• بر خيز که پُر کنيم پيمانه زمي....
بر خيز بتا بيار بهر دلِ ما
حل کن بجمال خويشتن مشڪل ما
يک گوزه شراب تابهم نوش کنيم
زان پيش که کوزه ها کنند از گُل ما.
(اي مِٺا! اُٿ اسان جي لاءِ مَئي جو پيالو آڻ، اسانجي مشڪل پنهنجي سونهن سان حل ڪر. شراب جي هڪ گهگهي کڻي آءُ ته گڏجي پيون. ان کان اڳ جو ماڻهو اسانجي مٽيءَ مان گهگهيون بڻائن)
عمر خيام جي مزار بلڪل خيمي وانگر ٺاهي ويئي آهي... خيام جي اها مزار ‘امام زاده محروق’ جي اڱڻ ۾، باغ جي هڪ پاسي آهي.. اوستائين وڃڻ جي لاءِ ڳاڙهين سرن سان رستو ٺهيل آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن وڏا وڻ وڻڪار ڪريو بيٺا آهن. ۽ وچ ۾ ‘امام زاده محروق’ جي مزار طرف ويندڙ رستو ڪٽي ٿو. اسين ان رستي تي اڳتي وڌڻ لڳاسين.. ٿورو اڳيان کاٻي پاسي هڪ وڏي سهڻي تختي لڳل هئي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ ‘حڪيم عمر خيام’ لکيل هو ۽ ان جي هيٺان فارسيءَ ۾ مختصر لفظن ۾ خيام بابت ڄاڻايل هو.
اسين پهتاسين ته خيام جي قبر وٽ هڪ ايراني فئملي پنهجن ننڍڙن ٻارن سان موجود هئي ۽ هو انهن ٻارن کي خيام جي سنگ مر مر سان ٺهيل قبر تي گيلاٽيون کارائي رهيا هئا. ان ڳالهه مونکي ڏاڍو حيران ڪيو. پاڻ وٽ قبرن جو وڏو احترام ڪيو ويندو آهي، ۽ اوچتو ڪنهن قبر تي پير به اچي ويندو آهي ته توبه توبه پيا ڪندا آهيون.. ۽ هتي خيام جهڙي عظيم شاعر جي قبر تي ايراني ٻارن کي گيلاٽيون کارائي وندرائي خوش ٿي رهيا هئا.
عمر خيال پنهنجي شاگرد خواجه نظاميءَ کي چيو هوته ‘منهنجي قبر اُت هوندي، جتي اُتر جي هوا گلاب جا گُل منهنجي قبر جي مٿان پکيڙي ڇڏيندي.’ خواجه نظامي چوي ٿو ته سالن کانپوءِ آئون نيشاپور ويس ته منهنجي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي، جڏهن مون ڏٺو ته سندس قبر باغ جي بلڪل ڀرسان هئي. انهن جي ڀرسان ميون جا وڻ گلن سان جنجهيا پيا هئا ۽ سندس قبر مٿان انهن جا گُل ڪرندا ٿي رهيا.. ايتريقدر سندس قبر گلن سان ڍڪيل هئي، جو ڪتبو به انهن ۾ ڍڪجي ويو هو.”
افسوس ٿيم ته اُن وقت خيام جي قبر مٿان گلن وجهڻ بدران اهي پنهنجن ٻارن کي گيلاٽيون کارائي، خوش ٿي رهيا هئا.
منهنجي ذهن ۾ خيام جي رباعي تري آئي:
آمد سحري صدا از ميخانئه ما
کي رند خراباتيءَ ديوانئه ما
بر خيز که پُر کنيم پيمانه زمي
زان پيش که پُر کنند پيمانئه ما.
(صبح جو مئخاني مان صدا آئي ته اي منهنجا رند خراباتي، اي منهنجا ديوانا، اُٿ ته شراب سان پيالو ڀريون، ان کان اڳ جو اسانجي زندگيءَ جو پيالو ڀري ڇڏين.)
عمر خيام نيشاپور ۾ پيدا ٿيو ۽ نيشاپور جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون آهي. سندس پيءُ جو نالو ابراهيم هو، خيام، سندس قبيلي ‘خيامي’ جي پٺيان سڏجڻ لڳو. جيڪو خيمن سبڻ جو ڌنڌو ڪندو هو، خود عمر خيام به پنهنجي هڪ رباعيءَ ۾ خيما ٺاهڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
خيام، جيڪو سائنس جا خيما ٺاهيندو هو،
پاڻ ڏک جي اوڙاهه ۾ ڪرندو ويو ۽ سڙي ويو.
