سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• ايران ڪيئن وڃجي...؟

پاڪستان کان ايران وڃڻ لاءِ ٽي رستا آهن، پهريون باءِ ايئر، جنهن ذريعي ڪراچي کان سڌو تهران ٽن يا ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام وسيلي پهچي سگهجي ٿو. ڪراچي کان تهران جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو فلائيٽ ويندي آهي، جهاز جي ذريعي وڃڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي، البت پئسو وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. جهاز جي ذريعي ڪراچي کان سڌو تهران ٽن يا ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام وسيلي پهچي سگهجي ٿو. هن وقت جهاز جي ذريعي ڪراچي کان تهران اوٽ موٽ ڪرايو 45 هزار روپيا آهي، جهاز جي ذريعي سُکيا ستابا ماڻهو ته وڃي سگهن ٿا، پر عام غريب غربو زائر وڃڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي، جو هو ايترن کان به گهٽ پئسن ۾ ته باءِ روڊ يا باءِ ٽرين ڳوٺ کان وٺي ايران تائين گهميو ڦريو، خريداريون ڪريو موٽيو اچي.
ٻيو رستو ڪوئيٽا کان ريل جي رستي وڃڻ جو آهي، اهو سستو ته ضرور آهي، پر تڪليف ۽ اهنجن سان ڀريل آهي، ڪوئٽا کان تفتان پهچندي ڪڏهن ڪڏهن ته ريل کي چوويهه ڪلاڪ به لڳيو وڃن، رستو ويران ۽ ڊگهو هئڻ ۽ واري جي دڙن ۽ جبلن مان لنگهڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن پٽڙي فرلانگن جا فرلانگ واريءَ ۾ دٻجيو وڃي ۽ پوءِ ريلوي ملازمن سان گڏ مسافر به پيا پٽڙي صاف ڪندا آهن، ۽ وري جي اتفاق سان ويرانيءَ ۾ انجڻ فيل ٿي پوءِ ته سر ئي ويو. ان ريلوي لائين کي ‘سپزنڊا زاهدان’ سيڪشن چوندا آهن.
اها ريلوي لائين مير جاوا تائين وڃي ٿي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تفتان کان اڳيان ‘مير جاوا’ تائين جو علائقو ايران کي دوستيءَ ۾ سوکڙي طور ڏنو ويو. 613 ڪلوميٽر ڊگهي اها ريلوي لائين ريگستانن، سنگلاخ پهاڙن، دشت ۽ صحرائن ۾ واري اڏائيندڙ، هوا سان گڏ پنهنجي جاءِ بدلائيندڙ واريءَ جي دڙن سان گڏ “اتران” تائين وڃي ٿي ۽ اها دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڪيلي بين الاقوامي ريلوي لائين آهي. ان ٽريڪ تي ڪوئٽا کان دالبدين تائين پندرهن اسٽيشنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن: ڪوئٽا، سرياب، سپزنڊا، ولي خان (مستونگ روڊ)، ڪانڪ، شيخ وال، ڪردگاب، گلنڪور، ڪيشنڪي، نوشڪي، احمد وال، پائين مل، پدگ روڊ، ڪچاهه ۽ دالبدين. ۽ وري دالبدين کان زاهدان تائين 388 ڪلوميٽرن جي ريلوي ٽريڪ تي تيرهن اسٽيشنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن. دالبدين، يڪ مچ، گيت، آزات، نوڪنڊي، علم ريگ، تزگي، وارچاهه، ڪوهه تفتان، بائونڊري پلر نمبر72، مير جاوا، خان محمد چاهه ۽ زاهدان. ڪجهه وقت اڳ ايران ريلوي جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڪستان جي اعليٰ عملدارن جي وچ ۾ زاهدان کي ڪرمان ريلوي اسٽيشن سان گڏڻ جي رٿا تي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون هيون.
