ڏاڍيون صاف سٿريون ۽ چمڪي رهيون هيون. رش بلڪل ڪانه هئي. ڊرائيور بنا ڳالهائڻ جي گاڏي هلائي رهيو هو. آئون به چپ چاپ هنن منظرن مان لطف اندوز ٿي رهيو هوس. ٽيڪسي ريلوي اسٽيشن وٽ اچي بيٺي، ته آئون لهي پنهنجو سامان کڻي اچي پهرين اميگريشن ڪائونٽر تي پهتس، ته سواءِ پڇ پڇان جي پندرهن ڏينهن جي ويزا هڻي ڏني ۽ ڪسٽم وارن جي وڏن وڏن ڪتن سامان کي سونگهي چيڪ ڪيو. اتان فارغ ٿي مون ريل جي گارڊ کي پنهنجي ٽيڪيٽ ڏيکاري، جنهن اسانجي بوگي نمبر ٻڌايو. آئون بوگي ڳولي پنهنجي سيٽ نمبر تي وڃي ويٺس. بوگي اڌ خالي هئي، پر مسافر اڃا اچي رهيا هئا. ٿوري دير ۾ اسانجي ريل گاڏي ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ڏانهن رواني ٿي. ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا جي ملڪ، سريلنڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور ۾ ايڏي ته ساوڪ آهي، جو اُن جهڙي ساوڪ مغربي يورپ جي به ڪن ڪن ملڪن ۾ ڪانه ٿئي. ريل گاڏي سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍيندڙ شهر، جوهر بهرو مان لنگهي ملائيشيا جي سرسبز وادين ڏانهن وڌڻ لڳي. ملائيشيا جي هن شهر، جوهر بهرو تي سن 1511ع ۾ پورچوگيزن قبضو ڪيو. سن 1641ع ۾ پورچوگيزن سان جنگ ڪري نيدرلينڊس جي ڊچن هن شهر تي قبضو ڪيو. ڊچن جو شهر تي قبضو تيسين جاري رهيو، جيسين وڃي انگريزن ڊچن سان هڪ سمجهوتي تحت جوهربهرو شهر تي پنهنجو قبضو ڪيو. انگريز دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ قبضي خوري واسطي ملڪن/ حاڪمن سان منافقي تي مبني معاهدا ڪندا هئا ۽ بادشاهن / راجائن کي نالي ماتر وظيفا / پينشن به ڏيندا هئا ۽ کين تخت تي به ويهاريندا رهندا هئا. جئين هنن تقريباً سڄي هندستان تي دهلي سميت پنهنجو قبضو ڪري ورتو هو، پر سن 1857ع تائين نالي ماتر بادشاه ڪري بهادر شاھ ظفر کي به دهلي جي تخت تي لال قلعي ۾ ويهاريو ويٺا هئا. اهڙِي طرح سنڌ ۾ به ڪراچي هٿ ڪري ميرن کي صرف حيدرآباد تائين بادشاهي ڪرڻ ڏنائون ۽ پوءِ نيٺ ميرن کي نام نهاد جنگ وسيلي تخت تان لاهي، قيد ڪري هزاري باغ ڪلڪتي ۾ ۽ مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر کي برما ۾ مرڻ تائين قيد ۾ رکيائون. بهادر شاھ ظفر، بادشاھ سان گڏ اردو ۽ فارسي زبان جو وڏو شاعر هو سندس هيٺيون شعر ته هندستان ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو.
اتنا ہے بدنصیب ظفر، کہ دفن کے لئے،
دو گز زمیں بھی نہ ملی کوئے یار میں۔
انگريزن جوهر بهرو جي حاڪم، سلطان علي سان به هڪڙو ٺڳي وارو ٺاھ ڪري نيٺ سڄي جوهر بهرو تي پنهنجو ناجائز قبضو ڪيو ۽ ڄمايو. اسان ملائيشيا جي سرسبز ۽ حسين وادين مان ريل گاڏيءَ جي ڇهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ وڃي ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين، جيڪا ريلوي اسٽيشن جو هڪ جديد تعميراتي شاهڪار هئي. اسان ٽيڪسي ڪري هوٽل، شيراز ڏانهن روانا ٿي وياسين. ٽي ڪروڙ آدمشماري وارو هي ننڍو ملڪ ملائيشيا به دنيا جي امير ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جو مک سبب سندس سڄي دنيا سان واپار ۽ قدرتي دولت ٽوئرزم آهي. دنيا ۾ پهريون نمبر آمدني ٽوئرزم مان ٿئي ٿي. انهيءَ لسٽ ۾ ملائيشيا ٻارهين نمبر تي آهي. پهريون نمبر فرانس، ٻيو آمريڪا، ٽيون اسپين، 4 چين، 5 اٽلي، 6 ترڪي، 7 جرمني، 8 انگلينڊ، 9 روس، 10 ميڪسيڪو، 11 هانگ ڪانگ ۽ ٻارهون ملائيشيا آهي. اها لسٽ هڪ سئو ملڪن جي آهي. انهيءَ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪونهي. دنيا ۾ تمام گهڻين اوچين عمارتن ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ ٺهيل ٽريڊ سينٽر جا ٻه جاڙا ٽاور، تمام گهڻي اوچائيءَ سبب سڄي دنيا۾ مشهور آهن. دنيا جي وڏي ايڪانامي وارن ملڪن جي لسٽ ۾ ملائيشيا پنجٽيھون نمبر آهي، جڏهن ته سنگاپور ۽ اسرائيل جو ڇٽيهون نمبر آهي. دنيا ۾ گهڻو روانگي واپار ڪندڙ ملڪن واري لسٽ ۾ به ملائيشيا ايڪٽيهون نمبر گهڻو روانگي واپر ڪندڙ ملڪ آهي ۽ سرپلس جي ڊِي پي وارن ملڪن واري لسٽ ۾ اٺاويهون نمبر آهي. گهڻي صنعتي پيداوار حاصل ڪندڙ ملڪن واري لسٽ ۾ ملائيشيا ٽيهون نمبر آهي. تنهن کان سواءِ گهڻن ۽ وڏن ٻيلن وارن ملڪن جي لسٽ ۾ به ملائيشيا اٺاويهون نمبر آهي. ملائيشيا جي سڪي جو نالو ”رِنگِٽ“ آهي ۽ سندس جي ڊي پي يعني سالياني پيداوار، ٽي سو اٺٽيهه ارب آمريڪي ڊالر آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ ويهه ڪروڙ آدمشماري واري ملڪ، پاڪستان جي سالياني قومي پيداوار ٻه سئو ٽي ارب آمريڪي ڊالر آهن. اسان هوٽل تي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري، ضروري داخلا ڪرائي اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. اسان جي ريل گاڏي سنگاپور مان صبح نوين وڳي نڪتي هئي ۽ ٻن پهرن جو ٽين وڳي اچي آئون ڪوالالمپور شهر ۾ قائم شيراز هوٽل جي ڪمري تي پهتس. ٿورو آرام ڪري پوءِ، شهر جو چڪر لڳائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيس. ڪوالالمپور شهر کي هاڻ دنيا ۾ ڪي ايل جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهڙِي طرح جيئن آمريڪا جي شهر لاس اينجلس کي عام طرح ايل اي چون. شهر جو هڪ اهم علائقو چائينا ٽائون، برٽش ڪالوني واري دؤر جي مک بازار، مرڊيڪا اسڪوائر گهمڻ وياسين. ڪنهن زماني ۾ ڪوالالمپور تمام ننڍو شهر هو، جيئن ڪراچي، جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان وڌندو، اڄ ڪروڙن جي آدمشماري وارو شهر ٿي پيو آهي. چائينا ٽائون واري علائقي ۾ ڪيئي شاپنگ مال، سپر مارڪيٽ، ۽ چائنيز اسٽائيل جون بيشمار هوٽلون هيون. هي علائقو شهر جي مک علائقن ۾ شامل آهي. اسان هت ملائيشيا جي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ شيون خريد ڪيون ۽ هڪ لاجواب پارڪ جينٽنگ ۾ سير ڪيو. تنهن پڄاڻان ماني کائي دير سان واپس هوٽل تي آياسين. رات آرام ڪري، صبح سوير هائي لينڊ شهر گهمڻ لاءِ بس ۾ چڙهي وياسي. اهو شهر ڪوالالمپور شهر کان ايڪونجاهه ڪلوميٽر پري آهي. اسان ملائيشيا جي حسين سبز وادين مان هلندا وڃون. ملائيشيا ۾ ملاڪا. ڪيمرو. هائيلينڊ گهمڻ لاءِ ڏاڍيون سٺيون تفريح گاهون آهن. هتي تمام گهڻا سياح گهمڻ ايندا آهن. ملائيشيا جي زمين جو ستر سيڪڙو سرسبز ٻيلن جي حسين سائي چادر سان ڍڪيل آهي. ملائيشيا ۾ ڪيئي نديون ۽ آبشار وهندڙ آهن. هتي جا ٻيلا دنيا جي قديم ترين ٻيلن ۾ شمار ٿين ٿا ۽ انهن ٻيلن سبب هي سڄو ملڪ، هڪ حسين باغ ٿو نظر اچي!
اسين به انهن حسين سرسبز وادين مان ٿيندا اچي جينٽنگ هاءِ لينڊ ۾ پهتاسين. هي هاءِ لينڊ بنيادي طرح ڪيسينوز جي سبب مشهور آهي. جت ڪيترائي ڪيسينوز چوويھه ڪلاڪ کليل آهن. اهڙن ڪيسينوز ۾ داخلا جي عمر ايڪويهه سال آهي. هن شهر ۾ سياحن جي تفريح لاءِ ٻيون به ڪافي تفريح گاهون موجود آهن. هت انگلش، فرينچ، چائنيز ۽ ملائيشين کاڌا هر وقت تيار موجود آهن. هت توهان کي گهمڻ لاءِ گهوڙا، ڪيبل ڪارون، گاف ڪورس، گرم پاڻي جا مصنوئي تلاءِ ٽينس ڪورٽ ۽ راندين جا اسٽيڊيم، بهترين ٿيٽر، جديد قسم جا وڏا ننڍا سئنيما گهر ۽ ڪيترن ئي قسمن جا باغ باغيچا، مندر، مسجدون ۽ ٻڌ ٽيمپل به نظر ايندا. اسان ٽڪيٽ وٺي هڪ ڪيسينو ۾ وياسين ۽ رسيپشن ڪائونٽر تي پيسا ڏئي هت راند کيڏڻ وارا ڪجهه سڪا خريد ڪيا ۽ ات ڪجهه رانديون به ڪيون. مون اهڙا ڪيسينوز پوءِ لاس اينجلس، مڪائو ۽ مناڪو ۾ به ڏٺا، جيڪي هنن کان وڏا هئا ۽ تمام جديد طرز تعمير جا شاهڪار هئا. هت ٺهيل ڪيسينوز جي ٻاهران به وڏيون تفريح گاهون موجود آهن، جيڪي به ڏسڻ وٽان آهن. اسان هت گهمي ڦري واپس ڪوالالمپور روانا ٿياسين. ملائيشيا، وزير اعظم مهاتير محمد جي دؤر حڪومت ۾ وڏي ترقي ڪئي. رات جو شهر ۾ چڪر لڳائي، اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آرام ڪيوسين. صبح سوير هوائي اڏي تي پهچي، هوائي جهاز ۾ ڪراچي روانا ٿي وياسين ۽ اتي رات جو پهتاسين. رات ڪراچي ۾ ترسي، صبح سوير ڳوٺ ٻنون روانا ٿي وياسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد ۾ خان محمد پنهور گڏيو ۽ پنهنجي گهر ڄامشوري وٺي ويو. پاڻ چيائين ته اسان ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي آهي. آئون چاهيان ٿو ته تون به اسان سان گڏ ڪم ڪر. هفتي کن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت طرفان ڄامشوري ۾ ادبي ڪانفرنس رکيل آهي. آئون ڳوٺ سڌار سنگت جو صدر آهيان، تون ان جو سينئر نائب صدر ٿي. ڊاڪٽر محمدي جونيئر نائب صدر ٿيندو ۽ ڊاڪٽر ڪولاچي ان جو جنرل سيڪريٽري آهي. مون کيس چيو ته اڄ آئون واپس ڳوٺ ٿو وڃان، توهان جي ڄامشوري واري ڪانفرنس ۾ اچي شريڪ ٿيندس ۽ وڌيڪ حال احوال ات ڪنداسين. پاڻ اسان کي ماني کارايائين، اڳي سنڌ حڪومت ۾ ڳوٺ سڌار کاتو هوندو هو. پوءِ جڏهن کان ون يونٽ ٺهيو، ته انهي کاتي جو نالو بدلائي ديهي ترقي رکيو ويو. پاڪستان ۾ جنرل ايوب جي لڳايل پهرين مارشل لا ۾ انهي کاتي جو نالو وري به بدلائي ”رورل ڊيولپمينٽ پروگرام“ رکيو ويو. پر مونکي ياد ڪونهي ته انهي کاتي ٻهراڙي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرايو. اهڙا صرف نالي ماتر کاتا قائم هوندا هئا. جن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪوبه ڪم ڪونه ڪرايو. ون يونٽ کان اڳ ننڍن صوبن جا پيسا جيڪي صوبائي حڪومتن وٽ هوندا هئا، اهي پنهنجن صوبن ۾ ئي خرچ ٿيندا هئا. حقيقت ۾ ون يونٽ ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو ته جئين سڀني صوبن کي گڏي هڪ صوبو ٺاهجي ۽ پوءِ سڀني صوبن جا پئسا صرف پنجاب تي خرچ ڪجن ۽ ايوبي دؤر ۾ ته پاڪستان جي سڀني صوبن جا پيسا صرف اسلام آباد اڏڻ ۾ خرچ ٿيا. پگهارن کان سواءِ، صوبن جا سڀ پئسا مرڪزي حڪومت کائي ويندي هئي. مون ڪٿ پڙهيو هو ته سائين جي ايم سيد به پنهنجي دؤر ۾ ڳوٺ سڌار تنظيم قائم ڪئي هئي. مقرر ڏينهن تي آئون حيدرآباد آيس. خان محمد پنهور ۽ آئون منهنجي گاڏي ۾ سڄو ڏينهن، ڪانفرنس جي سلسلي ۾ هلندا رهياسين. شام جو سائين ڏنو ملاح، ڄامشوري ۾ ڪانفرنس ٿي. انهي ڪانفرسن ۾ روزانه جنگ جو مينيجنگ ايڊيٽر مير جاويد الرحمٰن ۽ ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد، غلام محمد، قاضي عابد، دادي ليلا، خان محمد پنهور، مون ۽ ٻين به ٻارنهن کن مقررن تقريرون ڪيون. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ مون مير جاويد الرحمٰن کي منهنجي گاڏي ۾ چاڙهي آڻي ايريگيشن کاتي جي ريسٽ هائوس ڄامشوري ۾ پهچايو. اسان ٻه ئي ٻه ات ويٺا هئاسين. پاڻ سڀني ماڻهن جي ڪيل تقريرن تي تبصرو ڪيو، جيڪي سڀ سنڌي ۾ ڪيل هيون، پر پاڻ سڀ تقريون سمجهيون هيون ۽ انهن تي تبصرو ڪيو. مون سمجهيو ته پاڻ سنڌي ۾ ڪيل تقريرون ڪونه سمجهيون هونديون، پر ائين ڪونه هو اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ٻيا همراه به آيا ته اسان گڏجي ماني کاڌي. ماني کان پوءِ ميٽنگ ۾ مونکي سيئنر نائب صدر مقرر ڪيو ويو ۽ مون تي ئي فرمائش رکي وئي ته هاڻ ٻي ڪانفرنس ٻنون ۾ توهان ڪرايو. مون اهڙو واعدو ڪيو. خان محمد هن ڪانفرنس لاءِ ٿيل خرچ جو چندو مونکان پنج هزار رپيا به گهريو، جيڪو مون کيس ڏنو ميٽنگ کان پوءِ آئون ڳوٺ ۽ ٻيا مهمان پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. ڪجهه وقت آئون ڳوٺ سڌار سنگت جي سرگرمين ۾ ڏاڍو مشغول رهيس، انهيءَ دؤران ڳوٺ سڌار سنگت جون ٻه ٽي ميٽنگون به حيدرآباد ۾ ٿيون، ۽ اسان انهي سلسلي ۾ ڪافي ماڻهن ۾ ان وقت جو مرڪزي وزير، الله بخش سومرو، قاضي عبدالمجيد عابد، جيڪو پوءِ صوبائي وزير ٿيو هو ۽ غلام رباني آگرو ۽ ڪمشنر حيدرآباد شامل هئا. اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن ڳوٺ سڌار سنگت جون سرگرميون ويون وڌنديون. منهنجي تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺن جا ماڻهو به مونسان ملڻ ايندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان به پنهنجن ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جون برانچون قائم ٿا ڪريون. انهن مان ڪن دوستن ڳوٺ سڌار سنگت جون شاخون قائم به ڪيون. انهي سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس پليجاڻي جي پليجن جي چوڻ تي ڳوٺ علو پليجو ۾ منعقد ڪئي، جنهن جو افتتاح مون ڪيو. صدارت قاضي عبدالمجيد عابد ڪئي ۽ مهمان خاص ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو چيئرمين هو. انهي زماني ۾ پليجن جو اهو ڳوٺ حيدرآباد ضلعي ۾ هو پر هاڻ اهو مٽياري ضلعي ۾ آهي. بابا سائين انهي ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو ٻني کي وٺي آيو ۽ کيس هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر اهو ڇوڪرو چئين مهينن کان پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ واپس سندس ڳوٺ هليو ويو ۽ پوءِ وري ٻني ڪونه آيو. هن ڳوٺ ۾ چاچا ڪرام الله، وڏيرو پيرل، محمد جمن ۽ خدا بخش پليجو اٿي ويٺي وارا هوندا هئا. انهن پليجن مان پوءِ هڪ ڇوڪرو عبدالله پليجو پڙهي واپڊا ۾ انجنيئر به ٿيو. ڪيترائي سال انهيءَ ڳوٺ جو محمد انور پليجو مون وٽ ڊرائيور ۽ محمد هاشم پليجو مون وٽ گارڊ ٿي رهيو. هينئر به انور ۽ عبدالله سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي ۽ هاشم ۽ وڏيري پيرل سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ ڪانفرنس جو سڄو بندوبست خدا بخش پليجي ڪيو هو. اسان جو طريقه ڪار هوندو هو ته صبح سوير ڪانفرنس واري ڳوٺ ۾ هيلٿ ڪيمپ هڻندا هئاسين. جنهن ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر بيمار ڳوٺاڻن کي تپاسي دوائون ڏيندا هئا. انهي ڪري سنگت جي سيمينار سان گڏ ڳوٺ وارن جي ٿوري طبي خدمت به ڪئي ويندي هئي. ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر شامل هئا. جهڙوڪ ڊاڪٽر ڪولاچي، ڊاڪٽر الله ورايو ڊآڪٽر انور عالماڻي ۽ ٻيا به ڪافي ڊاڪٽر هوندا هئا اسان مختلف دوا ساز ڪمپنين کان دوائون وٺي اهڙي ريت ڳوٺاڻن ۾ ورهائيندا هئاسين. تنهن کان سواءِ ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا شهرن جي آفيسن ۽ اسپتالن ۾ ذاتي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سندن گهربل مدد ڪندا هئاسين. ڳوٺ علو پليجو ۾ به پهرين مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ تپاس ڪرائي دوائون ورتيون ۽ ڪانفرنس ۾ پڻ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس بابت تمام سٺو بندو بست ڪرڻ تي اسان ڳوٺاڻن جو شڪريو ادا ڪرڻ بعد واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن ورڻ وارا هئاسين ته اوچتي زبردست برسات چالو ٿي وئي. ڪي مهمان انهي مينهن ۾ ئي روانا ٿي ويا، ته ڪي وري اتي ويهي برسات بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جيئن ئي برسات بند ٿي ته اسان به ڳوٺاڻن کان موڪلائي واپس روانا ٿي وياسين. ٻئي ڏيهاڙي آئون ۽ منهنجو ڀاءُ غلام رسول، سائين جي ايم سيد سان ملاقات لاءِ صبح جو ٻني کان سن روانا ٿياسين. مون حيدرآباد مان ڊان اخبار ۽ بمبئي بيڪري جا ڪيڪ سائين جي ايم سيد لاءِ ورتا. ٻني کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان سن انهي وقت روڊن تي گاڏيون تمام گهٽ هئڻ ڪري رش ڪانه هوندي هئي ۽ ماڻهو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي تمام سولو ۽ جلد پهچي ويندو هو. سندم والد محترم