• مشهد ۾ امام رضا عه جي زيارت
جيتوڻيڪ آئون ڪو ايترو مذهبي ماڻهو ناهيان، مذهب سان منهنجو عام رواجي واسطو آهي، فڪري طور تي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر سان لاڳاپيل رهيو آهيان ۽ مذهب کي هر ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو سمجهندو آهيان ۽ منهنجي اُٿي ويٺي به کاٻي ڌر جي ماڻهن سان رهي آهي ۽ آئون اهو ضروري نه سمجهندو آهيان ته سوشلزم جي اقتصادي پروگرام کي قبول ڪندي، هروڀرو دهريت کي به قبول ڪجي ۽ آئون ڪڏهن به دهريو نه رهيو آهيان، جيتوڻيڪ مونکي سدائين لا مذهب ۽ دهريو ئي سمجهيو ويندو رهيو آهي، سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي چيئرمن نور احمد ميمڻ جڏهن منهنجو ترجمو ڪيل ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جو سيرت تي لکيل ڪتاب “محمد رسول الله” ڇپرايو ته ان مونکي ‘نو مسلم’ ڪري لکيو، جنهن تي مون وٽس احتجاج ڪيو.
منهنجو مذهب اهوئي آهي جيڪو ڀٽائي سائينءَ جو آهي .
هڪڙي ڀيري ڀٽائي سائين کان ڪنهن پُڇيو “اوهين سني آهيو يا شيعا؟” ته پاڻ وراڻيائون، “آئون ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.”
چيائونس ته “انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ڪي به ڪينهي،” تنهن تي پاڻ جواب ڏنائون “آئون آهيان به ڪي ڪين.”
گفتم بدير در تو رَسم يا بڪعبه
گفت مارا بهر مقام ڪ جوئيد حاظريم
(پڇيم: تنهنجي در تي مندر جي وسيلي پهچندس يا ڪعبي جي وسيلي،
چيائين: اسانکي ڪنهن به جاءِ تي ڳولهيندين اسين اُتي موجود آهيون.)
وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءَ
هڏهن ڪونهي هيءَ، هو پڻ ڪينهي هِن ري .
وڌيڪ دلين جا راز ته خدا ٿو ڄاڻي.
جڏهن قم ۾ هئاسين ته مونکي باربار مشهد جي ڇڪ ٿي محسوس ٿي، جنهن تي مونکي عجيب پي لڳو.
۽ اڄ جڏهن منهنجي اها خواهش پوري ٿي رهي هئي، ته نه رڳو اطمينان پي محسوس ڪيم، پر پنهنجي خواهش جي ايئن پوري ٿيڻ تي حيرت سان گڏ خوشي پڻ محسوس پي ٿي.
مشهد پهچي هوٽل جي شري کان وانڌا ٿي پاڻ ۾ فيصلو ڪيوسين ته زيارت جي لاءِ شام جو هلنداسين، تيستائين آرام ڪجي ۽ پوءِ ليٽي پياسين. شام جو تيار ٿي روضي مبارڪ ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪو اسان واري هوٽل کان پنجن ستن منٽن جي فاصلي تي هو. اسين روضي جي احاطي ۾ پهتاسين ته سانجهيءَ جي ٻانگ شروع ٿي ويئي ۽ نمازي تيزيءَ سان اندر وڃڻ لڳا، رش ايتري ته گهڻي هئي جو ڪلها گس پي پئي. اسين اندر گهڙي تکا تکا ضريح مبارڪ ڏانهن وڌڻ لڳاسين. امام رضا عه جي روضي مبارڪ کي ‘حرم’ چون ۽ حرم ايترو ته وڏو ۽ منجهس ايترا ته صحن آهن جو ماڻهو مُنجهيو پوي، آئون به ڪيترائي ڀيرا وڃڻ جي باوجود به مُنجهي ٿي پيس ۽ واپسي ۾ ۽ اندر ويندي ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان وڃي ٿي نڪتس. اسين هلندا حرم جي مختلف حصن مان لنگهي پُڇائيندا اچي ضريح مبارڪ جي ويجهو پهتاسين، ان وقت نماز جي لاءِ صفون ٻڌجي رهيون هيون، نمازين جو ته ڪو ڪاٿوئي ڪونه هو، مردن لاءِ الڳ دريون وڇايل هيون ته عورتن لاءِ ڌار. فقه جعفريه ۾ سانجهي ۽ سُمهاڻي نماز گڏ پڙهي وڃي ٿي، مونکي به جيترا ڀيرا نماز پڙهڻ جو موقعو مليو ته مون به جماعتين سان گڏ جي سانجهي ۽ سمهاڻي نماز گڏ ٿي پڙهي، البت خاڪ شفا جي ٽڪلي کانسواءِ جيڪا مونکي کڻڻ وسري ويندي هئي، سجدو پٽ تي ٿي ڪيم.
