• فرودسيءَ جي شهر ۾
سامهون ئي فردوسيءَ جو مقبرو هو، اڇي رنگ جي سنگ مرمر سان ٺهيل اهو مقبرو ڏاڍو پروقار ۽ سهڻو آهي، جنهن جي ٻاهرين ڀتين تي شاهنامي جي چونڊ حصن جي سنگ مر مر تي اُڪر ڪئي ويئي آهي. فردوسيءَ جو اهو مقبرو شهنشاهه ايران محمد رضا شاهه پهلويءَ، ايران ۾ شهنشاهيت جي اڍائي هزار ساله جشن ملهائڻ جي موقعي تي ٺهرايو هو، هن نه رڳو فردوسي، پر عمر خيام، شيخ فريد الدين عطار، ڪمال الملڪ، شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي جي مزارن کي به اڏرايو ۽ انهن جي تزئين وَ آرايش ڪرائي، ايراني ثقافت ۽ تمدن کي اُڀاريو. شاهه ايران سان ڪير ڪيڏو به اختلاف ڪري، سياست، تخت ۽ تاج جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر هن ايراني قومپرستيءَ جي جذبي تحت “ايران شناسيءَ” جي حوالي سان ساراهه جوڳا ڪم ڪيا، ۽ انقلاب کانپوءِ جي حڪومتن کي به داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي ته اُن شهنشاهي دور ۾ ٺهيل يادگارن يا قديم دور جي ورثي کي سنڀاليو آهي. انقلاب دوران، ايراني عوام جتي شاهه ايران جي مجسمن کي جوتن جا هار پارائي، ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيو، ۽ شاهه ايران جي نالي منسوب هر شئي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏي، اُتي هنن فردوسي، خيام ۽ ٻين مشاهيرن جي مجسمن يا مقبرن يا اسلام کان اڳ جي پنهنجي قديم ورثي کي هٿ به نه لڳايو، پر پاڻ سنڀاليو، جيڪا ڳالهه ايراني عوام جي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي ورثي سان دلي لڳاءُ جو چٽو ثبوت آهي. ايراني حڪومت، افغانستان جي طالبانن جيان تخت جمشيد ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل مجسمن کي غير اسلامي چئي ڊاهي پٽ نه ڪيو، جيئن نڀاڳن طالبانن “باميان” ۾ هزارين سال اڳ ٺهيل ۽ عالمي ورثو قرار ڏنل گوتم ٻُڌ جي مجسمن کي ٽئنڪن جي ذريعي تباهه ڪري، پاڻ تان ته جڳ کلايو، پر پنهنجي تاريخي ورثي کي به تباهه ڪيو.
اسين اڳتي وڌي هڪ ننڍي پاڻيءَ جي حوض جي اڳيان ٿا بيهون، جنهن جي وچ ۾ فردوسيءَ جو مجسمو کتل هو. هن جي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ گوڏي تي ڪو ڪتاب رکيل، ڳوڙهي سوچ ۾ ٻُڏل نظر آيو، ڄڻ شاهنامي جي تخليق ڪري رهيو هجي.
“يار منهنجو فردوسيءَ سان فوٽو ته ڪڍ!” مون فردوسيءَ جي مجسمي جي اڳيان حوض جي ڪناري تي ويهندي امين کي چيو، پوءِ سڀني دوستن واري واري سان فردوسيءَ سان فوٽو ڪڍرايا، مون فردوسيءَ کي مخاطب ٿي چيو:
“فردوسي! آئون شاهه لطيف جي ڌرتي سنڌ ۽ ان جي پيغام جو وارث توکي، تنهنجي عظمت، وڏائي ۽ قومپرستيءَ کي سلام ٿو ڪريان، جيتوڻيڪ تو پنهنجي شاهنامي ۾ جن بادشاهن جي جنگي ڪارنامن کي واکاڻيو آهي، انهن مان ڪن منهنجي ڌرتي ‘سنڌ’ کي پنهنجو غلام بنايو ۽ انهن جي فوجن منهنجن ابن ڏاڏن جو رت وهايو... تون جي ‘شاهنامو’ نه لکين ها ته انهن بادشاهن جي ڪارنامن کي ڪير پُڇي به نه ها... آئون توکي ان ڪري به سلام ٿو ڪريان ته توکي پنهنجي ديس ايران سان وڏي محبت هئي، تون اول ايراني هئين ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه. تو ٻاهرين حملي آورن کي ننديو ۽ شاهنامي ۾ لکيو.
