سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3834
  • 1034
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

شخص ۽ ڪتاب سان تعلق (مهاڳ) : غلام نبي سومرو

هن سفرنامي جي ليکڪ محترم يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات، جيئن هن پاڻ ياد ڏياريو: شاعر علي اظهار جي شاديءَ ۾ ٿي هئي. اها پهرين جنوري 2005ع جي ٿڌيرڙي ٻپهري هئي، آٽو ڀان روڊ حيدرآباد جي ‘النور شادي هال’ ۾ دوستن جو ميڙ، جتي يوسف سنڌي به موجود هو ۽ امين قريشي صاحب به، امين جيڪو تڏهن نوجوانن ۾ کاٻي ڌر جو هڪ متحرڪ شخص هو. هو مارڪسي لينني فلسفي جو چڱو ڄاڻو آهي، پڻ موجود هو. شاعر علي اظهار وانگي هو به نرم مزاج ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ آهي.
شاديءَ جي تقريب مختصر پر گهڻي باوقار هئي، هتي پيش ڪيل دعوت جي ماني جا اسم موزون ۽ سوادي هئا، ۽ انهيءَ کي خوبصورت ترتيب سان مهمانن جي اڳيان پيش ڪيو ويو هو. وڏي ڳالهه انهيءَ شاديءَ جي اها هئي ته شاعر علي اظهار روپئي پئسي جي ڏيتي ليتي جيڪو اسان وٽ شادين ۾ عام رواج آهي. انهيءَ رواج کان انڪار ڪيو ۽ پُئي جي صورت ۾ هڪ روپيو به قبولڻ کان انڪار ڪيو، شاديءَ جي انهيءَ محفل کانپوءِ آءٌ ۽ يوسف سنڌي گاڏي کاتي آياسين، چائينيز هوٽل ۾ چانهه پيتيسين. اهڙائي لمحا هئا، جڏهن اسان جي دوستي جو آغاز ٿي ويو. گاڏي کاتي مان ئي ڪتاب خريد ڪياسين. اندازو نه هو ته شاديءَ جي اها تقريب منهنجي ۽ يوسف جي وچ ۾ هڪ گهري لاڳاپي کي جنم ڏيندي. هڪ بي پايان دوستي جو آغاز انهيءَ ڏينهن کان ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ آءٌ هن کان گهڻو اڳ واقف هئس. سندس ‘سچائي اشاعت گهر دڙو’ جي شايع ٿيل ڪتابن جي ڪري هن لاءِ منهنجي دل ۾ هميشه گهڻو قدر ۽ مڃوتي موجود رهي هئي.
يوسف سنڌي تنهن بعد ننگر ٺٽي ۽ سجاول شهر ۾ ملندو رهيو، جتي آءٌ پنهنجي نوڪري ۽ پنهنجي منصبي فرض جي تحت زندگي جا ماهه وسال گذاري رهيو هوس، ملاقاتون ڪڏهن ٺٽي ۾ منصور ٿلهو وٽ. جيڪو اُتي ڪو آپريٽو بئنڪ ۾ مئنيجر هو، ته ڪڏهن سجاول ۾ فاروق جعفراڻي صاحب وٽ، جو محترم عزيز جعفراڻي صاحب جو لائق فرزند آهي، ۽ ڪڏهن سجاول جي تعلقي لائبريري ۾ عزيز منڌرو صاحب وٽ يوسف مون کي پنهنجي ويس ورن چهري جي آرکاڻن ۾ بنهه سادو لڳندو هو، پر هن جڏهن به جتي به ڳالهايو ٿي ته هن جي ڳالهه علمي به هئي ته مدلل به، انهيءَ ۾ زمانه سازي ۽ ڪمپرومائيز ته ڪونه هو، پر سچ جي لهس ۽ لپڪ هئي. پر جيئن مون اڳ ڳالهه ڪئي ته آءٌ هن سان گهڻو اڳ واقف هوس اهم ۽ چونڊ ڪتابن جي ذريعي جيڪي هن لکيا ۽ ڇاپيا هئا. ڪتاب کان وڌيڪ معتبر ڇا آهي. جنهن جو اعتبار ڪيو وڃي.
