• ايران جو صدر احمدي نجاد...
سيّد علي خامنه اي، 1939ع ۾ ‘مشهد’ ۾ جنم ورتو، سندس گهراڻون مذهبي هو. ابتدائي تعليم کانپوءِ ٻن سالن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 1947ع ۾ ‘نجف’ ويو. تنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ 1958ع ۾ ‘قم’ ويو، جتي هن ڇهن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو ‘قم’ ۽ ‘مشهد’ ۾ تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو، 1962ع ۾ هو آيت الله خمينيءَ سان جدوجهد ۾ سلهاڙجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هن قيد ۾ بند جون تڪليفون به سَٺيون. شاهه جي خلاف جدوجهد جي دوران هو اهم ذميداريون نباهيند رهيو. انقلاب کانپوءِ هو ٻه ڀيرا ايران جو صدر چونڊيو ويو. آيت الله خمينيءَ جي وفات کانپوءِ، چوٿين جون 1989ع تي ‘مجلس خبرگان’ کيس گڏيل راءِ سان “ولايت فقيه” يا “رهبر انقلاب” چونڊيو ويو.
‘ولايت فقيه’ جا اختيار به تمام وڏا آهن، ملڪ جي عام پاليسي هو ئي جوڙي ٿو ۽ ان پاليسيءَ تي عمل جي نگراني به هوئي ڪري ٿو. هو فوج جو سپريم ڪمانڊر هوندو آهي، جنگ ۽ امن جو اعلان به هوئي ڪندو آهي، کيس صدر کي هٽائڻ جو به اختيار آهي، البت هو اهو قدم تڏهن کڻي سگهي ٿو، جڏهن سپريم ڪورٽ يا مجلس شوريٰ سندس نا اهليءَ جو فيصلو ڪري، هو فوج جي ڪمانڊرن جي مقرري ۽ کين هٽائڻ سان گڏ، چيف جسٽس، ريڊيو ۽ ٽي وي جي مقرري ۽ هٽائڻ جواختيار به رکي ٿو.
ولايت فقيه کانپوءِ، ٻيو سڀ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، صدر جي عهدي جي مدت چار سال آهي، جنهن جي چونڊ سڌي ريت عوام ڪري ٿو، صدر لڳاتار فقط ٻه ڀيرا چونڊجي سگهجي ٿو. اڄڪلهه ايران جو صدر ڊاڪٽر احمدي نجاد آهي.
ايراني آئين جو هڪ مخصوص پهلو “مجلس خبرگان” آهي، جنهن جا 74 ميمبر آهن، اهي فقط عالم ۽ فقيه ئي ٿي سگهن ٿا. تنهن کانسواءِ هڪ ‘گارڊين ڪائونسل’ يا ‘شوريٰ نگهبان’ به آهي، جيڪا ٻارهن ميمبرن تي ٻَڌل هجي ٿي، جنهن جا ڇهه ميمبر ولايت فقيه مقرر ڪندو آهي، جيڪي عالم هوندا آهن ۽ باقي ڇهن ميمبرن جي مقرري، جيڪي قانوني ماهر هوندا آهن، مجلس شوريٰ ڪندي آهي، مجلس شوريٰ “گارجين ڪائونسل يا شوريٰ نگهبان” جي منظوريءَ کانسواءِ ڪو به قانون جوڙي نٿي سگهي، اها ڪائونسل هر ان قانون کي رد به ڪري سگهي ٿي، جيڪو اسلام جي ابتڙ هجي.
