• شيراز ۽ تخت جمشيد
منهنجي ڳالهه ٿي صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه هائوڪار ڪئي ۽ چيو، “ضرور ڏسڻ گهرجي..... اسين به هلنداسين.”
تيسين صفدر شاهه جي گهرواريءَ جيجيءَ چيو، “شيراز اسانجو اصل وطن آهي، اهو ته اسين ضرور ڏسنداسين.”
صفدرشاهه ٺٽي جي شيرازي فئملي سان واسطو ٿو رکي، پاڻ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ آفيسر آهي، پر طبيعت ۾ صفا مولائي مڙس آهي، جڏهن اسين سفر جي پهرين ڏينهن ملياسين ۽ ڪوئيٽا ۾ واقفيت ۽ حالن احوالن دوران کيس ٻڌايم ته آئون به ٺٽي جي دڙي شهر جو آهيان، ته ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ته اسان چئني جي سنگت ٺهي ويئي ۽ خوب گهمياسين ڦرياسين. هڪ ڀيري ته صفدر شاهه چيو، “تون اسانجو فئملي ميمبر آهين.” اها ڳالهه صفدر شاهه ٻن ٽن هنڌن تي ورجائي، اها صفدر شاهه جي مهرباني ۽ وڏائي هئي. جو هن مونکي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتيءَ جي حيثيت ڏني. پاڻ سنڌي ماڻهو هونئن به سيدن، اهل بيتن ۽ عورت ذات جي وڏي عزت ڪندا آهيون، صفدر شاهه جي انهن خلوص وارن جملن منهنجي دل ۾ سندس لاءِ تهائين عزت ۽ احترام جو جذبو وڌايو.
جڏهن اصفهان کان ‘قم’ واپس موٽياسين پي ته مون وين جي ڊرائيور کان پڇيو، “هتان کان شيراز تائين گهڻو وقت لڳندو؟”
“شش ساعت” (يعني ڇهه ڪلاڪ) هن وراڻيو.
شيراز، ايران جو تاريخي شهر آهي، ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن سبب، شيراز ۽ايران جي ٻين ڪيترن ئي شهرن مان ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي گهراڻن کانسواءِ، مختلف سببن جي ڪري ڪيترائي اهل بيت گهراڻا سنڌ آيا، انهن مان ڪي ته اڳتي هندستان جي ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا، ڪن وري سنڌ کي پنهنجو دائمي مسڪن بنايو. صفدر شاهه جا وڏا به شيراز مان آيا هئا ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيا. شيرازي فئملي ٺٽي ۾ وڏو سياسي اثر ۽ رسوخ رکي ٿي، گذريل ويهن پنجويهن سالن کان ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽر، وزير، صلاحڪار، چيئرمن ۽ ناظم وغيرهه، ‘شيرازي’ ئي ٿيندا رهيا آهن. ٺٽي جي اها شيرازي فئملي عوامي خذمتن ۾ مشهور هئڻ سان گڏ، رات وچ ۾ سياسي وفاداريون بدلائڻ ۽ پنهنجي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ ۾ به تيز آهي. صفدر شاهه مونکي ٻڌايو ته هو شيرازي فئملي سان واسطو رکڻ جي باوجود به سدائين پي پي پي سان رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو خود به شيرازي ڀائرن جي سياسي انتقام جو نشانو بنجندو رهيو آهي.
‘شيراز’ جي سڃاڻپ ۽ مشهوريءَ جا ڪيترائي ‘حوالا’ آهن. پر شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي جي ڪري ‘شيراز’ کي دائمي شهرت حاصل ِآهي، ٻنهي جون مزارون به ‘شيراز’ ۾ ئي آهن.
شيرازين يعني شيراز جي رهاڪن ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته “جڏهن شيراز جو شهر پنهنجي جوڀن تي هو ته مصر جي شهر قاهرا جي حيثيت شيراز جي ڀرپاسي واري ڪنهن عام ڳوٺڙي جهڙي هئي.” شيراز جي جاگرافيائي بيهڪ سبب ماضيءَ ۾ شيراز کي تاريخي حيثيت حاصل رهي آهي.