قسمت جي ڇڪ سندس زندگيءَ جي خيمي جا رسا ڪپي ڇڏيا.
۽ اُميد جي دلال هن کي بنا مُلهه جي وڪڻي ڇڏيو.
عمر خيام جو سڄو نالو ‘غياث الدين ابو الفتح عمر بن ابراهيم خيام’ آهي. سندس جنم اڱاري جي ڏينهن 18 مئي 1048ع تي ٿيو. هن ڏاڍو ذهين هو ۽ ناليواري عالم ابو حامد نا صرالدين محمد بن منصور کان تعليم پرائي ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ ئي ڪافي علمن ۾ ڀڙ ٿي ويو. جيتوڻيڪ عمر خيام جي مشهوري هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي، ۽ کيس شاعريءَ ئي لازوال شهرت ۽ عظمت عطا ڪئي، پر هو هڪ وڏو سائنسدان پڻ هو. کيس علم نجوم، فلڪيات کانسواءِ قرآن، حديث، تاريخ ۽ لسانيات ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل هئي. شيخ اياز جي لفظن ۾ “شاعريءَ ۾ انهن رباعين جو مقام ايترو بلند ِآهي ۽ هن کي شاعر جي حيثيت ۾ اهڙي لازوال شهرت حاصل آهي، جو شعر ۽ ادب جي محفل ۾ جيڪڏهن عمر خيام جو ذڪر هڪ سائنسدان جي طور ڪيو ويندو آهي ته ٻڌندڙن کي حيرت وٺي ويندي آهي.”
عمر خيام، زندگيءَ جو شروعاتي حصو بلخ ۾ گذاريو، ارڙهن سالن جي عمر ۾ پيءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن ڪافي تڪليفون سٺيون ۽ تعليم جو سلسلو به اڌ ۾ رُڪجي ويس، انهن ڏينهن عمر خيام “رساله الجبرا” لکيو ۽ رياضي جي علم تي پڻ ڪجهه تحقيق ڪئي. ان تحقيق جو ذڪر جڏهن سمرقند جي قاضي ابو طاهر عبدالرحمٰن وٽ ٿيو، جيڪو پاڻ به هڪ عالم ۽ علم وارن جو سرپرست هو ته هن خيام کي پاڻ وٽ سمرقند گهرايو ۽ پنهنجي سرپرستيءَ ۾ وٺي، تحقيق جاري رکڻ جي فرمائش ڪيائين... ان همت افزائي جي ٿوري طور خيام پنهنجو رسالو “حل المساوات والجبر والمقابله” پنهنجي سرپرست جي نالي منسوب ڪيو. اُن ڪتاب کيس گمناميءَ مان ڪڍي مشهور ڪيو.
قاضي ابو طاهر عبدالرحمٰن ئي خيام کي “بخارا” جي حاڪم خاقان شمس الملڪ سان متعارف ڪرايو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين عمر خيام جي قدرداني ڪندو رهيو. خاقان شمس الملڪ جي وسيلي ئي عمر خيام کي ملڪ شاهه سلجوق جي درٻار ۾ باريابي حاصل ٿي ۽ کيس 1074ع ۾ ملڪ شاهه سلجوق، شاهي نجوميءَ جي حيثيت سان اصفهان ۾ شاهي رصدگاهه جو سربراهه مقرر ڪيو. ان وقت خيام جي عمر 26 سال هئي، عمر خيام پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. پر کيس مشهوري رباعين جي ڪري ملي، جيڪي هو وانڌڪائي جي وقت ۾ وقت گذارڻ جي لاءِ لکندو هو. عمر خيام جي رباعين جو انگريزي مترجم ‘فٽز جيرالڊ’ لکي ٿو، “خبر ناهي ته ڇو عمر پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به مشهور نه رهيو، ان ڪري ئي شايد هن جو سمورو علم ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويو، سندس شعرن سان مشرق جي ٻي ادب کان وڌيڪ جُٺ ٿي، اهي ايترا ته ناياب ٿي چڪا هئا، جو اولهه جي انهن تائين پهچ سڄي سائنس ۽ وٺ پڪڙ جي باوجود به ڏاڍي ڏکي هئي.”