ز شيرو شتر خوردن سو سمار،
عرب رابجاءِ رسيده است ڪار،
ڪه تخت ڪيان راڪنده آرزو؟
تفو برتو اي چرخ گردان تفو.
(اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهون کائيندڙ (عربن) کي اهڙي جرئت ٿي آهي، جو ڪيان جي شهنشاهيت جي تخت تي (قابض ٿيڻ جا) خواب ٿا ڏسن، اي گردش زمانه (آسمان) توکي حيف هجي.)
تنهنجي اُن ادا کي سلام، پر اي فردوسي! اسان سنڌين، ڪڏهن به ڪنهن ٻي ڌرتيءَ تي هلان نه ڪئي، اسانجي شاهه لطيف ته سنڌ سان گڏ سڄي عالم جي آسودي هئڻ جي دعا گهري آهي. جڏهن تنهنجي ڌرتيءَ تي اي فردوسي انهن اُٺڻين جي کير پيئندڙن حملو ڪيو ته منهنجي ڌرتيءَ جا سوين هزارين سپاهي يزدگرد جي فوج ۾ شامل هئا ۽ انهن سنڌي سپاهين مان ڪيترن ئي تنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءُ واسطي جنگ ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اي فردوسي! منهنجو توکي سلام آهي... پر تو ۽ منهنجي شاهه لطيف ۾ اهو فرق آهي ته هُن ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه يا حاڪم جي ڪارنامن کي نه واکاڻيو ۽ نه منظوم ڪيو... هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ديس جي مارو ماڻهن کي ڳايو آهي... پنهنجي ديس جي لاڻن، لين، ليارن، ڪُمن ۽ ڪوڻين، ڍنڍن ۽ ڍورن، وڻن ۽ وستين جي واکاڻ ڪئي آهي، هن ‘جيهاجي تيها مون مارو مڃيا.’ چئي، پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان اٿاهه پيار جو اظهار ڪيو آهي.”
آئون هڪ نظر فردوسيءَ جي ڳنڀير چهري تي وجهان ٿو ۽ پوءِ کيس ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ غلطان ڇڏي، اڳتي وڌي وڃي پنهنجن ساٿين سان گڏجان ٿو، هو هڪ فنڪار جي گٽار مان نڪتل سُرن ۽ سندس وات مان نڪتل لفظن تي مست ٿي هُن ڏانهن وڌي رهيا هئا. اسين سندس ويجهو ٿياسين ته هن جو آواز تيز ٿي ويو، هن جي اڳيان ٽوپي رکي هئي، جنهن ۾ ڪجهه نوٽ پيا هئا، صفدر شاهه به اڳتي وڌي وڃي سندس ٽوپيءَ ۾ هڪ نوٽ وڌو ۽ امين هن جي گٽار جي سُرن تي هٿڙا کڻي نچڻ لڳو... اتان لنگهندڙ ايراني مرڪندا اڳتي وڌندا ويا... مون امين جي کنيل انهن اُبتن سبتن هٿڙن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو.
فردوسيءَ جي خوبصورت مزار جي چوڌاري ڦرندي اسان اچي ان جي در اڳيان بيٺاسين. سچ ته هڪ عجيب خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿي رهيو هو، هڪ عظيم شاعر جي در جي حاضري ڀريندي مون سوچيو ته، “اهڙي خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ڪنهن حاڪم جي مزار تي وڃڻ سان نٿو ٿئي.” مون پاڪستان، دهلي، تهران، مشهد ۽ مڪليءَ ۾ ماضي جي حاڪمن جي مزارن جا چڪر ڏنا آهن، پر اُتي سواءِ ويرانيءَ ۽ عبرت جي ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو.
فردوسيءَ جو مقبرو زير زمين آهي ۽ مقبري جي اندر ڀتين تي سنگتراشيءَ جي ذريعي شاهنامي جي ڪن داستانن جي منظرن کي ڏيکاريو ويو آهي، هاڻ فردوسيءَ جي مقبري جي احاطي جي ٻاهران هڪ ٻي باغ ۾ “مقبره الشعراءَ” ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ خراسان جي نالي وارن شاعرن کي دفنايو وڃي ٿو.