ايران جي آڳاٽي تاريخ جي شاهي گهراڻي کي جنهن ۾ جميشد وغيرهه جو نالو به آهي، ‘پيش دادي” چيو ويندو آهي، چيو وڃي ٿو ته “پيش دادي” شاهي گهراڻي جي ٻي بادشاهه “طهمورث ديوبند” جي پُٽ “شيراز” هن شهر جو بنياد رکيو.
قبل مسيح دور ۾ خاص ڪري 550 ق-م ۾ ۽ 230 ق-م جي دوران ايران دنيا جي هڪ وڏي طاقت هو. بعد ۾ يونان مان سڪندر اعظم اُٿيو، جنهن 331 ق-م ۾ ‘اربيل’ جي هنڌ تي ايران جي بادشاهه دارا کي شڪست ڏني. دارا اُن جنگ ۾ مارجي ويو. سڪندر اعظم جي موت کانپوءِ فرات کان وٺي پنجاب تائين جو علائقو سڪندر جي هڪ سپهه سالار ‘سليوڪس’ جي حصي ۾ آيو. 316 ق-م ۾ سليوڪس پنهنجي بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيو، يوناني ڪمزور ٿيا. (245 ق-م، 224 ق-م) ته ڪيسپيئن سمنڊ کان وٺي خراسان تائين، اُترين علائقي ۾ ‘پارٿي قوم’ سگهه حاصل ڪئي. اهي خانه بدوش، تيراندازي ۽ گهوڙي سواريءَ جا ماهر هئا، جڏهن دشمن سندن وٺ ۾ ايندو هو ته هو ڊوڙندڙ گهوڙن تان ئي مٿن تيرن جو وسڪارو لاهي ڏيندا هئا ۽ جڏهن دشمن کي پاڻ کان سگهارو ڏسندا هئا ته ڀڄڻ ۾ اصل دير ئي نه ڪندا هئا. پنهنجي عروج جي زماني ۾ پارٿين، شيراز جي علائقي ۾ گهڻو ٻائيتال مچايو. ان کانپوءِ ايران تي ساساني گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. ان گهراڻي جي بادشاهن جو تعداد لڳ ڀڳ 25 آهي. جن مان ڪن مشهور بادشاهن جا نالا آهن، اردشير، شاهپور ٻيو، يزدگرد پهريون، قباد پهريون، خسرو پهريون، خسرو ٻيو. خسرو پهرينءَ کي ئي نوشيروان سڏيو وڃي ٿو يعني لاثاني روح، ان کي ايران جو سڀ کان وڏو بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. هن محصولن ۾ سڌارا آندا هئا ۽ نوشيروان جي زماني ۾ ئي مزدڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ زرتشتي مذهب بحال ڪيو ويو.
يزدگرد ٽيو، ان گهراڻي جو آخري بادشاهه هو، جيڪو 16 جون 632، تي تخت تي ويٺو، ايران جو جلالي ڪئلينڊر به ان ئي تاريخ کان شروع ٿئي ٿو. عرب فوج حضرت عمر رضه جي خلافت دوران، حضرت سعد بن ابي وقاص جي اڳواڻيءَ ۾ ايراني فوج کي 637 ۾ جنگ قادسيه ۾ ۽ 641ع ۾ نهاوند ۾ شڪست ڏني. انهيءَ جنگ ۾ يزد گرد به مارجي ويو. شيراز کي حضرت عمر فاروق جي آخري زماني ۾ ابو موسيٰ اشعري ۽ عثمان بن ابي وقاص فتح ڪيو.
