• حبذا شهر نشابور...
“طوس ويا هئاسين، فردوسيءَ جي سلامي ڀرڻ.”
“ڏاڍو سٺو....” وسيم وراڻيو.
“يار وسيم سڀاڻي نيشاپور وڃڻ جو اردو اٿئون.... ڪا سُٺي ۽ سستي ٽئڪسي ته ڪرائي ڏي.” امين چيس.
“ڇو نه....” وسيم وراڻيو، پوءِ مهديءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين، “دوست سڀاڻي نيشاپور وڃڻ چاهين ٿا... کين ڪنهن ٽئڪسيءَ جو بندوبست ڪري ڏي.”
“ٽئڪسي ته اوهان کي حرم جي اڳيان ملي ويندي...” مهدي اسان ڏانهن منهن ڪري چيو. کن ترسي چيائين، “پر ٽئڪسي ڇو ٿا ڪريو... بس ۾ وڃو... ڪافي سستي پوندوَ.”
“پر ڪيئن وڃون... ڪا رهنمائي ته ڪر.” سندس ڳالهه ٻُڌي چيم.
“تمام سولو طريقو آهي... حرم وٽان جيڪا گاڏي ٽرمينل ڏانهن وڃي اُن ۾ چڙهي وڃي ٽرمينل لهو... ٽرمينل تان نيشاپور لاءِ بسيون وڃن ٿيون.”
“ٺيڪ آهي ته پوءِ سڀاڻي بس ۾ نيشاپور وينداسين.”
“بس ۾ وڃو ته پاڪيٽ جو خيال ڪجو.” مهديءَ چيو.
“معنيٰ ته بشني ۽ جيب ڪترا ايران ۾ به آهن.” چيم
“بد معاش ته هر هنڌ آهن.” مهديءَ وراڻيو.
اسان طوس مان موٽياسين ته ساڳئي ٽئڪسي واري سان اڄ نيشاپور هلڻ جي لاءِ ڳالهايوسين. هن اوٽ موٽ جو ڪرايو پنجاهه هزار تومان ٻڌايو، جيڪو مونکي گهڻو لڳو. سنگت چيو ته ‘ڊن’ ٿا ڪريون، پر مون چين ‘يار ٽئڪسيون کوڙ... سڀاڻي هلڻ مهل ڳالهائينداسين.”
اسان نيشاپور هلڻ جي لاءِ ٻين همراهن کي به صلاح هنئي، پر هنن انڪار ڪيو. مون ڏٺو ته ٻين زيارتين کي اسان وانگر گهمڻ ڦرڻ جو ڪو به شوق نه هو، هنن جو شوق فقط زيارتن ۽ خريداري ڪرڻ تائين محدود هو.
اسين ‘حرم’ جي اڳيان اچي بيٺاسين ۽ بس ٽرمينل ڏانهن ويندڙ بس ۾ چڙهي پياسين، ‘امام رضا’ جو روضو شهر جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري هر ايندڙ ويندڙ بس هتان لنگهي. حرم جي اڳيان ڪرائي تي ٽئڪسيون به ملي وينديون آهن. اسين بس ۾ چڙهي خالي سيٽن تي ويٺاسين. بس ايئرڪنڊيشن ۽ آرام دهه هئي. هتي هلندڙ لوڪلي بسيون به سهڻيون، آرام دهه ۽ اي سي واريون آهن. بس شهر مان ڦرندي، مختلف هنڌن تي اسٽاپ ڪندي، ٽرمينل ڏانهن وڌڻ لڳي. پر بس ۾ ڀاڙي وٺڻ جي لاءِ ڪو به ڪنڊيڪٽر نظر نه آيو. مون لهندڙ ۽ چڙهندڙ مسافرن کي ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيو، لهڻ مهل يا چڙهڻ مهل هر مسافر ڊرائيور کي پئسا ڏيندو ويو. ۽ ڊرائيور في مسافر ٻه سئو تومان ڪٽي باقي پئسا واپس ڪندو ويو. ڪجهه مسافر وري اهڙا به ٿي چڙهيا، جن جي هٿن ۾ هڪ ڪارڊ هو، جيڪو هنن بس جي دروازي وٽ لڳل ڪمپيوٽر تي ٽچ ٿي ڪيو. پوءِ معلوم ٿيو ته بس ڪمپينون پندرهن روز ۽ ماهوار بنياد تي اڳواٽ پئسا وٺي اهڙا رعايتي ڪارڊ جاري ڪن ٿيون. جيڪي ٽچ ڪرڻ سان انهن مان پئسا ڪٽجي ويندا آهن.