نسيم نگر حيدرآباد جي هڪ سهاوڻي صبح ڄڻ اڃا پنهنجي شروعات ئي مس ڪئي هئي، ستين وڳي ڌاري آءٌ پنهنجي نوڪري تي روانو ٿيڻ وارو هوس، مون کي پنهنجي منزل ڏانهن هڪ مختصر سفر درپيش هو. اهو تاريخ 28 اپريل 2008ع جو ڏينهن هو، تڏهن کيس ڪجهه وقت جي وقفي کان پوءِ نسيم نگر چوڪ جي واڌو واهه جي ڪپر تي جيڪو اخبارن جو اسٽال آهي. اُتي مون ڏٺو ته اوجاڳيل لڳو، ڄڻ هن گهڻن ڏينهن کان پوري ننڊ نه ڪئي هجي، يوسف سنڌي بيٺو هو. هن ڳچ اخبارون خريد ڪيون هيون. مون کيس سلام ڪيو، حال احوال کان پوءِ هن اهو ٻڌائي مونکي حيران ڪري ڇڏيو ته پاڻ ڪالهه ‘سنڌي ادبي سنگت سنڌ’ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي. آءٌ هن شخص جي سادگي ۽ ملنسار طبعيت کي ياد ڪري وڌيڪ حيران ٿيس ته هاڻ هن کي سنڌي ادبي سنگت جهڙي اهم تنظيم جي اڳواڻي ڪرڻي آهي. منصب اهم هو ۽ مقصد عظيم ترين، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻولي ۽ انهيءَ جي جيئڻ ۽ ابدل آباد تائين جيئري رهڻ جي ڳالهه آهي. منصب به وڏو هو. ۽ مقصد به، مون کيس دعا ڏني ۽ موڪلايو. اڳتي هلي ويجهڙ ۾ غزل جي اهم شاعر مشتاق گبول سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ بنا ڪنهن گهٽ وڌاءُ جي اهو چيو ته “هڪ وقت اهڙو به آيو جو سنڌي ادبي سنگت پنهنجي تنظيم ۾ بلڪل ختم ٿي وئي هئي انهيءَ جو انت اچي ويو هو. سنڌي ادبي سنگت جي سکيا جيڪي اديب پيدا ڪيا هئا. انهن لاءِ اهو ڪنهن سانحي کان گهٽ ڪو نه هو. تڏهن يوسف سنڌي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ هن جي ليڊر شپ ۾ ادبي سنگت پنهنجو ڪفن لاهي ڦٽو ڪيو، وري جي پئي ۽ فعال ٿي وئي”.
سڪي ويل باغ کي سائو ڪرڻ هڪ ڏاهي باغبان جو ئي ڪم هجي ٿو. يوسف، سنڌي ادبي سنگت جي باغ کي نئين سر ترتيب ڏنو. انهيءَ ۾ ٻوٽا، وڻ، شاخون ۽ پن ڦٽا. بهارون موٽي آيون ۽ ادب جي گلابن جي خوشبوءِ سنڌي ادب جي نوجوان جهان ۾ مهڪي پئي.
سندس تنظيمي اڳواڻيءَ جي صلاحيت جو هڪ روپ سروپ مون پاڻ اکئين ڏٺو، جيڪو هڪ وڌيڪ ملاقات جو سبب پڻ اهو بڻيو ته سر موڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نثر نويس اڪبر سومري جي ڪهاڻين جي ڪتاب “بوتيڪ کان بيڊروم تائين” کي سنڌي ادبي سنگت پاران سال 2008ع جي بهترين ڪهاڻين جي ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اڪبر کي تنهن ڏينهن حيدرآباد مان ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو. دوستي ۽ ڀائپي جي موهه مان هن مون تي فرض رکيو ته آءٌ سندس معصوم پٽ عباد الله سومرو سان ايوارڊ جي تقريب ۾ ساڻ وڃان، جيئن عباد، ايوارڊ جي ٽرافي / شيلڊ وٺي سگهي.
مون کي اندازو ڪونه هو ته اها هڪ شاندار تقريب هوندي، سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منسوب هال ماڻهن سان Jam Pack هو. هتي محترم امر جليل صاحب ۽ الطاف شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو روبرو زيارت نصيب ٿي. اهو هڪ بختاور ڏينهن هو، ۽ اها هڪ پُر وقار منظم تقريب هئي. سائين گل حسن ڪلمتي “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جهڙي شهپاري جي ليکڪ کي پڻ ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. جيڪو پڻ اُتي موجود هو. جنهن ڪراچي جي تاريخ، جاگرافي کي نئين، انوکي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي زاوئي سان بيان ڪيو آهي. سڄي سنڌ مان ڪهي آيل قابل احترام اديب، شاعر ۽ نثر نويس. بلاشڪ اديبن ۽ ساڃاهه وندن جو اهو هڪ نمايان ميڙ هو. سنڌي ادبي سنگت نه صرف وري جيئي پئي هئي، پر نکري به پئي هئي، ۽ يوسف سنڌي انهيءَ تقريب کي پنهنجي اڳواڻي ۾ انتهائي باوقار طريقي سان ترتيب ڏنو هو.