ايراني آئين ۾ ترميمن جو اختيار ٻين ملڪن جيان پارليامينٽ يا فيڊرل ڪائونسل کي ڪونهي، پر اُن لاءِ هڪ ڌار مجلس آهي، جنهن ۾ هيٺيان ميمبر شامل آهن، (1) شوريٰ نگهبان جا سڀ ميمبر، (2) حڪومت جي ٽنهي شعبن پارليامينٽ، انتظاميا ۽ عدليه جا سربراهه، (3) قومي سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر، (4) مجلس خبرگان جا پنج ميمبر، (5) رهبر انقلاب جا چونڊيل ڏهه ميمبر، (6) وزيرن جي ڪائونسل جا ٽي نمائندا، (7) عدالت جا ٽي نمائندا، (8) مجلس شوريٰ جي ميمبرن جا ڏهه نمائندا، (9) يونيورسٽي پروفيسرن جا ٽي نمائندا، ترميمي ڪائونسل جو فيصلو ‘ولايت فقيه’ ‘يا رهبر انقلاب’ جي منظوري ۽ صحيحن کانپوءِ جيڪڏهن قومي ريفرينڊم ۾ اڪثريت توثيق ڪري ته عمل جوڳو ٿيندو.
ايران جو هاڻوڪو صدر ڊاڪٽر احمد نجاد، پهريون ڀيرو 2005ع ۾ ايران جو صدر چونڊيو، کانئس اڳ ايران جو صدر محمد خاتمي هو. جيڪو اصلاح پسند هو ۽ نجاد قدامت پسند خيال رکندڙ آهي. نجاد جي صدر چونڊجڻ تي، سندس هڪ سوانح نگار “ڪسريٰ ناجي” پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو: “2005ع تهران جي ميئر احمدي نجاد جي صدر چونڊجڻ سان ئي ڪيترن ئي ايرانين ۾ چونڊن جي تپ جي جاءِ هڪ بي چيني اچي والاري، هو اهو سوچي بي چين هئا ته هو اُن ٿلهي ڪنڌ واري ڪٽر بنياد پرست لوهار جي پُٽ جو ڇا ڪندا، جنهن هيڌي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي سڀني ماهرن ۽ غير ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.”
احمد نجاد 28 آڪٽومبر 1956ع هڪ لوهار “احمد” جي گهر ۾ جنم ورتو، هو پنهنجن ستن ڀائرن ۽ ڀيڻن مان ستين نمبر تي هو. سندس ڳوٺ “ارادان”، وچ ايران جو هڪ ڏورانهون ڳوٺ آهي، پنهنجي جنم جي حوالي سان نجاد ڳالهائيندي چيو. “اسانجي ڪٽنب لاءِ زندگي اڳ ۾ ئي ڪافي ڏکي هئي، ۽ منهنجي پئدائش اها اڃا به وڌيڪ ڏکي بنائي ڇڏي.” “ارادان”، تهران جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ڪلاڪن جي مسافري تي خشڪ جبلن جي ڀڪَ ۾ هڪ ننڍو پر پُرسڪون ڳوٺ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو اڄ به اهڙو پٺتي پيل آهي، 2005ع جي صدارتي چونڊن ۾ لڳ ڀڳ سڄي ڳوٺ هاشمي رفسنجانيءَ جي مقابلي ۾ احمدي نجاد کي ووٽ ڏنو هو. هنن سمجهيو ٿي ته هي سندن پنهنجو همراهه آهي. نجاد جي کٽڻ تي سڄي ڳوٺ ۾ چراغان ڪيو ويو ۽ سڄي رات جشن ملهائبو رهيو. هنن هاڻ پنهنجي ڳوٺ جي حالت بدلجڻ جا سپنا ڏسڻ شروع ڪيا ۽ سمجهيائون ٿي ته هاڻ هتان غربت ۽ بي روزگاري ختم ٿي ويندي.”
پر ٿيو ڇا؟ ٽين دنيا جي ملڪن جي اڪثر اڳواڻن جو اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي، ته سڄي دنيا ۾ سامراج دشمني جي ڪري مشهور هوندا آهن، دنيا جي ميڊيا سندن عملن ۽ بيانن جا تجزيا پيئي ڪندي آهي، پر هو پنهنجي ملڪ جي عوام جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن.
“ارادان وارا اڃا به انهيءَ انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿو سندن گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي. اسپتال جنهن جي عمارت هڪ مقامي انسان دوست شخص عطئي طور ڏني هئي، اڃا سوڌي خالي هڪ ڍانچو آهي، ڳوٺ وارا پنهنجي اها گذارش ته ڳوٺ جي اسپتال جي اڏاوت ٻيهر شروع ڪرائي وڃي، صدر احمدي نجاد تائين، سندس ڀاءُ دائود جي ذريعي پهچائي چڪا آهن، جيڪو سندس حڪومت ۾ اهم وڏو عهديدار آهي، پر اڃا تائين اُن تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي، هو اهو جواب ٿو ڏي ته حڪومت جي نظر ۾، سڄي ملڪ جي اندر ڪرڻ جي لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، جن کي حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ ٿي چاهي، فقط ڏهن هزارن جي آباديءَ جي لاءِ هڪ اسپتال جي اڏاوت جو نمبر پوءِ ايندو ۽ جڏهن ايندو ته اهو ڪم ٿي ويندو.”
احمدي نجاد، شروعاتي تعليم ‘نرماڪ’ ۾ حاصل ڪئي. اهو اسڪول سندس پيءُ جي لوهارڪي دوڪان جي بلڪل ويجهو هو. هو هڪ هوشيار ۽ دل لڳائي پڙهندڙ شاگرد هو ۽ گڏوگڏ راند روند جو به شوقين هو. اسڪول کانپوءِ هن جو گهڻو وقت فوٽ بال کيڏندي گذرندو هو. هاءِ اسڪول ۾ ڇهن سالن تائين تعيلم جي دوران هو سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو.
احمدي نجاد جي سياسي زندگي جي شروعات 1975ع ۾ ان وقت ٿي، جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. اها انقلاب کان چار سال اڳ جي ڳالهه آهي، هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا واري ٽيسٽ ڏاڍي سُٺي نموني پاس ڪئي. هو يونيورسٽيءَ جي ڏهن هزار داخلا جي سيٽن تي ٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻن لکن شاگردن مان 132 هين نمبر تي آيو.
ان زماني ۾ يونيورسٽي ۾ بي چينيءَ جو زمانو هو، اتي کاٻي ڌر ۽ شاهه جي اسلامي مخالفن جون تنظيمون، انڊر گرائونڊ ڪم ڪري رهيون هيون. 1973ع ۾ تيل جي قيمتن جي واڌاري سبب ايران هاڻ غربت کي پٺتي ڇڏڻ شروع ڪيو هو، شاهه پنهنجي خواهشن کي عملي جامون پهرائڻ جي لاءِ ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي، جنهن تحت ايران کي هڪ صنعتي ملڪ ٺاهڻ جا خواب ڏٺا پي ويا. پر ايران جنهن تيزي سان معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيو هو، ان ئي تيزيءَ سان سياسي بي چيني جو شڪار هو، ڪنهن به قسم جي مخالفت کي نه سَٺو ويندو هو، سياسي جبر، ملڪ جي ترقيءَ سان گڏ وڌي رهيو هو.
يونيورسٽيءَ ۾ احمدي نجاد کي هڪ ايراني اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جا ليڪچر ٻڌڻ ۽ لکڻين پڙهڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر علي شريعتي نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ نوجوانن کي انقلاب لاءِ تيار ڪيو، ڊاڪٽر علي شريعتي اولهائين جمهوريت جو وڏو نقاد هو، سندس نظر ۾ اولهائين جمهوريت ۾ ووٽر نه پر دولت فيصلو ڪندڙ حيثيت ٿي رکي. اتان کان ئي هڪ مذهبي پسمنظر رکندڙ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جي ذهني تربيت جي شروعات ٿي، جنهن ملڪ ۾ تبديلي ٿي چاهي. ڊاڪٽر علي شريعتيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. ڇو ته هن جون سرگرميون شاهه جي ڳجهي پوليس “ساواڪ” لاءِ قابل قبول نه هُيون يا ان جي نظر ۾ بغاوت جي راهه هموار ڪري رهيون هيون. کيس جيل ۾ وڌو ويو، اتان پوءِ کيس پئرس جلاوطن ڪيو ويو، جتي 1977ع ۾ کيس “ساواڪ” قتل ڪرائي ڇڏيو. پر هن جي لکڻين جي مقبوليت کي گهٽائڻ يا پڙهندڙن کي پڙهڻ کان روڪڻ “ساواڪ” جي وَس ۾ نه هو. احمدي نجاد به اهڙن نوجوانن مان هو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي نجاد جو هڪ دوست ‘سعيد هادي’ چوي ٿو. “اسين ٻيئي (احمدي نجاد ۽ آئون) هڪ ڏينهن لڪي پنهنجي گاڏيءَ ۾ “امول” پهتاسين، جيڪو تهران کان پنجن ڪلاڪن جي مسافري تي آهي، جيئن اسين اتان هڪ دوست کان ڊاڪٽر علي شريعتي جو ڪتاب “علم السلام” پڙهڻ جي لاءِ اُڌارو وٺي اچي سگهون.”
