• فردوسي ۽ شاهنامون
“سڀاڻي بهتر رهندو.” امين هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيندي وراڻيو.
“ پر قم جهڙو حشر نه ٿئي، جو ٻين جي آسري ۾ پروگرام ٺاهيندي ٺاهيندي سڄا سارا ٻه ڏينهن ذيان ٿي وڃن... نه ته تهران جو سٺو چڪر ٿي وڃي ها.” مون چيس.
شام جو آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه سان ڳالهه ٿي ته هنن به هلڻ لاءِ خوشيءَ سان راضپو ڏيکاريو.
ٻي ڏينهن صبح جو تيار ٿي هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌو امام رضا جي روضي جي اڳيان ‘ايستگاهه تاڪسي’ وٽ آياسين. فارسيءَ ۾ ايستگاهه اسٽاپ يا انتظارگاهه کي ۽ تاڪسي، ٽئڪسيءَ کي چئبو آهي. اسين پهتاسين ته ٽئڪسين وارا اسانکي ورائي ويا، نيٺ هڪ ٽئڪسي واري سان ‘چوڏهن هزار’ تومانن ۾ ‘طوس’ هلڻ طئي ٿيو. ان مهل آئون ۽ آفتاب شاهه ‘طوس’ وڃڻ جي خوشيءَ جي نشي ۾ سرشار هئاسين، سو چوڏهن هزارن ۾ ئي کڻي ٽئڪسي ٻوليسين. پر پوءِ واپس اچي خبر ورتيسين ته پتو پيو ته اسين ٽئڪسي واري جي هٿان ڦرجي ويا هئاسين، ٻن ڏينهن کانپوءِ امين، آپا مهرالنساءِ سان گڏجي ٻيهر ‘طوس’ ويو ته هنن ڏهن هزار تومانن ۾ ٽئڪسي ڀاڙي تي ڪئي، ٽئڪسي وارا جتي ڪٿي بي ايمان ۽ بشني، پوءِ پاڪستان هجي يا هندستان يا ايران... سندن ڪو به دين ايمان ڪونهي.
طوس، مشهد کان 28 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ‘خراسان’ جي وڏن شهرن، تهذيبي ۽ تمدني مرڪزن ۾ ڳڻيو ويندو هو. پر هاڻ کنڊرن، قديم قلعي جي ڪجهه حصن کانسواءِ اُت ٻيو ڪجهه به ڪونهي... هينئر طوس جي مشهوريءَ جو سبب “فردوسيءَ” جي مزار آهي...
جڏهن ايران جو پروگرام ٺهيو ۽ ايران بابت پڙهڻ شروع ڪيم ته اهو معلوم ڪري، خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پي ماپيس ته طوس، مشهد جي بلڪل ويجهو آهي، جتي فردوسيءَ جي مزار آهي.
فردوسيءَ بابت ننڍي هوندي پرائمري اسڪول پڙهڻ واري زماني ۾ ڪافي ڪجهه ٻُڌو هو. منهنجو عظيم اُستاد سائين ڪريم بخش ‘پياسي’ مڱڻهار جيڪو پاڻ به سُٺو شاعر هو ۽ جنهن اسان شاگردن کي ڪورس پڙهائڻ سان گڏ، شاعري ۽ شاعرن سان به شناسائي ڪرائي. هو اسانکي ٻين ڳالهين سان گڏ فردوسيءَ سان لاڳاپيل مشهور واقعو به ٻُڌائيندو هو ته ڪيئنءَ، محمود غزنوي، فردوسيءَ سان ‘شاهنامي’ لکڻ جي عيوض “سٺ هزار سونيون اشرفيون” ڏيڻ اوري پنهنجي واعدي تان ڦري ويو هو.
