• نادر شاهه افشار ... جنهن جي هٻڇ جي حد ئي نه هئي
مشهد ۾ مون جيڪي جايون ڏسڻ جو پروگرام جوڙيو، انهن ۾ نادر شاهه جو مقبرو به هو، جنهن بابت ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته اهو امام رضا جي روضي کان ڏيڍ ٻن فرلانگن جي فاصلي تي آهي، حرم وٽان ئي نظر اچي ٿو. پر هاڻ حرم جي آسپاس ايتريون ته بلند و بالا عمارتون اڏجي ويون آهن. جو اهو نظر نٿو اچي.
اسان جي قافلي ۾ جيڪي زائرين هئا، تن مان گهڻن کي گهمڻ ڦرڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي، باقي اسان چئن جو سلهٽ ته ٺهيل هو، آفتاب شاهه به مون وانگر گهومو... ۽ صفدر شاهه اسانجي پويان، جيئن چئونس، جيڏانهن چئونس وٽس انڪار نيست، هڪدم تيار، امين لاکو ٻن ٻيڙين ۾ سوار، ادي مهرالنساءَ لاڙڪ وارن جو به خيال رکي ته اسان سان به گڏ. پر بهر حال اڄ صورتحال اهڙي بيٺي جو مون اڪيلي کي ئي رولاڪي ڪرڻي پيئي، هونئن به اڪيلو گهمڻ ۽ هلڻ جو به پنهنجو مزو آهي.
آئون حرم مان ٿي ٻاهر نڪتس ۽ ڪنهن کان “نادر شاهه افشار” جي مقبري جي پُڇيم.
“سامهون سڌو شيرازي اسٽريٽ تي هلندو وڃ... اڳيان چوڪ ايندو ان جي سامهون مقبرو آهي.”
بس پوءِ ته مون به رکيو پيرن تي زور ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو واڪڙ واڪڙ ڪندو شيرازي اسٽريٽ لتاڙيندو اچي نادر شاهه جي مقبري جي اڳيان بيٺس، سامهون ئي هُشڪاريل اُڀين پير گهوڙي ۽ ان جي مٿان جنگ جي حالت ۾ ويٺل نادر شاهه جو اسٽيجو نادر شاهه جي مقبري جي مٿان کتل نظر آيو ، رستو اُڪري وڃي مقبري جي ٻاهرين احاطي وٽ بيٺس ۽ پنج سئو تومان ڏيئي ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيس. منهنجي سامهون ئي ٺهيل پڌر جي هڪ پاسي پنهنجي دور جي انتهائي ظالم، جابر، بي رحم، چالاڪ، اڻ پڙهيل ۽ ايران جي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ بادشاهه نادر شاهه جي قبر جو تعويذ موجود هو، جنهن کي هڪ مورخ ‘ويمبري’ پنهنجي ڪتاب “هسٽري آف بخارا” ۾ “آخري عظيم ايشيائي فاتح “ قرار ڏنو آهي.
نادر شاهه جا ظلم ۽ آندل تباهيون نظر انداز ڪرڻ ۽ انهن جو ڪو جواز پيش ڪرڻ ته ڏکيو آهي، پر اُن جي باوجود به اهو مڃڻون پوندو ته هو هڪ وڏو ماڻهو هو... هن جو هڪ عام ماڻهوءَ يعني ريڊار مان بادشاهه بنجي وڃڻ، بنا ڪنهن شڪ جي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڪاميابي چئبي. پر نادر شاهه جي حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته هن ايران کي سگهارن دشمنن کان آجو ڪرائي، ذلت جي تري مان ڪڍي ايشيا جي هڪ فخر جوڳي طاقت بنائي ڇڏيو. جنهن وقت نادر شاهه منظر تي اُڀريو، ان وقت ايران انتهائي زبون حاليءَ جو شڪار هو،
احاطي ۾ گهڙيس ته سامهون رکيل هڪ ميز تي هڪ همراهه نادر شاهه دور جا زنگيل هٿيار، خود، گرز، زرهه وغيره رکيو ويٺو هو ۽ ڪجهه همراهه اهي پايو فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا ۽ همراهه ان جي عيوض کانئن تومان وٺندو رهيو، اهو ڏسي خيال آيم ته ان خود،گرز ۽ زرهه تي الائجي ڪيترن انسانن جي رت جا ڇنڊا پيل هوندا ۽ اهي ڇنڊا رڙيون ڪري نادر شاهه جي بي رحم سپاهه جي هٿان پنهنجي قتلن جا قصا ٻڌائيندا هوندا.
