• خميني ۽ بيت خميني
هن گهر ۾ خميني جي 1963ع ۾ شاهه پاران کيس زوري ترڪي جلاوطن ڪرڻ تائين رهائش رهي.
اڳتي وڌي گهر جو دروازو لنگهي اندر ٿا گهڙون، جت هڪ ننڍو استقباليه ڪمرو هو، جنهن ۾ هڪ نوجوان اخبار پڙهي رهيو هو، اسانکي ڏسي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته اسان کانئس اندر وڃڻ جي اجازت گهري، هن مرڪي اسانکي اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو ته اسين اڳتي وڌي هڪ اڱڻ ۾ اچي بيٺاسين، آئون چئني طرفن تجسس مان ڏسڻ ٿو لڳان. هن گهر جون ڀتيون، اڱڻ ۽ درو ديوار ڪيترن ئي تاريخي واقعن جون شاهد آهن، هن گهر ۾ ڪيترن نه تاريخي واقعن جنم ورتو ۽ هاڻ اهو گهر، ان جي هر سر تاريخ جو حصو بنجي ويئي آهي. ايراني ته هونئن به پنهنجي تاريخي ورثي سان پيار ڪندڙ ۽ ان کي سنڀاليندڙ آهن. هنن نه رڳو سائرس اعظم(ڪيخسرو) جي تخت جمشيد کان وٺي، قاچارين جي دور ۽ ان کانپوءِ جي تاريخي ورثي کي سنڀاليو آهي، پر دنيا تي وقت بوقت انهن جي اهميت به اجاگر ڪندا رهيا... ۽ هي گهر ۽ هن گهر ۾ رهندڙ شخصيت ته ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه آهي.
اڱڻ ۾ لڳل گلن ۽ انهن گلن جي وچ ۾ ٺهيل ننڍڙي حوض کي ڏسندا سامهون وڌون ٿا. جت اندر ڪمرن ۾ گهڙڻ لاءِ دروازو هو. ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي اندر گهڙياسين، ۽ بوٽ لاهيون ٿا، جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه بوٽ موجود هئا. اڱڻ ۾ ته ڪير به ڪونه هو، اندر گهڙياسين ته فرشي نشست نظر آئي، جتي سامهون ٽي عالم سڳورا ويٺا هئا، هنن جي اڳيان فارسي اخبارون کليون پيون هيون، هو پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. اسانجي سلام جي جواب ۾ هنن بي رخيءَ مان جواب ڏنو ۽ سامهون وڃڻ جو اشارو ڪيو. ايئن هڪ ڪمري مان ٻي ڪمري ۾ گهڙياسين، جت دروازي وٽ هڪ ڏاڙهيءَ سان اڌڙوٽ عمر جو همراهه ميز تي جهڪيو ڪجهه پڙهي رهيو هو، اسانجي سلام تي هن مرڪي اُٿي بيهي اسان سان هٿ ملايو، اسان کيس ٻڌايو ته پاڪستان مان آيا آهيون، ته هن “برادر” چئي وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاري ۽ اسانکي ڀرواري ڪمري ۾ وٺي هليو، جنهن ۾ ڪجهه الماڙيون قطار ۾ رکيون هيون ۽ انهن ۾ ترتيب سان ڪتاب رکيا هئا. هن اسانکي ٽٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته هي ننڍو ڪمرو امام خميني جي مطالعي ڪرڻ جي ڪم ڏيندوهو. اتي بيهي اسان ڪجهه فوٽو ڪڍيا.
خميني صاحب، جڏهن 1922ع ۾ “خمين” مان قم منتقل ٿيو ته پهرين هو ‘مدرسه فيضيه’ ۾ رهيو، پوءِ ڪجهه ٻين مسواڙي جاين ۾، سندس هي گهر جيڪو “بخچال قاضي” نالي علائقي ۾ آهي، پاڻ 1956ع ۾ خريد ڪيائين، ان کان اڳ ‘قم’ ۾ سندس نالي ڪابه ملڪيت نه هئي، ان وقت هن گهر جي قيمت تيرهن هزار تومان هئي، جيڪو خميني صاحب “خمين” ۾ پنهنجي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان ملندڙ پنهنجي پتيءَ مان ورتو. خميني کي 1963ع ۾ جڏهن جلاوطن ڪيو ويو ته هن گهر ۾ سندس گهر ڀاتي ئي رهيل هئا، جن جي ‘نجف اشرف’ وڃڻ کانپوءِ هي گهر خمينيءَ جي ڀاءُ آيت الله پسنديدهه جي استعمال ۾ رهيو. 1979ع ۾ جڏهن خميني واپس ايران موٽيو ته هن گهر ۾ رهڻ جي بدران “پل حجتيه” جي ويجهو پنهنجي ناٺي آيت الله اشراقي جي گهر ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته هي گهر ننڍو ۽ سوڙهين گهٽين ۾ هئڻ سبب ايندڙ ويندڙ ۽ ملاقاتين جي گنجائش کي پورو ڪري نٿي سگهيو.