گهڻو ويجهڙ ۾ اهو هڪ مهربان صبح هو. حيدرآباد جي انهيءَ من موهيندڙ صبح جو، جڏهن آءٌ دفتر وڃي رهيو هوس ته نسيم نگر فيز3 جي اسٽريٽ نمبر 14 تي اوچتو بنا ڪنهن اڳواٽ رٿيل ملاقات جي يوسف سنڌي مليو. ٻڌايائين ته پاڻ هاڻ هتي ئي رهڻ لڳو آهي. يوسف جيئن ته دوست آهي ۽ ويجهو پاڙيسري به ته، هاڻ روز جي رهاڻ آهي. هن جي صحبت جي اثر جي ڪري مون کي گهڻ طرفي مطالعي جو موقعو مليو آهي. هاڻ هو منهنجي اسٽڊيءَ کي ڪتابن کان خالي ڪرڻ ڪو نه ٿو ڏئي. سندس قربت ۽ همسفري جي ڪري آءٌ پنهنجي نوڪري ۽ گوشه نشيني جي عافيت مان وقت ڪڍي اڪيچار ادبي تقريبن ۽ پروگرامن ۾ وڃي سگهيو آهيان. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ ۾ پڻ سرگرم ٿيو آهيان. سڀ کان اهم اهو ته لکڻ جيڪو ڄڻ مون کان وسري ويو هو، آءٌ وري لکڻ لڳو آهيان. يوسف جي شخصيت مُنهنجي پراڻي ذوق کي نئون شوق بخشيو آهي.
تازو هن مون کي سندس شايع ٿيل ٻه اهم ڪتاب نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي “آزادي جو ڊگهو سفر” جيڪا پاڻ ترجمو ڪئي اٿائين ۽ مشهور ليکڪ پرويز جي آتم ڪهاڻي “پيهي جان پاڻ ۾” پڙهڻ لاءِ ڏنا. نيلسن منڊيلا وارو ڪتاب مون ته پڙهيو، پر وڌيڪ منهنجي ننڍي پٽ علي حسنين پڙهيو ۽ پسند ڪيو. شايد کيس ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي نيلسن منڊيلا جي ضرورت آهي. اسان ته وهي چڙهي آيا آهيون. منڊيلا جي بدران مارڪوس اسان جي مقابل آهن. افسوس اهو به آهي ته سنڌ جا ساڃاهه وند اديب ۽صحافي مارڪوس جا گيت ڳائي رهيا آهن.
پرويز جي آتم ڪهاڻي “پيهي جان پاڻ ۾” ۾ سچ چوڻ جي جيڪا غيرمعمولي طاقت آهي. انهيءَ جو سبب پاڻ سان گذريل حقيقتن جو سادگيءَ سان بيان آهي. سچ هميشه سادو هجي ٿو ۽ قطعي به، اها سادگي ۽ قطعيت مون کي گهٽ ليکڪن ۾ نظر آئي آهي. جن کي مون سون جي تعداد ۾ ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ پَرکيو آهي. ڪتابَ پڙهندي ليکڪ پرويز تي جيڪي لقاءُ گذريا آهن، زندگي جنهن شدت سان هن تان گذري آهي. ڄڻ ماڻهو ساندهه حالت جنگ ۾ هجي. جنگ جيڪا خسيس، جاهل ۽ ظالم رياستي، سياسي ۽ سماجي ڍانچو معصوم ماڻهن جي مٿان مڙهيو ڇڏي. اها آتم ڪٿا هڪ اهڙي جبر جي گهاڻي کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا مظلوم ماڻهو اڃا تائين پيڙجي رهيا آهن ۽ اها ڏکوئيندڙ صورت حال هڪ اهڙي باغي نسل جي انتظار ۾ آهي، جيڪو انهي رياستي، سياسي ۽ سماجي گهاڻي کي پاڙؤن پٽي اڇلائي ڇڏيندو، اهو ئي ڪتاب جو مقصد آهي، ۽ اسان جو انتظار جيتوڻيڪ طويل آهي، پر اجايو ڪونهي.