نادر شاهه جي قبرسنگ مرمر سان ٺهيل هڪ خوبصورت پڌر ۾ هئي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه تصويرون به لڳل هيون، پاسي ۾ هڪ حال ٺهيل هو، جيڪو ميوزم هو، اندر گهڙي ويس، جتي نادر شاهه ۽ سندس سپاهه ۽ اهم ماڻهن جي استعمال ۾ ايندڙ هٿيار، ڪجهه پورٽريٽ، قرآن پاڪ جا نسخا، ڪپڙا وغيره سٺي نموني سجائي رکيا ويا هئا، سڀني شين تي نظرون وجهندي، نادر شاهه جي ظلمن ۽ فتحن بابت سوچيندي ٻاهر نڪري آيس. نادر شاهه ايڏو ته شڪي ۽ ظالم هو جو هن پنهنجي پُٽ ‘رضا قلي خان’ کي به بخش نه ڪيو ۽ سندس اکيون ڪڍرائي کيس انڌو ڪرائي ڇڏيو.
نادر شاهه جي قبر جي سري کان هڪ ٻيو ننڍو هال به هو، جيڪو پڻ ميوزم جو حصو هو، جيڪو ڏسي ٻاهر نڪتس ۽ ٻه گهڙيون بيهي نادر شاهه جي قبر تي نظر وڌم ۽ سوچيم “ڇا هي ماڻهون ان جي لائق آهي ته مٿس فاتح پڙهجي؟”
نادر شاهه جي مقبري جي چوڌاريءَ چڱي خاشي ايراضيءَ ۾ سهڻو باغ به رکيل آهي ۽ اُت ئي سامهون بوڪ شاپ ۽ گفٽ شاپ پڻ. ايران ۾ هر مزار تي بوڪ شاپس ۽ گفٽ شاپس ضرور نظر ٿي آيا. جيڪا ڳالهه مون سميت سڀني دوستن کي سٺي لڳي، انهن بوڪس شاپس تي مذهبي نه پر هر قسم جا ڪتاب موجود هوندا هئا. ادب، شاعري، فقه ۽ ٻين موضوعن تي پڻ، مون جيڪو “ديوان فريد الدين عطار” جو هڪ خوبصورت فارسيءَ ۾ نسخو خريد ڪيو، اهو پڻ ‘امام رضا’ جي مزار جي آڳنڌ ۾ موجود ڪتاب گهر تان ئي ورتم. ڇا اسان وٽ ٻين هنڌن تي ته ٺهيو، پر لطيف، سچل، شاهه عنايت وغيره جي درگاهن تي اهڙا بوڪ شاپ کلي نٿا سگهن ڇا؟
ڪتاب گهر تي مونکي “محمد باقر” جو لکيل ڪتاب “شاهه و انقلاب” نظر آيو، ڪتاب جي ڪور تي شاهه جي تصوير ڇپيل هئي. مشهد ۾ “موزه آستانه قدس” ۾ ڪرنسي نوٽن واري حصي ۾، شاهه جي دور جي ڪرنسي نوٽن تي شاهه جي تصوير کانسواءِ ٻيو هتي هن ڪتاب تي شاهه جي تصوير نظر آئي، خيال آيم ته شايد اهو اتفاق ئي آهي ته شاهه جي تصوير به نادر شاهه جي مقبري تي نظر آئي. نادر شاهه جو هاڻوڪو مقبرو به شاهه ايران ئي ايراني شهنشاهيت جي اڍائي هزار ساله جشن جي موقعي تي ٺهرايو هو، نه ته اڳ اتي هڪ ننڍو مقبرائي ٺهيل هو، جيتوڻيڪ نادر شاهه پنهنجي جيئري ئي ‘خيابان بالا’ ۾ پنهنجو مقبرو اڏرايو هو. نادر شاهه جي قتل کانپوءِ سندس مڙهه آڻي ان ئي مقبري ۾ دفنايو ويو. پر ڪجهه وقت کانپوءِ آغا محمد شاهه اقتدار ۾ اچي نادر شاهه جي باقيات کي اتان ڪڍرائي تهران ۾ پنهنجي محل جي چائنٺ وٽ دفن ڪرايو ته جيئن محل ۾ ايندي ويندي هو اُن شخص جي لاش کي لتاڙيندو رهي، جنهن کيس ۽ سندس گهراڻي کي وڌ کان وڌ اذيتيون ڏنيون هيون.
