• سائرس اعظم ۽ دارايوش جي وصيت
سائرس اعظم ‘هخا منشي’ گهراڻي ۾ 590 ق-م ۾ پيدا ٿيو، اهو گهراڻو هڪ ننڍي رياست تي حڪمراني ڪندو هو، جنهن جو نالو ‘پساگرد’ (PERSIS) هو. اها رياست ‘ماد جي سلطنت’ جو حصو هئي. سائرس جي پيءُ جو نالو ‘ڪمبي سيس پهريون’ (Camby Ses-I) هو. سائرس يا ڪوروش جي شروعاتي زندگيءَ بابت هڪ قصو مشهور آهي، جيڪو مشهور تاريخ دان ‘هيرو ڊوٽس’ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. جنهن موجب سائرس جي ماءُ جو نالو ‘مانڊين’ (MANDANE) هو، جيڪا ‘ماد سلطنت’ جي شهنشاهي گهراڻي جي هڪ شهزادي هئي، اڃا سائرس پيدا ئي نه ٿيو هو ته هڪ نجوميءَ اڳ ڪٿي ڪئي ته هن شهزاديءَ جي پيٽان جيڪو ٻارڙو ڄمندو، اهو سڄي دنيا تي حڪمراني ڪندو. جڏهن اها اڳ ڪٿي مشهور ٿي ته ‘ماد’ جي هڪ معزز شخص ‘هر پاگس (HAR PAGUS) جي حوالي اهو ڪم ڪيو ويو ته پيدا ٿيندڙ انهيءَ ٻارڙي کي ڄمندي ئي ماري ڇڏي. پر ‘هرپاگس’ ٻارڙي کي مارڻ جي بدران هڪ ڌراڙ جي حوالي ڪيو ۽ ايئن سائرس يا ڪوروش اُن ڌراڙ جي ڪٽنب ۾ وڌي وڏو ٿيڻ لڳو. جڏهن هو ڏهن سالن جو ٿيو ته هڪ واقعي ۾ ملوث هئڻ جي ڪري هو ‘ماد’ جي بادشاهه استيگس (Asty gas) جي سامهون پيش ٿيو، بادشاهه پنهنجي ڏهٽي کي سُڃاڻي ورتو ۽ هو ‘هر پاگس’ جي ان حرڪت تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر هن سائرس کي ڪو نقصان رسائڻ جي بدران کيس سندس اصلي والدين تائين پهچائي ڇڏيو. هڪ ٻئي قصي موجب ‘سائرس’ کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي سندس والدين جنگهل ۾ ڇڏي ڏنو، جيئن هو وحشي درندن جو کاڄ بنجي وڃي، پر هو بچي ويو ۽ سندس پالنا بگهڙن جي هڪ جوڙي ڪئي، ۽ هو انهن سان گڏ پلجي جوان ٿيو. انهن قصن مان هڪ ڳالهه ثابت آهي ته سائرس کي شروع کان ئي ‘ماد سلطنت’ جو دشمن تصور ڪيو ويندو هو. ۽ ايندڙ وقت ان ڳالهه کي ثابت به ڪيو. سڀئي يوناني ۽ بابلي دستاويز اُن ڳالهه تي سهمت آهن ته سائرس ٽن سالن تائين ‘ماد سلطنت’ سان وڙهندو رهيو. شروع ۾ کيس شڪستن کي منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ جي جنگين ۾ “پساگرد” جي ماڻهن کي سوڀ نصيب ٿي ۽ نيٺ 550 ق-م ۾ ‘ماد سلطنت’ جي گاڌي جو هنڌ “اڪباطنا” سائرس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ‘ماد’ جي بادشاهه “استيگس” کي گرفتار ڪري سائرس جي سامهون پيش ڪيو ويو. سائرس، ساڻس سٺي نموني پيش آيو ۽ سندس جان بخشي ڇڏيائين، هيروڊٽس جي لکڻ موجب ‘ماد سلطنت’ جي شڪست جو سبب “هرپاگس” جي بي وفائي هئي، جيڪو ان تاڙ ۾ هو ته ڪيئن هو بادشاهه کان پنهنجي ذلت جو بدلو وٺي سگهي.