اُتي ئي بيٺا هئاسين ٻه ٽي ايراني ڇوڪريون، هڪ اڌڙوٽ ايرانڻ سان گڏ اچي لنگهيون، صفا ماڊرن، جينز پاتل ۽ مٿي تي دوپٽو، اسانکي ڏسي بيهي رهيون.
“ڪٿي جا آهيو؟” انهن مان هڪ پُڇيو، جيڪا ڄڻ ته سنگ مر مر جي ٺهيل هجي.
“سنڌ... پاڪستان جا.”
“فردوسي ايترو مشهور آهي ڇا؟” پُڇيائين.
“نه رڳو فردوسي... پر حافظ... خيام... سعدي... عطار...”
“جامي...”
“انوري....” وراڻيم
“گڊ...” وراڻيائين
“اوهانجي ٻولي....؟”
“سنڌي....”
“سِنڊي....”
“پاڪستان ۾ چار وڏيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، سنڌي پنجابي، پشتو ۽ بلوچي...”
“اوهه بلوچي...” وري چيائين، “بلوچي... .اَور سيم ڪلچر... بلوچي ايران ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي...”
“ييس اَور سيم ڪلچر.... فارسي اٺ سئو سالن تائين ننڍي کنڊ سان گڏ سنڌ جي به سرڪاري زبان رهي آهي... فارسي ٻولي ۽ ايراني ڪلچر جا سنڌ تي وڏا اثر رهيا آهن.”
“واقعي....” هن حيرت مان چيو.
“يس...”
“اوهان پاڪستان ۾ ڇا ڪندا آهيو....؟”
“هي جنرلسٽ آهي ۽ آئون رائيٽر...” مون امين ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“اوهه گڊ! اوهان ڇا لکندا آهيو....”
“آءِ ايم فڪشن رائيٽر...”
اسان جي انڌي منڊي انگريزي ۾ ڳالهه ٻولهه جاري هئي جو امين وچ ۾ چيو.” اوهان اجازت ڏيو ته اوهان سان هڪ فوٽو ڪڍرايون..”
“نو...” ان کان اڳ جو هوءَ ڪو جواب ڏي، ساڻس گڏ وڏي عمر واري ايرانڻ ٿوريءَ شوخيءَ مان جواب ڏنو.
“اوڪي...” مون وراڻيس.
“نائيس ٽُ ميٽ يو...” ان پوپريءَ وراڻيو.
“يو . آر ويلڪم....” اسان وراڻيو ۽ اها پوپري پنهنجي ساهيڙين سان گڏ اڳتي وڌي ويئي... کيس ويندي ڏسي منهنجي ذهن ۾ شيخ اياز جو شعر تري آيو.
کن پل تنهنجو منهنجو ميلو
روح گهڙي لاءِ ڏيندو ريلو
سڀ اتفاقي
ڪجهه به نه باقي
تون به اڪيلي، مان به اڪليو.
هنن کي ويندو ڏسي اسين به هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين ۽ ‘فردوسي گلستان’ واري هوٽل وٽان ٿيندا ميوزم ڏانهن وڌڻ لڳاسين ته اسانجن ڪنن تي هلڪن سُرن ۾ سامهون هڪ ٿنڀي ۾ لڳل ننڍڙي ايڪو ٽائپ سائونڊ مان فردوسيءَ جو ‘شاهه نامون’ ڪنهن خوبصورت فنڪار جي آواز ۾ ٻُڌڻ ۾ آيو. اهو آواز ايترو ته مِٺو هو، جو دل چاهيو ته بيهي ٻڌندو رهان. اهو فنڪار ضرور فردوسيءَ کي بهترين انداز ۾ ڳائڻ وارو مشهور فنڪار هوندو. هن جي گائيڪي ۾ ايترو ته سوز ۽ گداز هو، جو فارسي نه سمجهندي به لفظ ڄڻ اندر ۾ پيهي ٿي ويا.
ميوزم ۾ گهڙياسين ته اها پوپري ۽ سندس ساهيڙيون ٻاهر نڪرندي نظر آيون... ڪنڌ ڌوڻي ۽ مُرڪي ٻيهر هڪ ٻئي کي سلام ڪيوسين.
