• زاهدان ڪجهه ڪوهه
مير جاوا کان وٺي قم تائين، پوءِ اصفهان وغيره، اسين جيڏانهن به وياسين، اُتي گهڻو جابلو علائقو نظر آيو، ايران جي جاگرافي ڏسبي ته رڳو جبل ئي جبل نظر ايندا. اُتر ۾ البرز جا وڏا جبل، اولهه ۽ اولهه اوڀر واري حصي ۾ زاگرس جا مٿانهان علائقا ۽ ساڳئي نموني اوڀر واري حصي ۾ وڏا ۽ سڌا جبل آهن، جيڪي ڄڻ ايران کي پنهنجن ڀاڪرن جي گهيري ۾ وٺيو بيٺا آهن، اُتر ۽ ڏکڻ ۾ وري وڏا ۽ هموار ساحلي ميدان آهن، جيڪي ملڪ جا سرسبز ۽ شاداب علائقا آهن. ايران جي ڪن جبلن جون چوٽيون چئن هزار ميٽرن کان به اوچيون آهن. انهن جبلن مان اهم جبل “دماوند جبل”، جيڪو تهران جي اُتر اوڀر ۾ آهي، جنهن جي اوچائي 5671 ميٽر آهي. ‘سَبلان’ جبل، جيڪو اردبيل جي اولهه ۾ آهي ۽ اوچائي 4850 ميٽر اَٿس. ‘تخت سليمان جبل’ جيڪو تهران جي اُتر اوڀر ۽ تنڪابن جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اوچائي 4820 ميٽر اٿس. “زرد جبل”، بختياري علائقي ۾ آهي ۽ اوچائي 4550 ميٽر اٿس. ‘دنا جبل’ ياسوج جي اُتر ۾ آهي ۽ اوچائي 4309 ميٽر ۽ “تفتان جبل”، زاهدان جي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي اوچائي 2042 ميٽر آهي.
ايران جا ور وڪڙ کائيندڙ پهاڙ، جيڪي پنهنجي بناوت جي لحاظ کان ٽين (جاگرافيائي) دور سان واسطو رکن ٿا، انهن مان ڪن اندر ٻرندڙ مادو به موجود آهي، جيڪي، معدني پاڻيءَ جي گرم چشمن جو سبب بنجن ٿا. ايران ۾ گرم ۽ خشڪ آبهوا ۽ جابلو علائقن جي ڪري تمام گهٽ اهڙي زمين آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ايران جي مجموعي پکيڙ 160 ملين هيڪٽرن (لڳ ڀڳ 40 ڪروڙ ايڪڙن) مان 20 ڏهائي ست سيڪڙو ريگستاني ۽ استعمال جي لائق ڪونهي، جڏهن ته 54 ڏهائي نوَ سيڪڙو قدرتي چراگاهون ۽ ساوڪ، 7 ڏهائي ڇهه سيڪڙو ٻيلا ۽ 14 ڏهائي چار سيڪڙو زمين پوکي راهيءَ جي قابل آهي،جنهن مان 11 ڏهائي 6 ملين هيڪٽر(28 ملين ايڪڙ) نهري ۽ باقي زمين ٻن سالن ۾ فقط هڪ ڀيرو پوکيءَ هيٺ آندي وڃي ٿي.
اها ٿي جاگرافيائي صورتحال، پر ڏسجي ته ايران جي تاريخ ڏاڍي قديم آهي، اڍائي ٽي هزار سال اڳ روس جي ڏاکڻين علائقن مان ‘آريا’ قوم، ٻين علائقن جي ڳولا ۾ نڪتي، اهو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو. ڪجهه قبيلا هندستان هليا ويا ته ڪجهه وري ايران ۾ رهي پيا. ايراني آريا ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويا. هڪ شاخ ‘ميڊيا’ ۾ آباد ٿي، ميڊيا اهو علائقو آهي، جتي هينئر آذربائيجان، عراق ۽ ڪردستان آهن.... ميڊيا جي نسبت سان اهي ماڻهو “ماد” سڏجڻ لڳا. ٻي شاخ ايران جي خوزستان ۽ فارس ۾ رهي پئي. اهي پارسي سڏجڻ لڳا. ماد ۽ پارسي، ٻنهي جو واسطو آريه قوم سان آهي.