‘ماد’ کي شڪست کانپوءِ ‘سائرس’ سڄي ايران جو بادشاهه بنجي ويو ۽ ان کانپوءِ هن ‘ايشياءِ ڪو چڪ’ جي شاهوڪار سلطنت ‘ليڊيا’ ڏانهن ڌيان ڏنو. ڪوروسس (CROESUS) جيڪو ليڊيا جو بادشاهه هو، تنهن بابل ۽ مصري بادشاهن کان پارسين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مدد گهري، پرسائرس ان جي لاءِ تيار هو ۽ هن ‘پيٽريا’ تي اوچتو حملو ڪري اهو فتح ڪري ورتو ۽ ڪروسس جي سرمائي گاڌي جي هنڌ ‘سارڊس’ تي حملو ڪري ڏنو، جڏهن ڪروسس ڏٺو ته ڳالهه هٿن مان نڪتي پيئي وڃي ته هن ٻيهر بابلي بادشاهه کان مدد گهري، تنهن کانسواءِ هن اسپارٽن کي به پنهنجي مدد جي لاءِ سڏيو، پر اُن کان اڳ جو اسپارٽن سندس مدد لاءِ پهچي، سائرس 546ق-م ۾ ‘سارڊس’ تي قبضو ڪري ورتو، ، يوناني تاريخ نويسن جي لکڻ موجب ‘سائرس’ ليڊيا جي بادشاهه سان رحمدليءَ سان پيش آيو ۽ سندس جان بخش ڪري ڇڏي، ٻين هنڌن تي لکيل آهي ته کيس قتل ڪري ڇڏيو.
سارڊس جي فتح کانپوءِ يوناني شهري رياستن به سائرس جي آڻ مڃي ۽ سائرس جي شرطن تي ٺاهه ڪيائون، تنهن کانپوءِ’ڪاريا’ ۽ ‘ليسا’ به سائرس جي هٿان فتح ٿي، ايراني سلطنت جو حصو بنجي ويا. اولهه کان وانڌو ٿي سائرس، ايران جي اُڀرندين سرحدن طرف ڌيان ڏنو ۽ 546 ق-م کان 540 ق-م تائين ‘فارس’ جون اڀرنديون سرحدون به پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيائين اُن کانپوءِ سائرس پنهنجو سڄو ڌيان ‘عظيم بابلي سلطنت’ طرف ڏنو، بابلي بادشاهه نبونيڊس (Nabo nidus) جيڪو پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بابلي رعيت ۾ ڪافي بدنام هو. سائرس کيس 539 ق-م ۾ شڪست ڏني. ماڻهن خوشيءَ ۾ بي قابو ٿي شهر جا دروازا فاتح فوج جي لاءِ کولي ڇڏيا، سائرس يهودين کي بابلي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي کين سندن اباڻي ملڪ ‘يروشلم’ ۾ ٻيهر آباد ڪرايو ۽ کين سندن هيڪل ٻيهر اڏڻ جي موڪل ڏني.
سائرس جي دور ۾ ئي زرتشست (Zarathustra) جو ظهور ٿيو.
سائرس (ڪوروش اعظم) 530 ق-م ۾ وفات ڪئي ، ان وقت هو وچ ايشيا ۾ خان بدوشن سان ويڙهه ۾ رڌل هو، سندس لاش ‘پساگرد’ آندو ويو ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان دفنايو ويو. يوناني مورخن موجب سندس قبر تي لکيو ويو، “هتي ڪوروش سُتل آهي... بادشاهن جو بادشاهه.” مولانا ابو الڪلام آزاد جي خيال ۾ ته قرآن پاڪ ۾ جنهن شخص جو ذوالقرنين جي نالي سان ذڪر ڪيل آهي، اهو ‘سائرس’ ئي هو.
