• چڱا ايراني به ڪونهن
“جي هائو”
“ڪهڙي پاسي جو؟”
“دڙي تعلقي ميرپور بٺوري جو.”
“ٺٽي جا ماڻهو ڏاڍا شريف هوندا آهن.” ايئن چئي هن وڌيڪ ڪڇڻ پُڇڻ کانسواءِ پاسپورٽ تي ٺپو هڻي منهنجي حوالي ڪيو، مون سندس مهرباني مڃي ۽ ٻاهر نڪري آيس. هاڻ آئون پاڪستان گورنمنٽ جي رڪارڊ ۾ پاڪستان مان ٻاهر وڃي چڪو هوس، تيسين قافلي جي ٻين دوستن به پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي، ٻاهر نڪري هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ شروع ڪيو، البت آپا مهرالنساءِ جو پاسپورٽ روڪي ڇڏين ته هن وٽ ملڪ ڇڏڻ جو، پنهنجي کاتي پاران موڪل نامو ڪونهي، ٿوري دير کانپوءِ گهربل ڪاغذ پيش ڪرڻ تي کيس به پاسپورٽ تي ٺپو هڻي ڏنائون ۽ اسانجي چهرن تي ٿوري دير اڳ جيڪي فِڪر منديءَ جون ريکائون پيدا ٿيون هيون، اهي اطمينان ۾ بدلجي ويون ۽ اسين سڀ پنهنجو سامان سوري اچي ايراني سرحد ‘ميرجاوا’ جي سامهون بند ٿيل گيٽ جي اڳيان قطار ٺاهي بيٺاسين، بلڪل ايئن جيئن صبح جو سوير اسڪول پهچڻ تي ٻارڙا قطارون ٺاهي، قومي ترانو پڙهي، جهنڊي کي سلامي ڏيئي، پوءِ ڪلاس رومن ۾ گهڙندا آهن. ايراني سرحد نوين بجي کُلڻي هئي، ان مهل صبح جو ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽سج جي مٿي چڙهڻ سان گرمي به وڌڻ لڳي هئي. اُتي اسانجي قطار کان اڳ ئي هڪ وڏي قطار لڳل هئي، جن اسانجي سامهون ئي ستين بجي کان اتي قطار ٺاهڻ شروع ڪئي هئي، هنن شايد ڪالهه ئي پاڪستاني اميگريشن وارن کان ملڪ ڇڏڻ جو ٺپو هڻائي ڇڏيو هو، يا شايد اڃا ڪا ٻي ڳالهه هئي.
ايراني سرحد کلڻ جو انتظار جيئن پوءِ تيئن شديد ٿيندو ويو، نوين بجي کان ٿورو اڳ هڪ ايراني فوجي ظاهر ٿيو، عمر اهائي ڪا ارڙهن اوڻيهه سال هيس. پر چال ۾ وڏي مستي، اندران ئي سڀني بيٺلن تي هڪ نظر وڌائين ۽ گيٽ سان لڳ بيٺل همراهن کي ڌڙڪي واري انداز ۾ “قطار.....قطار” چئي وري هليو ويو، ايران ۾ اسين جت به وياسين اُت مون ڏٺو ته اڪثر پوليس، فوج ۽ پاسداران انقلاب جا سپاهي، ٽريفڪ پوليس، ڊرائيور، ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ نوجوانن جي گهڻائي نظر آئي، انهن جون عمريون ٻاويهن کان ٽيهن سالن جي وچ ۾ هيون. ان جو هڪ سبب ايران، عراق جنگ ۽ ٻين ڦڏن ۽ فسادن ۾ مردن جي گهڻائي جي مارجي وڃڻ جي ڪري افرادي قوت جي کوٽ آهي ۽ ڇوڪرو جيئن ئي بالغ ٿي ڪم ڪار جي لائق ٿئي ٿو، تيئن کيس ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. ايئن هڪ ته نوجوانن کي هڪدم نوڪري ملڻ سبب، انهن جو ٻين سرگرمين، خاص ڪري سياسي سرگرمين ڏانهن ڌيان نٿو وڃي، ٻيو ته وانڌي ۽ بيروزگار ويهڻ سان جيڪي شيطان گيريون ذهنن ۾ اچن ٿيون، اهي به نٿيون اچن، تنهن کانسواءِ فوج ۾ ارڙهن، ويهن سالن جي عمر وارن جي گهڻائي جو هڪ سبب اهو به آهي ته ايران ۾ هر بالغ ٿيندڙ نوجوان لاءِ ٻن سالن لاءِ لازمي فوجي ڀرتيءَ جو قانون لاڳو آهي، جنهن تحت نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ٻن سالن تائين فوج ۾ رهڻ کانپوءِ وڻين ته پنهنجي ڪئريئر کي جاري رکن يا ٻي هنڌ وڃي نوڪري ڪن.
انتظار جي شدت ۽ وڌندڙ اُس هاڻ بيزار ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ماڻهن جي رش جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي، پاڪستاني اميگريشن آفيس هاڻ خالي ٿي چڪي هئي، هنن تيزيءَ سان پنهنجو ڪم اُڪلايو هو ۽ هاڻ وانڌا ٿي سگريٽَ جا سوٽا هڻڻ ۽ چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳا هئا. اسان، جن اهو سمجهيو هو ته اهي پاڪستاني يار اسانکي بيهاري بيهاري، ٿڪائي پوءِ ئي ڪاغذي ڪاروائي کان فارغ ڪندا، تن ته اصل دير ئي نه ڪئي هئي.