ايران ۾ 867ع کان وٺي 903ع تائين ‘آل بويا’ جي حڪومت قائم رهي. جيتوڻيڪ بغداد جي عباسي خلافت سفاري دور ۾ به قائم هئي ۽ ‘آل بويا’ جي دور ۾ به، پر اها نالي ماتر هئي. اڇي ڪاري جا ڌڻي ‘آل بويا’ ئي هئا. ان گهراڻي جو باني ‘ابو شجاع بويا’ هو. هن جي پٽن جا نالا علي، حسن ۽ احمد هئا. هنن اصفهان، ڪازرون، شيراز، ڪرمان ۽ ايتريقدر جو بغداد تي به قبضو ڪري ورتو. هن گهراڻي جي بادشاهن معز الدوله، عمادلدوله ۽ رڪن الدوله جا لقب اختيار ڪيا. ان ئي گهراڻي جي هڪ حڪمران سلطان الدوله شيراز کي ڀت ڏياري ۽ ان ۾ ٻارهن دروازا رکرايا. چيو وڃي و ته اهي ڀتيون ڇهن هزار وکن تي ٻڌل هيون، ان کانپوءِ ‘فارس’ تي ‘اتابڪ’ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. ابوبڪر بن سعد بن زنگي 1226ع کان 1259ع تائين فارس جو حڪمران رهيو. ان کانپوءِ سعد بن ابوبڪر زنگيءَ جي حڪومت آئي، شيخ سعدي اُن ئي بادشاهه جي نسبت سان پنهنجو تخلص “سعدي” رکيو هو. سعد زنگيءَ به سفاري گهراڻي جي بادشاهه عمرو بن ليث جي جامع مسجد جي مقابلي ۾ هڪ “مسجد نو” اڏرائي.
اُن کانپوءِ تاتارين جو زمانو اچي ٿو. امير تيمور شيراز کي ٻه ڀيرا فتح ڪيو، پهريون ڀيرو 1387ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو، 1393ع ۾. جڏهن پهريون ڀيرو هن شيراز فتح ڪيو ته، هُن حافظ شيرازي سان به ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر امير تيمور پنهجي ‘توزڪ’ ۾ پڻ ڪيو آهي.
تاتارين کانپوءِ ايران تي صفوي گهراڻي (1502ع) جي حڪومت قائم ٿي، شاهه اسماعيل ۽ شاهه عباس، هن گهراڻي جا مشهور بادشاهه ٿي گذريا آهن، انهن ۾ خاص طور تي شاهه عباس صفويءَ، ازبڪن ۽ ترڪن کي شڪست ڏيئي ايران مان هڪالي ڪڍيو، شاهه عباس جو هڪ گورنر ‘شيراز’ ۾ رهندو هو، هن شيراز کان اصفهان ويندڙ رستي جي مرمت ڪرائي ۽ ڪجهه فاصلي تائين رستي جي ٻنهي پاسن وڻ به لڳرايا، ان ئي زماني ۾ شيراز ۾ عيسائين جو هڪ مشن پڻ قائم ٿو.
1668ع ۾ برسات جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ‘شيراز’ کي سخت نقصان رسايو 1724ع تي ‘شيراز’ تي افغانن قبضو ڪيو ۽ ڪريم خان زند اُن کي پنهنجي گاڌي جو هنڌ بنايو. ان زماني ۾ ڀتين جي مرمت ڪرائي ويئي، شهر جي چوڌاري خندقون کوٽايون ويون، بازارين جي فرش بندي ٿي، خوبصورت عمارتون اڏرايون ويون، باغ لڳايا ويا ۽ ان ئي زماني جي ‘بازار وڪيل’ گهڻي مشهور آهي، شيراز جي خوبصورتي جي لاءِ ان بادشاهه جون خذمتون سدائين ياد رکيون وينديون. 1831ع ۽ 1824ع ۾ زلزلن سبب هڪ ڀيرو شهر ويران ٿيو، پوءِ نيٺ هوريان هوريان، شهر جون رونقون بحال ٿيون.