ميوزم ڏاڍو سهڻو ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهنامي سان لاڳاپيل قصن ۽ داستانن کي مشهور مصورن جي ٺاهيل پينٽنگس سان سجايو ويو آهي، اُتي ٻيا به ڪيترائي تاريخي نوادرات، قرآن شريف ۽ شاهنامي جا قلمي نسخا رکيل هئا.
پاسي ۾ هڪ ننڍڙو گفٽ شاپ به هو، جتي ڪيترن ئي نوادرات جا ماڊل وڪري لاءِ رکيل هئا، پر انهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هيون. مونکي اهڙين شين سان سدائين دلچسپي رهي آهي، پر کيسي ان ڳالهه جي اجازت نه پي ڏني ته وٺجن. هونئن به اهي ساڳيون شيون عام دوڪانن تي ڪافي سستيون پونديون آهن، ههڙا گفٽ شاپس ته رڳو سياحن کي ڦرڻ جي لاءِ هوندا آهن. ان ئي گفٽ شاپ تي شاهنامي جا ڪجهه خوبصورت ايڊيشن به رکيل هئا ۽ مون عادت موجب انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو، ايران ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ سورهن يا سترهن مختلف سائيزن ۾ ڇپيل ‘شاهنامه’ ڪتاب گهرن تي ڏٺا، جيئن پاڻ وٽ سنڌ۾ “شاهه جي رسالي” جا مختلف سائيزن ۾، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران ڇاپا ڇپايا ويا آهن، تيئن ايران ۾ به فردوسيءَ جو شاهنامو ايئن ڇپجي ۽ ايئن ئي وڪرو ٿئي. قم مان مون رعايتي اگهه سان 25000 هزار تومان ڏيئي “شاهنامي” جو مصور ايڊيشن ورتو هو. قم ۾ مونکي ان کان وڌيڪ سهڻو ٻيو ڪو ڇا پو نظر نه آيو هو، پر هت هي مصور ايڊيشن ڏسي دل ۾ آيم ته قم ۾ مون وٺڻ ۾ تڪڙ ڪئي.. نه ته هي ڇاپو وٺان ها، جنهن جو ملهه 45000 هزار تومان هو.
ميوزم مان ٻاهر نڪري سامهون فردوسي جي مزار ۽ پوءِ فردوسيءَ جي مجسمي تي الوداعي نطر وڌم ۽ اهو سوچيندو هلڻ لڳس ته فارسي اٺ سئو سالن تائين ننڍي کنڊ جي حاڪم طبقي جي زبان ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ رهي، فارسي پڙهڻ، سکڻ ۽ ان ۾ مهارت ترقيءَ جي نشاني سمجهي ويندي هئي، ۽ ان وقت اها چوڻي مشهور هئي ته فارسي گهوڙي چاڙهسي. ساڳي نموني سنڌ به صدين کان فارسيءَ جو مرڪز رهي ۽ سنڌ ۾ اڪثر تصنيف، تاليف ۽ شعر گوئي فارسي زبان ۾ ٿيندي هئي... سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن فارسيءَ ۾ “ديوان” لکيا. جن مان ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇپايا به آهن، تنهن کانسواءِ عام ماڻهن تي پڻ فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. سنڌ ۾ فردوسي، رومي، حافظ، خيام ۽ عطار وغيرهه جو وڏو اثر ۽ رتبو رهيو آهي، ڪو دور هو جڏهن سنڌ جي مڪتبن ۾ سعدي جو گلستان وبوستان ۽ ڪريما وغيرهه پڙهايا ويندا هئا. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ 1857ع ۾ سنڌ ۾ فارسي جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري حيثيت ڏني ويئي، پر پوءِ به لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين اهي شاعر ۽ سندن ڪلام سنڌ جي محفلن جو سينگار رهيا.
شاهنامي جي سنڌ ۾ وڏي حيثيت رهي آهي، ۽ اهل سُخن شاهنامي جا اڪثر حصا ياد ڪندا ۽ محفلن ۾ پڙهندا هئا، سخندان ته سڄو فارسي شاهنامون ياد ڪندا هئا. انهن کي “شاهنامي جو حافظ” سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي هڪ فارسي گو شاعر “لالا آسارام” کي ته سڄو شاهنامو ياد هو. پير حسام الدين راشديءَ چواڻي، “سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي... ٽالپر حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون.”
شاهنامي جي اثرن جي حوالي سان پير صاحب وڌيڪ لکي ٿو. “سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽تتبح تي گهڻيون ئي مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن، هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. پر ڪجهه تائين اسانجي رسائي ٿي سگهي آهي.”