جو دستور هوندو هو ته هو هر مهيني هڪ ڀيرو سائين جي ايم سيد سان اڪثر وڃي ملندو هو. پوءِ سائين سن ۾ هجي، حيدرآباد ۾ هجي يا ڪراچي ۾ هجي. والد صاحب جي وفات بعد آئون به اڪثر ڪري سن، حيدرآباد يا وري ڪراچي ۾ سائين سان مکا ميلو ڪندو هوس ۽ سائين پاڻ به جڏهن ضلعي ٺٽي يا ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ايندو هو ته رات اچي منهنجي ڳوٺ ٻني ۾ ئي ترسندو هو ۽ صبح سوير پاڻ پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويندو هو. سندس خدمت لاءِ ماستر خميسو پليجو سدائين ساڻس گڏ هوندو هو. سائين جو ٻني ۾ رات رهڻ ڪري، انهي رات ٻني ۾ ميلو مچي ويندو هو. دستور هوندو هو ته سائين سن کان ٻاهر هوندو هو ته جيئي سنڌ جي سڄي قيادت ساڻس گڏ هوندي هئي. اسان سن کيس اطلاع موڪليو ته پاڻ اسان کي اندر گهرايائين ساڻس شام تائين ڪچهري ٿي جنهن ۾ سياسي ۽ ادبي سرگرمين ۽ ڪتابن متعلق حال احوال ٿيا. پاڻ اسان کي هندستان ۾ ڇپيل سندس ڪتاب جي هڪ ڪاپي ڏنائين ۽ چيائين ته اڃان سڀ ڪاپيون ڪونه مليون آهن. پاڻ اسان کي سندس لائبرري ڏيکاريائين جنهن ۾ هزارين ڪتابن سان گڏ فائيلن جو به وڏو ذخيرو موجود هو. اهو جنرل ضياءَ واري مارشل لا جو دؤر هو ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاهي اچي چڪي هئي، سائين ٻڌايو ته آئون لاڙڪاڻي ۾ بيگم نصرت ڀٽو سان شهيد ڀٽي جي عذرخواهي ڪري آيو آهيان. مون کان پڇيائين ته تون ٻن ٽن مهينن کان پوءِ آيو آهين، خير ته هو؟ مون کيس ٻڌايو ته آئون ٻاهر گهمڻ ويو هوس. پوءِ پاڻ به سندس يورپ جي سفر جو احوال ٻڌايائين. سائين جي ايم سيد جي دسترخوان تي ماني هميشه ڏاڍي سٺي هوندي هئي، جيڪا ٻنپهرن جو اسان به ات کاڌي. جيئن ته پاڻ ڀٽي صاحب جي فاتحه تازو ڪري آيو هو تنهن ڪري پاڻ اسان کي ڀٽي صاحب جا ڪافي پراڻا احوال ٻڌيائين ته ڀٽو لنڊن مان پڙهي آيو، تڏهن مون سان اڪثر هت ملڻ ايندو هو ۽ جڏهن اسان اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهيو، تڏهن هو حيدر منزل تي انهي محاذ جي ميٽنگن ۾ اچي شريڪ ٿيندو هو. وري جڏهن جنرل ايوب کي ڇڏيائين، تڏهن مونکي ٻڌايائين ته آئون سياسي پارٽي ٿو ٺاهيان، ته مون کيس چيو، ته تنهنجي پيءَ شاھ نواز ڀٽي جي ٺاهيل پارٽي جو نالو پيپلزپارٽي هو، سو تون تنهنجي پارٽي جو نالو ”پيپلزپارٽي“ رک. پوءِ جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ته مون کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏنائين ۽ آئون جڏهن وٽس اسلام آباد ويس ته مونکي چيائين ته توهان انڊيا وڃو ۽ اندر گانڌي کي چئو ته انڊيا ۾ جيڪي اسان جا جنگي قيدي آهن، تن کي آزاد ڪر. پوءِ جڏهن ڀٽو سندس سڄي سياسي قيادت وٺي دهليءَ ٿي ويو، تڏهن به مونکي چيائين ته تون اسان سان هن وفد ۾ گڏجي هل، پر مون انڪار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن آئون ويندس ته اڪيلو ئي ويندس. نه ڪي هن هيڏي ساري وفد ۾ ويندس، سائين اسان کي ٻڌايو ته ڀٽي جي وفات کان پوءِ مون کيس معاف ڪري ڇڏيو. مون کيس ڳوٺ سڌار سنگت جي باري ۾ به ٻڌايو. پر پاڻ ڪوبه جواب ڪونه ڏنائين. انهيءَ وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر شيخ اياز هو. پاڻ انهي جو به ڪافي ذڪر ڪيائين. آخر ۾ چيائين ته اسان شيخ اياز جا به دعاگو آهيون. پاڻ سندس نون ڪتابن جي باري ۾ ٻڌايائين ته هت منهنجا ڪتاب پبلشر شايع ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، اميد ته هي ڪتاب به انڊيا ۾ شايع ڪرائيندس. پاڻ مونکي مخاطب ٿي ٻڌايائين ته ٺٽي ضلعي ۾ ٻه ٽي فاتحئن تي اچڻو آهي. حڪومت کي اجازت لاءِ لکيو آهي، جيئن اجازت ملندي ته ٺٽي ايندس ۽ ٻني اچي تو وٽ رات رهندس. پوءِ اتان صبح جو واپس ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد کان ٿيندو سن ويندس. جڏهن اجازت ليٽر ملندو ته توکي اڳواٽ اطلاع ڪندس. اسان سائين کان موڪلايو ته پاڻ مونکي يارمحمد شاھ لاءِ خط ڏنائين ۽ چيائين ته هي خط کيس حيدرآباد ۾ پهچائبو. اسان سائينءَ کان موڪلائي سن کان حيدرآباد آياسين ۽ خط پهچائڻ لاءِ يارمحمد شاھ پاڻ گڏيو. پاڻ اسان کي رات رهڻ جي صلاح هنيائين ۽ ماني جو پڇيو، پر اسان وڃڻ جي اجازت گهري. يارمحمد شاھ به سڄي زندگي سائينءَ سان گڏ رهيو. پاڻ ڪڏهن به سياست يا بزم صوفيا سنڌ جو عهديدار نه رهيو، نه ڪو ڪڏهن سياست ۾ حصو ورتو، پر سڄي زندگي سائين جي ايم سيد سان گڏ هوندو هو. سندس ڀاءُ اسان جي سب ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو ۽ سندس پٽ پائلٽ هو، جيڪو حيدر منزل ڪراچي ۾ رهندو هو. کيس گرائونڊ فلور تي هڪ ڪمرو مليل هو. يارمحمد شاھ بذات خود هڪ وڙائتو انسان هو. سائين جڏهن ٻني ايندو هو، ته اڪثر پاڻ سائين سان گڏ ايندو هو. اسان يار محمد شاھ کان موڪلائي سهڻي پريس جي آفيس ۾ طارق اشرف وٽ آياسين. هت پهرين صرف سندس پريس آفيس هوندي هئي ۽ سندس گهر ناهين جي پڙ وٽ هوندو هو، پر هاڻ آفيس مٿان گهر ٺاهرائي پاڻ ان ۾ شفٽ ٿي ويو هو. مون طارق اشرف جي پريس مان پنهنجا تقريباً پنج ڇهه ڪتاب ڇپرايا هئا. سو هينئر به انهيءَ سلسلي ۾ ملڻ ويس. پاڻ مونکي چيائين ته مٿئين پورشن ۾ فاضل راهو ۽ بشير مورياڻي ويٺا آهن. توهان به هلي انهن سان ڪچهري ڪريو، آئون به اچان ٿو، سندس ملازم اسان کي انهن وٽ پهچايو. مرحوم فاصل راهو صاحب سان ته اسان جو پراڻو واسطو هو، جيڪو اڄ به سندس اولاد سان هلندڙ آهي، پر بشير مورياڻي سان شايد هي پهرين ملاقات هئي، شهيد فاضل صاحب ڏاڍي سِڪ سان مليو ۽ اسان جي علائقي جي سياست ۽ زراعت بابت مونکان احوال پُڇيائين. منهنجو ڳوٺ ٻنون ۽ فاضل راهو جو ڳوٺ ترائي هڪ ٻئي کان ڪي ايترا پري ڪونه آهن. فاضل مرحوم ۾ هڪڙي ڏاڍي عجيب خوبي هوندي هئي، جو هڪ دفعو ملڻ سان ماڻهو کي پنهنجو دوست ٺاهي ڇڏيندو هو. پوءِ سڄي زندگي کيس وسارڻ يا نظر انداز ڪرڻ سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو! سندس رويو هر هڪ ماڻهو سان ڏاڍو پنهنجائپ ڀريو هوندو هو. سندس ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو انداز به صفا عوامي ۽ دل وڻندڙ هوندو هو. طارق اشرف آيو، ته سڀني گڏجي ماني کاڌي. تنهن کان پوءِ طارق اشرف وي سي آر ۾ هڪڙي انڊين آرٽ فلم لڳائي. هو مون وانگر خاص ڪري انڊين آرٽ فلمن جو ڏاڍو شوقين هو. ڪافي دير ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري اسان فلم ڪانه ڏٺي ۽ سڄي سنگت کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي وياسين ۽ رات جو دير سان ڳوٺ پهتاسين. ٻئي ڏيهاڙي منهنجي وڏي پٽ نورمحمد جي سالگره هئي. ان لاءِ سامان اسان حيدرآباد مان وٺي آيا هئاسين. شام جو پنجين بجي پنهنجي گهر ۾ سالگره جي تقريب ٿي جنهن ۾ سڀني فيملي ميمبرن شرڪت ڪئي. نورمحمد، عرف بوبي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ سڀني کي کارايو. اتي سڀني ميوزڪ به ٻڌي. بابا سائين ننڍي هوندي کان ئي هر سال منهنجي سالگره ملهائيندو هو، پهرين ڳوٺ ۾ پوءِ حيدرآباد ۾ هاڻي اسان به گهڻو ڪري ڏوهٽن ۽ پوٽن جي سالگره ملهائيندا آهيون. تازو هينئر سال 2018ع ۾ ڏوهٽي، اويس جي سالگره ٻني ۾ ملهائيسين. جنهن ۾ صوبائي وزير محترمه ريحانه لغاري به شريڪ ٿي. آئون هفتو کن گهر رهي پوءِ حيدرآباد ويس ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جي ميٽنگ ۾ به شريڪ ٿيس، اتي فيصلو ٿيو ته پهرين هڪ سيمينار ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي ۾ ڪيو ويندو، تنهن پڃاڻان هڪ تمام وڏي ڪانفرنس ٻني ۾ ڪئي ويندي. ٽنڊي ڪولاچي ۾ ڪانفرنس لاءِ ذميواري ڊاڪٽر ڪولاچي کي سونپي وئي ۽ ٻنون ڪانفرنس لاءِ مونکي مقرر ڪيو ويو. ٻني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ لاءِ اسان حيدرآبا ڊويزن جي ڪمشنر، علي محمد شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن پنهنجي ڊائري ڏسي اسان کي اٺاويهئين تاريخ ڏني. ڪانفرنس ٿيڻ ۾ اڃا ڏهاڪو کَن ڏينهن وچ ۾ هئا، پر اسان ڪارڊ ڇپائي پاڻ سان ٻني کڻي آياسين. ٻئي ڏينهن اسان ڳوٺ ۾ ڪانفرنس بابت ميٽنگ ڪري سڀني دوستن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ورهائي ڏنو. پروگرام ائين ٺهيو ته صبح جو ٻني اسپتال ۾ هيلٿ ڪيمپ لڳائجي، جنهن ۾ حيدرآباد جا سٺا سٺا ڊاڪٽر اچي مريض تپاسين ۽ کين مفت ۾ دوائون به ڏين. پرائمري اسڪول ۾ پڻ هڪ سُٺو پروگرام رکيو وڃي، جنهن ۾ شآگرد تقريرون ڪن، ڪوئيز ڪامپيٽيشن به رکجي ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏجن. شام جو پنجين بجي ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪانفرنس رکي وڃي، جنهن لاءِ سڀني واسطيدار فردن کي دعوت ڏجي. پروگرام هيئن بيٺو ته صبح جي پروگرام لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي کي دعوت ڏجي ۽ هيلٿ ڪيئمپ لاءِ ڊاڪٽر آڻڻ جي ذميواري خان محمد پنهور کي ڏجي. ڪانفرسن جي چيف گيسٽ لاءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين چاچا قادر ڏني شاھ شيرازي سان ملاقات ڪجي. پروگرام موجب ٻئي ڏينهن مون وڃي متعلقه ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر کي ٻني ۾ ڪمشنر جي اچڻ جي خبر هئي، سو پاڻ چيائين ته آئون ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن اڳ ٻني ايندس ۽ پاڻ ڪانفرنس جي انتظامن جي باري ۾ هڪ ميٽنگ ڪنداسين. اسان چاچا قادر ڏني شيرازي سان به ملياسين، تنهن بنا گهرڻ جي اسان کي ڪانفرنس لاءِ ڏھ هزار رپيا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي فند مان چندو به ڏنو. مون ڊي سي شاهد نذير کان هلال احمر فند مان هيلٿ ڪيمپ لاءِ چندو گهريو، پر انهي فند ۾ ڪافي پيسا هئڻ جي باوجود چندو ڪونه ڏنو، ٺٽي کان واپسي تي سجاول ۾ اسان مولوي عبدالله ميمڻ کي به دعوت ڏني، جيڪو اُن وقت مجلس شورا جو ميمبر ۽ ٽائون ڪميٽي سجاول جو چيئرمين ۽ ضلع عشر ڪميٽي جو چيئرمين به هو. مولوي عبدالله ڏاڍو زنده دل انسان هو. بابا سائين سان به سندس سٺو واسطو هو. پرائمري اسڪول ٻنون جي استادن ڏاڍي محنت ڪري شاگردن کي تقريري مقابلي ۽ ڄاڻ جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو. انهي وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر شمس الدين پليجو