بس ٽرمينل تي پهتي ته لهڻ مهل اسين ڇهه سئو تومان ڏيئي هيٺ لٿاسين. مشهد ۾ هلندڙ بسين ۾ اوهان جتان، چڙهو ۽ ڪٿي به لهو، ڪرايو ٻه سئو تومان يعني پندرهن سورهن روپيا. مشهد جو بس ٽرمينل به ڏاڍو سهڻو، صاف سٿرو ۽ ڪافي وڏو هو. اُتي ڪيتريون ئي بسيون مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ تيار بيٺيون هيون. اسان نيشاپور، جنهن کي فارسيءَ ۾ نشابور چون، جي بس جي پڇا ڪري هڪ بس وٽ پهتاسين، خبر پيئي ته ويهن منٽن کانپوءِ بس رواني ٿيندي. آئون ۽ آفتاب شاهه، صفدر شاهه ۽ امين لاکي کي اتي بيهاري ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ ٽرمينل جي آفيس هليا وياسين، اندر ڪيترائي ڪائونٽر ٺهيل هئا، اسان نيشاپور واري ڪائونٽر تان نيشاپور لاءِ چار ٽڪيٽون ورتيون... في ماڻهو ساڍا يارهن سئو تومان ٽڪيٽ، واهه ايتري سستي، اسان کان ته رڙ نڪري ويئي. ڪٿي ٽئڪسيءَ ۾ ساڍا ٻارهن هزار تومان في ماڻهو ۽ ڪٿي هن بس جي في مسافر ساڍا يارهن سئو تومان ٽڪيٽ. اسين ٽڪيٽون وٺي خوش خوش ٿي موٽياسين... اها ڳالهه صفدر شاهه ۽ امين ٻڌي ته هو به ڏاڍا خوش ٿيا، ايتري سستائي جو سبب اهو آهي ته ايران ۾ تيل سستو هئڻ سبب بسين جا ڀاڙا به سستا آهن.
اسين ٽڪيٽون وٺي اچي بس ۾ ويٺاسين ته ٿوري دير کانپوءِ بس به رواني ٿي. نيشاپور، مشهد کان 128 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ‘سبزوار’ شاهراه تي تاريخي اهميت جو شهر آهي. ‘سبزوار’ خود به هڪ پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي... نيشاپور ايران جي اهم شهرن مان آهي، پنجين صدي هجري يا يارهين صدي عيسويءَ ۾ نشاپور ڪجهه عرصو سلجوقي سلطانن جي گاڌي جو هنڌ به رهيو. پر هاڻ اها اڳوڻي عظمت نه رهي اٿس ۽ اڳوڻي عظمت جا ڪي ٿورا ئي آثار ان شهر جي پراڻي حصي ۾ وڃي بچيا آهن. هينئر نيشاپور جي سڃاڻپ حڪيم عمر خيام، شيخ فريدالدين عطار ۽ اُستاد ڪمال ملڪ جي مزارن جي ڪري آهي. جن تي اسان جهڙا علم ۽ ادب جا پياسا اچيو حاضري ڀرين ۽ کين خراج تحسين پيش ڪن.
نيشاپور تائين بس جو اهو سفر جيڪو ڏيڊ پوڻن ٻن ڪلاڪن جو هو، نهايت سُٺي نموني گذريو، بس ۾ اسانجي بلڪل ڀرواري سيٽ تي هڪ نوجوان ايراني جوڙو ويٺو هو. بس شهر مان ٻاهر نڪري ‘سبزوار’ شاهراهه تي روان دوان ٿي ته نوجوان، جا هٿ به ڪنهن ماهر ڊرائيور جيان پنهنجي جوڙيوال جي چادر مان ٿيندا پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا. ڏاڍي حيرت ٿي... معنيٰ ته هاڻ ايران انقلاب کانپوءِ وارو ايران نه رهيو آهي... جتي گس هلندي ‘پاسداران انقلاب’ عورتن کي بيهاري، سندن چپن تي لڳل لپ اسٽڪ اُگهرائيندا هئا، يا کين حجاب (پردي) ۾ رهڻ جي تنبيهه ڪندا هئا.. گس هلندڙ جوڙن کان نڪاح نامه طلب ڪندا هئا. نه هئڻ جي صورت ۾ کين جيل اُماڻيندا هئا، جيستائين هو يا ته زال مڙس هئڻ جي پڪي ثابتي پيش ڪن يا وري شرعي سزا جا حقدار ٿين.