عمر خيام جي انهن رباعين اوڀرجي ڀيٽ ۾، اولهه ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، ۽ شايد ئي ڪا اهڙي اولهائين زبان هوندي، جنهن ۾ انهن جو ترجمو نه ٿيو هجي، انگريزي ۾ جڏهن اوڻهين صديءَ ۾ فٽز جيرالڊ (Fitz Gerald) انهن رباعين جو ترجمو ڪيو ته اولهه ۾ انهن جي ايتري ته هاڪَ مچي ويئي، جو خود سندس وطن ايران ۾ به اٺ سئو سالن ۾ کيس ايتري شهرت نه ملي.
عمر خيام جي رباعين جي سڀ کان پراڻي نسخي جي اشاعت 1258ع ۾ ٿي. فٽز جيرالڊ، 1859ع جي ترجمي ۾ جن ٻن نسخن تان استعفادو ڪيو، انهن مان سڀ کان پراڻو نسخو 1460ع ۾ لکيو ويو هو. فٽز جيرالڊ ٽين ايڊيشن ۾ ڪافي تبديلي ڪئي ۽ پهرين ڇاپي ۾ رباعين جو تعداد 75 هو، پر تيرهن سالن کانپوءِ ڇپيل ٽي ڇاپي ۾ رباعين جو تعداد 101 آهي. 26 رباعين جي وڌيڪ اشاعت سان فٽز جيرالڊ، حڪيم عمر خيام جي شعري ۽ فڪري شخصيت کي نه رڳو وسعت ڏني، پر خيام جي خيال کي وڌيڪ وضاحت سان پيش ڪيو، اهو ڇاپو 1872ع ۾ ڇپيو، ۽ وڌيڪ معياري ڇاپو آهي.
عمر خيام جي انهن رباعين اولهه وارن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي خيام جي نالي سان ڪلبون قائم ٿي ويون. رباعين جا ڪيترائي رنگين ايڊيشن ڇپيا، هڪ ايڊيشن جنهن تي مشهور آمريڪي آرٽسٽ “ايلهو ويدز” مصوري ڪئي هئي، تنهن جو وزن اٺ سير هو. “رباعيات” جو هڪ ايڊيشن اهڙو به ڇپيو، جنهن جي ڊيگهه هڪ ڀاڱي چار انچ ۽ ويڪر ٽي ڀاڱي چوڏهن انچ آهي. هڪ ٻي ايڊيشن جي نسخي تي هيرن جواهرن سان جڙت ٿيل هئي، تنهن جي قيمت هڪ لک روپيا هئي، اهو ڪتاب 1912ع ۾ ٽائيٽنڪ جهاز سان گڏ ٻڏي ويو. 1920ع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ شراب تي پابندي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اُن جي مخالفت ۾ زور شور سان عمر خيام جون شراب جي ساراهه ۾ چيل رباعيون دليل طور پيش ڪيون ويون. خيام جي هڪ مغربي پرستار جو چوڻ آهي ته، “عمر خيام جون رباعيون ثابت ڪن ٿيون ته انساني پڪار قوميت جي ٻنڌڻ کان مٿاهين آهي.” رباعين جو انگريزي مترجم فٽز جيرالڊ لکي ٿو، “هي رباعيون هڪ عجيب لفظن جي موسيقي ۾ جُڙيل آهن.”
عام طور لکيو ويو آهي ته عمر خيام، حسن بن صباح ۽ نصيرالدين طوسي پاڻ ۾ ننڍپڻ جا دوست هئا ۽ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هئائون ته وڏو ٿي جيڪو به وڏي منصب تي پهچندو ته هو ٻين کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪندو. اها غلطي چڱا ڀلا عمر خيام جا سوانح نگار ڪري ويا آهن. عمر خيام تي افسانوي انداز ۾ ناول لکندڙ ‘هيرلڊيم’ به اها غلطي ڪري ويو آهي. حقيقت ۾ اهو تاريخ جو غلط مفروضو آهي، ٽنهي جي زندگي، دور ۽ ڪارنامن ۾ صديءَ جو فرق آهي.عمر خيام جو هڪ ڪارنامو ‘جلالي ڪئلينڊر’ ٺاهڻ به هو، عمر خيام ۽سندس ساٿين وڏي محنت ۽ تحقيق سان هڪ ڪئلينڊر جوڙيو، جيڪو 1079ع ۾ سلطان ملڪ شاهه سلجوق، ايران جي سرڪاري ڪئلينڊر طور لاڳو ڪيو ۽ پنهنجي نالي پٺيان ان جو نالو “جلالي ڪئلينڊر” رکيو. جيڪو ان وقت جي جيولين ڪئلينڊر کان تمام گهڻو Aecurate ۽ اڄ جي گريگورين ڪئلينڊر سان ملندڙ جلندڙ هو.