پراڻي زماني ۾ شيراز ۽ اُن جي آسپاس شراب ٺاهيو ويندو هو، جنهن جي شهرت پري پري تائين هوندي هئي، تنهن کانسواءِ هن شهر جي ماکي ۽ چڪين جا پٿر مشهور هئا. هن شهر ۾ پچي ڪاري/ميناڪاري جو ڪم به ٿئي ٿو، پر هتي جي پچي ڪاري /ميناڪاري هڪ خاص قسم جي آهي، جنهن کي ‘خاتم ڪاري’ چيو وڃي ٿو. ڪپڙو، تار جون ٺهيل سنهيون ڄاريون، زربخت ۽ ڪچو ريشم به هت ٺهي ٿو.
هي شهر ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو وطن به رهيو آهي، ماني مت جو داعي ۽ مصور ‘ماني’ ۽ بابي/ بهائي مذهب جو باني محمّد علي باب به شيراز جا ئي هئا. هن شهر جي مشهور شاعرن ۾ حافظ، سعدي، اهلي، عرفي، بابا افغاني ۽ همگر مشهور آهن.
شيراز جي مشهور ۽ ڏسڻ جهڙين جاين ۾ عمرو بن ليث جي جامع مسجد، سعد زنگي جي ‘مسجد نو’، خاتون قيامت جو مقبرو، بي بي دختران جو مقبرو، مدرسو خان، حضرت امام موسيٰ ڪاظم جي پوٽي حضرت احمد جو مقبرو، سعدي ۽ حافظ شيرازيءَ جون مزارون، مسجد وڪيل، مدرسو وڪيل بازار وڪيل، قلعو، باغ دلڪش، شاهه چراغ جي مسجد، هفت تن باغ شامل آهن.
فارس جو پراڻو نالو ‘ميڊيا’ ۽ ان جي گاڌي جو هنڌ ‘شيراز’ هو. ان جا رهاڪو نائين صدي قبل مسيح ۾ اشورين (ايريا) جا ڏن ڀرو رهيا. 250 ق-م ۾ سائرس اعظم جي قيادت ۾ اشورين جي خلاف بغاوت ٿي، سائرس کي ايراني ڪوروش اعظم يا پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪيخسرو به لکندا آهيون، دارا يوش پهريون هخا منشي گهراڻي جو پهريون حڪمران هو، جنهن جي سلطنت ‘ايشياءِ ڪو چڪ’ کان وٺي پنجاب ۽ سنڌ تائين هئي. دارايوش، زرتشتي مذهب کي مڃيندڙ هو.ايران جي سلطنت، دارا جي وقت ۾ پنجين صدي قبل مسيح ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ ان وقت بلوچستان سان گڏ سنڌ به ايران جي ساساني سلطنت جو حصو بنجي ويئي، سڪندر اعظم، دارا کي شڪست ڏيئي سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو.
هخا منشي گهراڻون، ‘هخا منش’ جي نالي سان شروع ٿيو، جيڪو “پاسرگاد” قبيلي جو شهزادو هو. هخا منشين جو پهريون گاڌي جو هنڌ “پسار دگان” هو، دارا يوش پهرينءَ ئي 513 ق-م جي لڳ ڀڳ ان محل جو بنياد رکيو، جيڪو “ڪوهه رحمت” جي پهاڙي جي لاهيءَ تي هو، شروع ۾ اُن جو نالو پُرسا. (PARSA) هو، جيڪو پوءِ يونانين جي اثر هيٺ ڦري “پرسي پولس” ٿيو. اهو هڪ شاندار محل هو، جنهن جي چوڌاري هڪ وڏي ڀت هئي،جنهن ۾ پوءِ ايندڙ بادشاهن واڌارا ڪيا، هاڻ نه اها ڀت آهي ۽ نه اهو محل.
تخت جمشيد جي ڀتين ۽ ٿنڀن تي جيڪي چٽ گل ٺاهيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ ڪن محققن جو خيال آهي ته اهي يوناني آرٽ کان متاثر ٿي ٺاهيا ويا آهن، پر حقيقت ۾ اڏاوت جا نمونا ‘پاسرگاد’ جي محلن کان متاثر ٿي ٺاهيا ويا آهن. جيڪي تخت جمشيد کان ڪجهه سال اڳ اڏيا ويا هئا، ان وقت ايران ۽ يونان جي وچ ۾ دوستاڻا واسطا نه هئا.