پراچين ايران جي ان تاريخ کي جيڪا قصن ۽ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن طور مشهور آهي، اها ‘پيش دادي’ دور جي تاريخ سڏجي ٿي، جنهن موجب سڀ کان پهريون بادشاهه ‘ڪيومرث’ هو، جنهن ديون سان جنگ ڪئي ۽ مٿن سوڀ ماڻي، هن ئي سڀ کان پهرين ماڻهن کي لباس پهرڻ سيکاريو. ان کانپوءِ ‘طهورث’ جو نالو اچي ٿو، هن به ديون سان جنگ جاري رکي، انهن کانپوءِ سڀني کان مشهور بادشاهه جمشيد آهي، چون ٿا ته وٽس هڪ اهڙو جام (پيالو) هو، جنهن ۾ کيس دنيا جون حالتون نظر اينديون هيون. فارسي شعر وَ ادب ۾ ان کي ‘جام جمشيد’ چيو وڃي ٿو. فردوسيءَ جي شاهنامي موجب جمشيد ديون، پرين ۽ پکين تي به حڪومت ڪئي. هن ڪپڙو اُڻڻ ۽ هٿيارن ٺاهڻ جو فن، خوشبوئن ۽ دوائون ايجاد ڪيون. هيرن کي سونهن جي لاءِ استعمال ڪيو، ٻيڙيون ٺاهيون. نيٺ طاقت کيس گهمراهه ڪيو ۽ هن خدائي جي دعويٰ ڪئي ۽ هڪ ظالم شخص ضحاڪ کانئس تخت ۽ تاج کسي ورتو. ضحاڪ جي ڪلهن تي نانگ جيان ٻه گوشت جا لوٿرا نڪري آيا هئا، جن کي روزانو ٻن نوجوانن جا مغز کارايا ويندا هئا. ايئن هزارين نوجوان مارجي ويا. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ لوهار، جنهن کي “ڪاوه” سڏيندا هئا، ضحاڪ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو. هن جا ٻه پُٽ به مري چڪا هئا، ماڻهون هن سان گڏجي پيا، هنپنهنجي ڌنوڻيءَ جو جهنڊو ٺاهي اوچو ڪيو، کيس “درخشي ڪاوياني” چون ٿا. “ڪاوه” فوج جي ٻي ڪمان فريدون جي حوالي ڪئي، جيڪو “ڪيومرث” جي نسل مان هو، جنگ ٿي، جنهن ۾ ضحاڪ مارجي ويو ۽ حڪومت فريدون جي حوالي ٿي. فريدون جا ٽي پُٽ هئا، سلم، تور ۽ ايرج. هن پنهنجي سلطنت ٽنهي پُٽن ۾ ورهائي ڇڏي، ننڍي پُٽ ايرج کي ايران ۽ باقي ٻن پُٽن کي ڏورانهان علائقا ڏنا. جنهن تي ٻنهي ڀائرن کي سخت شڪايت ٿي ۽ هنن دوکي سان ايرج کي قتل ڪري ڇڏيو، ايرج جي راڻي ‘ماه آفريد’ هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ‘منوچهر’ هو، جنهن جوان ٿي ٻنهي چاچن کي قتل ڪيو.
تور جو گهراڻو ‘توارني’ ۽ ايرج جو گهراڻو ‘ايراني’ سڏيو ويو، تورانين جي بادشاهه ‘افراسياب’ ۽ ايرانين جي بادشاهه ڪيقباد، ڪيخسرو ۽ ڪيڪائوس هڪٻئي جي پويان تخت تي ويٺا ۽ ايرانين جي جنگين جا ٽي پهلوان نريمال، زال ۽ رستم مشهور آهن... جن جو فرودسيءَ پنهنجي ‘شاهنامي’ ۾ سٺي نموني ذڪر ڪيو آهي.
اسانجي ڪوسٽر پنهنجي مخصوص رفتار سان ‘زاهدان’ ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ آئون مسلسل دريءَ مان ٻاهر ڀڙڀانگ جبلن کي ڏسندو پي ويس. ڪٿي ڪٿي ڪنهن سُڪل وڻ جو ڪو بيٺل ٿُڙ نظر ٿي آيو نه ته رڳو الله الله، جبلن جون قطارون. ‘زاهدان’ جو نالو سنڌ توڙي پاڪستان جي عام ماڻهن جو به ٻُڌل آهي، جڏهن اڃا ڊش ۽ ايف ايم ريڊيا نه آيا هئا، ته زاهدان ريڊيو جي اردو سروس ٻهراڙين ۾ بي بي سي کانپوءِ وڌ ۾ وڌ ٻڌي ويندي هئي. زاهدان ريڊيو جي اردو سروس جو معيار به ان وقت جي ريڊيو ماسڪو ۽ ريڊيو هنوئي جي اردو سروسن جيان ڪافي معياري ۽ حقيقت پسند هوندو هو. بي بي سي ته سامراجي پروپيگنڊا مشنري جو اهم هٿيار آهي، جيڪا شعوري طور تي اسان جي مٿان مسلط ڪئي ويئي آهي ۽ اهو باور ڪرايو ويو آهي ته اها سچيون ۽ مستند خبرون ٿي ڏي. هاڻ ته سال ٿي ويا آهن، جو ريڊيو جي ويجهوئي نه ويو آهيان، تنهنڪري زاهدان ريڊيو جي اردو سروس يا ماسڪو ۽ هنوئي (ويٽنام) ريڊيو جي اردو سروس بابت ڪا به خبر نه اٿم.
زاهدان، ميرجاوا کان 84 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ايران جي ٻي نمبر وڏي صوبي ‘بلوچستان وسيستان’ جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي. زاهدان ڪو ايترو پراڻو شهر به ڪونهي. اهو 1920ع ڌاري آباد ٿيڻ شروع ٿيو. پهرين هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن جي آبادي ڪجهه سئو ماڻهن تي مشتمل هئي. صحرا جي اندر موجود اُن آباديءَ ۾ زندگيءَ جون ڪي به بنيادي سهولتون موجود نه هيون. سبزي ۽ ميوات وغيره ‘بيرجند’ يا ‘ڪوئٽا’ مان اينديون هيون، جيڪي ڏاڍيون مهانگيون پونديون هيون. پيئڻ جو پاڻي به کوهن مان حاصل ڪيو ويندو هو. زاهدان ۾ اڪثريت بلوچن جي آهي، هت ٿورا گهڻي اردو به هلندي آهي، ايرانين جي آبادي به صفا گهٽ آهي، اڳ ۾ ڪا ريل وغيره ايندي هئي ته وقتي طور تي چهل پهل ٿي ويندي هئي. هاڻ ته شهر ڪافي پکڙجي چڪو آهي، بس ۾ زاهدان کان قم ڏانهن ويندي مون ڏٺو ته زاهدان شهر ۾ رستن جي ڀر ۾ ڪيترائي گهڻ ماڙ فليٽ اڏجي رهيا هئا.
اسان وسيم کي چيو ته حيدرآباد کان وٺي زاهدان تائين جي يڪي سفر اسانکي سخت ٿڪائي وڌو آهي، تنهڪري اسان کي هڪ رات زاهدان ۾ اسٽي ڪرائي، پرهن اهو عذر ڏيئي انڪار ڪيو ته زاهدان ۾ امن امان جو مسئلو آهي، تنهڪري، ٽرمينل تي ئي ڪلاڪ سوا ترسي، قم جي لاءِ روانا ٿينداسين، ان ڪلاڪ سوا ۾ اوهين ماني وغيره کائجو ۽ ضروري حاجتن کان فارغ ٿجو.
ڪلاڪ سوا جي مسافريءَ کانپوءِ اسين زاهدان پهتاسين، ڪوسٽر اسانکي سڌو اچي بس ٽرمينل تي لاٿو، جيڪو شهر کان ٿورو ٻاهر هو. ڪوسٽر مان لهي جڏهن بس ٽرمينل کي ڏٺوسين ته اسين حيران ٿي وياسين. وڏي ايراضيءَ تي ٺهيل اهو ٽرمينل هڪ ننڍي ايئرپورٽ جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. صاف سٿرو، گندگيءَ کان آجو، نه گاڏن وارا، نه ريڙهين وارا، ۽ نه ئي وري هٿن ۾ شيون کڻي ماڻهن کي چهٽي ويندڙ ڇوڪرا- نه فقير نه ڪي فقير جي ذات. آسپاس نظر ڊوڙائيسين ته واش رومس، مسجد، ۽ هڪ ٻه ماڙ مني سپر مارڪيٽ کليل نظر آئي، مطلب ته پهرينءَ ئي نظر ۾ وات مان واهه واهه نڪري ويئي. واهه واهه ته پوءِ ٻين شهرن خاص ڪري ‘مشهد’ ۽ ‘نيشاپور’ جا بس ٽرمينل ڏسي به ٿي. زاهدان بس ٽرمينل تان ايران جي مختلف شهرن جهڙوڪ تهران، قم، اصفهان، شيراز، مشهد، ڪرمان شاهه، لم ۽ زابل وغيرهه ڏانهن ويندڙ بسون بيٺل نظر آيون. بسون به وري نهايت شاندار ۽ واهه جون، جو ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿيو وڃي. ‘زابل’ جي لفظ تي نظرپوڻ سان مونکي فردوسي جي شاهنامي تان آڌاريل رستم پهلوان وارو قصو ياد اچي ويو. جيڪو مرزا قليچ بيگ جي قلم مان نڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ مون ننڍي هوندي پڙهيو هو. زابل يا زابلستان جا ماڻهو سهڻا، قدآور ۽ بهادر هوندا هئا. تيمور لنگ به پنهنجي “توزڪ تيموريءَ” ۾ زابل جي ماڻهن جي مٿين گُڻن جي واکاڻ ڪئي آهي، زابل جو شهر هينئر افغانستان جي سرحد سان لڳ آهي، واپسيءَ تي تفتان کان ڪوئٽا ورندي، منهنجي پاسي ۾ ويٺل بلوچ درزيءَ کان جڏهن حال احوال پڇيم ۽ زابل جي احوال نڪرڻ تي مون پنهنجي ٻي سفر ۾ اوڏانهن وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ڪئي ته هن چيو ‘زابل وڃڻ خطري کان خالي نه آهي، اتي ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ماري ڇڏيندا آهن.’ “ڇو ماريندا آهن؟” ان سوال جو هوڪو مطمئن ڪندڙ جواب ڏيئي نه سگهيو، پرمون اندازو لڳايو ته زابل ۾، سرحدي شهر هئڻ جي ڪري امن امان جو ڪافي مسئلو هوندو. ان بلوچ اهو به ٻڌايو ته “زابل مان افغانستان جي سرحد بلڪل سامهون نظر ٿي اچي.”
•