اندر پهتاسين ته سڀ ٽڙي پکڙي ويا، البت آئون، آفتاب شاهه ۽ امين گڏ رهيا سين، اسان جلدي جلدي ٽي ٽي رڪعتون پنهنجي منهن سانجهيءَ جون پڙهي اچن ضريح مبارڪ جي ٻاهر پهتاسين ۽ درود ۽ سلام پڙهندا اندر گهڙياسين، سبحان الله ڇا ڳالهه ڪجي رڳو اسين ٽي ئي هئاسين، ڄڻ اها عنايت خصوصي طور تي اسانجي لاءِ ئي هئي، اسان جي لاءِ ضريح مبارڪ ٻين زائرين کان خالي ڪرائي ويئي هجي. اسين دل جي حضور سان اندر گهڙياسين. اطمينان سان زيارت ڪئيسين، درود ۽ سلام پيش ڪيوسين ۽ پوءِ ٿورو پريان هٽي روضي جي ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهياسين. گهڙي ئي نه گذري، شايد هڪ گهڙي، جو ماڻهن جو هڪ سيلاب هو، جيڪو اندر ڌوڪي آيو، ڌڪ ڌڪان، سلام ۽ دور آهون ۽ سڏڪا لڙڪ ۽ گريه زاري.
ضريح مبارڪ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ اها ئي رش هوندي آهي، جيڏي مهل به وڃ ڏينهن جو يا رات جي ڪهڙي به پهر ۾ ماڻهن جو سيلاب، تر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هوندي هئي، ماڻهو بيٺي بيٺي زيارت ڪندا، پوءِ ٻاهر نڪري صحن ۾ قرآن شريف کڻي ويهي پڙهندا هئا، ۽ اسانکي وري اهڙي نويڪلي ۽ اطمينان سان زيارت نصيب نه ٿي، مون پوءِ ڪافي ڀيرا، هڪ ٻه ڀيرو ته فجر جو به اُٿي وڃي زيارت ڪئي، پر اها ئي ماڻهن جي رش، بس اهي ڪجهه گهڙيون هيون، جيڪي اسانجي نصيب ۾ لکيل هيون.
‘حرم’ مبارڪ ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي، ڀتين توڙي ڇتين تي ڪاشي جو ڏاڍو سهڻو ڪم ۽ مينا ڪاري ٿيل آهي، جو ماڻهو ڪر ويٺو ڏسي. روضي مبارڪ جو گبنذ جيڪو سڄو سون جو ٺهيل آهي، پري کان ئي چمڪندو نظر ٿو اچي ۽ رات جو وري بجلي جي روشنين ۾ جڳمڳائيندو ٿو رهي. ضريح مبارڪ به سون جي ٺهيل آهي. ايران ۾ ٻين مزارن جيان هتي به روضي کي وچان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، عورتن لاءِ الڳ هو ته مردن لاءِ الڳ. جيئن مرد ۽ عورتون اطمينان ۽ بنا ڪنهن تڪليف جي زيارت ڪري سگهن.
امام صاحب جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪندڙن لاءِ مشهور آهي ته اُتي پهرين گهريل چئن دعائن کي قبوليت جو شرف ملي ٿو، اسين ٿوري دير روضي مبارڪ ۾ ويهي رش کي نظر ۾ رکندي ٻاهر نڪري آياسين، اندر ۾ هڪ سُڪون ۽ اطمينان کڻي.