“قم هڪ ننڍو، سڌو، بي ڪشش شهر آهي، جيڪو تهران کان هڪ سئو ميل ڏکڻ ۾ هڪ خالي ٿڪائيندڙ، تپندڙ صحرا ۾ واقع آهي، بظاهر اُن ماريندڙ ڏکي آب هوا ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونهي، جيڪا سوچ ويچار ۽ مراقبي جي لاءِ سازگار هجي، ان جي باوجود به قم مذهبي جوش ۽ خروش، حد کان وڌيڪ راسخ العقيدگي، تصوف ۽ جنگجو ايمان جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر ۾ پنج سئو مسجدون ۽ ملڪ جا وڏا وڏا مدرسا قائم آهن، قرآن جا عالم ۽ روايت جا نگهبان قم ۾ ئي بحث مباحثو ڪن ٿا. عالم ۽ آيت الله هن ئي شهر ۾ پاڻ ۾ صلاح ۽ مصلحت ڪن ٿا. خميني سڄي ملڪ تي هن ئي هنڌ تان حڪومت ڪريٿو. هو سدائين قم ۾ رهي ٿو، گاڌي جي هنڌ ڪڏهن به نٿو وڃي، هو پنهنجي زال ۽ پنجن ٻارن سان هن ئي شهر جي هڪ مٽيءَ سان ڀڀوت، ناهموار ۽ سوڙهي گهٽيءَ ۾ جنهن جي وچ مان هڪ ننڍي نهر وهندي هئي، هڪ ننڍي گهر ۾ رهندو هو. هاڻ هو پنهنجي ڌيءَ جي گهر منتقل ٿي چڪو آهي. جنهن جي بالڪونيءَ مان هو هيٺ بيٺل ميڙ جي سامهون ظاهر ٿئي ٿو (اهو ماڻهن جو ميڙ عام طور تي شهر جي مسجدن ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اهم اٺين امام رضا جي ڀيڻ فاطمه (معصومه) جي مزار جي زيارت لاءِ ايندڙن جو هوندو آهي.) خمينيءَ جي زندگي گذارڻ جو طريقو بي حد سادو آهي، هن جي غذا چانورن، ڌنئري ۽ ميوات تي مشتمل آهي، ۽ هن جو وقت خالي ڀتين ۽ فرنيچر کانسواءِ هڪ ڪمري ۾ گذري ٿو. جنهن جي فرش تي فقط هڪ بسترو ۽ ڪتابن جو ڍڳ پيل آهي، هتي ئي هو ڀت سان ٽيڪ ڏيئي مهمانن سان ملاقاتون ڪندو آهي، جن ۾ پرڏيهي ملڪن جا نهايت رسمي سفارتي وفد به شامل آهن، دريءَ مان هو مسجدن جا گنبذ ۽ مدرسي جو وڏو اڱڻ ڏسي سگهي ٿو، جيڪو فيروزي موزائڪ، آبي مائل سبز مينارن، سڪون سايي جي ديوارن سان گهيريل دنيا آهي، ان ڪمري مان سڄو ڏينهن ملاقاتين ۽ درخواست گذارن جي هڪ ڊگهي قطار لنگهندي رهي ٿي، جڏهن ان ۾ وٿي اچي ٿي ته خميني نماز پڙهڻ جي لاءِ هليو وڃي ٿو يا ان ئي ڪمري ۾ ليٽي پوي ٿو ۽ اهو وقت سوچ ويچار يا جيئن هر وڏي عمر جي شخص جي لاءِ فطري ڳالهه آهي، ننڍ ڪرڻ جي لاءِ هجي ٿو. هن تائين، جنهن شخص جي وڌ کان وڌ پهچ آهي، اهو سندس ننڍو پُٽ احمد آهي، جيڪو پنهنجي پيءُ جيان هڪ مذهبي عالم آهي، ٻيو پُٽ جيڪو وڏو هئس ۽ پنهجي پيءُ جي سڄي زندگي جي اميدن جو مرڪز هو، اهو پراسرار حالتن ۾ گذاري ويو... ماڻهو چون ٿا ته شاهه جي ڳجهي پوليس “ساواڪ” جي هٿان فريب ڪاري جي هٿان قتل ڪيو ويو.