رياست ۽ اسان جو هي سماج غريب ۽ بي گناهه ماڻهن سان ڪيئن ٿو پيش اچي، ڪتاب ۾ انهن لقائن ۽ واقعن جو بيان منهنجي اڳيان به وطن عزيز جي تاريخ وانگر گذريو آهي. منهنجي ۽ پرويز جي عهد ۾ جيئن ته ٿورو فرق آهي. مون کي به اهو ستم گر زمانو ياد آهي 70، 80 ۽ 90 ۽ نئين صدي جو زمانو. مون کي انهيءَ جو ڪجهه قدر مطالعو ۽ مشاهدو پڻ آهي، ليکڪ جي وطن پرستي، انياءَ سان اٽڪاءُ، سورن ناسورن جي خلاف سچ لاءِ سندس جدوجهد جو آءٌ پڻ ساکي آهيان. ڇاڪاڻ جو آءٌ به هن سان گڏ ساڳئي سماج ۾ وڏو ٿي رهيو هوس. هڪ مختلف رستي تي ئي سهي، ساڳئي ايذائيندڙ زندگي گذاري رهيو هوس. سچ ۽ سماج لاءِ جدوجهد جي، سرخ پرچمَ، ڄڻ اسان تي سايو ڪري ڇڏيو هو. پرويز جو اهو ڪتاب ڇاپي يوسف سنڌيءَ ڄڻ مون سميت سڀني پڙهندڙن تي عظيم احسان ڪيو آهي، دراصل اها آتم ڪٿا لکي پڻ يوسف جي اسرار ۽ اشتياق تي وئي آهي. پرويز جو سچ “سچائي اشاعت گهر” ڇاپيو آهي. جيڪو انهيءَ اداري جو سچ ۽ سنڌ سان وابستگي جو علي لااعلان اظهار آهي. پرويز جي آتم ڪهاڻي هڪ ليکڪ هيٺئين طبقي جي فرد، هڪ وطن پرست سياسي ڪارڪن جي زندگيءَ جو اهڙو تُز بيان آهي. جو پڙهندي دل لرزي پوي ٿي، ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي هال ۾ ويجهڙ ۾ جنهن شام غلام حسين رنگريز جي ڪتاب “ورق ورق زندگي” جو مهورت ٿي رهيو هو. آءٌ، يوسف ۽ محترم مٺو مهيري صاحب هال جي ٻاهران پڌر تي بيٺل هئاسين ته مٺو مهيري صاحب پرويز جي انهيءَ ڪتاب تي بنهه اهم راءِ ڏيندي چيو ته “پرويز جي آتم ڪٿا مون اهڙي دل جي حضور سان پڙهي آهي، جو مون کي سڄو ڪتاب ياد ٿي ويو آهي.”
پرويز جي لکڻ جي ڏات هن ڪتاب ۾ ڪمال تي پهتل آهي، انهيءَ جي پويان جيڪو محرڪ جذبو آهي. اهو سچ آهي، جنهن کيس لکڻ جو اهڙو هنر ڏنو آهي. سدائين وڏن ماڻهن، بادشاهن، ۽ راڻين جون ڪٿائون پڙهيون اٿئون. پر هڪ غريب جي آتم ڪٿا سڀ کان افضل هجي ٿي يا ٿي سگهي ٿي. انهيءَ جو مثال پرويز جي لکيل اها آتم ڪٿا آهي.
يوسف سنڌيءَ کي جيئن مون اڳ ٻڌايو آهي ته مون کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هميشه پئي سوچيو آهي، ته هن شخص ۾ هي ڇڪ ۽ طاقت، عزم ۽ عمل ڪٿان آيو آهي. جنهن کائونس سچائي اشاعت گهر دڙو جهڙو معياري پبلشنگ هائوس قائم ڪرايو. جتان هيستائين هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، جن مان ڳپل جو مترجم مرتب ۽ ليکڪ پاڻ آهي ۽ ڪجهه طبعزاد ڪتاب لکيا اٿائين. اهو نوجوان ايترو گهڻو ۽ شاندار ڪم ڪيئن ڪري سگهيو آهي. ڪتابن جي تخليق ۽ ترجمي، اشاعت گهر جا جهنجهٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي جو اهم، ڏکيو ۽ وقت گهرندڙ ڪم، هيءَ اڪيلو شخص ڪيئن ڪري سگهيو آهي. ڇا هن وٽ ڪو جادو آهي؟
مون کيس ويجهو ڏٺو آهي. سوچيو ۽ فڪر ڪيو آهي، ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته هن ۾ سَت وڏيون خوبيون آهن.
1. دعويٰ نه صرف عمل تي يقين ڪرڻ.
2. اورچ ۽ محنتي گهربل نشاني کي چٽڻ جي بهترين صلاحيت ۽ منزل جي نشان تي پهچڻ جو عزم.
3. حضور شرمي، پر اندر ۾ ارادي جي پختگي.
4. پنهنجي سادگي ۽ غريب حال هوندي به پنهنجي وقار تي حرف نه اچڻ ڏيڻ.
5. بي پناهه مطالعو، مشاهدو، غير معمولي ياد داشت جي خوبي ۽ تخليقي جوهر.
6. سير ۽ سفر جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ جي همت.
