سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• جنهن شهر ۾ سعدي هجي!

شهرن جي به پنهنجي سڃاڻپ آهي، ۽ هر شهر جي سڃاڻپ جو پنهنجو حوالو آهي، شهر، شخصيتن جي حوالي سان به سُڃاتا وڃن ٿا ته تاريخي جاين، مزارن، مقبرن، دريائن وغيرهه جي نسبت سان به. مثال طور: مشهد مان ‘امام رضا’ جو حوالو ڪڍي ڇڏجي ته اهو فقط عام شهرن جهڙو شهر ‘سناآباد’ ئي رهي ۽ ڪير اُن ڏانهن منهن به نه ڪري.
ايئن شيراز جو حوالو به ‘شيخ سعدي’ ۽ ‘حافط شيرازي’ آهن، جيڪڏهن انهن ٻنهي جا نالا ‘شيراز’ مان ڪڍي ڇڏجن ته شيراز جي کڻي ڪيڏي به تاريخي حيثيت ۽ هاڪَ هجي، پر هجي ته عام شهرن جهڙو شهر ها.
اديب، عالم، شاعر، فنڪار ۽ مصور شهرن جي وڏي سڃاڻپ هوندا آهن. شيراز جي سڃاڻپ به شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي ئي آهن.
فارسي ادب جا چار ڪتاب، ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مشهور ۽ مقبول آهن، يعني شاهنامه فردوسي، ديوان حافظ، مثنوي مولانا رومي ۽ گلستان سعدي. فارسي ادب جو هر شاگرد انهن ڪتابن کي پهرين پڙهڻ چاهيندو آهي، پر انهن سڀني کان وڌيڪ مشهوري ۽ مقبوليت “گلستان سعدي” کي ملي.
“گلستان” جي خالق شيخ سعدي جو جنم ‘شيراز’ ۾ ٿيو. سندس جنم جي تاريخ ۽ سال بابت ڪا پڪي راءِ قائم ڪرڻ مشڪل آهي، پر ڪجهه دليلن جي روشنيءَ ۾ اها 1189ع (585هه) ۾ متعين ٿئي ٿي.
شيخ سعدي جي اصل نالي بابت به اختلاف آهن: مشرف بن مصلح، مشرف الدين مصلح ۽ مشرف الدين بن مصلح الدين لکيو ويندو رهيو آهي. سندس پيءُ عبدالله اتابڪ زنگي، شيراز جي حاڪم جي ملازمت ۾ هو، ان نسبت جي آڌار تي شيخ پنهنجو تخلص ‘سعدي’ رکيو.
شيخ سعدي کي سندس پيءُ پڙهڻ جي لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ته کيس ڪتابن، ڪاغذن ۽ ٻين گهربل شين سان گڏ هڪ سوني منڊي به خريد ڪري ڏني، پر شيخ سعدي ايترو ته ننڍڙو ۽ معصوم هو، جو ڪو همراهه کيس شئي شغل ڏيئي اها منڊي اُڏائي ويو، ان ڳالهه جو ذڪر شيخ پنهنجي ڪجهه شعرن ۾ پڻ ڪيو آهي.
شيخ سعدي جو ننڍپڻ وڏي لاڏ ۽ ڪوڏَ سان گذريو، ۽ شيراز ۾ ئي گذريو ۽ شروعاتي تعليم به اُتي ئي حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ بغداد ويو، جتي هن “جامعه نظاميه” ۾ حديث، فقه، فلسفي، ادب ۽ ٻين علمن تي عبور حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زماني جو وڏو عالم ۽ اديب ٿي اُتان نڪتو.
تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن سير ۽ سياحت شروع ڪئي. سندس هڪ نظم مان خبر پوي ٿي ته پاڻ هندستان به ويو هو. ڪن ڪتابن ۾ اهو به لکيل آهي، شيخ سعدي ‘سنڌ’ به آيو هو، پر ان بابت نه ڪا مستند روايت نه ٿي ملي ۽ نه ئي وري شيخ سعديءَ جي ڪنهن شعر مان اهڙو اشارو ملي ٿو، تنهنڪري شيخ سعدي جي سنڌ اچڻ جي ڳالهه کي مڃي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ شيخ سعديءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي نه لکي، پر سندس ڪتابن پڙهڻ سان سندس ڪافي حالتون معلوم ٿي وڃن ٿيون.