انقلاب جي دوران احمدي نجاد کي پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي. ايئن نجاد کي پنهنجي تعليمي ڊگري ۽ پوءِ پي . ايڇ . ڊي ڪرڻ ۾ ويهه سال لڳي ويا. نجاد پنهنجي يونيورسٽي ۾ خمينيءَ جي نظرين جي حامي شاگردن جي هڪ سرگرم اڳواڻ طور اُڀرڻ لڳو، اڳتي هلي جڏهن ملڪ جي سڀني يونيورسٽين جي اسلام پسند شاگردن جي تنظيمن کي هڪ تنظيم “آرگنائيزيشن فارڪنسوليڊيٽنگ يونٽيءَ (O.C.U)” جي شڪل ڏني ويئي ته کيس پنهنجي اڳواڻي وارين صلاحيتن کي مڃائڻ ۾ ڪاميابي ملي، ايئن هڪ معمولي پسمنظر رکندڙ نجاد هاڻ انقلاب جي مُهڙين حصن ۾ پهچي ويو، جتي سندس لڳ لاڳاپا خمينيءَ جي ويجهي حلقي جي ماڻهن سان ٿيا.
احمدي نجاد جي انقلاب کانپوءِ ڪنهن پهرينءَ عهدي تي مقرري 1980ع ۾ ٿي. ان وقت سندس عمر 24 سال هئي. کيس آذربائيجان جي هڪ ضلعي “ماڪو” جو گورنر مقرر ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ کيس 1993ع ۾ انتظامي طور نئين ٺاهيل صوبي “اردابل” جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. سندس گورنريءَ جي دوران ايران ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ هن قدامت پسند اميدوار ناطق نوريءَ جي مدد ڪئي هئي، جيڪو اصلاح پسند اميدوار محمد خاتميءَ جي هٿان چونڊون هارائي ويو.
احمدي نجاد فيبروري 1999ع ۾ تهران جي بلدياتي چونڊن ۾، شهري ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺو، پر هو کٽي نه سگهيو. ڪائونسل جي پندرهن سٽن مان، ووٽن جي تناسب سان احمدي نجاد 23 هين نمبر تي رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ پهريان پندرهن اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. ائين هو انتخابي سياست جي پهرينءَ ئي مرحلي ۾ ناڪام رهيو. ٻيو سال 2000ع ۾ هن پارلياميٽ جي چونڊن ۾ تهران مان بيهڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ قدامت پرستن پاران پارليامينٽ جي تهران مان ٽيهن سيٽن لاءِ جن اميدوارن جي لاءِ نالن جو اعلان ڪيو ويو، احمدي نجاد جو نالو انهن ۾ پهرين نمبر تي هو. پر چونڊن جا نتيجا نڪتا ته هو ملندڙ ووٽن جي حساب سان 29 هين نمبر تي آيو ۽ مشڪل سان پارليامينٽ ۾ پهچي سگهيو. چونڊن جو اهو ميدان اصلاح پسند اميدوارن کٽي ورتو.