نيٺ خدا خدا ڪري ساڍي نوين بجي گيٽ کليو ۽ ماڻهن وٺي رومڙ ڪئي، پر اڳيان به ايراني هئا ۽ اڳ آيل فوجي، هڪ ٻي فوجيءَ سان گڏ گيٽ تي بيٺو “قطار.... قطار” ڪندو، چئن چئن، پنجن پنجن ماڻهن کي اندر ڇڏڻ لڳو، اسان واري سالار وسيم مڙيئي انڌي منڊي فارسيءَ ۾ کين ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته اسانجي سڄي قافلي کي هڪئي مهل اندر ڇڏي، ايئن اسين قافلي ۾ شامل سڀيئي مرد، زائفائون ۽ ٻار پنهنجو سامان کڻي قطار ۾ ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ ڪندا، ايراني سرحد ۾ داخل ٿياسين، جتي سرسري نموني اسانجي سامان جي چيڪنگ ڪري، اسانکي اندر وڃڻ جي موڪل ڏني ويئي. اسين هڪ ڪاريڊورمان لنگهي آفيس ۾ گهڙياسين، ۽ وري قطار در قطار- پاڻ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ جيڪي قطار ۾ بيهڻ ۽ نظم و ضبط ۾ رهڻ سکيا ئي نه آهيون، تن لاءِ ايئن مهذب بنجي قطار ۾ بيهي پنهنجي واريءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ، پنهنجي گهٽتائي هئي، جو پاڻ ته ٺونٺيون هڻي، هوڪرا ڪري، “جيڪو ڏاڍو سو سوگابو” جي چوڻيءَ تي سئو، ڇا ٻه سئو سيڪڙو عمل ڪرڻ وارا- تن لاءِ ٻري سور سان، ايراني عملدارن جي ڌڙڪن کان بچڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي. البت ٻي پاسي بيٺل زائفائن ۽ ٻارن کان پاسپورٽ وٺي کين جلدي فارغ ڪيو ويو. ۽ هيڏانهن اسان واري پاسي جي قطار جونءَ جي رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳي، البت ايترو هو جو بلڊنگ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ هئاسين، ۽ پاسي ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو ڪولر به لڳل هو، سو هڪ ته پاڪستان واري پاسي کان جيڪا اُڃ کڻي آيا هئاسين، اها لاٿي سين ۽ ٻيو اڳتي جي سفر لاءِ بوتلون ڀري کنيوسين.
عام طور تي اهو ٻڌو ويندو آهي ته عرب سڳورا وڏا کر دماغ ۽ مٿي جا ڦريل آهن، هو ٻين ملڪن مان سعودي عرب ايندڙ مسافرن، خاص ڪري اسان پارن غريب ملڪن مان ايندڙ مسافرن کي انسان ئي نه سمجهندا آهن، ۽ ايئرپورٽ تي انهن سان وڏيون جٺيون ڪندا آهن، خاص ڪري جدي جي ايئرپورٽ تي عرب عملي پاران ‘عازمين حج يا عمري’ سان ڪيل جٺين جا ڪيترائي احوال ٻُڌل ۽ سُئل آهن، پر ‘ميرجاوا’ پهچي محسوس ٿيو ته گهٽ ايراني به ڪونهن، سچ ته ايرانين جو پهريون تاثر ڪو سٺو ڪونه پيو. ڪمپيوٽر جي سامهون ويٺل همراهه ٻه چار پاسپورٽ اُڪلايو، وري پنجن ستن منٽن جي لاءِ اُٿي ڪيڏانهن هليو ٿي ويو، شايد پيٽ ۾ مروڙ هيس يا ڪو ٻيو سبب، ۽ پاسپورٽ وٺي، چڪاس ڪري، انٽريءَ جو ٺپو هڻي نهايت لاپرواهيءَ مان ايئن ٿي اڇلي ڏنائين، جيئن ڪنهن سامهون پُڇ لوڏيندڙ جانور کي اُتان ڀڄائڻ يا پري ڪرڻ جي لاءِ ماني ٽڪر پري اڇلائي ڏبو آهي، پوءِ هو اهو ٽڪر جتي به ڪري، اتي هو پُڇ لوڏيندو ڊوڙندو وڃي کڻي.
ايئن خدا خدا ڪري، پيرن تي پَڙ وجهندي، نيٺ اسان واري قافلي جي زائرين جي پاسپورٽن وارا ٺپا لڳڻ شروع ٿيا. هاڻ اسين باقاعدي، ايران سرڪار جي رڪارڊ ۾، ايران جي سرزمين تي داخل ٿي چڪا هئاسين، ۽ سامان سنڀاليندا اچي ڪرسين تي ويٺاسين، ۽ اسان جي قافلي جو سالار وسيم اسانکي زاهدان کڻي وڃڻ جي لاءِ هُن پاران اڳواٽ بوڪ ڪيل ڪوسٽر جي جانچ لهڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري ويو.
•