سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• مشهد جون ڪجهه ڳالهيون....

امام رضا عه جي روضي يا ‘حرم مطهر’ ۾ وڃڻ جي لاءِ اسانکي ويجهو رستو بست شيخ طبرسي وٽان ئي هو، جيڪو نه رڳو اسان واري رهائش جي بلڪل ويجهو هو، ۽ اهوئي حرم جو مکيه رستو پڻ آهي، جنهن جي سامهون بس جو اسٽاپ ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ پڻ آهن، حرم شهر جي مرڪز ۾ هئڻ سبب شهر ۾ هلندڙ سڀ بسون ڦري گهري هتان ضرور لنگهن ٿيون، ان جي سامهون ٿورو هيٺاهين واري حصي ۾ هڪ ننڍڙو پر سهڻو باغيچو رکيل آهي، هونئن ته سڄي حرم پاڪ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍا ننڍا باغيچا رکيل آهن ۽ ڪونڊين ۾ وڻڪاري ڪئي ويئي آهي. حرم ۾ شيخ طوسي جي مقبري جي ٻنهي پاسي سهڻا باغيچا رکيل آهن، جن تي ويهي زائرين حرم جو نظارو ڪرڻ سان گڏ، ٿڪ به ڀڃندا آهن، ڪجهه سال اڳ وڏو خرچ ڪري گورنمنٽ پاران حرم جي هيٺان زير زمين رستو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو طبرسي روڊ تان هلندو هيٺ هليو ٿو وڃي ۽ ٻي پاسان ميدان ‘بيت المقدس’ جي سامهون نڪري ٿو ٻنهي پاسن کان بس جڏهن به اندر گهڙندي هئي ۽ هيٺان گذرڻ لڳندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن ايراني زور سان ‘جيو ٿي “درود آل رسول صلعم تي” پوءِ سڄي بس ۾ ويٺل زور سان درود پڙهڻ ٿي لڳا.
شيخ طوسي واري رستي کان سواءِ ڪجهه ٻيا رستا به حرم ۾ داخل ٿيڻ جا آهن، جهڙوڪ دروازو ‘شيرازي روڊ’، جيڪو شيرازي روڊ جي سامهون آهي، شهيد نواب صفوي روڊ، جيڪو، نواب صفوي روڊ جي سامهون آهي. تنهن کانسواءِ پوئين پاسي ايوان ولي عصر مان ٻه دروازا ‘باب الجواد’ ۽ ‘باب الرضا’ به آهن، باب الرضا ميدان بيت المقدس جي سامهون آهي، مٿين دروازن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي گذر گاهون آهن، جهڙوڪ: گذر گاهه مغربي صحن جامع رضوي ۽ گذر گاهه مشرقي صحن جامع رضوي، جيڪي صحن جامع رضوي جي ٻنهي پاسن کان آهن. صحن جامع رضوي حرم جو وڏي ۾ وڏو صحن (اڱڻ) آهي. ‘حرم’ ۾ ٻيا به ڪافي صحن آهن، جهڙوڪ: صحن انقلاب، صحن جمهوريه اسلاميه، صحن غدير، صحن آزادي، صحن ڪوثر، صحن قدس، صحن مسجد گوهر شاد. انهن ٻنهي (اڱڻن) جي وچ ۾ مسجد گوهر شاد آهي، جيڪا مسجد نادر شاهه جي گهر واري گوهر شاد ٺهرائي، راڻي گوهر نه رڳو امام رضا جي مزار وٽ اها مسجد ٺهرائي، پر هن حضرت علي ڪرم الله وجه جي روضي جي ڀتين جي مرمت ۽ ٽائل ورڪ جي لاءِ هڪ لک نادري سڪا ۽ جواهرن سان جڙيل اگر دان ۽ سون جو ‘عود دان’ به عطيو ڪيو.
گذر گاهه شيخ طوسي مان گهڙڻ مهل سيڪيورٽي مان گذرڻو ٿو پوي ۽ جيڪڏهن ڪئميرا وغيره آهي ته اتي موجود ‘امور امانتداري’ ۾ جمع ڪرائي ٽوڪن وٺڻون ٿي پيو، حرم ۾ فوٽو ڪڍڻ جي منع آهي ۽ هنڌ هنڌ تي لکيل آهي عڪس بندي ممنوع است (فوٽو گرافي جي منع آهي) البت موبائيل اندر کڻي وڃڻ جي نه رڳو اجازت آهي، پر ان سان فوٽو به ڪڍي سگهجن ٿا، ان هوندي به ڪي همراهه اٽڪل سان ڪئميرائون اندر کڻي ٿي ويا، هڪ ٻه ڀيرا اسين به کڻي وياسين، پر جنهن ڪئميرا سان فوٽو ڪڍياسين، ان جو ميمري ڪارڊ لاڪ هئڻ سبب فوٽو نڪري نه سگهيا ۽ اسانجي محنت زيان ٿي ويئي، البت اسان ڏسندا هئاسين ته فهد عباسي، قانون جي پاسداري ڪندي، هر ڀيري ڪئميرا ‘امور امانتداري’ وٽ جمع ڪرائي رسيد/ٽوڪن وٺندو هو.