اسين چارئي يار “ٽئڪسيءَ” ۾ چڙهي ‘طوس’ روانا ٿياسين، ٽئڪسي مشهد مان جتان به ٿي گذري، اسين ڌوڏا ڦاڙي مشهد کي ڏسندا وياسين، هنڌ هنڌ تي وڻڪاري، خوبصورت پارڪ، مختلف شخصيتن جا مجسما ۽ صفائي سٿرائي ڏسي امين هر هر پيو چوي، “يار واپسيءَ تي شام جو هت اينداسين، چڪر هڻي، اکيون به ٿڌيون ڪبيون ۽ فوٽو به ڪڍنداسين.”
ٽئڪسي، شهر کان ٻاهر نڪري “شيروان-گرگان روڊ” ڏانهن لڙي، طوس ان ئي روڊ تي آهي...
فردوسيءَ جو سڄو نالو ‘ابوالقاسم منصور بن حسين’ هو. هن جو جنم طوس جي هڪ ننڍي ڳوٺ’باز’ ۾ 329هه ۾ ٿيو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ زمينداري ڪندو هو.
فرودسيءَ غزنوي دور جو شاعر هو، غزنوي دور کي فارسي شاعريءَ جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. “شاهنامه فردوسي”، فارسي شاعريءَ جو ايڏوته وڏو شاهڪار آهي، جو اُن دور کي ‘فردوسيءَ’ جي نالي سان ئي منسوب ڪري سگهجي ٿو. تنهن کانسواءِ فرخي ۽ عنصريءَ جا قصيدا فارسي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.
هونئن ته “درٻار غزنيءَ” ۾ چار سئو کن شاعر موجود هئا، پر انهن مان جيڪا شهرت ۽ عظمت شاهنامي جي خالق، فردوسيءَ جي حصي ۾ آئي، اها ڪنهن ٻي شاعر کي نصيب نه ٿي. ايتري عظمت ۽ شهرت جي باوجود به فردوسيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪا گهڻي معلومات نٿي ملي. فردوسيءَ جي شاهنامي لکڻ جي حوالي سان ٻه روايتون ملن ٿيون، جن موجب فردوسيءَ 370هه ڌاري ڪنهن جي فرمائش کانسواءِ، پنهنجي اندر جي اُڇل ۽ دلي جذبي تحت “شاهنامو” لکڻ شروع ڪيو ۽ ٽيهن سالن جي محنت ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ اهو لکي پورو ڪيائين، جيئن پاڻ به لکيو اٿس.
بسي رنج بردم - درين سال سي،
عجم زنده کردم – بدين پارسي.
(مون ٽيهن سالن ۾ تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون ۽ هن فارسي زبان جي ذريعي عجم (ايران) کي جيئرو ڪري ڇڏيو اٿم.)
پر اڃا اهو مڪمل نه ٿيو هو، جو هو تنگدستي ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو، سنگت ساٿ جي صلاح تي هو، سلطان محمود غزنويءَ جي درٻار ۾ پهتو ۽ سلطان جي شان ۾ ڪجهه شعر لکي هُن “شاهنامي” ۾ شامل ڪيا، فردوسي 394 يا 395هه ڌاري ‘غزني درٻار’ ۾ پهتو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته فردوسيءَ، شاهنامون، محمود غزنويءَ جي فرمائش تي لکڻ شروع نه ڪيو هو ۽ نه ئي محمود ساڻس في شعر جي بدلي هڪ اشرفي ڏيڻ جو وعدو ڪيو.
ٻي روايت موجب “شاهنامي” کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، فردوسيءَ کي سندس توَقع جي ابتڙ سٺ هزار اشرفين جي بدران “ويهه هزار” درهم مليا. جنهن تي هو دل شڪستو ٿي ‘غزنيءَ’ مان نڪري ويو ۽ هن محمود جي ‘هجو’ لکي ۽ گم ٿي ويو. ڪافي عرصي کانپوءِ، محمود پنهنجي وزير خواجه حسن جي سفارش تي فردوسيءَ کي سٺ هزار اشرفيون ڏياري موڪليون، جنهن لاءِ عام طور تي مشهور آهي ته جڏهن سلطان جا ماڻهو اشرفيون کڻي “طوس” پهتا ته فردوسي وفات ڪري چڪو هو ۽ شهر جي هڪ دروازي مان اشرفين سان ڀريل خچر داخل ٿي رهيا هئا ته ٻي دروازي مان فردوسيءَ جو جنازو دفنائڻ جي لاءِ نيو پي ويو، پوءِ اهي اشرفيون، فردوسيءَ جي ڌيءَ کي پيش ڪيون ويون، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، فردوسي جي وفات جو سال 411 يا 412 هجري آهي.