عمر خيام جي زندگي ۽ فڪر تي اولهه توڙي اوڀر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. آمريڪي ليکڪ هيرلڊيم، افسانوي انداز ۾ ‘عمر خيام’ جي نالي سان ناول لکيو. هيرلڊيم جي ڪٿا به عجيب آهي. هن 1892ع ۾ آمريڪي رياست “نيوجرسيءَ” جي “الپائن” علائقي ۾ جنم ورتو ۽ پئدائشي ئي معذور هو. سندس ڪنن، اکين ۽ زبان ۾ فطري نقص هئا، هو نه صحيح نموني ڳالهائي سگهندو هو ۽ نه ئي وري صحيح نموني ٻُڌي ۽ ڏسي سگهندو هو. سندس ننڍپڻ جو زمانو ڏاڍو ڪٺن هو. هن جيئن تيئن ڪري تعليم پرائي، قدرتي جسماني نقصن کيس تنهائي پسند بنائي ڇڏيو هو ۽ هو پنهنجو گهڻو وقت لئبررين ۾ وڃي ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. ويهن سالن جي عمر تائين پهچندي پهچندي سندس جسماني نقص هوريان هوريان دور ٿيڻ لڳا.
شروع ۾ هيرلڊيم کي ايشيائي ماڻهن جي تاريخ جي اڀياس جو شوق هو، پاڻ انهن ملڪن بابت ياداشتن جو گهڻو ذخيرو گڏ ڪيائين، گڏوگڏ پنهنجي ذاتي ڪتب خاني ۾ ايران، وچ اوڀر، روس ۽ چين وغيره جي باري ۾ ڪيتريون ئي تاريخون گڏ ڪيائين، ٻي مهاڀاري جنگ دوران کيس اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن جي سفر جو به موقعو مليو. هيرلڊيم، عمر خيام تي اهو ناول 1934ع ۾ لکيو، جيڪو ڪافي مشهور ٿيو ۽ افسانوي انداز ۾ لکيل ان ناول جو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هيرلڊيم، عمر خيام کانسواءِ ٻين به ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن ۽ واقعن تي ناول لکيا، جهڙوڪ: چنگيز خان، صلاح الدين ايوبي، تيمور لنگ، سڪندر اعظم، نور محل، تاتارين جي يلغار، صليبي جنگيون وغيرهه.
ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ ‘رباعيات’ جو ترجمو ٿي چڪو آهي. پهريون ڀيرو اهو ترجمو نظم ۾، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ “موتين جي دٻلي” جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1904ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ان جو مهاڳ ديوان ڏيارام گدومل شاهاڻيءَ لکيو ۽ اهو ڪتاب ڇپرايو به ديوان ڏيارام ئي هو، مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل هڪ رباعي هن ريت آهي:
ٿا چوَن اڳيان بهشت آهي ۽ حور،
ماکي اُتي، کير ۽ شراب آهي طهور،
معشوق ۽ مئي پرست ٿياسين جي هتي،
جائز آهي جو نيٺ ائين ٿيو مامور.
خيام جي رباعين جو نثري ترجمو جناب بشير سيتائيءَ جو ڪيل آهي، جيڪو ‘رباعيون عمر خيام جون’ جي نالي سان 2007ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، سيتائي صاحب ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ سندس ڪيل انهن رباعين جو انگريزي ترجمو به ڇپيو آهي.
خيام جي رباعين جو هڪ ٻيو نثري ترجمو “ٻه ٽي جام پيئڻ کانپوءِ” جي نالي سان انجينئر شفقت حسين وڌي ڪيو، جيڪو 2004ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. تنهن کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور مزاح نگار مرحوم حليم بروهيءَ، 2003ع ۾ رباعيات جو سنڌي ترجمو ‘رومن اسڪرپٽ سنڌيءَ’ ۾ ڪيو، جنهن جا پاڻ ٻه ايڊيشن ڇپرائي دوست يارن ۾ ورهائي ڇڏيائين. ۽ هاڻ تازو عطا الله ابڙي جو به رباعيات جو ڪيل ترجمو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي.