ريشارد ڪاپو شنسڪي. (شهنشاهه)
سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل هيءَ گهر لڳ ڀڳ هڪ سئو سال پراڻون آهي ۽ هن جا ٻه طبقا آهن، هڪ “سرداب” ۽ ٻيو “هم ڪف” جيڪو گهٽيءَ سان لڳ ۽ عمارت جي اڱڻ جي ڏکڻ ۾ آهي، اتر اولهه ۽ اوڀر واري پاسي سائبان آهي، ۽ ان جي وچ ۾ هڪ ڏاڪڻ وارو رستو، جيڪو عمارت کي ٻاهرينءَ ۽ اندرين حصن ۾ ورهائي ٿو. عمارت جي ٻاهرينءَ حصي ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي، جيڪو سالن تائين خمينيءَ جي شاگردن ۽ چاهيندڙن جي مزماني ۽ ملاقاتن جو مرڪز رهيو، اُن ئي ڪمري مان لنگهي اسين هت اچي بيٺا آهيون.
ان عالم سڳوري کان جنهن جو نالو هينئر مون کان وسري ويو آهي، مون پڇيو ته “خميني صاحب جي آرام وارو ڪمرو ڪهڙو آهي؟” ته وراڻيائين “آرام، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ..... هت...” ٻين لفظن ۾ خميني صاحب جنهن مهل به ڪم ڪار ۽ لکڻ پڙهڻ کان واڌو ٿيو ٿي ته جتي ويٺل هوندو هو، اتي ئي ويهاڻون سِري کان ڏيئي سُمهي پوندو هو.
اُن ڪمري جي بلڪل سامهون هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن ۾ پڻ الماڙين ۾ ڪتاب سهڻي ترتيب سان رکيا هئا. اتي پڻ هڪ عالم سڳورو، ميز تي جهڪيو ڪجهه پڙهي رهيو هو. اسان اوڏانهن ڏٺو، کيس ڪارو پٽڪو ٻڌل هو، جڏهن ته ٻين عالمن کي اڇا پٽڪا پهريل هئا، جنهن جو سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پيئي ته جيڪي اهل بيت آهن يا ٻين لفظن ۾ ‘سيد’ اهي ڪارو پٽڪو ٻڌندا آهن،ڪارو پٽڪو شايد دائمي سوڳ جي نشانيءَ طور ۽ باقي ٻيا عالم اڇو پٽڪو ٻڌندا آهن. اسان سان بيٺل همراهه اشاري سان اسانکي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو.
موڪلائڻ مهل هن اسانکي اردوءَ ۾ ڇپيل هڪ ننڍڙو پر سهڻو ڇپيل ڪتاب “شهر قم ۾ امام خميني ڪي همراهه” ڏنو، جنهن لاءِ اسان سندس ٿورو مڃيو، جواب ۾ هن ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اسين سيڙجي “بيت امام خمينيءَ ڏسڻ آيا آهيون، ڳالهين ڳالهين ۾ اسان جڏهن کيس ٻڌايو ته اسانجو واسطو لکڻ ۽ پڙهڻ سان آهي ته هن گرمجوشيءَ سان هٿ ملائي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
افسوس جو خميني جي گهر ۾ ۽ ڪجهه ٻين جاين تي ڪڍيل فوٽو، جنهن ڪئميرا ۾ ڪڍياسين، ان جو ميموري ڪارڊ لاڪ هئڻ سبب نڪري نه سگهيا، جنهن جي اسانکي دير سان خبر پيئي، ٻاهر نڪري، دروازي وٽ ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺل نوجوان کان موڪلايو سين، جنهن جو نالو به اتفاق سان يوسف هو.