انعام جي سلسلي ۾ فردوسيءَ جي محروميءَ جا ڪيترائي سبب بيان ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪ: (1) فردوسي شيعو هو ۽ محمود سُني هو، (2) شاهنامون، ايران جي قديم بادشاهن جي ڪارنامن تي ٻڌل آهي، ان جو قدر ته ڪو ايراني نسل جو بادشاهه ئي ڪري سگهيو ٿي. (3) شاهنامي جي پيشڪش وقت محمود جي درٻار ۾ فردوسيءَ جو ڪو به حامي وزير موجود نه هو. (4) اهو به چيو وڃي ٿو ته شاهنامي جي ڪجهه حصن، جهڙوڪ حسب نسب جي اهميت يا رستم جي بهادريءَ جي حد کان وڌيڪ واکاڻ محمود کي پسند نه هئي.
مٿين سببن سان اتفاق ته نه ٿو ڪري سگهجي، پر فردوسي جي محروميءَ جي واقعي کي رد ڪرڻ جي لاءِ جن ٺوس دليلن جي گهرج آهي، اهي به اڃا تائين ميسر ٿي نه سگهيا آهن.
البت اُن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته محمود، فردوسيءَ جو سندس حيثيت آهر قدر نه ڪيو، جنهن جو ثبوت فردوسيءَ جو هي شعر آهي.
محمود غزنويءَ جي سڀاڳي درٻار اهڙي درياهه وانگر آهي
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي.
اُن ۾ ٽُٻيون هنيم ۽ هڪڙوبه موتي نه مليم
ڏوهه بخت جو آهي، درياهه جو ڪونهي.
شاهنامي جي لکجڻ جي حوالي سان هڪ ٻي روايت به ملي ٿي ته هن نظم جي لاءِ دنيا سلطان محمود غزنويءَ جي ٿورائتي ڪونهي، پر هڪ نا معلوم عورت جي ٿورائتي آهي، جيڪا فرودسيءَ جي گهرواري هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪن ننڍين ننڍين ڳالهين سان وڏن ڪمن جي شروعات ٿيندي آهي، شاهنامي جي سرجڻ جي سلسلي ۾ هڪ ننڍڙو واقعو هيئن به بيان ڪيو وڃي ٿو ته هڪ رات جو مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن چنڊ ٻُڏي چڪو هو ۽ چؤڏس اوندهه انڌوڪار پکڙيل هئي، فردوسي پنهنجي گهرجي باغ ۾ اڪيلو ليٽيو پيو هو. کيس ننڍ نه پي آئي ۽ هو پاساورائي رهيو هو، جڏهن اوندهه ۽ گهٻراهٽ وڌي ته هن پنهنجي زال کي سڏ ڪيو، جيڪا گهرجي اندر سُتل هئي، زالهنس سجاڳ ٿي باغ ۾ آئي. اسانجي شاعر کيس ڏيئو آڻڻ جي لاءِ چيو. هن حيرت مان پُڇيس، “اڄ توکي ننڊ جو نٿي اچي” جواب مليس، “ننڊ ئي نٿي اچي ته ڪيئن سمهان.” بهرحال ڏيئو آيو ۽ ان سان گڏ ڪجهه ميوو ۽ جام به هو. شراب ۽ موسيقي سان دل وندرائي ويئي. ان کانپوءِ زالهنس اسانجي شاعر کي چيو جيڪڏهن تون ان ڳالهه ۾ خوش ٿيئن ته آئون توکي ‘دفتر يا ستان’ مان هڪ اهڙو داستان ٻُڌايان جيڪو رزم، ٺرو، فريب ۽ محبت جي واقعن ۽ سنجيدهه ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جي ذڪر سان ڀريل آهي، جنهن کي ٻُڌندي ئي توکي آسمان جي نيرنگين تي حيرت ٿيندي. اهو ٻڌي فردوسيءَ زور ڀريس ته تون مونکي اهو داستان ضرور ٻُڌائي، ان سان منهنجي پريشان طبيعت کي سڪون ملندو. زالهنس چيس، “آئون اهو داستان ٻُڌائڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر تون مونسان وچن ڪر ته ٻُڌڻ کانپوءِ تون ان کي شعر ۾ آڻيندين.” فردوسيءَ وراڻيس “ٺيڪ آهي... مونکي اها ڳالهه منظور آهي، اهو قصو آئون توکان جيئن ٻُڌندس تيئن ان کي شعر جي شڪل ۾ آڻيندس.”