اها ريلوي لائين پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي دوران وڇائي ويئي، ان کان اڳ اهو ڏکيو سفر اُٺن جي ذريعي ڪيو ويندو هو. اُٺ هونئن به ريگستان جو بادشاهه، سو واريءَ جو اهو رڻ جهاڳي وڃي پار پوندو هو.... پر پهرين مهاڀاري جنگ کان ٿورو اڳ اُٺن کي ڪا نظر کائي ويئي ۽ اهڙي ڪا بيماري اچي لڳين، جو اُن رستي تي هلندڙ ٽي هزار جا ٽي هزار اُٺ مري ويا. ۽ اهو رستو اُٺن جو قبرستان بنجي ويو، ۽ رستي تي اُٺن جا ايترا ته ڍانچا پکڙيا پيا هوندا هئا جو ماڻهو چوندا هئا ته انهن ڍانچن جي مٿان هلي ئي ايران وڃي سگهجي ٿو.
ان ريلوي لائين وڇائڻ جي لاءِ آگسٽ 1916ع ۾ سڄي رستي جو سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪم اهڙي ته تيزيءَ سان شروع ٿيو، جو پنجن مهينن جي اندر ئي ٻه سئو ڪلوميٽر ريلوي پٽڙي وڇائجي ويئي. هاڻ اڳيان اهڙو ته ڀيانڪ ريگستان هو جو ماڻهو اڄ به ان کان ڪنبن ٿا. تنهنڪري باقي چار سئو ڪلوميٽرن جي اها لائين هڪ سال ۾ وڇائي ويئي، ۽ 1918ع ۾ اهو ڪم پورو ٿيو.
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ان رستي تي سال جا هڪ سئو ويهه ڏينهن لڳاتار هوائون هلنديون آهن ۽ واري ايتري ته تيزيءَ سان اُڏندي آهي، جو جسم ۾ گهڙي ويندي آهي، مينهن اول ته پوندو ئي ڪونهي، پر جي وسندو اهي ته پهاڙن تان پٿر به پاڻ سان وهائي کڻي ايندو آهي، جيڪي سڄي دشت ۾ پکڙجي ويند اآهن، پر هوائون پاڻ سان گڏ هڪ ٻيو به تحفو کڻي اينديون آهن، جنهن کي ماڻهو “دوريگ” چوندا آهن، يعني هلندڙ ڦرندڙ پهاڙ، نئين چنڊ جي شڪل جا اهي ڍڳ ڪنهن هڪ هنڌ نه رهندا آهن، پر سِرڪندا رهند اآهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ريلوي لائين جي مٿان به ڄمي ويهي رهندا آهن. انجنيئر انهن ڍڳن جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، تنهنڪري هو ان جي پاسي کان نئين لائين ڪڍندا آهن.
شروع ۾ ته اها لائين فقط فوج جي ڪم ايندي هئي، پوءِ جڏهن فوج ڪتب آڻڻ بند ڪئي ته اها ڇڏي ڏني ويئي، ايستائين جو نوڪنڊي ۽ زاهدان جي وچ ۾ لائين بند ڪري ٻن سئو ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ پٽڙي اُکاڙي ويئي. پر جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته لائين ٻيهر وڇائي ويئي ۽ سڄي لائين جو معائنو ڪري اها لائين استعمال جوڳي قرار ڏني ويئي ۽ 20 اپريل 1942ع تي زاهدان تائين اها لائين ٻيهر کلي، اڳ ۾ هفتي ۾ ٻه مسافر گاڏيون هلنديون هيون، پر هينئر ڪوئٽا کان ايران ويندڙ ٽرين بند ڪئي ويئي آهي، پاڻ واري ريلوي کاتي جا ته هاڻ ٽپڙ ئي ٽيشن تي آهن.