7. ٿورو ڳالهائڻ ۽ گهڻو ٻُڌڻ.
جيئن مون ڏٺو آهي يوسف سنڌي پنهنجي طبيعت ۾ آزاد شخص آهي انهيءَ معنيٰ ۾ ته هن گهڻين غلامين کي پاڻ کان پري ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، علم، دانش ۽ ذهني آجپائي جي مشعل کڻي هو پنهنجي آزاد ارادي سان هڪ علم جي وڏي ويڙهه جو آغاز ڪري چڪو آهي. وطن جو عوام نيٺ اها مها ويڙهه کٽي ويندو. اهڙو منهن جو يقين آهي ۽ يوسف جو مقصد پڻ، انسان ذات جي بهتري لاءِ جدوجهد جا گهڻا ئي ميدان آهن، پر سڀ جي بهتري لاءِ جدوجهد، سڀ رستا ارتقا جي طرف نڪرن ٿا. ڪتاب جو ئي ته رستو آهي.
يوسف هڪ اشاعت گهر هلائي رهيو آهي، دنيا جي بهترين ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ڇپي پڌرو ڪري رهيو آهي، پاڻ به لکي رهيو آهي. هن ڪتابن جو هڪ پورو شيلف لکيو ۽ ڇپيو آهي. تمام ٿورا ماڻهو هجن ٿا ڪنهن سماج جيڪي پنهنجي پويان علم، دانش ۽ يادگيري جي جهان سان ڪتابن جو هڪ پورو شيلف پٺيان ڇڏي وڃن. ڪتاب دوستيءَ جو اڙانگو رستو جيڪو هن اختيار ڪيو آهي. شايد انهيءَ ڪري ته ڪتاب ئي آهي. جنهن ۾ انسان دشمن جي سوچ جي هلاڪت جي آرزو به آهي ته ارادو به آهي.
دڙو محمود واهه جي ڪپر تي هڪ ننڍڙو پر خوبصورت شهر آهي ۽ شينهن ندي ‘سنڌوءَ’ جي ويجهو هن شهر سان ٻيا شهر، ٻيلو، ٻنون، لاکا، ميرپور بٺورو به گڏ آهن. يوسف سنڌي جي جنم جو اهو خوبصورت ۽ خاموش پُر امن شهر جنهن جي امن کي وقت بوقت رياست، وڏيرڪي دهشت گردي ۽ ڌاڙيل گرديءَ نشانو پئي بنايو آهي ۽ ڪڏهن ته ساهه کڻڻ کي به مشڪل بنايو ويو آهي. ائين جيئن سڄي سنڌ جو ساهه گُهٽي، انهيءَ جي امن کي حالت جنگ ۾ ڌڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ سنڌ جي انهيءَ ڏاکڻي علائقي ۾ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ جيڪي يوسف جي حياتيءَ جا For mative سال پڻ آهن. هتي سماج واد ۽ قومپرستي جي لهر بي پناهه طاقت سان اُڀري آئي، جنهن جي اڳواڻي محترم رسول بخش پليجو ۽ محترم محمد فاضل راهو ڪري رهيا هئا. جنهن رياست ۽ وڏيرڪي جبر جي ڳٺ جوڙ سان پنهنجي طبقاتي ويڙهه جو آغاز ڪيو. اهي اهڙا ڏينهن هئا ۽ اهڙو ماحول هو جو ائين لڳي رهيو هو ته سماج وادي انقلاب اسان جي دروازن تي دستڪ ڏئي رهيو آهي. انهيءَ ماحول ۽ انهيءَ آواز يقينن يوسف جي دل و ذهن تي به دستڪ ڏني آهي. استحصالي نظام خلاف اها جدوجهد هن جي مزاج وٽان هئي. انهيءَ اختلاف ئي دراصل انهيءَ ارادي کي جنم ڏنو ۽ کيس سوشلزم جي نظرئي سان هم آهنگي ۽ نظرياتي Deter mination ڏني. سنڌ جي انهيءَ خطي ۾ علم ۽ دانش ۽ نظرياتي جدوجهد جا هزارين داستان موجود آهن. انهيءَ سڄي جهان کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڪتاب گهربو هو. جيڪو به يوسف ڇپي ڇڏيو آهي. ليکڪ پرويز جي آتم ڪٿا جي صورت ۾، انهيءَ سموري ماحول ۾ خود يوسف ۽ هن جي چوڌاري موجود ڏکين ۽ سنگين حالتن کي سمجهڻ لاءِ اهو دستاويز هر دل ۽ اهل علم دوست کي پڙهڻ گهرجي.
