سفرناما
اڌ مهينو ايران ۾
هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
- 5.0/5.0
- 3852
- 1062
- 4 سال اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (117) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “اڌ مهينو ايران ۾” نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جو لکيل سفرنامو آهي. يوسف سنڌي جي خاصيت اها آهي ته هو هر فن مولا آهي. سندس ترجما، ڪتابن جي سهيڙ، تاريخ ۽ سياست تي لکيل ڪتاب، شخصيتن تي لکيل ڪتاب سڀ اهم آهن. اميد ته سندس هي سفرنامو به دوستن کي پسند ايندو.هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون ليکڪ ۽ پياري دوست يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ يوسف سنڌي
- ڇپيو ويو 2013
- ڇپائيندڙ سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 17/May/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1062 ڀيرا