ٽيو رستو اهو آهي، جيڪو اسان اختيار ڪيو يعني باءِ روڊ. اسين ڪالهه پهرين آگسٽ تي شام جو ساڍي چئين بجي ڌاري ڪوئٽا مان تفتان جي لاءِ نڪتاسين ۽ اڄ صبح جو چئين سوا چئين بجي ڌاري تفتان پهتاسين، وچ ۾ رات جي مانيءَ لاءِ بس هڪ ويران هنڌ تي جبلن جي ڀڪَ ۾ ٺهيل هوٽل تي بيٺي ۽ اسين به بنا ڪجهه چوڻ پُڇڻ جي لهي پياسين ۽ پٿريلي پَٽ تي وڇايل تڏن تي ويهي دال مانيءَ جو آرڊر ڏيئي، کائي پي، اوڳرايون ڏيئي، جڏهن بل جو پڇيوسين ته ڍڍر ئي ڍرا ٿي پيا. ڦنگي ۽ بي ذائقي دال جي في پليٽ هڪ سئو روپيا. ڪُڇڻ پڇڻ جي جاءِ ڪانه هئي، ماٺ مٺيءَ ۾ هڪٻئي سان مهانگي هئڻ جا سور اوريندي، بل ڏيئي، منهن ڀيلو ڪري اچي بس ۾ چڙهياسين. سوَلا وري به صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه وارا ٿيا، جيڪي ڪوئٽا مان ئي ماني خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيا هئا. ان تجربي جي آڌار تي ڪوئٽا کان تفتان تائين سفر ڪندڙ مسافرن کي اهائي صلاح آهي ته هو ڪوئٽا مان ئي ماني وغيرهه وٺي پاڻ سان کڻن، جيئن رستي ۾ ٻاکڙا هوٽل وارن هٿان ڦرجڻ کان بچي سگهن.
ڪجهه سال اڳ اهو روڊ ايترو ته خراب هو، جو مسافري ڪندڙ همراهه تفتان پهچندي پهچندي اڌمئو ٿي پوندو هو، ۽ ڪوئٽا کان تفتان تائين ويهه ٻاويهه ڪلاڪ لڳندا هئا. پر هاڻ ٻن ٽن سالن کان اهو روڊ ٺهي وڃڻ جي ڪري مسافري ڪندڙ لاءِ ڪافي سهوليت پيدا ٿي پيئي آهي. البت هاڻ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ويجهڙ ۾ جولاءِ 2011ع جي آخر ڌاري ايران ويندڙ زائرين جي بسين تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، جنهن ۾ ڪجهه مسافر مري به ويا. اهي حملا، خاص ڪري زائرين تي وڌيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جي پويان هڪ مذهبي تنظيم جو هٿ ٻڌايو وڃي ٿو. اسانجي قافلي جي سالار وسيم پڻ اسانکي ان ڳالهه جي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته جيڪڏهن ڪير اوهان کان پڇي ته ڪيڏانهن پيا وڃو ته کيس ايران وڃڻ جو قطعي نه ٻڌائجو، جو متان اهو ڪنهن تنظيم جو جوڻيت نه هجي. اها ساڳئي ڳالهه ڪوئٽا ۾ مونکي منهنجي دوست محمود ابڙي به چئي. هن ٻُڌايو ته هتي هر چوٿون ماڻهو يا ته ڪنهن ايجنسيءَ جو يا وري مٿي ذڪر ڪيل مذهبي تنظيم جو جاسوس آهي، ۽ ڪوئٽا جي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ مٿين عنصرن جو وڏو هٿ آهي. ٻي پاسي ڪوئٽا ۾ مذهبي عنصر به گهڻو حاوي آهي، جنهن جو تجربو مونکي به بس اسٽينڊ تي پيپسي بوتل خريد ڪندي ٿيو. مون جڏهن هڪ مولوي دڪاندار کان پيپسي گهري ته هن چيو، “اها ته يهودين جي ٺاهيل آهي، ۽ آئون نه رکندو آهيان.” پوءِ هن ڪوڪ کڻي ڏني ته چيومانس، “ڳالهه ته مڙيئي ساڳئي ٿي... هيءَ به ته آمريڪا جي پروڊڪٽ آهي.” ته وراڻيائين، “آمريڪا وارا ته وري به عيسائي ۽ اهل ڪتاب آهن.” چيو مانس، “يهودي به ته اهل ڪتاب آهن ۽ آمريڪا جي معيشيت تي به ته هنن جو ئي قبضو آهي.” ته وراڻيائين، “عيسائي تو پهر ڀي يهوديون سي بهتر هي.” ايئن چئي ڦڪي مُرڪَ مرڪيو ۽ مون وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ بدران ڪوڪ وٺي کيس پئسا ڏنا.