مون ڀرپاسي جو جائزو ورتو ته هر ايراني پنهنجي منهن ويٺل نظر آيو. هونئن به ايراني سفر خاموشيءَ سان ڪن... سو اُن ايراني جوڙي جي هلڪي ڦلڪي ڪار گذاريءَ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه هو. اسان به ڪنهن ڪنهن مهل اک ٽيٽ ڪري پنهنجي پڪي پاڪستاني هئڻ (يعني ٻين جي معاملن ۾ هرو ڀرو ٽنگ اڙائڻ) جي ثابتي ٿي ڏني، نه ته زوري مهذب پڻي جو مظاهرو ڪندي هلڪي آواز ۾ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ٿي لڳاسين يا وري ٻاهر ڏسڻ ٿي لڳاسين، جتي نيڻ نهار تائين جبل ئي جبل هئا.
نيشاپور بس ٽرمينل تي لٿاسين ته ٽئڪسين وارا ڦري آيا، اسانکي خارجي (ٻاهريون) ڏسي هنن ٽيڻ چوڻ تي ڪرايا ٻڌايا. نيٺ گهڻي ريڙهه پيڙهه کانپوءِ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور ساڍن ستن هزار تومانن ۾ اسان سان هلڻ جي لاءِ راضي ٿيو، سو به ٻن ڪلاڪن جي لاءِ...
نشاپور ۾ اسانجي پهرين منزل شيخ فريدالدين عطار ۽ اُستاد ڪمال الملڪ جون مزارون هيون. پر ان کان اڳ ٽئڪسي وارو اسانکي گهمائيندو ڦيرائيندو بي بي شطيطه جي مزار تي وٺي ويو، جتي اسان ڪجهه گهڙيون لهي دعا گهري واپس اچي ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ مٿين مزارن ڏانهن روان دوان ٿياسين.
نيشاپور به ٻين ايراني شهرن جيان سهڻو شهر آهي، ڪنهن شاعر نشاپور لاءِ چيو آهي.
حبذا شهر نشابور ڪه در روي زمين است،
گر بهشت است و گرني خود نيست.
(نيشاپور شهر جي ڇا ڳالهه ڪجي... جيڪڏهن زمين تي ڪو بهشت آهي ته اِهوئي آهي، نه ته ڪو ٻيو ڪونهي.)
نيشاپور شهر جي روڊن تان لنگهندي شيخ فريد الدين عطار جي مزار ڏانهن ويندي مون کي نه رڳو مٿيئن شعر جي حوالي سان نيشاپور جو عروج، شان ۽ شوڪت ياد اچڻ لڳي، پر ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ نيشاپور تي منگولن جي حملن ۽ انهن پاران آندل تباهيءَ جا عڪس به اُڀري ٿي آيا.
ايران تي منگولن جو حملو هن سرزمين جي تاريخ جي اهم ۽ ڀوائتن حادثن مان هڪ آهي، جنهن ايراني سماج جي هر پهلوءَ تي پنهنجا اثر ڇڏيا... چنگيز خان هڪ الاهي آفت بنجي اچي ڪڙڪيو، جنهن ملڪن جا ملڪ، قومن جون قومون، ۽ انهن جون تهذيبون صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏيون، هن فتح ڪيل ملڪن جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڍانچي کي اهڙو ته اُڊيڙي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو، جو اِهي هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي تاريخي سڃاڻپ وڃائي ويٺيون، اهڙين حالتن ۾ تعليم ۽ تدريس، مڪتبن ۽ ڪتابن، ادب ۽ شاعريءَ پنهنجو قديم مقام وڃائي ڇڏيو.عالمن، اديبن ۽ اُستادن کي تلوارن جو کاڄ بنايو ويو ۽ قيمتي ڪتاب مٽيءَ جي ڍڳن جيان منگولن جي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙجي ويا. اوچتو نازل ٿيندڙ اها مصيبت ايڏي ته وڏي ۽ ڀوائتي هئي، جو ان دور جا اهل علم ۽ ادب ان جي شدت کان حيران ٿي ويا ۽ جن ماڻهن ان قتل ۽ رتو ڇاڻ کي اکين سان ڏٺو هو، سي سوچڻ ۽ ماتم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهيا. هڪ عالم ‘ابن اثير’ جيڪو پڻ انهن ماڻهن ۾ شامل هو، ان تباهيءَ بابت لکي ٿو. “جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته خدا پاڪ جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي آدم جي تخليق ڪئي آهي، ان وقت کان وٺي اڄ سوڌي ڪڏهن به ههڙي مصيبت برپا نه ٿي آهي ته اهو لفظ به لفظ سچ هوندو.”