هو ۽ ٻيا استاد جن محنت ڪري هن فنڪشن کي ڪامياب ڪيو تن ۾ ماستر علي سومرو، بشير قاضي حافظ عباسي ۽ رستم پليجي جي جا نالا قابل ذڪر آهن. اسان ٺٽي ضلعي جي جن معزز ماڻهن ۽ ڪامورن کي دعوت ڏني هئي، اهي گهڻو ڪري سڀئي آيا هئا. اسڪول ۾ تعليمي پروگرام اسپتال ۾ هيلٿ ڪيمپ ۽ شام جو ڪانفرنس پروگرام موجب 28 مئي 1983ع تي ٻني ۾ منعقد ٿيا. ٻني ۽ ان جي آسپاس گذريل اٺن ڏهن سالن دؤران اهڙي قسم جي جامع علمي تقريب، هيلٿ ڪيمپ ۽ سماجي سڌاري متعلق عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪانه ٿي هئي. مون سڀني تقريبن کي ڏاڍي غور سان ڏٺو ۽ ٻڌو. پرائمري اسڪول ۾ شاگردن عام معلومات جي ۽ تقريرن جي مقابلي ۾ عاليشان ڪارڪردگي ڏيکاري، جنهن کي آيل مهمانن ۽ شاگردن جي مائٽن گهڻو ساراهيو. پهرين ٻيو ۽ ٽيون نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي سٺا انعام ڏنا ويا. انهيءَ وقت منهنجو پٽ نورمحمد ۽ ڌيءَ پارس سنڌو به انهي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هيلٿ ڪيمپ ۾ به حيدرآباد جا ڪافي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آيا هئا ۽ ڪافي ماڻهو انهي هيلٿ ڪيمپ مان مستفيض ٿيا. ڳوٺ سڌار ڪانفرنس منهنجي ڳوٺ واري اوطاق جي اڱڻ تي بيٺل انهيءَ تاريخي نم جي وڻ هيٺان منعقد ٿي، جنهن جي هيٺان هن کان اڳ به بابا سائين جي وقت ۾ ۽ منهنجي طرفان ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جلسا ڪانفرنسون ۽ محفلون منعقد ٿي چڪيون هيون، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاھ، مير غلام علي ٽالپور، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ سندن همعصر سياسي اڳواڻن پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، سوڀوگيانچنداڻي، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ساقي سجاولي، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، سراج ميمڻ، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن شرڪت ڪئي هئي، وري راڳ رنگ جي محفلن ۾ به هت بابا سائين جي وقت ۾ ماسٽر چندر، ماسٽر محمد ابراهيم ڪڇي، مراد فقير ۽ مائي ڀاڳي، استاد منظور علي ٻني جو استاد گلشير خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار پنهنجون محفلون مچائي ويا هئا. ۽ وري منهنجي زندگيءَ دؤران هن نم جي هيٺيان عابده پروين، ديباسحر، ثريا سومرو، الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترائي راڳي پنهنجا رنگ رچائي ويندا رهيا آهن. ۽ هاڻي وري به انهي ئي نم هيٺيان 28 مئي 1983ع شام جو هڪ شاندار ڳوٺ سڌار ڪانفرنس مُنعقد ٿي، جنهن ۾ مون افتتاحي تقرير ڪئي، تنهن کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، علي محمد شيخ تقرير ڪئي ٻين مقررين حضرات ۾ دادي ليلا، خان محمد پنهور، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين، سيد قادرڏني شاھ شيرازي، مولوي عبدالله، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر انور عالماڻي، قلندر شاھ لڪياري ۽ گل محمد سهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس رات جو دير سان ختم ٿي، مهمان رات جي ماني کائي روانا ٿي ويا. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ ۾ فوجي حڪومت جي خلاف هڪڙي وڏي سياسي تحريڪ چالو ٿي، جنهن کي ”جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ“ نالو ڏنو ويو. هن تحريڪ جي شروعات ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ان ۾ شامل هيون ۽ اها سڄي ملڪ ۾ حڪومت مخالف سياسي عمل ۾ سرگرم رهي، پر اها تحريڪ اڳتي هلي چند مهينن اندر صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي. يا ائين چئجي ته هي تحريڪ سنڌ ۾ احتجاج هو ڀٽي جي شهادت جو، جنهن ۾ سنڌ جي عوام وڏي تعداد ۾ حصو ورتو ڪيترائي سنڌي نوجوان شهيد ٿيا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ هزارين ماڻهن کي جيل جون سزائون ڏنيون ويون. ايم آر ڊي تحريڪ دؤران ٻني مان به گرفتاريون ٿيون هيون. پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ منهنجو پيءُ ارباب نورمحمد پليجوگرفتار ٿي جيل ويو. جنرل يحيٰ جي آمريت ۾ آئون گرفتار ٿي جيل ويس. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ مير نصير پليجو، جيڪو پيپلزپارٽي يونين ڪائونسل ٻنون جو صدر هو. گرفتار ٿي جيل ويو. انهيءَ تحريڪ دؤران مير نصير کان سواءِ غني پليجو ۽ ٻيا سياسي ڪارڪن به گرفتار ٿيا هئا. ايم آر ڊي تحريڪ کان مرعوب ٿي فوجي آمر ضيا کي مجبوراً جنرل اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻو پيو ۽ مجبوراً!! هن کي سنڌ مان ملڪ جو وزيراعظم چونڊڻو پيو، پر ان عيوض ضياء اٺين ترميم آڻي سڀ پاور پاڻ يعني پاڪستان جي صدر وٽ رکيا ۽ اهو به قانون ٺاهي ويو ته جيڏي مهل به جنرل ضياءُ چاهيندو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو. ۽ چونڊيل حڪومت کي به ختم ڪري ڇڏيندو. يعني انهي اٺين ترميم سان حڪومت ۽ پارليامينٽ جي حقيقي اهميت ئي ختم ٿي وئي. اٺين ترميم به انهي ئي اسيمبلي جي ميمبرن پاس ڪري پاڻ کي خود به خود بي اختيار ڪري ڇڏيو. اهو اٺين ترميم پاس ڪندڙ ميمبر غير جماعتي بنياد تي چونڊجي آيا هئا، ڇو ته 1985ع واري جنرل اليڪشن کان سياسي پارٽين کي پري رکيو ويو هو، جنهن ڪري جمهوريت کي وڏو نقصان رسيو. ملڪ ۾ پارٽي جي جڳهه تي فرد ۽ گروھ اڳتي آيا. ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ سنڌ ۾ لساني بنيادن تي سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي منجهن وڏي وڇوٽي پيدا ڪئي وئي. سنڌ جي انهيءَ وقت جي وزيراعليٰ غوث علي شاھ جي بقول ته ايم ڪيو ايم مون ٺاهي هئي. ظاهر آهي ته هن ضياء جي چوڻ تي ٺاهي هوندي. اڄ به اها وڇوٽي ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻنهي ڌرين ۾ هلندي اچي. مشرف جي دؤر ۾ اها عروج تي هئي، پاڪستان سان گڏوگڏ انهي دؤر ۾ پاڙيسري ملڪ، هندستان ۾ به ٽي وڏا واقعا ٿيا، جن هندستان کي لوڏي ڇڏيو. جنهن ۾ هندستاني فوج سکن جي مذهبي هيڊڪوارٽر گولڊن ٽيمپل تي حملو ۽ ٻيو انهي حملي کان پوءِ خود ملڪ جي وزير اعظم اندرا گانڌي جو ٻن سک گارڊن هٿان قتل ۽ ٽيو هندستان جي شهر ڀوپال ۾ آمريڪي ڪيميڪل فيڪٽري، يونئين ڪاربائيڊ مان ڪيميائي تابڪاي مادو ليڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ پنجن ڇهن هزارن تائين جي تعداد ۾ ماڻهن جو موت ۽ تقريباً ٻه ٽي لک ماڻهن جو انهي تابڪاري مادي ليڪ ٿيڻ ڪري، انڌو اپاهج ۽ بيمار ٿيڻ هو. سن 1977ع ڌاري هندستاني پنجاب ۾ سکن جو هڪ نئون ليڊر پيدا ٿيو، جنهن جو نالو هو سنت جرنيل سنگهه ڀنڊران والا. تنهن سکن جي مقدس جڳهه، گولڊن ٽيمپل ڪامپليڪس تي مڪمل قبضوڪرائي، اتي پنهنجو عسڪري هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ۽ اتي بيشمار هٿيار گڏ ڪيا. ڀنڊران والا پنهنجي تقريرن ۾ سکن کي حڪم ڪندو هو ته هندن کي قتل ڪريو ۽ سک انهي جي تعميل به ڪندا هئا ۽ پنجاب ۾ جت سندن اڪثريت هئي، هنن ڪيترن ئي هندن تي حملا ڪري کين ماريو ويو. ڀنڊران والا ان وقت جي وزر اعظم جي کُلي عام تذليل ڪندو ۽ گاريون ڏيندو هو. سندس تقرير جو انداز بلڪل ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين جهڙو هوندو هو. الطاف حسين ته اڪثر ڪري شراب پي پوءِ تقرير ڪندو هو ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت ايم ڪيو ايم جي هئڻ ڪري، ڪراچيءَ ۾ ڀتا خوري مان خوب دولت ڪمائي آخر ۾ الطاف حسين ته آءِ ايس آءِ ۽ فوج جا نالا وٺي ڌمڪيون ۽ گاريون ڏيندو هو. اسلم بيگ مرڻ جي ڊپ کان الطاف کي ملڪ مان ڀڄائي ڇڏيو. اهو ته ٺهيو پر ملڪ جو اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف مشرف به ملڪ مان ڀڄي ويو.. اهي ٻئي سالن کان ٻاهر آهن ۽ اڃا تائين ملڪ ۾ڪونه ٿا اچن. ڀنڊران والا ملڪ مان ڪونه ڀڳو، پر سرعام اندراگانڌي ۽ هندن کي گاريون ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هو چوندو هو ته هڪ سک تي اهو فرض آهي ته هو ٻٽيهه هندو ضرور ماري. سکن جي هندو دشمن مهم ۾ ڀنڊار والا سان ٻه سابق جنرل سک ۽ ڪافي تعداد ۾ سابق فوجي سک شريڪ هئا. انهن جنرلن مان هڪ هو ميجر جنرل شاھ بيگ سنگهه ۽ ٻيو هو نريندر سنگهه. اُنهن سابق فوجي سِکن جي زور تي ڀنڊران والا آزاد سک اسٽيٽ خالصتان جي آزادي جي بظاهر جنگ وڙهي رهيو هو. اندرا گانڌي مجبور ٿي نيٺ حڪومت کان ڀنڊران والا جي هيڊڪوارٽر گولڊن ٽيمپل ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو ڪرايو ۽ فوج 5 جون 1984ع ۾ گولڊن ٽيمپل ۾ آپريشن شروع ڪيو ۽ چئن ڏينهن اندر اتي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو. خوشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. ته ان آپريشن ۾ پنج هزار ماڻهو مئا، پر ڊي ڪي وارن جي ڪتاب، بڪ آف دي ٽئينٽيئٿ سينچري ۾ لکيل آهي ته انهي آپريشن ۾ نوي فوجي ۽ ست سو ٻارهن سک مئا هئا. ڪلديپ نيئر به سندس آتم ڪهاڻي ۾ به انهي واقعي تي هڪ پورو باب لکيو آهي. پر اتي مرندڙن جو تعداد ڪونه لکيو آهي. هن آپريشن دؤران ٻئي سک رٽائرڊ جنرل شاھ بيگ سنگهه ۽ جنرل نريندر سنگهه ڀولرم سنت جرنيل سنگهه ڀنڊران والا سان گڏ هئا. هن آپريشن کان تقريباً پنج مهينا پوءِ 31 آڪٽوبر 1984ع ۾ جڏهن اندرا گانڌي دهلي جي وزيراعظم هائوس ۾ ماڻهن جي کلي ڪچهري ۾ فلم ڀرائڻ ٿي چاهي ان دؤران سندس هڪڙي سک محافظ مٿس پستول سان فائر ڪيا ۽ هوءَ زمين تي ڪري پئي ته سندس ٻئي سک محافظ ستونت سنگهه مٿس اسٽين گن سان فائر ڪيا، قاتل محافظن مان هڪڙو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿيو. اندرا گانڌي کي مٿس حملو ٿيڻ کان اڳ، سندس محافظن واري دستي مان سکن کي ڪڍي ڇڏڻ جي صلاح ڏني وئي هئي. پر پاڻ جواب ڏئي ڇڏيائين! سندس خون ۽ موت واري خبر بي بي سي ريڊيو، آل انڊيا ريڊيو کان پنج ڪلاڪ اڳ نشر ڪئي. اندر گانڌي وفات کان پوءِ حڪمران پارٽي ڪانگريس سندس پٽ راجيو گانڌي کي وزير اعظم منتخب ڪيو، ته پرناب مکرجي ۽ ارجن سنگهه ان جي مخالفت ڪئي. آئون، منيٰ ۽ ڊاڪٽر پارس 2004ع ۾ دهليءَ ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌي ادب جي عالمي ڪانفرنس جي