ان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو داستان ٻُڌايو ويو، اهو خوشقسمت داستان جيڪو ان ران فردوسيءَ پنهنجي زال کان ٻُڌو، اهو ‘داستان بيزن’ هو. ائين پوءِ فردوسيءَ شاهنامي لکڻ جي شروعات ڪئي.
هتي اها ڳالهه به چوڻ مناسب رهندي ته فردوسيءَ پهريون شاعر ڪونه هو، جنهن “شاهنامون” لکيو. ساساني دور جو شاعر “مسعودي مروزي” فارسيءَ جو پهريون شاعر هو، جنهن ‘شاهنامون’ لکيو. ان ئي دور جي هڪ ٻي شاعر “دقيقيءَ” به اُن طرف ڌيان ڏنو، ايئن فردوسيءَ جي عظيم شاهڪار “شاهنامي” جو بنياد ان ئي دور ۾ رکيو ويو، اهو ايئن آهي، جيئن عمر مارئي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچيءَ جي داستانن کي اڳ به شاعرن ڳايو هو، پر جڏهن شاهه لطيف اهي داستان پنهنجي رنگ ۾ رچيا ته اهي نه رڳو شاهڪار بنجي ويا، پر هر زبان تي عام به ٿي ويا، يا جيئن پنجاب ۾ هير رانجهي جو قصو ته ٻين شاعرن به منظوم ڪيو هو، پر جڏهن وارث شاهه اهو منظوم ڪيو ته ڳالهه ئي ٻي ٿي ويئي.
فرودسيءَ جو ‘شاهنامون’ سٺ هزار شعرن تي ٻڌل آهي، شاهنامي ۾ پنجاهه باب آهن ۽ هر باب ۾ هڪ بادشاهه جو احوال بيان ڪيو ويو آهي. ان جي شروعات الله تعاليٰ جي ثنا ۽ ساراهه سان ٿئي ٿي. تنهن کانپوءِ عقل ۽ ڏاهپ ۽ پوءِ نبي ڪريم جن جو ذڪر آهي، ان کانپوءِ ايران جي پهرينءَ داستاني بادشاهه ‘ڪيو مرث’ کان وٺي جمشيد، فريدون، نوشيروان ۽ آخري ساساني بادشاهه يزد گرد تائين پنجاهه بادشاهن جو قصو منظوم ڪيل آهي، اُن جو سڀ کان اهم حصو ڪياني بادشاهه “ڪيڪائوس” جي باري ۾ آهي، رستم اُن ئي دور ۾ پيدا ٿيو، اهو ئي ڪردار ۽ ان جون روايتون شاهنامي جي جان آهن، واقعن لکڻ وقت فردوسيءَ ڀروسن جوڳن ماخذن کان ڪم ورتو آهي.
شاهنامي ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خيالي داستان به بيان ڪيل آهن، پر اُن سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ملڪن جي تهذيب ۽ ثقافت، قومن جي عادتن ۽ اخلاق جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي، ۽ انهن جي ذهني ۽ فڪري رجحانن کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ فردوسيءَ شاهنامي جي نظمن ۾ ان ڳالهه جو به خاص خيال رکيو ويو آهي ته وطن دوستي ۽ ايران پرستيءَ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نه ڏي.