حضرت علي بن موسيٰ الرضا ڪاظم جيڪو عام طور تي ‘امام رضا’ يا ‘مولا رضا’ جي نالي سان سڏجي، شيعن جون اٺون امام آهي. امام رضا انتهائي عالم فاضل ۽ بهترين استاد هو، سندن علمي فيض مان لکين انسان فيضياب ٿيا. امام رضا جو والد بزرگوار حضرت امام موسيٰ رضا ڪاظمرضه اهل تشعيع جو ستون امام هو.
اهل بيت، يعني پاڻ سڳورن جي نسل سان واسطو رکندڙ بي بي فاطمه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جي اولاد کي چيو وڃي ٿو، پاڻ سڳورن جي هن دنيا مان برقعو مٽائڻ کان پوءِ فوري طورتي خلافت تي حضرت ابوبڪر جي فائز ٿيڻ سان اختلافن جي شروعات ٿي، تاريخ ۾ آهي ته جيسين بي بي فاطمه هن جهان ۾ هئي، تيسين سندس حضرت ابوبڪررضه سان ڪجهه رنجشون رهيون. بي بي صاحبه جي وفات کانپوءِ حضرت علي عليه السلام وقت جي خليفي سان گڏجي ڪم ڪيو. حضرت عمر رضه پنهنجي شديد زخمي ٿيڻ کانپوءِ ڇهن ڄڻن جي ڪميٽي ٺاهي ۽ وصيت ڪئي ته سندس سندس وفات کانپوءِ انهن مان خليفو چونڊيو وڃي، انهن ڇهن ڄڻن ۾ حضرت عثمان ۽ حضرت علي به هئا. حضرت عمر جي وفات کانپوءِ باقي چئن ڄڻن ته رضا ڪارانه طور تي خلافت جي اُميدواريءَ تان دستبرداري جو اعلان ڪيو، باقي حضرت عثمان ۽ حضرت علي اميدوار بچيا، جن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ لاءِ امين طور ‘عبدالرحمٰن بن عوف’ کي مقرر ڪيو ويو، جنهن حضرت عثمان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. حضرت عثمان جي شهادت کانپوءِ 35 هجري ۾ اسلامي خلافت جو منصب حضرت علي عليه السلام کي پيش ڪيو ويو، پهرين ته پاڻ انڪار ڪيائون، پر پوءِ مسلمانن جي جي زور ڀرڻ تي منظور ڪيائون. حضرت علي عليه السلام کي رمضان 40 هجري ۾ ڪوفي ۾ شهادت جو رتبو مليو. تنهن کانپوءِ حضرت امام حسين عليه السلام جي خلافت تسليم ڪئي ويئي، پر حالتن اهڙو رخ اختيار. جو نيٺ پاڻ 41 هجري ۾ صلح جي ٺاهه تحت شام جي حاڪم امير معاويه جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا ۽ ائين اسلامي خلافت اموي ملوڪيت ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اموين جو اهو سڄو دور جيڪو نوي سالن تي ٻڌل آهي، سواءِ عمر بن عبدالعزيز جي اڍائي ٽن سالن جي باقي آل رسول سان زيادتين جو سلسلو جاري رهيو. جيڪو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي. آل رسول سان زيادتين جو سلسلو ڪن ڌارين يا ڪافرن نه، پر مسلمان حاڪمن پاران ئي روا رکيو ويو. امام حسين کي ساٿين سميت ڪربلا جي پڙ ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس گهراڻي کي قيد ڪري سخت تڪليفون رسايون ويون، اهو سلسلو اُموين کانپوءِ عباسين جي خلافت ۾ به جاري رهيو، جن خلافت حاصل ئي ‘آل رسول’ کي حق ڏيارڻ واسطي ڪئي هئي.
امام علي رضا جي والد، امام موسيٰ ڪاظم کي انگورن ۾ زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، اهو هارون رشيد جو دور هو، جنهن امام موسيٰ ڪاظم کي قيد ڪري طرح طرح جون تڪليفون رسايون هيون، امام موسيٰ ڪاظم جي والد بزرگوار امام جعفر صادق کي به زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو.