سائرس نهايت ڏاهو، بهادر ۽ قابل بادشاهه هو. سندس ڏاهپ جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. ايران جي وڪيل ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ايراني خاتون ‘شيرين عباديءَ’ کي جڏهن 2003ع ۾ نوبيل ايوارڊ ڏنو ويو ته هن اهو ايوارڊ وٺڻ مهل ناروي جي گاڌي جي هنڌ ‘اوسلو’ ۾ ايوارڊن ورهائڻ واري شاندار تقريب ۾ ايوارڊ وصول ڪرڻ کان اڳ پنهنجي مختصر تقرير جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي هئي:
“منهنجي نسل جو سلسلو سائرس اعظم سان ملي ٿو، اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ، وقت جو اهو عظيم شهنشاهه پنهنجي اقتدار ۽ اختيار جي عروج تي هو. ان وقت سائرس اهو تاريخي اعلان ڪيو ته، “جڏهن رعيت مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي ته آئون تخت ۽ تاج ٺڪرائي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گمناميءَ جي گوشي ۾ گذاري ڇڏيندس. سندس اهي لفظ ٺڪر جي هڪ ٿانوَ تي نقش ٿيل آهن، جيڪي دنيا جي هڪ وڏي عجائب گهر ۾ ڏسي سگهجن ٿا. سائرس اعظم اهو اعلان به ڪيو ته هو پنهنجي رعيت جي ڪنهن هڪ فرد کي به پنهنجي مذهب بدلائڻ تي مجبور نه ڪندو.”
ببلونيا (بابل) جي بادشاهه اڪاڊائين (جنهن کي سائرس تخت تان لاهي ڇڏيو هو) جو خيال هو ته سائرس اهو اعلان رڳو پنهنجي خدا “مردوڪ” جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو هو. پنهنجي حڪومت جا ڪارناما بيان ڪندي ‘اڪاڊائين’ ٻڌائي ٿو ته، سندس فيصلي جي نتيجي ۾ بابل جي شهرين جي زندگيءَ جو معيار بهتر ٿيو، لڏي ويندڙن کي ٻيهر سندن گهرن ۾ آباد ڪيو ويو، بت خانن ۽ عبادت گاهن کي بحال ڪيو ويو.
هاڻ پاڻ سائرس اعظم جي دور کان اڳتي هلندي، سندس ئي نسل جي شهنشاهه دارايوش (Dorious) جي دور ۾ داخل ٿيون ٿا. اهو دور 522 ق-م کان 486 ق-م تي مشتمل آهي، اهو سائرس اعظم جي سلسلي جو چوٿون شهنشاهه هو. سندس باري ۾ ڪيترائي واقعا مشهور آهن، انهن مان ڪن جي اڃا تائين تاريخي طور تي تصديق ٿي نه سگهي آهي، اهڙن واقعن مان هڪ واقعي موجب دارايوش جڏهن پوين پساهن ۾ هو ته هن ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي پُٽ ‘ايرڪس’ کي ڪجهه نصيحتون ڪيون، جن مان سندس عقل، ڏاهپ ۽ دورانديشيءَ جو ثبوت ملي ٿو. انهن مان ڪجهه ته اهڙيون به آهن، جيڪي اڄوڪي دور ۾ به انهن ماڻهن لاءِ لاڀائتيون آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي خواهش ۽ تمنا رکن ٿا. دارايوش پنهجي وليعهد ‘ايرڪس’ کي مخاطب ٿي چيو:
“آئون پنهنجي زندگيءَ جي اُن ڏاڪي تي پهچي چڪو آهيان، جتي موت جي قدمن جو کُڙڪو ٻڌڻ ۾ پيو اچي، هن فاني جهان مان موڪلائڻ مهل منهنجي سلطنت فارس پنجويهن ملڪن تي پکڙيل آهي.... تون مون جيان انهن جي نگهباني ۽ حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪج، تنهن ڪري لازمي آهي ته تون اُنهن ملڪن جي اندرين معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪج ۽ انهن جي رهاڪن جي مذهبن ۽ ثقافتن جو دل سان احترام ڪج.... پنهنجن دوستن ۽ ذاتي ملازمن کي ڪڏهن به سرڪاري عهدن تي مقرر نه ڪج، ڇو ته تنهنجي دوستي ئي انهن جي عزت ۽ وقار جي لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن تو انهن کي ڪو سرڪاري عهدو ڏنو ۽ هنن پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو وٺندي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي يا سرڪاري خزاني کي لُٽڻ شروع ڪيو ته تون دوستيءَ جي ڪري انهن کي ڪا سزا ڏيئي نه سگهندين، ۽ اُن جو سبب اهو آهي ته هو تنهنجا دوست آهن ۽ چاهيندين يا نه چاهيندين به دوستيءَ جي اُن رشتي کي برقرار رکڻ تي مجبور هوندين. منهنجي توکي ٻي نصيحت اها آهي ته خوشامدڙين ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان سدائين پاڻ کي پري رکج ۽ انهن کي ڪڏهن به پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏج... ڪوڙن ۽ مڪارن کي انتهائي بي رحميءَ سان پري ڪري ڇڏج، تنهنجا وزير عوام جا خادم بنجي رهن، حاڪم بنجڻ جي ڪوشش نه ڪن. مون عوام کان ٽئڪس جي وصوليءَ جو جيڪو طريقو لاڳو ڪيو آهي، ان ۾ وزيرن ۽ عوام کي هڪٻئي کان ڌار رکيو ويو آهي، مون جيڪو تعليمي پروگرام شروع ڪيو آهي، اهو جاري رکج، ڇو ته علم جي واڌاري جي لاءِ ضروري آهي، ته رياست جو هر فرد لکڻ ۽ پڙهڻ ڄاڻندو هجي، تنهڪري سڀني جي لاءِ معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ تنهنجي ذميداري آهي. ماڻهو جيڪڏهن پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور هوندا ته تون وڌيڪ ڀروسي سان مٿن حڪومت ڪري سگهندين، عوام تي پنهنجو مذهب ٿاڦڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪج، اها ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکج ته هر فرد پنهنجي پسند جو مذهب اختيار ڪرڻ ۽ اُن موجب زندگي گذارڻ جي لاءِ آزاد آهي. تون هڪئي وقت مدعي (فريادي) ۽ منصف (انصاف ڪندڙ /جج) بنجي فيصلو متان ڪجئين. جيڪڏهن توکي ڪنهن کان شڪايت هجي ته فيصلي جي لاءِ ڪنهن ٽي شخص کي امين مقرر ڪجئين. جيڪو مڪمل طور تي اڻ ڌريو ۽ تعصب کان آجو هجي. جيڪڏهن دعويٰ ڪندڙ پاڻ ئي جج بنجي وڃي ته فيصلو ڪڏهن به انصاف تي ٻڌل نه هوندو.... سخاوت ۽ معاف ڪري ڇڏڻ جو حوصلو رکڻ بادشاهت جو سڀ کان اهم گُڻ آهي. پر توکي معاف ڪرڻ جو اختيار رڳو انهن جي لاءِ حاصل آهي، جن توسان زيادتي ڪئي آهي، پر جيڪڏهن تون انهن کي به معاف ڪندين ، جن ٻين سان زيادتي ڪئي آهي ته اها کليل نا انصافي هوندي. منهنجي موت کانپوءِ منهنجي لاش کي غسل ڏيئي هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهج، جيڪو ڪپڙو مون اڳواٽ تيار ڪري پٿر مان ٺهيل هڪ تابوت ۾ محفوظ ڪري رکيو آهي. ان تابوت کي قبر ۾ لاهج... پر قبر جو منهن کُليل ڇڏج ته جيئن جڏهن به تون منهنجي قبر تي اچين ته فقط اهو احساس ڪري سگهين ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي سگهين ته منهنجو پيءُ جيڪو پنجويهن ملڪن تي حڪمراني ڪندو هو، اهو به مري چڪو آهي، هر ساهواري جو آخري انجام اهو ئي ٿيڻون آهي، آئون توکي هيءَ وصيت پنهنجي وزيرن جي سامهون پيو ڪريان ته جيئن هو شاهد رهن ته مرڻ کان اڳ مون توکي ڪهڙي وصيت ڪئي هئي.”
افسوس جو ‘ايرڪس’ پنهنجي پيءَ جي نصيحت تي عمل ڪرڻ جي بدران اُن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ ‘دارايوش’ جي اکيون بند ٿيندي ئي هو جنگ تي لهي آيو ۽ 465 ق-م ۾ هڪ معرڪي دوران مخالف لشڪر جي هڪ معمولي سپاهي تلوار جي هڪ ڌڪ سان سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
•