• اصفهان ۾ مير معصوم بکريءَ جو ڪتبو
“ان جو مطلب اهو ٿيو ته جمعي جي ڏينهن به اصفهان نه گهمجي.” سندس ڳالهه ٻُڌي سَرٻاٽ ڪيم، پوءِ وري پڇيومانس ته “اصفهان ۾ بس اهي ئي ڏسڻ جهڙا هنڌ آهن ڇا جيڪي پاڻ ڏٺا،....؟”
“نه...!” هن منهن تي عجيب تاثرات پيدا ڪندي، پنهنجو هٿ مٿي کڻي ايئن گهمايو، ڄڻ چوندو هجي “اهي ته ڪجهه ئي هنڌ آهن، نه ته سڄو اصفهان گهمڻ جهڙو آهي.”
اصفهان ۾ مٿين تاريخي جڳهين کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جايون ۽ هنڌ آهن، جيڪي ڏسڻ ۽ گهمڻ وٽان آهن، واپس سنڌ اچي جڏهن مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جو اصفهان تي لکيل هڪ مضمون پڙهيم ته هنن لفظن تي اکيون اٽڪي بيهي رهيون، “اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به “نصف جهان” واقعي آهي، موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته هي آثار هئا، هي مقبرا هئا، هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا ته گهڻو ڪجهه آهي، جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.”
اصفهان ۾ ٻيون جيڪي ڏسڻ جهڙيون جايون آهن، انهن ۾ نظام الملڪ طوسيءَ جي مزار، ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو مدفن، مسجد لنبان، مسجد علي، جي ۽ سڄو اصفهان.....
ڪنهن زماني ۾ اصفهان جي ٻاهر ۽ آسپاس جيڪي هنڌ شهر جي حيثيت رکندا هئا، انهن مان هڪ “جي” به آهي. “هخا منشي” دور ۾ ان جو نالو “گي” يا “گا” هو. جي ڦٽو ته ڀرسان ٻيو شهر آباد ٿيو ۽ هوريان هوريان اُن جو نالو “اصفهان” ٿيو. حقيقت ۾ “جي” اصفهان جو پهريون نالو چئي سگهجي ٿو. عربن جڏهن اُن تي قبضو ڪيو ته “گاف” ڦري “جيم” ٿيو ۽ “گي” جي بدران “جي” ٿيو. “جي” قديم پهلوي اکر آهي، جنهن جي معنيٰ، فتح نصرت ۽ زندگي آهي.
“جي” جا ڪجهه آثار اڃا به موجود آهن.
اصفهان جي “مسجد علي” جو ذڪر ان ڪري به ضروري ٿو سمجهان، جو اُن ۾ سنڌ جي هڪ شخصيت ‘مير معصوم بکري’ جو يادگار ڪتبو لڳل آهي، جيڪو سنڌ جي هاڪاري عالم پير حسام الدين راشديءَ 1974ع يا 1975ع ۾ اصفهان جي سير جي دوران نه رڳو پاڻ وڃي ڏٺو، پر اُن تاريخي ڪتبي جي عبارت لکي ۽ تصويرون ڪڍي اچي سنڌ واسين کي اُن کان واقف ڪيو.
مير معصوم بکري سنڌ جو هڪ وڏو هاڪاري عالم، اديب، شاعر، مورخ، امير، سفير، سياح ۽ سياستدان هو. جنهن جا سنڌ تي وڏا احسان آهن، مير معصوم بکريءَ جي لکيل “تاريخ سنڌ” جيڪا “تاريخي معصومي” جي نالي سان سنڌيءَ ۾ به ڇپجي چڪي آهي، پير حسام الدين راشديءَ چواڻي، “جيڪڏهن مير معصوم پنهنجين اکين ڏٺيون ۽ اهي ڪنن ٻڌيون ڪهاڻيون ۽ روايتون نه لکي وڃي ها ته هوند سنڌ مٿان پوري هڪ صدي، ڌارين جيڪي ڌاڙا هنيا، جيڪي ظلم ۽ زبردستيون ۽ من مستيون ڪيون، انهن جو اهو سمورو ڪارو باب علمي دنيا جي ڄاڻ کان رهجي وڃي ها.”
مير معصوم ڊسمبر 1602ع ۾ اڪبر بادشاهه طرفان سفير ٿي ايران جي بادشاهه شاهه عباس صفويءَ جي درٻار جي لاءِ روانو ٿيو ۽ 1603ع ۾ ايران پهتو، مير معصوم جڏهن ايران پهتو ته ان وقت بادشاهه ايران جي سرحد تي جنگ ۾ رڌل هو. جنهن ڪري مير معصوم کي ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻون پيو. انهيءَ واندڪائي جو فائدو وٺي مير معصوم ايران ۾ گهميو ڦريو، عالمن ۽ اديبن سان ڪچهريون ڪيائين ۽ ساڻن دوستيون ڳنڍيائين، جڏهن مير معصوم، شاهه عباس سان ملاقات کانپوءِ اصفهان پهتو ته هن اصفهان ۾ پنهنجي ان قيام جو هڪ يادگار ڪتبو ڇڏيو.