“فارسي ادب ڪي مختصر ترين تاريخ”، (اردو، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد رياض ۽ ڊاڪٽر صديق شبلي) ۾ ‘شاهنامي’ جي هيٺين خاصيتن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي: (1) فردوسيءَ قومي روايتن کي ڏاڍي ديانتداري ۽ احتياط سان شاهنامي ۾ شامل ڪيو آهي. (2) شاهنامي ۾ فطرت جا منظر، جنگ جي ميدان، پهلوانن جي ڪردارن ۽ انهن جي مقابلن جي ڪڙين کي وڏي مهارت سان منظوم ڪيو ويو آهي. (3) شاهنامي جي تمهيد ۽ هر داستان جي شروعات حمد ۽ نعت، ڏاهپ ۽ دانائي ۽ عبرت جي ڳالهين سان ڪئي ويئي آهي. (4) شاهنامون، بيان جي سادگيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. جو هيترا سئو سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به اهو لڳ ڀڳ هر ايرانيءَ جي لاءِ سمجهه جو ڳو آهي.”
شاهنامو رڳو ايراني بادشاهن جي منظوم تاريخ ڪونهي، پر پنهنجي سڀني خوبين سان گڏ هڪ ‘رزميه’ به آهي. جنهن کي دنيا جي عظيم ‘رزمين’ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جيڪو مافوق الفطرت واقعن، سورهيائيءَ جي وڌايل چڙهايل ڪارنامن، حسد ۽ بدلي جي حڪايتن سان ڀريو پيو آهي، ان سان گڏ هڪ اهڙو نگار خانو به آهي، جنهن ۾ قديم ايراني تمدن ۽ ثقافت پنهنجي سڀني تفصيلن سان موجود آهي، شاهنامي ۾ فردوسي، واقعي نگاري، منظرڪشي، جذبات نگاري ۽ ڪٿي ڪٿي ته ايجاد ۽ اختصار جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ محقق ‘برائون’ جي خيال ۾ سٺ هزار شعرن جي هن ڪتاب جو هڪ ئي بحر ۾ هئڻ بيزاريءَ جو باعث آهي، پر اهو هڪ ذوقي مسئلو آهي ۽ ان ۾ برائون جي راءِ لحاظ جوڳي ڪونهي. هڪ ٻئي محقق هادي حسن جي نظر ۾ فردوسيءَ جنگ جي ميدان ۽ جنگ جي منظر ڪشيءَ ۾ ڏاڍي مهارت جو ثبوت ڏنو آهي. پر جنگ جي ميدان جي آوازن ڏانهن سندس ڌيان نٿو وڃي، انهن صوتي اثرن جي کوٽ سبب جنگ جو نقشو اڻ پورو رهجي ٿو وڃي. هن جو اهو پڻ خيال آهي ته فردوسيءَ زنانن ۽ مرداڻن احساسن کي هڪئي نموني پيش ڪري ٿو، سهراب جي موت تي رستم ۽ تهمينه (سهراب جي ماءُ) هڪ ئي نموني ماتم ڪن ٿا.
فردوسيءَ کي پنهنجي شاهه نامي تي وڏو ناز هو، هڪ هنڌ هو چوي ٿو:
هر آنڪس که شهنامه خواني ڪُند،
اگر زن بود، پهلواني ڪُند.
(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳندي.)
شاهنامون فردوسيءَ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، ان جي عظمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته يونيسڪو 1990ع کي فردوسيءَ ۽ شاهنامي جو سال قرار ڏنو هو.
شاهنامي ۾ فردوسيءَ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر به ڪيو آهي، ۽ اهو فارسي شاعريءَ ۾ ‘سنڌ’ جو قديم ترين حوالو آهي:
همان مادرم دخت همهران بود،
بدو کشور سند شاداب بود.
سر سنديا بود بنداد نام،
سواري سرافراز باران و کام.
•