هڪ ٻي تاريخ نويس جويني (منگول)جيڪو فاتحن لاءِ نرم گوشو رکندو هو، تنهن ان تباهيءَ جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
“زماني جي تبديليءَ ۽ گردش آسمان سبب درس ۽ تدريس ۾ مشغول مدرسا گم ۽ انهن ۾ علم جي آبياري ڪندڙ اُستاد غائب ٿي ويا ۽ انهن جا شاگرد زماني جي حادثي سبب ٽڙي پکڙي ويا. ماڻهو ڏکن ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ٿي، پريشاني ۽تباهيءَ جو شڪار ٿي تيرن ۽ تلوارن جو کاڄ ٿي مٽيءَ ۾ مِٽي ٿي ويا.”
هنر اڪنون همه در خاڪ طلب بايد ڪرد،
زانڪه اندر دل ما ڪند همه با هنران.
(هاڻ هنر ۽ فن کي مٽيءَ ۾ ڳولهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهل هنر مٽيءَ جي اندر ئي آهن.)
نيشاپور جيڪو ڪنهن زماني ۾ خراسان جو نگينو (مرڪز) ڳڻيو ويندو هو، ڪيترا ئي ڀيرا منگولن جي حملن جو شڪار ٿيو، پهريون ڀيرو نشاپوري دور انديشيءَ کان ڪم وٺي منگولن سان صلح ڪري، سندن آڻ مڃي قتل ۽ رتو ڇاڻ کان بچي ويا ۽ منگول مال ۽ ملڪيت هٿ ڪري اڳتي وڌي ويا. ڪجهه مهينن کانپوءِ هنن منگولن سان ڪيل ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تنبيهه جي باوجود به نه مُڙيا ۽ چنگيز خان کي جڏهن شهر جي باغي هئڻ جي خبر پيئي ته هن پنهنجي ننڍي پُٽ تولي خان (تولائي) کي کين سيکت ڏيڻ جي لاءِ روانو ڪيو. هو جڏهن خراسان جا ٻيا شهر فتح ڪندو نيشاپور پهتو ته شهري سمجهي ويا ته هن ڀيري صلح يا جنگ، ٻنهي جو نتيجو هڪئي نڪرندو. تنهنڪري هنن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. زبردست جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ منگولن کي پٺتي هٽڻون پئجي ويو ۽ منگول فوج جو سپهه سالار ‘تغاجار گورڪان’ جيڪو چنگيز خان جو ناٺي هو، سو به مارجي ويو. چنگيز خان ان جو بدلو وٺڻ جي لاءِ سڄي سگهه سان نيشاپور تي حملو ڪيو، هن ڀيري نيشاپور ان حملي جي سٽ سهي نه سگهيو، پر ان هوندي به ايڏي ته ويڙهه هلي جو منگولن کي شهر تي مڪمل قبضي ڪرڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا، چنگيز خان پاران ‘تغاچار گورڪان’ جي قتل جو بدلو وٺڻ جي لاءِ حڪم جاري ٿيو ته شهر کي اهڙي طرح ڀيلي برباد ڪيو وڃي جو اُتي ڪا پوک به ٿي نه سگهي ۽ بدلي طور اتي ڪو ڪتو ۽ ٻلو به جيئرو نه ڇڏيو وڃي...
منگول شهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ قتل عام شروع ڪري ڏنائون... چنگيز خان جي ڌيءَ به پنهنجي مڙس جو بدلو وٺڻ جي لاءِ هڪ گروهه سان شهر ۾ ڪاهي پيئي ۽ بچيل ماڻهن کي قتل ڪرڻ لڳي، شهر ۾ انساني سرن جا مينار ٺاهيا ويا. ان قتل عام ۾ اٽڪل سترهن لک ماڻهو قتل ڪيا ويا، وڏي قتل عام کانپوءِ تولوئي ‘هرات’ روانو ٿيو ۽ ويندي ويندي حڪم ڏيئي ويو ته، “شهر کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو” ايئن جيڪي ماڻهو سرنگن يا ڪن ڳجهن هنڌن تي لڪل هئا، اهي جيئري ئي دفن ٿي ويا... منگولن اهو حملو 1221ع ۾ ڪيو هو.
اڳتي هلي امير تيمور به منگولن جي ياد تازي ڪري ڇڏي. هڪ سٽ ۾ هيئن خلاصو بيان ڪري سگهجي ٿو ته ‘نيشاپور وري منگولن کان اڳ واري اهميت ۽ عظمت ماڻي نه سگهيو.’
شيخ فريدالدين عطار به منگولن جي ان حملي ۾ هڪ منگول سپاهيءَ جي تلوار جو کاڄ بنجي ويو، منهنجي اکين جي اڳيان عطار جي قتل جو نظارو ڦري ويو ۽ اسانجي ٽئڪسي تيزي سان شيخ فريدالدين عطار جي مزار طرف وڌي رهي هئي.
•