ڏٺو وڃي ته عباسين، اموين جي خلاف جيڪا سوڀ ماڻي، ان جي پويان اصل محرڪ جذبو يا نعرو اهل بيتن کي سندن حق ڏيارڻ ۽ امام حسين جي قاتلن کان بدلو وٺڻ هو، پر جيڪڏهن ٿورو گهرائيءَ سان جائزو وٺنداسين ته اُموين جو زوال ۽ عباسين جو عروج، عجمين جو عربن جي خلاف رد انقلاب هو، جنهن جي اڳواڻي خراساني عجمين ڪئي. عباسين جي دور ۾ عجمين کي فوج ۽ اقتدار تي غلبو حاصل ٿيو ۽ هنن عربن کان گذريل هڪ سؤ سالن جي محڪومي جو خوب بدلو ورتو.
عباسين ڇاڪاڻ ته خلافت اُهل بيت کي حق ڏيارڻ جي نعري هيٺ حاصل ڪئي هئي ۽ کين جيڪا حمايت ملي هئي، انهي ۾ اموين جي عوام سان ڪيل زيادتين ۽ انهن پاران عجمي علائقن جي پر ماريت جو ردعمل ۽ عباسين پاران معاشي انصاف جا وعدا به شامل هئا، تنهنڪري هنن به خلافت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ‘اهل بيتن’ سان اهوئي سختي وارو سلوڪ روا رکيو، ڇو ته کين ڊپ هو ته جيڪڏهن سندس خلاف به ڪا بغاوت ٿي يا رد عمل ٿيو ته اُن جو بنيادي نعرو وري به اهوئي هوندو، يعني اهل بيتن کي سندن حق ڏيارڻ. نتيجي ۾ اهو تضاد ڪيترين ئي جنگين جو سبب بنيو، حسيني ساداتن ٻه ڀيرا حجاز ۾ ۽ هڪ ڀيرو عراق ۾ بغاوت ڀڙڪائي، پهرين ٻن بغاوتن ۾ محمد نفس ذڪيه، ابراهيم، سندس پُٽ حسين بن علي ۽ سندن اولاد ۽ ٽي بغاوت ۾ ابن طفاطبا ۽ ابو سران پنهنجن سوين ساٿين سان گڏ قتل ٿي ويا. حرم ڪعبه جي بي حرمتي ڪئي ويئي. زيد شهيد بن علي جي مڃيندڙ زيدي فرقي پهرين طالقان ۽ پوءِ ڪوفي ۾ بغاوت ڪئي، جنهن ۾ بغاوت جي اڳواڻي ڪندڙ ابو الحسن يحيٰ قتل ٿيو، امام جعفر صادق مديني ۾ نظر بند رهيو. خليفي توڪل انتقام حضرت عليرضه ۽ حضرت امام حسينرضه جي روضن کي شهيد ڪرائي پَٽ ڪرائي ۽ انهن جي مٿان هر هلرايو. امام علي نقي ۽ امام حسين عسڪريءَ جي قيد جي حالت ۾ چالاڻون ٿيو.
خليفي هارون رشيد جو آخري زمانو پنهنجن ٻن پٽن امين ۽ مامون جي اڻ بڻت سبب ڪو سٺو ڪونه گذريو، امين پهرينءَ زال مان هئس، جيڪا بادشاهي گهراڻي مان هئي، ان ڪري عرب سردار سندس حمايتي هئا ۽ مامون وري هڪ عجمي ٻانهي مان هو، ان ڪري درٻار جو عجمي طبقو سندس طرفدار هو، ٻنهي جي ڇڪتاڻ هارون رشيد جي لاءِ جنجال بنيل رهي، هن پنهنجي خيال ۾ ان جو حل ملڪن جي ورهاست سان هيئن ڪيو ته دارالسطنت بغداد ۽ ان جي چئني پاسن جا عرب حصا جهڙوڪ شام، حجاز، مصر، يمن وغيره امين جي نالي ڪيا ۽ اوڀر وارا ملڪ جهڙوڪ ايران، خراسان، ترڪستان وغيره مامون جي لاءِ مقرر ڪيا. پر هارون جي اک پورڻ سان ئي ٻنهي ڀائرن ۾ گهرو ويڙهه جا شعلا ڀڙڪي اُٿيا، نيٺ چئن سالن جي ڊگهي رتو ڇاڻ کانپوءِ مامون کي ڪاميابي ملي ۽ سندس ڀاءَ امين الرشيد قتل ٿي ويو ۽ بني عباس سلطنت جي سڀني حصن ۾ مامون جي خلافت قائم ٿي ويئي.