تفتان پهچي، قافلي جي سالار وسيم ڏهراج جي هدايت تي عمل ڪندي پاڪستاني اميگريشن آفيس جي ٻاهران لڳل پٺاڻن جي قطار جي پويان بيهندا وياسين. اميگريشن آفيس اٺين بجي کلڻي هئي ۽ ان مهل صبح جا ساڍا چار ٿي رهيا هئا. هڪڙو ڊگهو سفر ۽ ان جو ٿڪ ۽ مٿان وري چئن پنجن ڪلاڪن جو انتظار... مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ... ٿوري دير بيهڻ کانپوءِ قطار ۾ ئي شولڊر بئگ پٽ تي رکي پٿرن تي ايئن اوڪڙون ٿي ويهي رهياسين، جيئن گذريل سال آيل ٻوڏ جي دوران سنڌ ۾ ماڻهو سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کان امداد ملڻ جي آسري ۾ انهن ادارن جي آفيسن جي ٻاهران بيهي بيهي ٿڪي پوڻ کانپوءِ اوڪڙون ويهي امداد ملڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا.اسين انهن پٿرن تي ويهي وقت گذارڻ جي لاءِ هڪٻئي سان ڪچهري ڪرڻ ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير کانپوءِ وسيم ٿيلهو ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندو آيو ۽ سڀني کي پاسپورٽ ڏيندي چيائين ته پاسپورٽ قابو ڪجو، قطار اصل نه ڇڏجو، البت ضروري حاجت ۽ چانهه چُڪي پيئڻ لاءِ، واري واري سان پنهنجي جاءِ پنهنجي ئي ڪنهن دوست کي سنڀالڻ لاءِ چئي، پاسي ۾ ٺهيل هڪ ننڍي گهر ۾ هلندڙ هوٽل ۾ وڃي سگهو ٿا. ۽ چاهيو ته اتان ڪرنسي به مٽائي سگهو ٿا. ماڻهو ساکائتو آهي، ڪرنسيءَ جو ريٽ صحيح ٿو ڏي.
ايئن واري واري سان اسان ڊسيپلين ۾ رهندڙ سپاهيءَ جيان وسيم جي هدايتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، ضروري حاجتن کان به فارغ ٿياسين ته چانهه چڪو پي، ڪرنسي مٽائي، کيسا سنڀاليندا واپس اچي پنهنجي جاءِ والارڻ لڳاسين. منهنجو تجربو آهي ته بارڊر تي ڪرنسي مٽائڻ سان اگهه صحيح ٿو ملي، جڏهن ته ملڪ جي اندر گهٽ ٿو ملي. اهڙو تجربو مونکي هندستان ويندي، “واهگا” بارڊر تي به ٿيو ته تفتان ۾ به، جتي اسانکي هڪ هزار پاڪستاني روپين جا تيرهن هزار ٻه سئو ريال مليا، جڏهن ته قم ۽ ٻين شهرن ۾ وڌ ۾ وڌ ريٽ ٻارهن هزار اٺ سئو ايراني ريال مليا. البت مشهد ۾ اسانکي ريٽ ڪافي صحيح مليو، جتي پهرين هڪ هزار پاڪستاني روپين جا تيرهن هزار ريال ۽ پوءِ ساڳئي دڪاندار ٿوري حجت ڪرڻ تي تيرهن هزار هڪ سئو ريال ڏنا، پر تفتان جهڙو ريت يعني تيرهن هزار ٻه سئو ريال ڪٿي به نه مليو.