شيخ سعدي نهايت با اخلاق ۽ صاف سٿرو بزرگ هو، انساني ڪمزورين تي سندس وڏي نظر هئي، هو ڪنهن جي دل آزاريءَ کي وڏو گناهه سمجهندو هو ۽ انسانن سان محبت ۽ همدردي کي عبادت سمجهندو هو.
دل بدست آ ور ڪه حج اڪبر است،
از هزار ڪعبه يڪ دل بهتر است.
(دلين کي رضامند ڪر، جو اهو ڪم حج اڪبر جي برابر آهي، هزار حجن کان هڪ دل راضي ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.)
شيخ سعدي جي مزاج ۾ تمام گهڻي ظرافت به هئي، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته شيخ سعدي وڏو ڀوڳائي به هو، هڪ ڀيري هن مسواڙ تي هڪ گهر وٺڻ ٿي چاهيو، پاڙي ۾ هڪ همراهه رهندو هو، هن چيس، “سائين! هيءَ گهر ڏاڍو سٺو اٿوَ، هن ۾ ڪا به خرابي ڪونهي، پاڙي ۾ رهڻ جي ڪري مونکي خبر آهي ته هن گهر ۾ ڪا به خرابي ڪونهي.”
شيخ ٺهه پهه وراڻيس، “سواءِ ان خرابي جي ته تون پاڙي ۾ ٿو رهين!” اهو ٻڌي اهو همراهه سڄو هَڄي ويو.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ‘شيخ سعدي’ دنيا جي سير ۽ سفر جي لاءِ نڪري پيو ۽ لڳاتار ٽيهه سال هو مختلف ملڪن، جهڙوڪ: شام، عراق، فلسطين، مصر، آفريقا، روم، عربستان وغيرهه کان ٿيندو هندستان پهتو، ان سفر ۾ پاڻ خوب مشاهدا ماڻيائين ۽ تجربا حاصل ٿيس، قومن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت ۽ تهذيب جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪيائين، ۽ مختلف ماڻهن، قومن ۽ قبيلن سان اُٿيو ويٺو، سختيون سٺائين، قيد به ٿيو، غلام بنجي وڪرو به ٿيو. نيٺ ٽيهن سالن جي سير ۽ سياحت کانپوءِ واپس وطن وريو، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:
بيا اي ڪه عمرت بهفتاد رفت،
مگر خفته بودي ڪه برباد رفت.
(اي سعدي! هاڻ ته موٽ ڪر... تنهنجي وهي ستر کان ٽپي ويئي، شايد تون سُتل هئين،... جو وهي ائين گذري ويئي.)
شيراز واپس موٽي اچڻ کانپوءِ کيس خيال ٿيو ته ڇو نه پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن کي لکجي ۽ ڪائنات جي وسيع مطالعي کي ٻين تائين پهچائجي، اها ڳالهه سوچي اچي لکڻ ويٺو، پهرين “بوستان” ۽ پوءِ “گلستان” لکيائين. انهن ٻنهي ڪتابن نه رڳو کيس شهرت جي اتاهين تي پهچائين ڇڏيو، پر سندس عظمت ۽ شان کي به وڌايو.
“بوستان” نظم ۾ ۽ “گلستان” نثر ۾ لکيل ڪتاب آهن. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙيون ته نصحيت آموز ڳالهيون آهن، جيڪي انسان جي تربيت ۾ گهڻيون مددگار ٿين ٿيون ۽ انهن سان اخلاقي قدرن جو به گهرو شعور ٿئي ٿو.
شيخ سعديءَ جي وڏي خوبي اها هئي ته هو نهايت سرسري ۽ ننڍن واقعن مان به گهرا نقطا پيدا ڪندو هو. “بوستان” ۾ هن هڪ واقعو لکيو آهي ته هڪ درويش کي هڪ ڪتي چڪ هنيو ۽ زخم جي ڪري اهو درويش سڄي رات سور سبب ڪنجهندو رهيو. اهو ڏسي درويش جي ڌيءَ چيس، “بابا اوهان به ڪتي کي چڪ وجهو ها، ائين معاملو برابر ٿي وڃي ها.” درويش وراڻيس، “ڌيئڙي! منهنجا ڏند ڪتي کي چڪ وجهڻ جي قابل نه هئا.” اهو واقعو بيان ڪرڻ کانپوءِ شيخ لکي ٿو، اوهان کي جيڪڏهن ڪو نااهل، خراب چوي ٿو اوهين کيس برو نه چئو. ڇاڪاڻ ته جي اوهين به کين بڇڙو چوندا ته پوءِ اوهان ۾ ۽ هن ۾ ڪو به فرق نه بچندو، اهو ته ايئن آهي ته ڪتو جيڪڏهن ماڻهوءَ کي چڪ وجهي ته جواب ۾ ماڻهو به ڪتي کي چڪ وجهي.