هڪ مورخ ‘لارنس لاڪ هاٽ’ نادر شاهه جي مقبري کي ڊاهڻ جي حوالي سان لکي ٿو، “نادر شاهه جو مقبرو مشهد جي مجتهدن 1802ع ۾ ڊهرايو، هنن اهو قدم نادر مرزا کي قتل ڪرڻ کانپوءِ کنيو، نادر مرزا، شاهه رخ جو هڪ پُٽ ۽ نادر شاهه جو پوٽو هو، نادر مرزا پنهنجي ڀاءُ نصرالله سان گڏجي ‘امام رضا’ جي مزار جي بي حرمتي ڪئي هئي (هنن مزار تي قبضي کانپوءِ قيمتي شيون لٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هڪ مجتهد کي قتل ڪيو)، جنهن تي مذهبي اڳواڻ ۽ مجتهدين مشتعل ٿي ويا، هنن پهرين ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو ۽ پوءِ نادر شاهه جو مقبرو ڊاهي ڇڏيو.”
ايراني تاريخ جي هن وڏي ڪردار جي باقيات سان بي حد ذلت وارو سلوڪ روا رکيو ويو، ڪجهه وقت کانپوءِ نادر شاهه جي ياد ۾ احترام جو ڳو طريقو اختيار ڪندي ان شهر ۾ ڪجهه قدم کنيا ويا، جنهن شهر کي هن گاڌي جو هنڌ بنايو هو، نادر شاهه جي مقبري ڊهڻ کانپوءِ ماڻهن اتي رهائشي گهر اڏي ڇڏيا، پر پوءِ شهزادي افشار جي دلچسپيءَ سان انهن گهرن کي ڪيرائي پراڻي مقبري ۾ استعمال ٿيل سامان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ هڪ ننڍو مقبروٺهرائي، ان جي چوڌاري باغ رکيو ويو.
هاڻوڪو مقبرو شاهه ايران جي دور ۾ ڊيزائن ڪري ٺاهيو ويو، اهو شاهه ايران جنهن ايراني بادشاهت جي هر آثار کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سو پنهنجي ملڪ مان عوام جي غيض و غضب جي ڪري ايئن تڙجي نڪتو، جو دوگز زمين بهي نه ملڪي ڪوئي يار ۾. ايران ۾ انقلاب کانپوءِ سندس نالي سان منسوب هر شئي کي ڊاٺو ويو يا ان جو نالو بدلايو ويو. مختيار مسعود “(شاهه جا) اهي سڀ مجسما جيڪي تهران ۾ هر هنڌ کتل هئا، باهه جو ٻارڻ ثابت ٿيا ۽ ڌاتو جو ڪو به اهڙو ذرو به نه نڪتو، جيڪو انقلاب جي گرمائش سهي سگهيو ۽ سلامت رهيو.” ڪتاب گهر تي هڪ ٻيو ڪتاب به نظر آيو، شاهه ايران جي جاڙي ڀيڻ ‘اشرف رضا پهلويءَ’ جي باري ۾ هو، اشرف پهلوي به ايراني تاريخ جي عجيب ڪردار رهي، سندس رنگين مزاجيءَ جي باري ۾ شهنشاهيت واري دور ۾ ڪيترائي الف ليلوي قصا ۽ داستان عام هوندا هئا، حيرت ٿي ٿئي ته وقت گذرڻ سان اهي افسانوي ڪردار ڪيئن نه بد ناميءَ کانپوءِ گمناميءَ جي غفائن ۾ گم ٿيو وڃن.