*
آيت الله خميني 24 آڪٽومبر 1902ع تي ايران جي شهر “خمين” ۾ هڪ عالم دين سيد مصطفيٰ موسويٰ جي گهر ۾ جنم ورتو، هڪ روايت موجب سندس ڏاڏي سيد احمد موسويٰءَ جو واسطو سيد مير حامد حسين نيشاپوري جي ڪٽنب سان هو، جيڪو هندستان جي شهر لکنوءَ مان لڏي اچي اُتي آباد ٿيو هو. “خمين” جو هئڻ ڪري، آيت الله کي خميني سڏيو وڃي ٿو، جيئن پاڻ سرويچ سجاولي کي سجاول جو هئڻ يا راشد مورائي کي موري جو هئڻ سبب، سندس نالن جي پويان شهر جو نالو لڳائي سڏيندا آهيون.
خميني اڃا پنجن مهينن جو هو ته سندس پيءُ کي قتل ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ سندس پالنا سندس امڙ ۽ پُڦيءَ ڪئي. پندرهن سالن جي عمر ۾ سندس پڦي به لاڏاڻو ڪري ويئي، جنهن سندس پرورش ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جلدئي سندس سندس امڙ به گذاري ويئي. خميني ننڍي هوندي ئي ڏاڍو ذهين هو، هن شروعاتي تعليم گهر ۾ حاصل ڪئي، صرف ونحو ۽ منطق جي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ آيت الله سيد مرتضيٰ کان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو ‘اراڪ’ ويو. جتي هن الحاج شيخ عبدالڪريم حائري يزدي جي مشهور درسگاهه ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن شيخ عبدالڪريم، قم آيو ته آيت الله خميني به ‘قم’ هليو آيو، اهو 1922ع جو زمانو هو، جتي پاڻ پهرين مدرسه فيضيه ۾ رهائش اختيار ڪري درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اتي ئي هو اجتهاد جي درجي تي پهتو.
1963ع ۾ جڏهن شاهه جي حڪومت آمريڪي شهرين کي ايراني قانونن کان آجو قرار ڏنو ته آيت الله خمينيءَ ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي، ڇو ته ڪنهن به آزاد ملڪ ۾ سفارتي عملي کانسواءِ ڪوبه شخص ملڪي قانونن کان مٿاهون نه هوندو آهي، شاهه جي ان فيصلي جي خلاف ملڪ ۾ سخت هنگاما شروع ٿي ويا، جواب ۾ حڪومتي تشدد ۾ سوين هزارين ماڻهو مارجي ويا، ڪيترن کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ ڪيترن کي ڦاسيون ڏنيو ويون، آيت الله خمينيءَ کي به گرفتار ڪيو ويو، عام تاثر اهو ته شاهه کيس جيئرو نه ڇڏيندو ۽ ڦاسي ڏيئي ڇڏيندو، ڇو ته شاهه پنهنجي ڪنهن مخالفت کي بخش ڪرڻ وارن مان نه هو.
خمينيءَ جي گرفتار ٿيندي ئي عالمن کيس ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ ترڪيب ڪڍي، آيت الله شريعت مدار، ماٺ مٺيءَ ۾ ‘قم’ مان اچي ‘ري’ شهر ۾ شاهه عبدالعزيز جي مزار تي ويٺو. اتي ڪيترائي عالم گڏ ٿيا، جن پاڻ ۾ صلاح کانپوءِ اعلان ڪيو ته “خميني آيت الله ۽ مجتهد ۽ مرصع تقليد آهي”، هاڻ ڦاسي ته هڪ طرف، پر ان اعلان کانپوءِ آيت الله خمينيءَ کي ڪا معمولي سزا ڏيڻ جي به ڪا گنجائش نه بچي، جو ايران جي پراڻي آئين جي فقري نمبر2 ۾ علماءِ دين جي ذڪر سان گڏ اهو ذڪر به هو ته ‘الله کين وڏي عمر عطا ڪري،’ جنهن گروهه جي لاءِ آئين ۾ وڏي عمر جي لاءِ دعا ڪيل هجي، ان جي ڪنهن فرد کي سزا ڏيڻ، ڪيس هلائڻ ۽ موت جي سزا ڏيڻ هڪ غير آئيني عمل هجي ها، تنهنڪري مجبور ٿي آيت الله خمينيءَ کي آزاد ڪري جلاوطن ڪيو ويو. هو پهرين ترڪي ويو ۽ پوءِ اتان نجف اشرف (عراق) هليو ويو. جتي هو چوڏهن سال رهيو، 1978ع ۾ جڏهن ايران ۾ قومي تحريڪ زور ورتو ته شاهه عراق تي دٻاءُ وڌو، ايئن آيت الله کي عراق مان نڪرڻون پيو ۽ هن پنهنجي جلاوطنيءَ جا آخري مهينا پئرس جي آسپاس گذاريا.