شيخ سعديءَ هڪ ظالم بادشاهه جي حڪايت لکي آهي، جيڪو ماڻهن جا زوري وهٽ جلهي انهن کي بيگر ۾ وهائيندو هو، اتفاق سان هڪ ڏينهن بادشاهه شڪار ڪندي فوج کان وڇڙي ويو ۽ رات هڪ ڳوٺ ۾ گذارڻي پيس، هن ڏٺو ته هڪ شخص گڏهه کي ايئن ماري رهيو هو، جيئن هن جا هٿ ۽ پير ڀڄي پون، بادشاهه جهليس ته هن کي ايئن ڇو ٿو مارينءَ ته همراهه وراڻيس، “آئون هن کي ان ڪري بيڪار ڪرڻ ٿو چاهيان، جيئن اسانجي ملڪ جو بادشاهه هن کي بيگر ۾ نه جهلي.” اهو چئي هن بادشاهه کي به گهڻو ئي گهٽ وڌ ڳالهايو، صبح جو فوج جا سپاهي بادشاهه کي ڳولهيندا ڳولهيندا اچي اُن ڳوٺ ۾ پهتا ۽ بادشاهه کي پاڻ سان گڏ تخت گاهه ڏانهن وٺي ويا. بادشاهه اُتي پهچي ڳوٺاڻي کي گهرايو، جيئن کيس راتوڪي گستاخيءَ تي سزا ڏيئي سگهي. جنهن تي ڳوٺاڻي وراڻيس، “مون تي ڇو ٿو ڪاوڙجين.... توکي ته سڀ گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، فرق رڳو آهي ته ماڻهو توکي پَرپُٺ ٿا گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ مون سڀ ڪجهه تنهنجي سامهون چيو، مناسب ته اهو آهي ته تون ظلم کان پاسو ڪر، نه ڪي هڪ بي گناهه کي قتل ڪرائي ڇڏ.”
شيخ سعديءَ جون ٻه ٻيون به دلچسپ حڪايتون هن ريت آهن.
هڪ درويش جهنگل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلو ويٺو هو، وقت جو بادشاهه اُتان لنگهيو، پر درويش ڏانهنس ڪوبه ڌيان نه ڏنو، بادشاهه جيڪو وڏي سلطنت ۽ ٺٺ ٺانگر جو مالڪ هو، تنهن کي اها ڳالهه صفا نه وڻي ۽ هن چيو، “هي درويش صفا جانورن وانگر آهي ۽ انسانيت ته هن کي ڇُهيو به ڪونهي.”
بادشاهه جو وزير ان درويش وٽ ويو ۽ چيائينس، “اي ادا! بادشاهه سلامت تنهنجي ڀرسان لنگهيو، پر تو نه کيس سلام ڪيو ۽ نه ئي سندس ڪا خذمت چاڪري ڪئي.”
درويش چيس، “بادشاهه کي چئو ته پنهنجي خذمت جي توَقع ان مان رکي، جنهن کي انعام ۽ اڪرام جي لالچ هجي... ٻي ڳالهه اها ته بادشاهه ته پنهنجي رعيت جي نگراني جي لاءِ آهي، نه ڪي رعيت سندس خذمت جي لاءِ...”
ٻي حڪايت هن ريت لکي اٿس:
هڪ شهر جو حاڪم وڏو ظالم ۽ ڏاڍو مڙس هو، هو غريبن کان ٻارڻ جون ڪاٺيون يا ته کسي وٺندو هو، يا وري ٿورن پئسن ۾ خريد ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ اهي اميرن کي وڪڻي ڇڏيندو هو، هڪ ڏينهن هڪ الله وارو وٽس ويو ۽ کيس چوڻ لڳو ته، “تون اهو ظلم نه ڪر، ايئن نه ٿئي، ته مظلومن جون بد دعائون توکي نقصان رسائين... تون نانگ ته ڪونه آهين، جو جنهن کي ڏسين ڏنگي وجهين، ۽ نه ئي وري چُٻرو آهين، جيڪو جتي ويهي ٿو ان جو ٻيڙو ٻوڙيو ڇڏي.”
حاڪم کي الله واري جي نصيحت ٻُڌي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ کيس دڙڪا ڏنائين، خدا جي ڪرڻي اها ٿي ته ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ بادشاهه ان حاڪم کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ کانئس سڄو مال ۽ ملڪيت به کسي ورتائين.