اهي ٻيئي ڪتاب پنجاهه سيڪڙي رعايت سان پنهنجي صفحن ۾ گهڻو ڪجهه سمايو وڪري لاءِ موجود هئا، پر پاڻ فارسي کان اڻ ڄاڻ. ڪتاب گهر مان ٻاهر نڪري ٿو اچان ۽ نادر شاهي مقبري جي باغ ۾ وڙڪڻ سان گڏ نادر شاهه جي سنڌ تي ڪيل ڪاهه بابت به سوچڻ ٿو لڳان. نادر شاهه جڏهن دهلي کي ڦري لٽي تاراج ڪري واپس ايران وڃڻ جي لاءِ روانو ٿيو ته هن سنڌ کي به نه بخشيو، هن سنڌ جي والي ‘ميان نور محمد ڪلهوڙي خدا يار خان’ کي پاڻ وٽ ڪابل طلب ڪيو ته هو اچي آڻ مڃي ۽ ڏن ڀري. ميان نور محمد ڪلهوڙي، نادر شاهه جو حڪم ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه ته نادر شاهه جي سرشت ۾ ئي نه هئي ته جيڪو سندس حاڪميت کي نه مڃي ۽ هو وري ان کي معاف ڪري، سو هن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي حڪم عدولي تي سيکت ڏيڻ جي لاءِ سخت سردي ۽ خراب موسم جي باوجود به سنڌ ڏانهن واڳ واري ۽ ديري اسماعيل خان پهچي هڪ ڀيرو ٻيهر ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پاڻ وٽ طلب ڪيو، پر ميان نور محمد ڪوبه جواب نه ڏنو، جنهن تي نادر شاهه لشڪر جو رخ سنڌ ڏانهن ڪيو ۽ منزلون هڻندو 12 فيبروري 1740ع تي لاڙڪاڻي پهتو، پر اسان وارو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو ساڻس مقابلو ڪرڻ جي بدران وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو ته نادر شاهه به سندس پويان روانو ٿيو، شهدادپور پهچڻ تي ‘خدا يار’ پاران نادر شاهه کي سوکڙين پاکڙين سان گڏ پناهه جي درخواست به پهتي، پرپاڻ ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ لڪو، جتي هن پاڻ کي نادر شاهه کي محفوظ تصور ٿي ڪيو، پر هيڏانهن نادر شاهه به کيس ڇڏڻ وارن مان نه هو، 26 فيبروري تي شهداد پور مان نڪتو ۽ تيزيءَ سان عمر ڪوٽ روانو ٿي ويو. هن ٽيهن فرسخ جو اهو فاصلو ايتري ته تيزيءَ سان طئي ڪيو جو هو ٻي ڏينهن وڃي عمر ڪوٽ کان نڪتو، جتي نور محمد ڪلهوڙي پنهنجا خزانا لڪائي نئين ڀاڄ جي تياري پي ڪئي، پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي جان بخشيءَ جي شرط تي آڻ مڃي. نادر به هڪدم اها ڳالهه قبولي، جو هن هاڻ وڌيڪ مهم جو ئيءَ ۾ وقفو ٿي چاهيو، سندس سپاهه پاڻي ۽ خوراڪ لاءِ آتا هئا.
نادر شاهه ۽ سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ‘ميان نور محمد خدا يار خان’ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ خدا يار پاران پنهنجي خزاني پيش ڪرڻ جي باري ۾ ڪيترائي داستان مشهور آهن، هڪ هندستاني مورخ عبدالڪريم موجب “خدا يار خان جڏهن مجبور ٿي پنهنجا لڪيل خزانا نادر کي پيش ڪيا ته انهي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون هيون، جن جو تعلق ايران جي صفوي گهراڻي سان هو، خدا يار خان ٻڌايو ته جڏهن غلزئي افغانن کي نادر شاهه جي هٿان شڪست ملي ته هنن ڦريل شاهي خزانو مختلف علائقن ۾ موڪلي ڏنو هو، سنڌ ڏانهن آيل سامان ميان نور محمد ڪلهوڙي ڀاڄوڪڙ غلزئين کان خريد ڪيو. ميان نور محمد جيڪو خزانو نادر شاهه کي پيش ڪرڻ تي مجبور ٿيو، ان جي ماليت هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ هئي.
نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سندس ڦرلٽ جو ذڪر ڪندي تاريخ نويس سيد محمد بلگرامي پنهنجي تصنيف “تبصره الناظرين” ۾ لکي ٿو:
“جڏهن (نادري لشڪر) مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ قهر ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون، جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ٻُڌائون، اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون ٿي، ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس انهن سان ڪنهن به طرح پُڄي نه ٿي سگهيو، اهڙي ريت ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا چانور ۽ سُٺو ڪپڙو هو ته اهي به زوري ٿي ڦريائون.”