سائرس اعظم (549 - 529 ق-م) پنهنجي ناني استياڪس کي شڪست ڏيئي، ايراني سلطنت تي قابض ٿيو، هن ليڊيا (ايشاءِ ڪو چڪ) ۽ يونان کي به شڪست ڏني، پوءِ هو باختر، افغانستان ۽ مڪران تي به قابض ٿيو، هن اشورين کي به شڪست ڏني، هن بادشاهه ئي بخت نصر جي جلاوطن يهودين کي جيڪي بابل ۾ قيد هئا، واپس يروشلم وڃڻ جي موڪل ڏني. اُن ئي سائرس اعظم شيراز کان چاليهه ميل اُتر اولهه ۾ “پرسي پولس” (تخت جمشيد) جو بنياد رکيو.
ايرانين، يونانين تي سوڀ ماڻڻ کانپوءِ ‘اٿينس’ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. يونانين اُن شڪست کي ڪڏهن به نه وساريو، جڏهن يونانين کي سڪندراعظم جي روپ ۾ هڪ اڳواڻ مليو ته هنن به ايرانين کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ‘پرسي پولس’ سان اهو ئي سلوڪ ڪيو، جيڪو ايرانين ‘اٿينس’ سان ڪيو هو. چون ٿا ته هن ‘پرسي پولس’ کي تباهه ڪرڻ جو قسم کنيو هو، تنهنڪري موقعو ملندي ئي سڪندر شهر کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.
سڪندر واپس ورڻ کان اڳ “سوس” جي هنڌ تي پنهنجن ڏهن هزار فوجي آفيسرن ۽ جوانن جون ايراني دوشيزائن سان اجتماعي شاديون ڪرايون، اُن تقريب کانپوءِ جڏهن سڪندر بابل پهتو ته اوچتو بيمار ٿي مري ويو.
جنهن جاءِ کي تخت جمشيد چيو وڃي ٿو، ان بابت مختلف روايتون آهن، ڪجهه ماڻهن جي راءِ موجب اهو ايراني عوام جي تخيل جو ڪرشمون آهي، هو مشهور تاريخي عمارتون ڪنهن نه ڪنهن افسانوي بادشاهه جي نالي منسوب ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ تخت جمشيد ان جو هڪ مثال آهي.
تخت جمشيد جي پس منظر ۾ موجود ٽڪريءَ تي ٽن ايراني بادشاهن اردشير ٻيو، ارد شير ٽيو ۽ دارايوش ٻئي جا مقبرا موجود آهن، تخت جشيد جي ڀرسان ئي ڇهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ‘نقش رستم’ آهي. نقش رستم ۾ چئن ناليوارن ايراني بادشاهن ايڪسر ڪسير (XER XES) ارد شير پهرينءَ (ARTAXERXEXT) دارايوش پهرينءَ (DARIOUS THE GRAOAT) ۽ دارايوش ٻي (DARIOUS-II) جا مدفن آهن.
تخت جمشيد جي ويجهو ئي “مردشت” ۾ ‘شاهه چراغ’ جي مزار آهي، شاهه چراغ جو اصل نالو احمد بن موسيٰ الڪاظم آهي. پاڻ حضرت امام رضا جو ڀاءُ هو، عام روايت آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي لاءِ “خراسان” روانو ٿيو ته ‘شيراز’ جي حاڪم کيس روڪيو، ان تڪرار جو نتيجو نيٺ سندس شهادت جي صورت ۾ نڪتو، مٿس شاهه چراغ جو نالو ڪيئن پيو؟ ان حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هتي رکيل چراغ (ڏيئا) پاڻ مرادو ٻرڻ ٿا لڳن. واعليٰ عالم...