مٿين ترجمن کانسواءِ محترم رسول بخش پليجي به ڪجهه رباعين جو نثري ترجمو ڪيو، جيڪي سندس ڪتاب “اوهانجي پڄاڻان” ۾ ڏنل آهن، عمر خيام جي رباعين جو هڪ ٻيو منظوم ترجمو مرحوم حڪيم غلام محمد ‘عرشي’ سومري ڀرين واري جو به ڪيل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ آهي، گهڻا سال اڳ جڏهن آئون “ڀرياسٽي” ويو هوس ته پاڻ مرحوم پنهنجن ٻين ڪيترن ئي قلمي ڪتابن سان گڏ اهو به مونکي ڏيکاريو هو. ڪٿي پڙهيم ته پروفيسر عطا محمد حاميءَ به رباعيات جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو. باقي اها خبر نه اٿم ته اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو هو يا نه.
ممڪن آهي ته رباعيات عمر خيام جا ٻيا به ڪي سنڌي ترجما ٿيا هجن، جيڪي منهنجي نظر مان نه گذريا آهن.
عمر خيام 1131ع ۾ وفات ڪئي.
*
عمر خيام وٽان ٿي اسين ‘امام زاده محروق’ جي مزار ڏانهن وياسين، جتي ساڳيو ئي ايران جي ٻين زيارتن جهڙو ماحول هو، زيارت ڪري واپس موٽياسين ۽ باغ مان وڙڪندا، گلن ۽ ٻوٽن جو واس وٺندا، هڪ ڀيرو ٻيهر خيام جي قبر تي نظر وجهي، ٻه چار ڏاڪڻيون چڙهي سامهون “گفٽ شاپ” ڏانهن وڌي وياسين، جتي ايراني غاليچا وڇايل هالن جي جهنڊي جهڙا، پر ٿورا ويڪرا، ننڍين کٽن ٽائپ صندل رکيا هئا، انهن تي طول ويهاڻا به رکيل هئا، جيڪڏهن ڪو سياح چاهي ته انهن تي ويهي ڪولڊڊرنڪ يا ايراني قهوو به پي سگهيو ٿي.
گفٽ شاپ تي ڪيترن ئي شين سان گڏ عمر خيام جي مقبري جا ننڊا توڙي وڏا سهڻا ماڊل به رکيل هئا. خيام، فرودسي، رودڪي، حافظ وغيره، جي Songs جون سي ڊيز ۽ ٻين ڪتابن سان گڏ عمر خيام جي رباعين جو هڪ خوبصورت مصور ايڊيشن به رکيل هو. The Robaiyat of Omar Khyyam ۽ منهنجي نظر انتخاب به ان تي وڃي پيئي، سڄو چئن رنگن ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل اهو ڪتاب چئن ٻولين فارسي، انگريزي، جرمن ۽ فرينچ زبانن ۾ هو. ان جي هر صفحي تي چئن ئي ٻولين ۾ رباعيءَ سان گڏ ان جي سامهون واري صفحي تي ان رباعي جي عڪاسي ڪندڙ پورٽريٽ ڏنل هو اها سڄي مصوري هڪ اُستاد ‘حسين بهزاد’ جي ڪيل آهي، ۽ ان ۾ انگريزي ترجمو ‘فٽز جيرالڊ’ جو ڪيل ڏنل آهي. اهو مصور ايڊيشن ايترو ته سهڻو هو، جو هٿ ڪڍڻ تي دل ئي نٿي چيو، نيٺ اهو ڏهه هزار تومان ڏيئي خريد ڪيم... جڏهن مون اهو خريد ڪيو ته ايئن محسوس ٿيم ته مونکي عمر خيام جي مزار تان ڪو اُملهه خزانو هٿ چڙهي ويو هجي.
ان مصور ايڊيشن مان هڪ فارسي ۽ فٽز جيرالڊ جو ڪيل انگريزي ترجمو هن ريت آهي.
آن قصر که جمشيد در او جام گرفت
آهو بچه کرده و شير آرام گرفت
بهرام که گور ميگرفتي همه عمر
ديدي که چگو نه گور بهرام گرفت.
They say the Lion the lizard keep
The Courts where Jamshyd gloried and drink deep
And Bahram, that great Hunter- the wild Ass
Stamps O’er his Head, and he lies fast asleep.
(اهو محل جنهن ۾ جمشيد جام پيئندو هو، هاڻ اُت شينهن ٻچو ڪيو آهي ۽ لومڙ آرامي آهي. بهرام جتي گور (جانور) سڄي ڄمار وڙڪندو پئي رهيو، ڏٺئه ته گور (قبر) به ڪيئن نه بهرام کي ورتو.)
•