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاڄ ۽ نادر شاهه سان نه وڙهڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو.
“ميان نور محمد وڏو داناءَ ماڻهو هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ميان صاحب هڪ منصوبو ٺاهيو ته نادر شاهه سان مقابلو معنيٰ سنڌ کي باهه ڏيڻ برابر آهي، نادر شاهه سان لڙائي ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي برباد ۽ تباهه ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هن سوچيو ته نادر شاهه کي رلائي رلائي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي، هن اناج جا سمورا خزانا لڪائي ڇڏيا، نتيجو اهو نڪتو جو نادر شاهه پويان، ميان صاحب اڳيان. ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽ عمر ڪوٽ وڃي پهتو. مگر نادر به نادر هو، جيڪو ميان صاحب جي پٺيان هلندو عمر ڪوٽ پهتو، عمر ڪوٽ ۾ ميان صاحب نادر وٽ پيش پيو، ميان صاحب ۽ نادر شاهه جي پاڻ ۽ جيڪو گفتگو ٿي، تنهن ۾ نادر، ميان صاحب کي پُڇيو ٻڌو اٿم ته تو وٽ قيمتي لعل آهن؟ ميان صاحب چيو ته مون وٽ ٻه لعل آهن هڪ اٽو ۽ ٻيو گيهه، جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن، تن وٽ ڪابه کوٽ نه هوندي آهي نادر شاهه ڏاڍ متاثر ٿيو، جيڪو ٿيڻ کپندو هو، اهو نه ٿيو، بلڪ تمام گهٽ نقصان ٿيو.
ڪجهه ڏينهن عمر ڪوٽ ۾ گذارڻ کانپو ۽ نادر شاهه واپس لاڙڪاڻي موٽيو ته ساڻس گڏ زنجيرن ۾ جڪڙيل خدا يار خان به هو. آڻ مڃڻ کانپوءِ خدا يار خان جو طور طريقو ٺيڪ رهيو هو، تنهنڪري نادر شاهه کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٺٽي ۽ ڪڇ جي علائقن جو حاڪم مقرر ڪيو، هاڻ خدا يار خان جي عملداري ماضيءَ جي ابتڙ ٿوري علائقي تائين محدود هئي، نادر کيس شاهه قلي خان جو خطاب به ڏنو، جواب ۾ خدا يار خان کي هر سال ڏهه لک روپيا ڏن ۽ پنهنجن پٽن مان ڪنهن هڪ جي قيادت ۾ ٻه هزار گهوڙي سوارن جي فوج به فراهم ڪرڻي هئي، نادر شاهه سنڌ جو باقي علائقو، جيڪو بلوچستان سان لڳ هو، جهان خان حوالي ڪيو. مهابت خان بلوچستان ۾ نادر شاهه جو گورنر هو، شڪارپور ۽ باقي ٻيو اتريون علائقو دائود پوٽي قبيلي جي سردار صادق خان کي ڏنو ويو.
تاريخ جي انهن واقعن تي سوچي آئون مقبري مان ٻاهر نڪري ٿو اچان، ان مهل خيال آيم ته سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد خدا يار خان، نادر شاهه سان ته ڪا جنگ نه ڪئي ۽ ڀاڙيو ٿي وٺي ڀڳو، جنهن جي نتيجي ۾ عزت به وڃايائين ته ملڪيت به ته ملڪ جو وڏو حصو به. پر ساڳئي حاڪم مغلن سان گڏجي، مقامي دلالن جي هُشين تي شاهه عنايت شهيد سان جهيڙو جوٽيو ۽ کيس شهيد ڪرايو، افسوس صد افسوس سنڌ تي سدائين نادر شاهي ڪاهون جاري رهيون آهن، مختلف روپن، ۾ اهي يلغارون هينئر به جاري آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جو اهو طريقو ڪونهي ته خدا يار خان وانگي پُڇ پائي ڀڄجي، پر ان جو اڪيلو حل اهو ئي آهي جيڪو شاعر چيو آهي.
سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه
ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه
متان سوچو هان، متان موٽو ماڳ تي.
•