ايران ۾ ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا هر هنڌ عام آهي، بازارن ۾، مزارن تي ۽ گهٽين ۾ اڪثر همراهه بيٺا ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا ڪندا آهن، پوءِ جيڪو جتي ڦاسي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪٿي ائين بازارن ۽ گهٽين ۾ بيهي ڪرنسي جي مٽا سٽا ڪن ته شاهينگ کين لپاٽون ئي ٻه هڻن. پر ايران ۾ امن امان آهي، تنهنڪري هر هنڌ همراهه نهايت اطمينان سان هٿن ۾ مختلف ملڪن جي ڪرنسين جا ٿها کڻيو، ڪاروبار ڪندا نظر ايندا، ٻيو ته مون اُتي ڏٺو ته ايراني بئنڪون پاڻ سڌيءَ ريت ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا نٿيون ڪن ۽ اهي به ماڻهن کي انهن ايجنٽن ڏانهن ئي موڪلين ٿا. قم ۾ آپا مهرالنساءِ هڪ بئنڪ ۾ پئسا مٽائڻ ويئي ته بئنڪ عملي کيس چيو ته “هوءَ انهن ايجنٽن کان ئي چينج ڪرائي وٺي.”
هتي هڪ ڳالهه لکڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته ايران جو سڪو ته ريال آهي، پر اتي سڄو ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي “تومان” ۾ ٿئي. ريال ته مڙيئي نالي ۾ آهي. جهڙوڪ اوهان وٽ 5000 ريالن جو نوٽ آهي، ته اوهين انهيءَ مان هڪ ٻُڙي ڪاٽو ڪندا ته اهي ٿيندا 500 تومان. 10,000 ريال آهن ته ٻُڙي ڪاٽو ڪرڻ سان اهي ٿيندا هڪ هزار تومان. هزار ريالن جو نوٽ اٿوَ ته ٻڙي ڪَٽ ڪرڻ سان اهي ٿيندا، هڪ سئو تومان، پهرين ته ماڻهو ڏاڍو ٿو مُنجهي، پرپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچيو وڃي. ايران ۾ هينئر ‘تومان’ کي عام طور ‘خميني’ به چون. ايران جي اڪثر وڏن انگن وارن نوٽن تي آيت الله خمينيءَ جي تصوير ڇپيل آهي، مثال طور، اوهين دوڪاندار کان ڪنهن شئي جو اگهه پُڇو ۽ هو اوهان کي چئي، “سئو خميني” ته ائين سمجهو ته هو هڪ سئو تومان ٿو چوي، شاهه ايران جي دور ۾ ايران جي ڪرنسيءَ تي اڪثر رضا شاهه پهلويءَ جي تصوير ڇپيل هوندي هئي ۽ ايراني سڪي کي “پهلوي” به چيو ويندو هو. هونئن به ايراني قوم سدائين شخصيت پرست رهي آهي ۽ شخصيتن جي پويان ئي هلندي رهي آهي ۽ شخصيت پرستي ايرانين جي نس نس ۾ شامل آهي.
اسين جڏهن تفتان مان پاڪستاني ڪرنسي مٽائي، ايراني ڪرنسي وٺي، پوءِ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪرنسيءَ جي اگهه تي ڳالهائڻ لڳاسين ته مون امين لاکي کي چيو، “امين تو ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هوندو ته تون هڪ ڏينهن صبح جو ايئن ڪجهه ئي گهڙين ۾ لک پتي بنجي ويندين.” ان مهل اسان مان هرهڪ جي کيسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ لک ريال ته ضرور موجود هئا.