هڪ طرف اهڙو سماجي جبر ۽ رياستي تسلط هو ۽ ٻئي طرف سماج واد جي نظريي جي بنياد تي هلندڙ هلچل، هر پڙهيل ۽ پيڙهيل کي پاڻ سان سلهاڙي ڇڏيو ۽ انهن ۾ جيئڻ لاءِ نوان اُمنگ ۽ نيون راهون پيدا ڪيون. عوامي انقلاب ته اڃا نه اچي سگهيو آهي. پر اهي ماڻهو گهڻين ذهني غلامين مان آجا ٿي ويا آهن، اها به وڏي حاصلات آهي. يوسف سنڌي به هاڻ هڪ آزاد شخص آهي، انهيءَ معنيٰ ۾ ته هن تمام گهڻين غلامين کي جيڪي ماڻهوءَ کي چُهٽيون پيون هونديون آهن، انهيءَ سڀني کان هن پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو آهي.
مٿي يوسف جو جيڪي ست خوبيون بيان ٿيل آهن، اِهي ڦُٽن ٿيون اندر جي انهيءَ سرچشمي مان، جتي آسمان کي زمين تي لاهي وٺڻ جا ارادا آهن. من ۾ انتظار ۽ ذهن ۾ اٽل ارادي جي موجودگي هر ناممڪن کي ممڪن بنائي ٿي. جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ بي پناهه انتظار ڪرڻ جي خوبي هجي ۽ ذهن ۾ عمل جو ارادو پنهنجو گهر جوڙي وٺي ته پوءِ شروع ٿئي ٿي جدوجهد ۽ تخليق جي بي ڪنار دنيا. انهيءَ دنيا ۾ رهي مون کي لڳي ٿو ته يوسف خوش به آهي ۽ پُرجو ش به آهي. ڄاڻ ۽ ڪتاب کي انساني زندگيءَ مان نيڪالي جي اجازت ڏجي ته هيءُ سڄي دنيا پٿر جي دور ۾ واپس هلي ويندي. ڄاڻ آهي ته ماڻهوءَ جي وجود ڪا معنيٰ به آهي. اها Intellect ئي آهي. جيڪا ماڻهوءَ کي دنيا جي ٻين جاندارن کان ممتاز ڪري ٿي. فطرت ۽ دانش گڏجي انساني ارتقا جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي. يوسف اسان جي سنڌ جي ارتقا پذير جهان جي رهبرن مان هڪ آهي. رهبريءَ جي فضيلت ڪنهن بختاور کي ئي ملندي آهي. نه ته پورن پچائڻ وارا شخص دڳ ڀٽڪائي ڇڏيندا آهن پر يوسف ماڻهپي لاءِ ڄاڻ جي راهه تي پنهنجي خونِ دل سان ڏيئا ٻاريا آهن، اسان سنڌي ماڻهن جي منزل ڏانهن ويندڙ گس کي روشن ڪيو آهي. گس جيڪو اسان جي تڪميل جي طرف وڃي رهيو آهي. منزل جيتوڻيڪ دور آهي، پر اسان جو سفر انهيءَ تي پُڄاڻي ڪندو. ڪتاب ۽ ڏاهپ رستي جي ڏکيائين کي ختم ڪندي ۽ اسين منزل تي پهچي دم پٽينداسين. انهيءَ ۾ ٻه ڳالهيون ۽ ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن. روشني ۽ منزل جي رستي تي آهيون. يقين انهي ڪري به آهي ته اڻ ورچ دوست يوسف جهڙن هزارين ماڻهن جي موجودگي انهيءَ اعتبار کي اعتماد بخشي ٿي ۽ يقين کي تيقن.
يوسف کي سير و سفر جو شوق آهي، هو دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو. هن هيءَ جيڪو ايران جي سفر جو احوال لکيو آهي. هڪ سفرنامون آهي. سنڌي ادب ۾ سفرنامون جيئن ته هڪ مقبول صنف سخن آهي. عام جام لکيو ۽ ڇپيو پيو وڃي. تڏهن سفرنگار تي اهڙو فرض عائد ٿئي ٿو ته سندس تحرير جو گلاب خاص ڪيئن مهڪي اُٿي ۽ انهيءَ جي تحرير ۽ خوشبو جو اثر پڙهندڙ کي ڪيئن ٿو واسي ڇڏي.
يوسف اها خوشبوءِ ڦهلائي سگهيو آهي. پنهنجي لاڳيتو لکڻ جي رياض ۽ ڪتابن سان سنگت جي ڪري Rich ۽ رچيل نثر لکي سگهيو آهي.