مير محمد معصوم بکري هڪ تاريخي ذوق ۽ ذهن رکندڙ هو. هن جي عادت هئي ته رستي ويندي جتي به ڪا سٺي جاءِ، مسجد، عمارت يا ڪو ٻيو هنڌ ڏسندو هو ته اُن تي تاريخي لکت ۽ ڪجهه شعرن جو ڪتبو هڻي ڇڏيندو هو. جيئن ايندڙ نسلن کي ڄاڻ پوي. هندستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي هنڌن تي عمارتن ۽ مسجدن تي اهڙا ڪتبا اڄ ڏينهن تائين سندس روشن دماغي، علمي ذوق ۽ تاريخي ذهين جي عظمت جي ڄاڻ ڏيئي رهيا آهن.
ساڳئي نموني اصفهان ۾ پڻ هن پنهنجي ذوق خاطر “مسجد عليءَ” ۾ ڪتبو هنيو. ‘مسجد علي’ ۽ ‘گنبذ هارون ولايت’ ٻه گڏيل تاريخي عمارتون اصفهان جي پراڻي حصي ۾ موجود آهن. اهو پاڙو سلجوقي دور جو يادگار آهي، گنبذ هارون ولايت ۾ امام زادو هارون بن علي دفن ٿيل آهي، جيڪو امام علي نقي جو اولاد هو، گنبذ يا آسپاس واري عمارت شاهه اسماعيل صفويءَ جي دور ۾ 918هجريءَ ۾ اَڏي ويئي.
مسجد علي، ان ئي درگاهه سان لڳ آهي، جيڪا سلجوقي دور جي يادگار آهي، هن مسجد تي پهرين “مسجد سنجريه” نالو رکيو ويو، پر پوءِ مٿس “مسجد علي” نالو پئجي ويو.
افسوس جو وقت جي تنگي ۽ ان وقت خبر نه هئڻ سبب نه اها مسجد ڏسي سگهياسين ۽ نه مير معصوم بکري جو اهو ڪتبو. نه ته اهو ڏسڻ منهنجي لاءِ ڪنهن علمي سعادت کان گهٽ نه هجي ها. خير! پر اسانجي پير صاحب ته اهو ڏٺو. ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، “هي سنگ مر مر جو ڪتبو مشرق واري ايوان سان لاڳيتي ديوار تي لڳل آهي، ڊيگهه ۾ 1x16 ميٽر ۽ چوڙائيءَ 95 سينٽي ميٽر اٿس. مٿانس مثنوين جا مختلف اشعار آهن ۽ آخر ۾ سال ۽ سندس نالو، اهو ئي مير صاحب جي ٻين ڪتبن جو انداز ۽ نمونو آهي.”
پير صاحب اُن ڪتبي جي تصوير ۽ عبارت به ڏني آهي.
پير حسام الدين راشديءَ ‘مير معصوم بکري’ جي زندگي ۽ خذمتن تي هڪ شاندار ڪتاب “مير محمّد معصوم بکري” جي نالي سان لکيو. اهو ڪتاب لکڻ ۾ پير صاحب کي چاليهن سان کان به وڌيڪ عرصو لڳو. سچ ته اهو ڪتاب نه رڳو مير معصوم جي زندگيءَ تي نهايت اهم ڪتاب آهي، پر پير صاحب جو، هڪ وڏو علمي ڪارنامو پڻ آهي.
پير صاحب جي علمي ۽ ادبي خذمتن جي مڃتا نه رڳو ملڪ ۾، ملڪ کان ٻاهر به ٿي. حڪومت ايران فارسي ادب ۽ زبان جي خذمت جو قدر ڪندي کيس سڄي دنيا مان انهن چونڊ ڏهن عالمن ۽ فارسي ادبيات جي ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄي عمر جي علمي خذمتن جي اعتراف طور مارچ 1974ع ۾ تهران يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني ويئي. تنهن کانسواءِ ايراني حڪومت 1965ع ۾ کيس ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز “نشان سپاس درجه اول” ڏنو، خود شهنشاهه ايران پڻ سندس علمي ۽ ادبي خذمتن جو معترف ٿيو.
سنڌ کي پنهنجي هنن ٻنهي عالمن، اديبن ۽ مورخن تي سدائين ناز رهندو.
•