پير حسام الدين راشدي پنهنجي هڪ مضمون “فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر” ۾ اهڙين ارڙهن مثنوين جو ذڪر ۽ مختصر تعارف ڏنو آهي. جنهن مان فردوسي ۽ شاهنامي جي سنڌ تي اثرن جي خبر پوي ٿي.
ان سلسلي ۾ جن دوستن کي وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جو شوق هجي ته هو پير حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي سنڌ جون” ۾ پير صاحب جومٿينءَ عنوان وارو مضمون پڙهن، اهو ڪتاب ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ترتيب ڏنو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو آهي.
اچو ته دنيا کي بڇڙن جي حوالي نه ڪريون
سعيو ڪري نيڪيءَ کي زور وٺايون
جيڪا ماڪوڙي داڻو کڻيو پئي وڃي
تنهن کي نه آزار
اُها به نهايت پياري، وڻندڙ ساهه واري آهي
جيڪو اُن کي ستائڻ چاهيندو
اُن جو اندر ڪارو هوندو
۽ دل پٿر جي ٺهيل هوندي.(1)
(فردوسي)
فردوسيءَ جي مزار تان واپس ورياسين ته ٽئڪسي اچي ‘هارونيه’ جي اڳيان بيٺي، جيڪو اسان فردوسيءَ جي مزار ڏانهن ويندي ڏٺو هو، ۽ واپسيءَ مهل ڏسڻ جو فيصلو ڪيو هوسين..... ‘هارونيه’ هڪ عمارت آهي، جيڪا نهايت سٺي ٺهيل آهي. عمارت جي اڳيان هڪ خوبصورت باغ رکيل آهي. ‘هارونيه’ ۾ هاڻ هڪ ننڍڙو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. اندر گهڙياسين ته صفدر شاهه چيو ته “هن عمارت ۾ وقت جي خليفي، “مولا رضا” کي قيد ڪري رکيو هو... ۽ هيءَ عمارت خليفي هارون رشيد ٺهرائي هئي...”
مشهد ۾ به ‘هارونيه’ جي حوالي سان اهڙيون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ آيون... پر حقيقت اها آهي ته اها عمارت ڇا جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، تنهن بابت صحيح خبر ڪونهي. طوس مان فردوسي جي مزار تان اسانکي ‘طوس’ بابت هڪ ننڍو سووينيئر مليو، ان ۾ هارونيه بابت هيئن لکيل آهي.
Its Usag is not clear but mentioned at diaries, Too’s Mosque, Tomb, and Qazzali and Ferdowsis School Mosque. what ever is clear is that architecture, decorations and Constructing period of this building is not related to Haroon Al Rashid, the king of Abbasi – and merely attributed to this Usage because of people’s interest to Imam Reza and oral narration of natives….
‘هارونيه’ جي اها عمارت ڪڏهن جڙي، تنهن بابت اندازو آهي ته اها اٺين صدي عيسوي جي شروع ۾ Ilkhanian دور ۾ ٺهي هئي.