شاهه جي خلاف تحريڪ ايترو ته زور ورتو، جو هو نيٺ 16 جنوري 1979ع تي ايران ڇڏي ماٺ مٺيءَ ۾ قاهرا هليو ويو ۽ هن جي وڃڻ سان 53 سالن کان قائم پهلوي شهنشاهيت ڊهي اچي پٽ پيئي. شاهه جي وڃڻ کانپوءِ پهرين فيبروري 1979ع تي خميني پئرس مان تهران پهتو ته ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن سندس آجيان ڪئي.
آيت الله خمينيءَ 3 جون 1989ع تي وفات ڪئي، کيس تهران ۾ دفنايو ويو، ۽ سندس مٿان شاندار مقبرو تعمير ڪرايو ويو آهي، جيڪو به ڏسڻ وٽان آهي.
خمينيءَ پنهنجي سڄي زندگي نهايت نظم و ضبط ۽ وقت جي پابنديءَ سان گذاري، هن جي هر ڪم جو شيڊول مقرر هوندو هو ته ڪيڏي مهل سمهڻون آهي، ڪيڏي مهل ننڍ مان اُٿڻو آهي، گهر وارن کي ڪيترو وقت ڏجي ۽ سماجي توڙي سياسي سرگرمين جي سلسلي ۾ پڻ وڏي پابندي ڪندو هو. ماڻهو، هن جي ننڍ مان اُٿڻ، سمهڻ، درس جي لاءِ مسجد ڏانهن وڃڻ، پسار ڪرڻ ۽ مطالعي شروع ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ مان وقت جو اندازو لڳائي وٺندا هئا.
جڳ مشهور جرمن فلاسافر ‘فريد رڪ نٽشي’ جي باري ۾ به مشهور هو ته هو وقت جو ايترو ته پابند هو، جو جنهن مهل گهران واڪ ڪرڻ جي لاءِ نڪرندو هو ته ماڻهو پنهنجون گهڙيون درست ڪندا هئا.
آيت الله خمينيءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ قرآن پاڪ جو تفسير به شامل آهي، تنهن کانسواءِ آيت الله خميني شعر تي به طبع آزمائي ڪئي. سندس چونڊ شعر جو سنڌي ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو “راههِ عشق” جي نالي سان 1993ع ۾ “خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد” پاران ڇپرايو ويو، آيت الله خميني جي ان عارفاڻي ڪلام جو سنڌي ترجمو سنڌي ٻولي جي مشهور شاعر “نياز همايونيءَ” ڪيو آهي، ان ڪتاب مان سندس هڪ غزل جو منظوم ترجمو پڙهندڙن جي خذمت ۾ پيش ڪجي ٿو.
عمر ٿي پوري مگر، دلبر اچڻ جي ڪانه ڪئي،
آخري دم تي به هن ڪاوڙ ڇڏڻ جي ڪانه ڪئي.
موت جو پيالو رسيو، پر هٿ نه آيو جام مَئي،
سال ٿيا پر مَهر سان سهڻي ملڻ جي ڪانه ڪئي.
جان منهنجي جو پکي، پڃري اندر ڦاٿل رهيو،
ڪنهن به هن مَنهنجان اُن کي ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي.
يار جا عاشق مڙئي گمنام ٿا گهارين پيا،
نامدارن اُن طرف مُڙندي ڏسڻ جي ڪانه ڪئي.
قافلا اوسيئڙن ۾ عشق وارن جا رهيا،
ڪنهن کي چئجي دلربا ڇاليءَ رسڻ جي ڪانه ڪئي.
روح مئلن ۾ وجهي ۽ عاشق کي موت ڏي،
جاهلن اهڙي پرولي سَلڻ جي ڪانه ڪئي.
•