ايران جي هن سفر ۾ جنهن ۾ منهنجو دوست ۽ ڳوٺائي سيد آفتاب احمد شاهه به ساڻس اچي مليو. خيرن سان انهن ايران جو خوب سير ۽ سفر ڪيو. سفر کان پوءِ ئي سفرنامون سرجي ٿو، ليکڪ پنهنجي ياد جي آڌار تي پنهنجي سفر جي جزئيات ۽ عموميت کان وٺي ايران جو جيڪو شاهوڪار ادب آهي. ۽ ثقافت آهي. انهيءَ کي بيان ڪيو آهي. سڀ کان اهم ايران جي پُراثر قدامت ۽ سياسي، سماجي تاريخ آهي، جيڪا هزارين سالن تائين ڦهليل آهي. ايران جتي علم ۽ فن جو سرچشمو رهيو آهي اُتي انهيءَ جي تاريخ تي جليل القدر حڪمرانن جو به اثر آهي. اهو مختلف زمانن ۾ نون عقيدن، مثالي باغي تحريڪن جو مرڪز پڻ رهيو آهي. ايران، بابل، سنڌ ۽ هند انساني تاريخ جي اهم معرڪن ۽ مامرن جا مرڪز رهيا آهن.
يوسف ڪمال ڪاريگريءَ سان سڄي ايران جي موجوده صورتحال جنهن مان هو هڪ مسافر جيان گذريو آهي. موجوده وقت ۾ بيهي هن ايران جي حال کي جيئن ڏٺو آهي، تيئن بيان ڪيو آهي ۽ اُتان ئي بيهي هن ماضيءَ ۾ به سفر ڪيو آهي. هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي. يوسف هن ڪتاب ۾ جيڪو چئن سون کان به وڌيڪ صفحن تي ڦهليل آهي. موضوع جي وسعت کي نظر ۾ رکندي هن ڄڻ درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. سادي ٻولي، خيال ۽ بيان جو اختصار ڪنهن به ليکڪ جون اهم خوبيون هجن ٿيون. ڪتاب ۾ ايران جي سفر جي ياد آهي ته ساڳئي وقت اهو ايران جي عتيق عهد جو هڪ دلپذير داستان پڻ آهي. هڪ سفر ضروري ڪونهي ته هڪ ڪتاب جي تخليق جو سبب بنجي. شاعر امين لاکي، سيد آفتاب احمد شاهه، آپا مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ سفري قافلي جي ٻين ساٿين سان گڏ انهيءَ مسافريءَ ۾ صاحب ڪتاب يوسف جي اک ۽ ياداشت ڄڻ انهيءَ سفر کي فوٽو گراف ڪندي وئي آهي. تڏهن ته ڪجهه مهينن ۾ پنهنجي Photo Graphic memory جي آڌار تي، جنهن کي سندس اونهي علمي مطالعي، هڪ تاريخي تخليقيت جو رنگ ڏنو آهي.
ايران جيڪو اسان جي خطي جي اهم رياست آهي. جنهن کي گهڻو قديم ۽ شاندار ماضي آهي، جيتوڻيڪ سندس حال ۽ حالات نازڪ ٿيندا پيا وڃن. انهن سڄي ماضي ۽ حال کي هن ڪتاب ۾ يوسف جيئن بيان ڪيو آهي. اهو يوسف جو هنر آهي. سندس نثر سادو ۽ روان آهي، ۽ سفرنامي جي ترتيب بلڪل ائين جيئن مسافر سفر ۽ وطن ڏانهن واپسي اختيار ڪئي. ڪتاب ۾ انقلاب کان پوءِ جي ايران کي سڌو سنئون بيان ڪندي ليکڪ نتيجو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏنو آهي. ته انقلاب ايران کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ڦري ورتو آهي. ايران جي صدر احمدي نجاد وارو باب پڙهبو ته حقيقت ڏانهن ڪيل اشارو واضح ٿي ويندو. انسان کي هميشه ماضيءَ جي سار رهي ٿي. ايران لاءِ اسان جي Nostalgia اسان کي ايران جي تاريخ شاهن ۽ شهنشاهيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. جتي ايران جا بادشاهه وڏي جاهه و جلال سان رهيا آهن. ويندي آخري شهنشاهه رضا شاهه پهلوي تائين، ايران جي حاڪميت جا داستان جيتوڻيڪ گهڻو رنگين ۽ پُرڪشش آهن. پر انهيءَ شاهي جبروت جي سامهون ايران جا عوام، شاعر، اديب، مصور، صوفي، باغي ۽ انقلابي جن سان اسان جو جيءُ جڙيل آهي. منهنجو اشارو خاص طور حسين ابن منصور حلاج ڏانهن آهي. عمر جي تعليم پرائڻ واري دور کان آءٌ جڏهن ساڻس ڪتابن جي ذريعي واقف ٿيس. مون کان اها سخي شخصيت وري وسري نه سگهي آهي. زندگيءَ ۾ علم جي حصول کان وٺي جان ڏئي ڇڏڻ واري سخا تائين ڪتاب جو حلاج وارو حصو گهڻو اهم آهي ۽ محبت سان لکيو ويو آهي، يوسف انهيءَ تحقيق لاءِ داد جو مستحق آهي.
هاءِ اسڪول جي شاگرديءَ واري زماني ۾ محترم رسول بخش پليجي جو ڪتاب “انڌا ونڌا ويڄ” پڙهيم، ڪتاب کي ذهن ۾ طوفان برپا ڪرڻ جي طاقت هئي. انهيءَ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هلندڙ رجعت پسنديءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي اٽڪاءَ ۾ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو ۽ تڏهن اسين شاگرد به ترقي پسنديءَ جي توانا سوچ ۽ فڪر ڏانهن مائل ٿياسين. آءٌ انهيءَ ڪتاب جي ذريعي فارسيءَ ۽ عربي شاعريءَ کان پهريون دفعو واقف ٿيس، پليجي صاحب جو اهو ڪتاب سنڌي ادب تي آيل مشڪل گهڙي کي آسان ڪري ويو. ڪي ڪتاب حالتن کي بدلائي ڇڏين ٿا. ‘انڌا اونڌا ويج’ اهڙو ئي هڪ ڪتاب آهي. شاعريءَ کي ڪيترو فڪري آدرش هوندو آهي، اها ذهن کي ڪيئن متاثر ۽ دلين کي ڪيئن گهائل ڪندي آهي. فارسي شاعري انهيءَ جو مثال آهي. فارسي شاعري جي عظمت جي دنيا معترف آهي. ايران جتي عظيم الشان شهنشاهه پيدا ڪيا آهن. ۽ انهن سان ٽڪرائيندڙ اڻ موٽ باغي به پيدا ڪيا آهن. جن شاهن جي فرمانن جو انڪار ڪيو ۽ غير معمولي سياسي تحريڪن کي جنم ڏنو. انهيءَ سڄي تاريخي روداد جو هي غير معمولي ڪتاب شاهد ۽ ساکي آهي. پر ايران جو انسان ذات لاءِ وڏو سرمايو انهيءَ جا شاعر آهن، تنهن بعد هڪ ڊگهي قطار قدآور، نثر نگارن ۽ مصورن، موسيقارن، خوش گلو ۽ پري رو گلو ڪارن جي به آهي، فن جي سڀني ماڌيم ۾ فارسي شاعري جو پُڙ ڳرو آهي ۽ سڄو برِ صغير پنهنجي شاعريءَ ۾ فارسي شاعريءَ کان متاثر آهي. انهيءَ جي غير معمولي مواد، هئيت، خيال، فڪر، اثر، اهميت ۽ معنيٰ آفريني جو اندازو يوسف کي به خوب آهي، هن فردوسي، حافظ شيرازي کان قرت العين طاهره ۽ فروغ فروغ زاد ۽ ٻين Legend شاعر جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي، هونئن به ايران جو حقيقي تعارف فارسي شاعري جي بي مثال صنعت گري آهي. جيڪا ماضي جي ڪئين صدين تي مشتمل مختلف ماحول ۾ تخليق ٿي آهي، پر انهيءَ شاعريءَ هر دور جي انسان کي متاثر ڪرڻ ۽ سندس جذبن جي نمائندگي ڪرڻ جي صلاحيت پئي رکي آهي غزل ۾ فارسي شاعري جو نقش ڪارگر آهي. منجهس حُسن ۽ عشق جي دلربائين جو هڪ اهڙو جهان آهي، جنهن جو مثال دنيا جي ٻين ٻولين ۾ شايد ئي هجي. يوسف انهيءَ جو تعارف موهه ۽ حب ۽ اُڪير سان ڪيو آهي.
مختصر ته هي ڪتاب ايران جي سفر جي رنگا رنگيءَ سان گڏ انهيءَ جي ماضيءَ جي غير معمولي تاريخ جو بيان پڻ آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي علمي ۽ فڪري تحرير جنهن اسان کي عام فهم ٻولي ۽ روان نثر ۾ ايران جي تاريخي اُٿل پٿل جي جزن کان واقف ڪيو آهي، هيءَ ايران شناسي تي پنهنجي نوعيت جو هڪ خوب ڪتاب آهي ۽ سنڌي ءَ ۾ اڳتي هلي هڪ يادگار ڪتاب جي جاءِ والاريندو.

غلام نبي سومرو
حيدرآباد
2012-7-14