امين جي قتل ٿيڻ کانپوءِ سلطنت ته مامون جي نالي سان قائم ٿي ويئي، پر جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته امين ناناڻن طرفان عربي نسل جو هو ۽ مامون عجمي نسل جو ۽ امين جي قتل کانپوءِ عراق جي عرب قوم ۽ عملدارن جو دليون به مامون طرف صاف نه رهيون هيون، بلڪه ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت محسوس ڪنديون هيون، ٻي پاسي بني عباس مان به هڪ وڏي جماعت جيڪا امين جي طرفدار هئي، تنهن کان به مامون کي هر وقت خطرو رهندو هو، اهل بيتن جي اولاد مان به ڪيترائي ماڻهو جيڪي وقت بوقت بني عباس جي مقابلي ۾ ايندا رهيا هئا، جن مان ڪي قتل ڪيا ويا ته ڪن کي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي هئي يا قيد ڪيا ويا هئا، انهن جي حمايت ۾ به هڪ جماعت موجود هئي ۽ انهن مان به هر وقت بغاوت جو خطرو نظر ايندو هو، تنهنڪري مامون الرشيد کي سياسي مصلحت اُن ۾ نظر آئي ته عرب خلاف عجم ۽ بني عباس خلاف بني فاطمه کي پنهنجو بڻايو وڃي ۽ ڪنهن اهڙي شخصيت کي سلطنت جو وليعهد بنايو وڃي، جنهن جي فضيلت ۽ افضليت مٿاهين هجي، تنهنڪري هن جي نظر حضرت امام علي رضا تي پيئي ۽ هن کيس وليعهد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو طئي ڪري هن 200 هجريءَ ۾ سڀني ملڪن ۾ فرمان موڪليو ته جتي به عباسي گهراڻي جا ماڻهو هجن، اهي خلافت جي آستاني تي حاضر ٿين. ان وقت سڀني ملڪن ۾ بنو عباس جا 33 هزار مرد ۽ عورتون پکڙيل هئا. مامون انهن سڀني سان سُٺي نموني پيش آيو، عباسي نسل سڄو سال خلافت جو مهمان رهيو، علامه شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب “المامون” ۾ لکي ٿو.”
“ان دوران مامون پنهنجي خاندان جي هر شخص کي تجربي جي نظر سان ڏٺو ۽ اها قطعي راءِ قائم ڪري ورتي ته ان وڏي گروهه ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي، جيڪو خلافت جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهي.”
نيٺ مامون الرشيد 201هه ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي، جنهن ۾ سڀئي عباسي ۽ سلطنت جا عهديدار موجود هئا ۽ هن انهن کي خطاب ڪندي چيو ‘اڄ دنيا ۾ جيترا به آل عباسي موجود آهن، آئون انهن جي اهليت ۽ لياقت جو اندازو ڪري چڪو آهيان، تنهن ڪري نه آئون ۽ نه ئي وري آل نبيءَ ۾ ڪو اهڙو شخص موجود آهي، جيڪو خلافت جو حقدار هجي سواءِ حضرت علي رضا جي!’ تنهن کانپوءِ هن سڀني حاضرين کان حضرت علي رضا جي بيعت ورتي ۽ سڄي ملڪ ۾ شاهي احڪام لاڳو ڪيو ويو ته امير المومنين مامون الرشيد کانپوءِ حضرت علي رضا خلافت جون واڳو سنڀاليندو ۽ کيس وليعهد سلطنت مقرر ڪيو ويو.
