يوسف سنڌي
سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري ليکڪ، يوسف سنڌيءَ جو اصل نالو “محمد يوسف ميمڻ” آھي، ھُن پھرين آڪٽوبر 1964ع تي شھر دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ محمد ھاشم ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
يوسف سنڌيءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرائمري ۽ ھاءِ اسڪول دڙي مان حاصل ڪئي، انٽرميڊئٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول مان پرايائين، ھُن بِي.اَي، بِي.ايڊ ۽ ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
يوسف سنڌيءَ 1979ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، ادب ۾ سندس سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، ناول نگار، مترجم ۽ پبلشر طور رَھِي آھي. سندس پھرين ڪھاڻي ماھوار گل ڦل ۾ عظيم سوکڙي جي نالي سان 1979ع ۾ ڇپي.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل