• تنهنجي ‘سنڌو’ پڙهي ڪير ٿو؟
اسين جنهن هنڌ يعني ‘خيابان اميرڪبير’ ڪوچه صفا وٽ بيٺا هئاسين، ان جي آسپاس “سوهان” يعني قم جي مشهور حلوي جا ڪيترائي دوڪان هئا، جتي قم جو اهومشهور حلوه (سوهان) خوبصورت دٻن ۾ پئڪ ٿيو رکيو هو ۽ انهن جي مٿان قيمتن جون چٽڪيون لڳل هيون، هڪ هزار تومان، ٻه هزار تومان، اڍائي هزار تومان، قم جو اهو سوهان ڏاڍو مشهور ۽ لذيذ آهي، جيڪو مختلف ذائقن ۽ ويرائيٽز ۾ ٺاهيو وڃي ٿو ۽ زائرين اهو خريد ڪري تبرڪ طور پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.
“هاڻ ......؟” امين بيٺي بيٺي پڇيو،
“جيڏانهن ڪنڌ... تيڏانهن پنڌ.” وراڻيم.
“هلو!”
پوءِ اسانجو جنهن پاسي ڪنڌ هو، اُن پاسي ئي پنڌ پياسين. قافلي جي ٻين ساٿين سان اهو پروگرام ٺهيو هو ته شام جو پنجين وڳي سڀ گڏجي هلي زيارت ڪنداسين، هاڻ هو سڀ آرامي هئا ۽ اسين قم جي رستن تي رولاڪي ڪندا پي وياسين.
هوريان هوريان هلندا، آسپاس جو جائزو وٺندا پي وياسين، رمضان شريف جي روزي هئڻ سبب ڪجهه دوڪان کليل هئا ته ڪجهه بند، کليل دوڪانن جي اندر به همراهه يا ته تسبيحن جي داڻن جي ٽڪ ٽڪ لڳايو ويٺا هئا يا وري قرآن پاڪ جو دور پي ڪيائون. ٻه فرلانگ کن هلڻ کانپوءِ اسانکي سامهون هڪ پارڪ نظر آيو، جنهن ۾ ڪاٺ جون بئنچون کتل هيون.
“هل ته پارڪ ۾ هلي ٿا ويهون...” امين کي چيم.
“ڀلي”.
اسين روڊ اُڪري پارڪ ۾ گهڙي آياسين، جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه نوجوان جوڙا ۽ هڪ ٻه ايراني فئمليز موجود هيون ۽ جن سان گڏ ننڍا ٻار به هئا، ايئن پي لڳو ته اهي فيمليز پارڪ ۾ پِڪ نِڪ ملهائڻ يا روزي کي وندرائڻ آيون هيون. اُتي ويٺل نوجوان جوڙن جون عمريون ٻاويهن چوويهين سالن جي لڳ ڀڳ هيون، اهي يا ته شادي شده هوندا يا ڪنهن ٻي رشتي ۾ ڳنڍيل، ڇو ته ايران ۾ هروڀرو جوڙن جو بنا ڪنهن رشتي جي ائين عام جام هڪٻئي سان ملڻ قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. پوليس يا پاسداران انقلاب ڪنهن به وقت کانئن سندن وچ ۾ رشتي بابت پڇا ڳاڇا ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻ ڪنهن حد تائين نرمي ۽ ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي، پر ڏهه پندرهن سال اڳ ته اهڙي سختي هئي جو پوليس يا پاسداران کانئن نڪاح نامون به طلبيندا هئا ۽ جيڪڏهن هو مطمئن نه ٿي سگهيا ته پوءِ همراهه وڏي ڏچي ۾ اچي ويندا هئا. پارڪ ۾ ويٺل اهي جوڙا پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مگن هئا، هڪ نوجوان جي هٿ ۾ سگريٽ به هو. ڇوڪرين کي ڪاري چادر ويڙهيل ۽ مٿي تي اسڪارف ٻڌل هو. مون سڄي ايران ۾ ڪٿ به عورت کي مٿي اگهاڙو نه ڏٺو، ايران ۾ حجاب يعني مٿو ۽ بدن ڍڪڻ جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ هنڌ هنڌ تي پردي بابت شرعي احڪامن ۽ امامن (خميني ۽ خامنه اي) جا قول پڻ مختلف هنڌن تي بورڊن تي آويزان نظر آيا.
ٿوري دير پارڪ ۾ ويهي خبرون چارون ڪندا رهياسين ۽ امين پنهنجي ٻاڙ يعني سگريٽ جا سوٽا هڻڻ لڳو. امين جي سگريٽن جو مسئلو سائين صفدر شاهه حل ڪري ڇڏيو هو. هو پاڻ سان گولڊ ليف سگريٽن جي چڱي موچاري ڪوٽا کڻي آيو هو. صفدر شاهه جي به اسان سان واهه جي لڳي. قم ۾ يا مشهد ۾ هوٽل تي هوندا هئاسين ته پاڻ اسانجي ڪمري ۾ هليو ايندو هو ۽ پوءِ اسانجي ڪچهري واهه جي مچندي هئي ۽ مٿان وري صفدر شاهه ۽ امين سگريٽن جا هيراڪ ۽ صفدر شاهه اهو چئي امين جي سگريٽن جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ته “مون پاڻ سان ڪافي سگريٽ آندا آهن، جيڪي سڄو ايران جي سفر ۾ پاڻ ٻنهي جي ڪوٽا کان مٿي آهن... سو بي حجاب ٿي پي...”
۽ امين کي وري ڇا گهرجي، کيس هرهر چانهه ملڻ ته مشڪل هئي، سو سڀ ڪسرون سگريٽن مان.... هڪ ڀيري مذاق ڪندي چيومانس “امين ڀائي! اهل بيتن تي ڪجهه ته رحم ڪر... هو اڳ ۾ ئي ويچارا ستايل آهن، جو سندن ڪپڙن جا ٿيلها گم ٿي چڪا آهن. تنهنڪري تون سگريٽن جي ڪوٽا ڪجهه گهٽائي... نه ته ڳوٺ هلي توتي هڪ مضمون لکندس... اُن جو عنوان هوندو... امين لاکي جو سفر گولڊ فليڪ کان گولڊ ليف تائين....”
“آئون وري لکندس ماما جوسو اِن ايران....” امين وراڻيو.
“ڀلي لک....” مون وڌيڪ چيڙائيندي چيس، “اڳ ۾ ڪهڙو لکيو اٿئي.. جو هاڻ لکندين.. ۽ ڀلا جي تو کڻي لکيو به ته اهو ڇپيندين “هفتيوار سنڌوءَ” ۾.. ۽ تو وارو اهو ‘سنڌو’ وري پڙهي ڪير ٿو سڄي سنڌ ۾... انعام ٽکڙائي.... شڪارپور ۾ نياز مسرور بدوي ..... خيرپور ۾ حزب الله سومرو ۽ انور پرديسي... ڪو پنجون ته نالو ٻُڌائي سڄي سنڌ ۾...”
“چڱو چڱو.... پاڻهي خبر پوندئي ته سنڌو آهي ڇا....؟” امين وراڻيو، ايئن آئون امين کي چيڙائيندو رهندو هوس، هونئن به امين مولائي مڙس، صبح کان وٺي شام تائين اخبار جي ڪم جي بلي.... رات جو دير سان اچي گهر مٿان ٿي ڪري، سو کيس فرصت هجي ته ڪجهه لکي، ايئن هو اسانکي ڌڙڪا ڏيو پيو وقت ڪڍندو آهي ۽ اسين به کيس چيڙائي پيا خوش ٿيندا آهيون.
“اُٿ ته اڳيان هلون.... سڄو ڏينهن هن پارڪ ۾ ويهندين ڇا؟” امين کي يڪو ويهندو ڏسي چيم، جنهن پهريون سگريٽ پورو ڪري ٻيو دُکايو هو، “بس سگريٽ پورو ڪري اُٿئون ٿا.؟”
امين سگريٽ پورو ڪيو ته اُٿياسين ۽ پارڪ جو ٻيو پاسو ڏيئي، هڪ پُل اُڪري ٻي پاسي آياسين ته هڪ تيرواري بورڊ تي نظر پيئي، “بيت امام آيت الله خميني.”
مون امين جو ان پاسي ڌيان ڇڪرائيندين چيو.” ڇو نه خمينيءَ جو گهر هلي ڏسجي.”
“هل.... دير ڇاجي!” امين وراڻيو.
ايران ۾ مونکي هڪ سُٺي ڳالهه اها به نظر آئي ته جتي ڪٿي تيروارن نشانن سان تختين تي رهنمائي جي لاءِ نالا لکيل نظر آيا. جنهن ڪري ماڻهوءَ کي نه رڳو اهو پتو رهي ٿو ته هو ڪهڙي هنڌ تي آهي، پر گهربل روڊ، رستي، پاڙي ۽ بلڊنگ وغيره تائين سولائيءَ سان پهچي وڃي ٿو، نه رڳو قم، پر ٻين شهرن تهران، اصفهان، نيشاپور، مشهد، طوس وغيره، اسين جتي به وياسين وک وک تي فارسيءَ ۾ اهڙا ننڍا ننڍا رهنمائي وارا بورڊ کُتل نظر آيا.
ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ جنرل اسٽور نظر آيو. اچڻ مهل امين چيو ته واپسيءَ ۾ آئل به وٺي اينداسين. جيئن رڌ پچاءُ جي ڪم اچي، اسان اندر گهڙي ٻن هزار تومانن ۾ ٻه ڪلي ڪلي واريون آئل جون بوتلون ورتيون، هڪ پاڻ لاءِ ۽ ٻي صفدر شاهه وارن لاءِ... اتي اسانکي ڪائونٽر تي هڪ عالم سڳورو بيٺل آيو، اسان کيس ‘بيت امام خميني’ چئي اشارن ۾ پڇيو ته ڪيترو پري آهي ته جواب ۾ هن مرڪندي، اردو ۾ اسان کي ڏس ڏنو ته هتان ٿورو سڌو وڃي پوءِ ٻيو نمبرگهڻي ۾ گهڙو، ٻه چوڪ ڇڏي اڳيان اوهانکي ‘بيمارستان’ نظر ايندي، ان جي سامهون “امام جو گهر” آهي. اسان سندس مهرباني مڃي ۽ سندس ڏسيل رستي تي هلندا اچي “ميدان روح الله” جي سامهون “بيمارستان” وٽ بيٺاسين، فارسيءَ ۾ اسپتال کي “بيمارستان” ۽ چوڪ کي “ميدان” چون. قم توڙي ٻين شهرن ۾ هر فرلانگ ٻن تي اوهانکي اهڙا ننڍا ننڍا ‘ميدان’ نظر ايندا، ۽ اهي ميدان يا پارڪ وري ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جي نالي سان منسوب جيئن ميدان امام خميني، ميدان شهيد منتظري، ميدان شهيد بهشتي، ميدان شريعتي وغيره. چوڪن تي ٺهيل انهن ننڍن ننڍن پارڪن ۾ سهڻا گل ٻوٽا ۽ ڦوهارا لڳل آهن، جيڪي نه رڳو انهن ميدانن، پر شهرن جي سونهن به وڌائي رهيا آهن، جن کي ڏسڻ سان اکيون ئي ٺريو پون. چوڪن تي ٺهيل اهڙن ننڍن وڏن پارڪن کانسواءِ رستن تي هنڌ هنڌ تي ڊسٽ بن به کُتا پيا آهن، جيئن ماڻهو هلڪو ڦلڪو ڪاغذ، سگريٽ جو ٽوٽو وغيره هيٺ پٽ تي اڇلائڻ جي بدران ان ۾ وجهن ۽ ايراني ان تي عمل به ڪن، پاڻ وانگر ڪونهن جو ڊسٽ بن هوندي به هِت هُت اڇليندا وتن، جنهن ڪري روڊ رستا ۽ گهٽيون صاف لڳيون پيون هيون، صفائي جو اهڙو بندوبست ڏسي، سچ ته حيراني پي ٿي، مشهد ۾ هڪ رات آئون صبح جو اثر مهل ساڍا ٽي يا چار ٿيا هئا، اُٿي آفتاب شاهه سان امام رضا جي جي مزار تي ويس، بازار مان لنگهياسين ته ڏٺوسين ته صفائي وارو عملو انهن ڊسٽ بنن مان ڪچرو ڪڍي گاڏين ۾ لَڏي رهيو هو، پر روڊن جي صفائي به ڪري رهيو هو. صبح جو واپس ورياسين ته روڊ ائين پي چمڪيا جو بس کڻي.
بيمارستان جي سامهون ميدان روح الله وٽ بيهي اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ هڪ واٽهڙوءَ کان “بيت امام خميني” جو پڇيوسين، جنهن مرڪي سامهون اشارو ڪيو، سامهون ئي ‘بيت خميني’ هو. امام خميني جو گهر ‘بلوار معلم غربي’ جي گهٽي نمبر يازدهم (يارهين) جي بلڪل مهڙ وٽ آهي، گهر جي سامهون بيهي، اسين ٻاهران لڳل اسٽيل جي بورڊ تي فارسيءَ ۾ لکيل خمينيءَ جي ان گهر بابت ڄاڻ جو ڪتبو پڙهڻ لڳاسين.
•