بظاهر ته مامون جي ڊپ سببان اُن حڪم جي تعميل شروع ڪئي ويئي، پر اندر ئي اندر سازشون شروع ٿي ويون ۽ اهي صدائون اُڀرڻ لڳيون ته “خلافت عباسي خاندان جي دائري مان ٻاهر نٿي وڃي سگهي.”
اندروني سازشن جو نتيجو اهو نڪتو، جو نيٺ سازشي امام رضاعه جي جان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ کيس انگورن ۾ زهر ڏنو ويو. جنهن سبب امام صاحب 17 صفر 203هه ۾ وفات ڪئي،
علام شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب “المامون” ۾ لکي ٿو:
“حضرت علي رضا وفات ڪئي ته مامون حڪم ڏنو ته هارون الرشيد جي قبر اُکيڙي حضرت امام رضا کي به ان ۾ دفن ڪيو وڃي، جنهن جو مقصد اهو هو ته رشيد به حضرت امام رضا جي برڪت مان مستفيض ٿئي. مامون کي حضرت علي رضا جي وفات جو سخت صدمو ٿيو، هو جنازي سان اگهاڙي، مٿي سان ويو ۽ رئندو چوندو ويو... ‘اي ابو الحسين توکان پوءِ آئون ڪيڏانهن وڃان’، هو ٽن ڏينهن تائين قبر تي ويٺو رهيو ۽ روزاني فقط هڪ ماني ۽ لوڻ تي هن جو گذران هوندو هو....
اُن تي دعبل نالي هڪ شاعر جيڪو اهل بيت جو مداح ۽ عباسين جو دشمن هو، هڪ هجو لکي جنهن جو هڪ شعر آهي.
ماينفع الرجسس من ترب الذڪي ولا
علي الذڪي بقرب الرُس من ضرر،
(پليت ماڻهوءَ کي پاڪ جي قربت جو ڪوبه فائدو نٿو رسي، ۽ نه پاڪ کي هن جي قرب سان نقصان ٿو ٿئي.)
هڪ تاريخي سوال اهو آهي ته حضرت علي رضا کي ڪنهن جي هشيءَ تي زهر ڏنو ويو. شيعه ان ڳالهه سهمت تي آهن ته خود مامون ئي زهر ڏياريو، افسوس جو اسانکي شيعن جون تاريخي تصنيفون ملي نه سگهيون آهن، نه ته اسين ان بحث کي ٻنهي ڌرين جي روايتن سان ڀيٽي ڪو فيصلو ڪري سگهون ها، اهي سڀ وڏيون وڏيون تاريخون، جن کي دنيا “اسلامي تاريخن” جو لقب ڏنو آهي، اهي سڀ سُنين جون تصنيفون آهن ۽ بظاهر انهن ۾ مذهبي حيثيت جو ڪو خاص خيال نه رکيو ويو آهي، تاريخ واقعن جي نسبت اسان کي خبر آهي ته ڪنهن مورخ به مامون تي اهو الزام هڻڻ جي جرئت نه ڪئي آهي، بلڪه علامه ابن اثير ته چٽن لفظن ۾ ان خيال تي تعجب ظاهر ڪيو آهي، مامون الرشيد جي دور جي نهايت ويجهي تاريخ، جيڪا هينئر موجود آهي اها، ابن واضع عباسي، جي تاريخ آهي، اهو ليکڪ مامون جي دور جي واقعن کي انهن ماڻهن جي زباني ٿو بيان ڪري، جيڪي خود مامون جي دور ۾ موجود هئا، انهيءَ تاريخ ۾ شيعت جا اثر به ڏسي سگهجن ٿا، پر هن مامون جي بدران اها بدگماني علي بن هشام جي نسبت ڪئي آهي. (المامون صفحو 87- 88)
ان بابت وڌيڪ ڳالهيون ته تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهن، پاڻ ته رڳو امام رضا جي حوالي سان ڪي تاريخي ڳالهيون بيان ڪيون آهن، پر وقت جي حڪمرانن کان اهڙين سازشن ٺاهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هشڪارڻ جا داستان ڀريا پيا آهن، ان سلسلي ۾ مسلمانن حاڪمن جي دامنن تي جيڪي داغ آهن، انهن سان تاريخ جا صفحا ڀريا پيا آهن، هنن اقتدار جي هٻڇ ۽ جوف ۾، انهيءَ جي حاصلات لاءِ پنهنجا ڪٽنب ته پنهنجي جاءِ تي، پنهنجا ٻچا به ڪهارائي ڇڏيا.