اندران چڪر هڻي ٻاهر نڪتاسين ته عمارت جي اڳيان هڪ پٿر جي ٺهيل قبر تي نظر پيئي، ويجهو وڃي ڏٺوسين ته اها قبر ‘امام غزالي’ جي هئي. جيتوڻيڪ قبرجي مٿان چٽن لفظن ۾ ‘امام غزالي’ لکيو پيو هو، پر پوءِ به پڪ ڪرڻ جي لاءِ اتي موجود هڪ همراهه کان پڇيم ته “هيءَ امام غزالي جي قبر آهي...؟”
ايران پنهنجي قديم علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي کي سنڀاليو آهي، ۽ عالمن ۽ شاعرن جي آخري آرام گاهن کي سٺي حالت ۾ رکيو آهي. ايتريقدر جو مشهد ۾ “نادر شاهه افشار” جو مقبرو به نهايت شاندار نموني ٺهرايو ويو آهي. جنهن ايران کان وٺي سنڌ تائين ۽ سنڌ کان دهليءَ تائين هزارين لکين ماڻهن کي جن مان گهڻائي مسلمانن جي هئي، پنهنجي لشڪر جي تلوارن جو بَک بنايو، اُتي امام غزالي جهڙي عالم جي قبر کي ايئن ننڌڻڪي حالت ۾ پيل ڏسي، جنهن مٿان ڪکَ پنَ پيا هئا ۽ صفائي جو به ڪو بندوبست نه هو. حيرت سان گڏ ڏک به ٿيو. مسلڪي ۽ فڪري اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر غزالي اسلامي دنيا جو وڏو عالم ۽ مفڪر هو... سندس تعليم ۽ ڪتابن جو اسلامي دنيا جي هڪ وڏي حصي تي اثر رهيو ۽ رهندو پيو اچي. هندستان جي هڪ تمام وڏي علام مولانا وحيدا لدين خان ته امام غزالي کي اسلام دنيا جي ڪيترن ئي مسئلن جو ذميدار به سمجهي ٿو. هن پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ اهو ذڪر به ڪيو آهي... اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر غزالي جي قبر کي هيئن ڇڏي ڏيڻ، نه صفائي جو بندوبست نه ڪا ٻي سار سنڀال... ايراني حڪومت جي مسلڪي بي حسي ئي چئي سگهجي ٿي...اهي منهنجا خيال آهن. ضروري ڪونهي ته ڪو ٻيو به مون سان سهمت هجي، البت ايران ۾ مختلف ڪتاب گهرن تي امام غزاليءَ جي شعرن جو مجموعو “ديوان غزالي” ۽ سندس مشهور ڪتاب “ڪيميائي سعادت” سهڻي نموني ڇپيل رکيل نظر آيا.
امام غزاليءَ جو اصل نالو محمد بن محمد الغزالي آهي، پاڻ ‘غزاله’ ضلع طوس ۾ پيدا ٿيو، ڪن مورخن لکيو آهي غزالي سندس عرفيت آهي، ۽ هو 445هه خراسان جي علائقي ‘طاهران’ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد ‘ڪپهه’ وڪڻدو هو. ان نسبت سان سندس ڪٽنب ‘غزالي’ سڏجڻ لڳو، ڇو ته عربي ۾ ٽاڻيندڙ کي ‘غزالي’ چئبو آهي، غزاليءَ علامه ابو اسحاق شيرازي کان تعليم حاصل ڪئي، ابو اسحاق جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هو نيشاپور مان نڪتو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا.
امام غزالي ۾ اجتهاد جو وڏو جذبو هو، جتي به مذهب تي بحث مباحثا ٿيندا هئا، امام غزالي اُتي ويندو هو. هن ڪيترا ئي وڏا مناظرا ڪيا، امام غزالي، نظام الملڪ جي درٻار ۾ آيو، جتي سندس وڏو قدر ڪيو ويو. هن جي علم ۽ فضل جي هر هنڌ ڌاڪ ويهجي ويئي. 427هه ۾ خليفي مقتدربا الله جي وفات کانپوءِ جڏهن مسطهربالله خليفو ٿيو ته هن جي بيعت ۾ ٻين سان گڏ امام غزالي به شامل هو. امام غزالي کي مدرسن جو اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن جا 300 مدرسا هئا. هن وٽ امير ۽ رئيس باقاعده حاضري ڏيندا هئا ۽ علمي بحثن ۾ حصو وٺندا هئا.
امام غزاليءَ جا سوين ڪتاب لکيل آهن، سندس ڪتابن تي ڪيترن ئي عالمن حاشيا (نوٽ) لکيا. هو تقليد جو سخت دشمن هو ۽ عقيدن جي اصلاح ۾ مصروف رهيو.
امام غزالي 505هه ۾ 55 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ هتي ئي “طاهران” ۾ دفنايو ويو، جتي اسين بيٺا هئاسين.
امام غزالي جي ڪيترن ئي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ٿي چڪا آهن، سندس مشهور ڪتاب “ڪيميائي سعادت” جو ترجمو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ڪيو ۽ سندس هڪ ٻي ڪتاب “ڇوٽڪاري” جو ترجمو مرحوم غلام حسين جلباڻي ڪيو. سندس هڪ ٻي ڪتاب ‘السلام’ جو اختصاريل ترجمو “اندر تون اجارت” جي نالي سان دين محمد اديب فيروز شاهي ڪيو آهي.
اسين هوريان هوريان وڙڪندا واپس اچي ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ ٽئڪسي واپس مشهد رواني ٿي ويئي.
•