احمدي نجاد 2003ع ۾ تهران جو ميئر چونڊيو ويو. احمدي نجاد هڪ اهڙو ميئر هو جنهن جي، بنياد پرست اسلام جي سڄي ملڪ ۾ عملداري قائم ڪرڻ جي هڪ ايجنڊا هئي. ميئر هئڻ جي دوران مٿس پنهنجا نوازڻ ۽ غير ضروري طور خرچ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بدعنوانين جا الزام پڻ لڳندا رهيا، پر احمدي نجاد انهن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي.
احمدي نجاد جڏهن 2005ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي مهم شروع ڪئي ته سندس سوانح نگار ‘ڪسريٰ ناجي’ جي لکڻ موجب: “49 سالن جي احمدي نجاد جو سياسي قد ڪاٺ ايترو ته ننڍو هو، جو تهران، جنهن جو هو گذريل ٻن سالن کان ميئر هو، تنهن جي گهڻائي به کيس رڳو سندس ان تڪراري رٿ جي ڪري سڃاڻندي هئي، جيڪا شهيدن جي مڙهن کي سندن پراڻين قبرن مان ڪڍي، تهران جي مصروف چوڪن ۾ ٺهيل پارڪن ۾ دفن ڪرڻ جي باري ۾ هئي. احمدي نجاد جي چونڊ مهم ايتري ته بي جان ۽ سندس جيتڻ جا امڪان ايترا ته گهٽ هئا، جو ڪن مقامي ۽ بين الاقوامي صحافين جيڪي اُن چونڊ مهم جي رپورٽنگ ڪري رهيا هئا، انهن پنهنجي رپورٽن ۾ هن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو.”
ان وقت جيڪي اميدوار ميدان ۾ هئا، انهن ۾ ايران جو اڳوڻو صدر هاشمي رفسنجاني به هو، جيڪو ٻه ڀيرا اڳ 1989ع کان 1997ع تائين ايران جو صدر رهي چڪو هو. سڀني تجزيي نگار کيس ئي ايران جي صدر طور ڏسي رهيا هئا ۽ سڀئي جي اها راءِ هئي ته احمدي نجاد جي کٽڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. پر جيترو هن جي کٽڻ جي ناممڪن هئڻ جو ذڪر ڪيو ويندو هو، اهو، اوترو نجاد جي ارادن کي سگهارو ڪندو هئو. اليڪشن جا نتيجا نڪتا ته هو ٻي نمبر تي هو. جنهن تي حيران ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. ايراني آئين موجب جيڪڏهن ڪنهن اميدوار گهربل تعداد ۾ ووٽ نه کنيا هوندا آهن ته چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ويجهو رهندڙن اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ ٻي مرحلي ۾ احمد نجاد وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ايران جو صدر چونڊجي ويو. ايڏي تبديلي ڪيئن آئي، مبصر انهيءَ تي حيران ٿي ويا، پر عام تاثر اهو هو ته نجاد کي ايراني سياست تي اثر انداز ٿيندڙ ڪيترين ئي شخصيتن جي ڳجهي حمايت حاصل هئي. اليڪشن جا نتيجا اچڻ کانپوءِ هارايل اميدوار هاشمي رفسنجانيءَ چيو “آئون پنهنجو معاملو خدا تي ٿو ڇڏيان.”
احمدي نجاد جي صدارت جي ٻنهي دورن ۾ ايران ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، ايران ۾ مهنگائي وڌي آهي، جنهن سبب بي چيني به وڌي آهي. عالمي طور تي ايران وڌيڪ اڪيلو ٿيو آهي، خاص ڪري پنهنجي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان.
ٻي پاسي ذاتي زندگيءَ ۾ نجاد نهايت سادگي پسند آهي، هو پنهنجي سادي ۽ ننڍي گهر ۾ رهي ٿو، پنهنجي پراڻي ڪار استعمال ڪري ٿو ۽ پنهنجي يونيورسٽي واري پروفيسريءَ جو پگهار کڻي ٿو وغيره، جيڪو دنيا جي اڳواڻن لاءِ هڪ مثال آهي.
•
___
8 احمدي نجاد: ڪسريٰ ناجي. تخليقات لاهور 2009ع.