مامون ۽ امين، هارون رشيد جي فيصلي ۽ وصيت هوندي به پاڻ ۾ جنگ ڪئي، جنهن ۾ امين قتل ٿيو، خود عباسي حڪمرانن جي اندروني تضادن تي هڪ نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ابو جعفر منصور پنهنجي چاچي عبدالله بن عليءَ کي قتل ڪيو، جو هو سندس مخالف هو. خليفي هاديءَ کي سندس ماءُ ‘خيزران’ قتل ڪرائي ڇڏيو، جيئن هوءَ پنهنجي ننڍي پُٽ هارون کي خليفو بنائي سگهي، خليفي مستعڪم عباسي مان بغاوت جو انديشو هو، خليفي متوڪل کي سندس پُٽ منتصر قتل ڪيو ۽ خليفو بنجي ويو. خليفي مڪتفي جي وفات تي ٻن چاچن جي پٽن جي وچ ۾ تخت نشيني جي جنگ ۾ هڪ کي خصيا وڍرائي مارايو ويو ۽ ٻيو خليفو بنجي ويو، جنهن کي مقتدر باالله سڏيو ويو، پوءِ مقتدر پنهنجي ڀاءُ سان جنگ ۾ مارجي ويو، جيڪو قاهر بالله جي نالي سان خليفو بنيو.
عثماني سلطنت جي حالت اها هئي ته جڏهن به ڪو جانشين تخت تي ويهندو هو ته سڀ کان پهرين پنهنجن سڀني ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. ‘مراد پهرينءَ’ پنهنجي پُٽ ‘صاروجي’ کي بغاوت جي ڏوهه ۾ انڌو ڪيو هو ۽ بايزيد پنهنجي ڀاءُ علاؤ الدين کي ۽ مراد ثاني پنهنجي، مصطفيٰ چلپيءَ کي قتل ڪيو هو، پر ان جو قاعده رواج مراد ثالث جي تخت نشيني سان ٿيو، جنهن تخت تي ويهندي ئي پنهنجن اڻويهن ڀائرن کي قتل ڪرائي پنهنجي پيءَ سان گڏ دفن ڪرائي ڇڏيو ۽ اُن رواج کي باقاعده تسليم ڪيو ويو ۽ ڪنهن به ‘شيخ الاسلام’ ان رواج کي اسلام جي خلاف قرار نه ڏنو، ڪيترن سئو سالن کانپوءِ ان ۾ فقط اها تبديلي ڪئي ويئي ته مارڻ جي بدران سڀني ڀائرن کي قيد ۾ وڌو ويندو هو.
ايران ۾ عباس شاهه صفويءَ خود پنهنجن پُٽ کي قتل ڪرائي ڇڏيو ته متان هو کيس تخت تان نه لاهي ڇڏي.
هيڏانهن ننڍي کنڊ ۾ ڇا ٿيو؟ حڪمران گهراڻن جي اندر پيءَ جي خلاف پُٽ، ڀاءُ جي خلاف ڀاءُ وڙهندو ۽ هڪٻئي کي ڪُهندي نظر ٿو اچي.
سو اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نه ٿي لڳي ته اقتدار جي جنگ ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ سندن گهراڻن، اقتدار جي حاصلات لاءِ هر جائز ۽ ناجائز حربو آزمايو ۽ اسين جنهن تاريخ کي ‘اسلامي تاريخ’ يا ‘تاريخ اسلام’ چئون ٿا ۽ اُن تاريخ کي مذهبي لٽريچر طور پڙهون ۽ لکون ٿا، اها حقيقت ۾ مختلف گروهن جي وچ ۾ اقتدار جي ويڙهه، سياسي ڇڪتاڻ، سازشن، حڪومتن جي ٺهڻ، ڊهڻ ۽ بگڙڻ جو داستان ٿي بيان ڪري.
•