دعوت تي وياسين، تڏهن اندراگانڌي ميموريئل هائوس به وڃي ڏٺوسين. اهو ميموريل هائوس اڳوڻو وزيراعظم هائوس هو، جنهن ۾اندرا گانڌي کي قتل ڪيو ويو هو. ات هنن اندرا گانڌي جي وهيل رت مٿان به شفاف شيشو لڳائي، محفوظ ڪري ڇڏيو هو. شفاف شيشي هيٺان پيل سڪل رت جا هلڪا نشان صاف پئي ڏٺا! اهو اڳوڻو وزير اعظم هائوس جيڪو هاڻ اندرا گانڌي ميموريل آهي. سو ڪو ايڏو وڏو بنگلو ڪونهي، جيڏو سنڌ جو وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ جو گورنر هائوس آهي. سکن جي گولڊن ٽيمپل تي ٿيل حملي جي ڪاوڙ، تڏهن ختم ٿي جڏهن سونيا گانڌي انهيءَ حملي جي سکن کان معافي ورتي ۽ عالمي اقتصاديات جي ماهر هڪڙي سک يعني من موهن سنگهه کي ٻه ڀيرا هندستان جو وزيراعظم بنايو. جيئن ملائيشيا جي سابق وزير اعظم مهاتير محمد ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان پنهنجن ملڪن جي معيشتن کي مضبوط بنايو، انهن وانگر من موهن سنگهه به ڀارت جي معيشت کي ڏاڍو سڌاريو، شاهوڪار ڪيو ۽ مستحڪم بنائي ڇڏيو. پر سال 1984ع ۾ هندستان ۾ جيڪي ٽي وڏا واقعا ٿيا هئا. تن کي هندستاني قوم اڃا تائين وساري ڪونه سگهي آهي. ويهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي شروع ۾ دنيا ۾ هڪڙو تمام وڏو سياسي معاشي ۽ معاشرتي واقعو رونما ٿيو جنهن دنيا مان سوشلسٽ بلاڪ جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو! ٿيو ائين جو آڪٽوبر 1917ع ۾ روس ۾ آيل سماج وادي انقلاب دنيا کي هڪ نئون سياسي معاشي ۽ معاشرتي نظام پيش ڪيو، جنهن کي مختصر مُدت ۾ دنيا جي ڪل آدمشماري جي تقريباً ٽي پتي پنهنجي ملڪي معيشت بڻايو. ڪيئنٽون کان ڪيوبا تائين دنيا جي ڳچ ملڪن صرف پنجاهه سالن جي مختصر عرصي اندر سوشلسٽ معيشت اختيار ڪئي. آڪٽوبر کان وٺي ڊسمبر 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ تائين ڪل ڇاهتر سالن دؤران ڪميونزم جي نظرئي جي پرچار ۾ غير ڪميونسٽ ملڪن ۾ لکين ماڻهو مئا هوندا! آئون سوچيندو آهيان ته انهي عرصي دؤران اهي هيترا سارا ماڻهو ڇو مئا ۽ هاڻ ڇو ڪونه ٿا مرن؟ اڳي دنيا ۾ ڪميونسٽ نظرئي جا حامي ڪروڙن ۾ هئا. ۽ هاڻ دنيا ۾ هڪ به ڪونهي! مارجي ويل ماڻهن ڪميونسٽ نظرئي ۾ ڇا ڏٺو هو، جو اهي موت کان به ڪونه ڊنا ۽ اڄ دنيا ۾ هڪ به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو ڪميونسٽ نظرئي لاءِ پاڻ کي ماري ڇڏي! ڇا هي سڀ ماڻهو چريا هئا، غلط هئا، جن انهي نظرئي تان پنهنجون حياتيون قربان ڪيون؟ سوويت يونين ۾ برزنيف جي مرڻ کان پوءِ اتي جي ڪميونسٽ پارٽي کي ڪوبه اهڙو برجستو اڳواڻ حاصل نه ٿيو، جيڪو پارٽي ۽ ملڪ کي صحيح طرح سنڀالي سگهي. برزنيف پنهنجي دؤر ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي دنيا ۾ ويٽنام ٿيڻ کان بچايو هو. پر سندس وفات کان پوءِ آندروپوف آيو، جيڪو ٻن سالن اندر گذاري ويو. تنهن کان پوءِ چرنينڪو پارٽي ۽ حڪومت جو سربراھ بنايو ويو سو پوڙهو ۽ سخت بيمار ۽ صرف تيرهن مهينا زنده رهيو. تنهن کان پوءِ پولٽ بيورو جي سڀني ميمبرن ۾ ننڍي عمر يعني 54 ورهين واري ميمبر ميخائيل گورباچوف کي پارٽي ۽ ملڪ جي اڳواڻي ملي، هن اچڻ شرط ميڊيا، نشرياتي ادارن ۽ اخبارن تان سموريون پابنديون ختم ڪري کين پارٽي ۽ سرڪار تي تنقيد ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏئي ڇڏي. ۽ عوام کي به ساڳي اجازت ڏنائين انهيءَ تنقيدي عمل کي پاڻ ”صاف گوئي“ سڏڻ لڳو. هن قيد سياستدانن ۽ اديبن کي جيلن مان آزاد ڪيو، جلاوطن سياستدانن ۽ اديبن کي ملڪ ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني ۽ انهن تان سموريون پابنديون به ختم ڪري ڇڏيون. صرف ايترو نه، پر گورباچوف سوويت يونين ۾ هر شهري کي ذاتي ملڪيت رکڻ ذاتي ڪاروبار ڪرڻ ۽ خانگي ڪارخانا لڳائڻ جي به اجازت ڏني. انهن پارٽي دشمن ۽ سرڪار دشمن پاليسين سبب پولٽ بيورو جي ميمبرن گورباچوف ۽ سندس ساٿين تي سخت تنقيد ڪئي. آخر فوج مجبور ٿي گورباچوف کي گرفتار ڪري گهر ۾ نظر بند ڪيو ۽ اُهي حڪم وزير دفاع، وزير داخلا ۽ ڪي جي بي جي سربراهه ڏنا، انهن سان پنج پولٽ بيورو جا ٻيا به ميمبر گڏ هئا. هزارين ماڻهو هنگامي حالتن جي خلاف روڊن تي آيا، جلوس ڪڍيا ۽ ڌرڻا هنيا. حڪومت فوج کي انهن تي سختي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر فوج انڪار ڪيو. 4 نومبر تي روس جي صدر بورس ييلسن (Boris yeltsin) ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وجهي ڇڏي ۽ ائين سڄي مشرقي يورپ مان سوويت يونين جي ٽٽڻ سان دنيا اندر پنج مسلمان ملڪ ٻيهر وجود ۾ آيا، جن تي روس وڏي عرصي کان قابض هو. اهي هيٺيان ملڪ آهن. 1 ازبڪستان، 2 ڪرغستان، 3 ترڪمانستان، 4 ڪازڪستان، 5 آزربائيجان ڪميونزم جو خاتمو آڻڻ سبب آمريڪا جي چوڻ تي گورباچوف کي امن لاءِ نوبل انعام مليو. ڪجهه سالن تائين مغرب ۾ هن کي پيسا ڏئي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا هئا. پر هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي.گورباچوف جي زال رئيسه گورباچوف انهيءَ زماني ۾ ڏاڍي مشهور هوندي هئي ۽ هئي به ڏاڍي حسين!