عالمي نشرياتي ذريعن ۾ هاڻ تخت جمشيد ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. هي اهو ئي هنڌ آهي، جتي شهنشاهه ايران آريه مهر محمد رضا شاهه پهلويءَ، سائرس اعظم (ڪوروش اعظم) جي هٿان قائم ٿيندڙ عظيم ايراني سلطنت جو اڍائي هزار ساله جشن ملهايو هو.
پئسو وڏا ٺٺ ٿو ڪرائي ۽ اهو پئسو وري ڪنهن حڪمران کي هٿ چڙهي ته هو پنهجي ٺٺ ٺانگر، شان ۽ شوڪت کي وڌائڻ جي لاءِ خرچ ته ڪندو، جڏهن ايران وٽ پئٽرو ڊالر آيو ته شهنشاهه ايران جي نه رڳو آمريڪا وٽ، پر ڀرپاسي جي ملڪن وٽ به اهميت وڌي. هن پهرين 1967ع ۾ ‘جشن تاجپوشي’ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايران جي آئين ۾ ترميم ڪري راڻي فرح ديبا پهلويءَ جي به تاجپوشي ڪئي ويئي. ۽ پوءِ 1971ع ۾ شهنشاهه، ايراني بادشاهت جي قيام جو اڍائي هزار ساله جشن ملهايو، اهو به ايئن ملهايو ويو، جيئن چار سال اڳ جشن تاجپوشي ملهايو ويو. پر هي جشن هر لحاظ کان شاهاڻو هو. جشن تاجپوشي ته خرچن ۽ ٺٺ ٺانگر جي حساب سان هڪ ٽريلر هو، ان جشن ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ ملڪن جي سربراهن ۽ انهن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انهن سربراهن جي رهائش لاءِ تخت جمشيد جي کنڊرن ۾ خيمن تي ٻَڌل باقاعده شهر اڏيو ويو، اها خيمه بستي، ٽن ڏينهن جي استعمال کانپوءِ بيڪار ۽ بي مصرف ٿي ويئي، ان جشن تي خرچ ٿيندڙ دولت جو اندازو 700 کان 800 ملين ڊالر آهي.
15 آڪٽومبر تي ان جشن جون سرگرميون پنهنجي عروج تي پهچي ويون، جڏهن شهنشاهه ايران هيلي ڪاپٽر مان لهي سڄي دنيا مان ايندڙ سربراهن ۽ انهن جي نمائندن ڏانهن پُٺ ۽ سائرس اعظم جي قبر جي سري ڏانهن منهن ڪري پنهنجي سپاسنامي جي انتهائي فخر سان هنن لفظن سان پُڄاڻي ڪيئي هئي “ڪوروش آسوده بخواب زيراڪه ما بيداريم” (ڪوروش! آرام سان سُمهيو پيو هج، ڇو ته مابدولت جاڳي پيو). تنهن کانپوءِ شهنشاهه تخت جمشيد تي ويهي سائرس (ڪوروش) کان وٺي رضاخان تائين مختلف دورن ۾ ايراني حڪمران گهراڻن هخا منشي، پارٿي، ساساني، سلجوقي، منگول، ديالمي، صفوي، افغان، زند ۽ قاچار گهراڻن کانپوءِ پهلوي دور تائين جي ڊريس پاتل فوجين ۽ متروڪ ٿيل هٿيارن سان فوج جي سلامي ورتي هئي.
ان جشن جي دوران پهلوي دور جي ترقياتي ڪمن، خاص ڪري رضا شاهه پهلوي جي ‘سفيد انقلاب’ ۽ ان جي ذريعي ٿيندڙ ترقيءَ جي وڏي پئماني تي تشهير ڪئي ويئي، ان جشن کي عالمي سطح تي وڏي پئماني تي مشهوري ملي ۽ ان حوالي سان تخت جمشيد جو به هر هنڌ ذڪر ٿيڻ لڳو.