اتفاق سان اهو الله وارو ٻيهر اتان لنگهيو... هن ڏٺو ته اهو شخص جيڪو ماڻهن تي ظلم ڪندو هو پنهنجن دوستن کي چئي رهيو هو، “الائجي ڪيئن منهنجي گهر کي هيءَ باهه لڳي ويئي؟”
الله واري وراڻيس، “غريبن جي دل جي دانهن سان!”
شيخ سعدي جي حڪايتن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قومن جي عزت ۽ آزاديءَ جي حفاظت هٿيارن سان گڏوگڏ انهن جي اعليٰ گُڻن جي ڪري به آهي، اخلاق کان ڪريل قومون دير سوير دنياوي شان ۽ شوڪت کان محروم ٿي وينديون آهن.
“گلستان” جي مشهوري ۽ مقبوليت کي ڏسي، ڪيترن ئي عالمن ان طرز تي ڪتاب لکيا. مولانا جاميءَ “بهارستان” لکيو. امير خسروءَ “شڪرستان” لکيو. مجدالدين خوافي، “فارستان” لکيو. حبيب قاآني “پريشان” لکيو. پر اهي ڪتاب گلستان جيتري سعادت حاصل ڪري نه سگهيا ۽ ڄڻ نوان نالا ٿا لڳن.
گلستان ۽ بوستان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا ٿا رهن. هن وقت تائين انگريزي، عربي، ترڪي، اردو، پشتو، پنجابي، لاطيني، فرينچ، جرمن، ڊچ، اطالوي، رومانيائي، روسي، لهستاني ۽ البانوي زبانن ۾ هڪ کان به وڌيڪ ترجما ٿي ڇپجي چڪا آهن ۽ انهن ترجمن بي حد مقبوليت ماڻي آهي.
سنڌي ٻولي ۾ به گلستان ۽ بوستان جا ڪيترائي ترجما ٿيا آهن. تازو ترجمو مولانا محمد قاسم سومري ڪيو آهي، اهو ترجمو ڏاڍو سليس ۽ با محاوره آهي. مولانا صاحب جي ان ترجمي جي ديباچي ۾ گلستان ۽ بوستان جي ڇهن ٻين سنڌي ترجمن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ غلام محمد شاهواڻي جي ترجمن ‘گلستان بهار’ ۽ ‘ادبي خزانو’ کانسواءِ باقي هڙئي ترجما اڻ پورا ٿيل آهن.
ڪو وقت هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ فارسيءَ جو بول بالا هو ته شيخ سعدي جا ڪتاب “ڪريما”، “گلستان” ۽ “بوستان” عام جام پڙهايا ويندا هئا. اڄ به ديني مدرسن ۾ پهرين ٻه چار فارسي ڪتاب. “پهلي فارسي”، “ڪريما”، “نامه حق”، “پند نامه”، “ گلستان”، “بوستان” پڙهايا وڃن ٿا.
شيخ سعدي لڳ ڀڳ 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، سندس وفات جو سن 1291ع لکيو ويو آهي، کيس “شيراز” ۾ ئي دفنايو ويو، اهو هنڌ هينئر “سعديه” جي نالي سان مشهور آهي.
شيخ سعديءَ جو ڪتاب “گلستان” اولهه ۾ به وڏو مقبول رهيو ۽ اُن جي مقبوليت جو سهرو اٽلي جي هڪ مترجم تي آهي، جنهن 1651ع ۾ گلستان جو لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪيو، ۽ لاطيني زبان مان وري هڪ انگريز پادريءَ “جيريمي ٽيلر” ‘بوستان’ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. بوستان جي حوالي سان آمريڪي دانشور ‘بنجامن فرينڪلن’ جي ڪيل هڪ مزيدار چرچي جو هت ذڪر به مناسب آهي. هن کي هڪ حڪايت ڏاڍي وڻي، جنهن ۾ رواداري ۽ ٻين سان مروت ڪرڻ جي نصيحت ڪيل آهي، سو هن وٺي اعلان ڪيو ته مونکي انجيل جي هڪ اصلوڪي گم ٿيل ‘آيت’ ملي آهي! ان زماني جي آزاد خيال ماڻهن کي اها حڪايت اهڙي ته وڻي، جو سڀ وسهي ويا ته برابر هيءَ ڪا انجيل جي سڳوري آيت آهي، سالن کانپوءِ وڃي اها ڳالهه کلي ته هيءَ فارسيءَ جي حڪايت آهي.