شاهه ايران جي دور ۾ اُتي سائونڊ ۽ لائٽ شو جي ذريعي انگريزي، فرانسيسي ۽ فارسي، ٽنهي ٻولين ۾ ‘تخت جمشيد’ جي تاريخ بيان ڪئي ويندي هئي. ان شو جو اسڪرپٽ هڪ مشهور فرانسيسي تاريخ دان لکيو هو ۽ ايران جا ماهر موسيقار شو جي دوران پنهنجي سازن جو جادو جاڳائيندا هئا، شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اهو سلسلو بند ڪيو ويو.
شهنشاهيت جي ان اڍائي هزار ساله جشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي صدر جنرل يحيٰ خان ڪئي هئي، ۽ هن جي حوالي ڪيترين ئي دلچسپ ڪهاڻين جنم ورتو، هڪ ڪهاڻي صدر يحيٰ خان ۽ مناڪو جي شهزادي گريس جي حوالي سان پکڙي. آجيان واري تقريب ۾ ٻيئي هڪ ئي صوفا تي ويٺا هئا، ۽ جنرل يحيٰ خان جيڪو نشي ۾ ٻُڏل هو، تنهن سفارتي آدابن جو خيال نه ڪندي شهزادي گريس تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ سندس جسم کي ڇُهي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ شهزادي گريس بدظن ٿي، شال پنهنجن ڪلهن تي اوڍي، اتان اُٿي وڃي ٻي صوفي تي ويٺي.
ٻي ڪهاڻي اها هئي ته اُتي ڪيترن ئي ملڪي سربراهه موجود هئا، جن اوڀر پاڪستان جي باري ۾ صدر يحيٰ خان کي صلاحون ڏيڻ ٿي چاهيون، پر يحيٰ خان جي نشي ۾ حالت خراب هئي، نه هن جو دماغ صحيح هو ۽ نه مثانو.... ميزبانن ساڻس ڳالهائڻ چاهيو، پر کيس سنگل ئي نه ڏنائين، روسي صدر پوڊگونيءَ کيس ڌمڪي ڏني ته اها شراب جو ڍُڪ سمجهي پي ويو. يوگو سلاويه جو صدر مارشل ٽيٽو ساڻس ملاقات ڪرڻ جي لاءِ اوسيئڙو ڪندو رهيو، پر جنرل صاحب وقت تي ڪپڙا پائي تيار ٿي نه سگهيو، ٻُڌڻ ۾ آيو ته هو تيار ته ٿي ويو، پر کانئس پيشاب جهلجي نه سگهيو ۽ پتلون پُسي ويس ۽ صدر ٽيٽو انتظار ڪري واپس هليو ويو.
اها ڳالهه به مشهور آهي ته شاهي ضيافت جي دوران به صدر پاڪستان جو پيشاب وهي ويو هو.
يحيٰ خان جي پيشاب وهڻ ۽ جهلي نه سگهڻ جي لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته هو هڪ تنبوءَ جي ٻاهران سرعام پتلون جا بٽڻ کولي ننڍن ٻارن جيان پيشاب ڪرڻ لڳو ته اُتي بيٺل معزز مهمانَ يحيٰ خان جي ان حرڪت تي هڪا ٻَڪا ٿي ويا ۽ هنن منهن ٻي پاسي ڦيري ڇڏيا.
اها ڳالهه به مشهور آهي ته ان جشن ۾ يحيٰ خان جڏهن ايران ويو ته هن جهاز ۾ ايترو ته شراب پيتو، جو سندس پير ئي نه پي جهليا ۽ جهاز جو پائلٽ اڌ مُني ڪلاڪ تائين جهاز کي ايئن ئي ايئرپورٽ جي مٿان اڏائيندو رهيو، جيئن يحيٰ خان جو نشو گهٽجي ۽ هو پير جلهي جهاز مان ايئرپورٽ تي لهڻ جهڙو ٿئي.
پاڪستان تي ڪهڙن ڪهڙن نه مشڪرن حڪومت ڪئي آهي.
•