حرم ۾ مکيه دروازن جي اڳيان زائرين جي رهنمائي لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪئبينون ٺهيل آهن، هونئن به حرم ايترو ته وڏو آهي، جو بار بار اچڻ ۽ وڃڻ جي باوجود به ماڻهون مُنجهي ٿو پوي ۽ رهنمائي وٺڻي ٿي پوي، انهن رهنمائي وارين ڪئبنن تان فارسي، عربي ۽ اردوءَ ۾ مشهد ۽ حرم جي باري ۾ نقشا ۽ ٻيو معلوماتي لٽريچر ڏنو وڃي ٿو، البت انگريزي ۾ ڪوبه لٽريچر نه هو. ايران ۾ انگريزي جي حوالي سان هڪ دوست مذاق ڪندي چيو ته سڄي ايران ۾ کيس انگريزي جا فقط ٻه لفظ W.C جتي ڪٿي نظر آيا ۽ ايرانين واقعي به انگريزيءَ کي پنهنجو صحيح مقام ڏنو آهي.
آئون به اڪثر مُنجهڻ جي صورت ۾ انهن ڪئبن مان هڪ وٽ هليو ويندو هوس ۽ انهن کان ڏس پتو پُڇڻ سان گڏ اُتي جيڪو فارسي، عربي ۽ اردو ۾ لٽريچر موجود هوندو هو، سو به کڻيو ايندو هوس، جنهن تي اسانجي قافلي جو هڪ همراهه حاجي عيسيٰ چوندو هو ‘سائين يوسف ته حرم مان جيڪو ڪاڳر ٿو ملي سو سنڀاليو کڻيو اچي.’ جواب ۾ آئون کلندي چوندو هوسانس ‘چرين جا ڪهڙا ڪم هوندا آهن، رڳو ڪاڳر ميڙڻ.’ جنهن تي اڪثر دوست مرڪي پوندا هئا.
اهو لٽريچر نهايت سهڻي نموني ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل ملندو هو، اهڙي ئي هڪ ننڍي فولڊر ۾ زائرين لاءِ حرم جي زيارت لاءِ هن ريت هدايتون لکيل هيون.
• زيارت جي قصد لاءِ قربت هجي.
• امام رضاعه جي باري ۾ هڪ حد تائين سڃاڻپ ۽ معرفت جو هجڻ.
• حلال مال مان ورتل پاڪ لباس پائڻ ۽ ان تي خوشبو هڻڻ.
• ٻين زائرين جو خيال رکڻ، خاص ڪري، جيڪي وڏي عمر وارا ۽ ڪمزور هجن.
• زيارت جي دوران طهارت يعني وضو يا غسل سان اچڻ ۽ رهڻ.
• معنوي ۽ ظاهري انداز ۾ حرم سڳوري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ.
• معتبر ۽ معروف زيارت نامه پڙهڻ، جهڙوڪ زيارت امين الله، زيارت جامع وغيره.
• نماز زيارت پڙهڻ.
• قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ اُن جو ثواب امام رضا کي هديو ڪرڻ.
• امام رضا جي حضور تو به ڪرڻ، ڇو ته امام رضا کان شفاعت ڪرڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي ويئي آهي.
• امام زمانه عه جي سلامتي ۽ اُن جي ظهور جي لاءِ دعا گهرڻ. اها افضل دعائن ۾ شامل آهي. اها دعا هر حالت ۾ ڪندو رهڻ گهرجي، خاص ڪري تڏهن، جڏهن آئمه جي حضور، انهن جي مطهر(پاڪ) روضن ۾ حاضر هجي.
*
امام رضاعه جي ‘روضي اطهر’ جو انتظام هڪ ادارو “آستان قدس رضوي” سنڀالي ٿو، اُن اداري جو شمار تمام وڏن نجي ادارن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سڌو سنئون ايران جي روحاني پيشوا سيد علي خامنه اي جي سرپرستي ۽ سندس پاران مقرر ڪيل هڪ خدمت گار عالم ۽ فقيه جي نگراني ۾ ڪم ڪريٿو، هن اداري کي روضه مقدس رضويه سان لاڳاپيل ملڪ جي علمي، فڪري ۽ ثقافي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪليدي حيثيت حاصل آهي ۽ ان جا وري پندرهن ذيلي شعبا آهن، جيڪي ثقافتي ۽ تحقيقاتي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏين ٿا.
انهن مان ٽي شعبا اهڙا آهن، جن جو هت ٿورو ٿورو ذڪر مناسب رهندو. آستان قدس رضوي جي مرڪزي لئبرري، جيڪا گذر گاهه شيخ طبرسي واري پاسي، حرم جي احاطي ۾ آهي، اها پنهنجي نوعيت جي شاندار لئبرري آهي، جنهن جو شمار نه رڳو ايران، پر وچ اوڀر جي اهم لئبررين ۾ ٿئي ٿو، هن لئبرري جي قدامت يارهن سئو سال پراڻي آهي، هن وقت، هن لئبرريءَ ۾ 35 لک ڇپيل ڪتاب، 75 هزار مخطوطا ۽ 35 هزار ناياب ۽ سنگي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. لئبرري جي هاڻوڪي عمارت جي پکيڙ 11000 اسڪوائر ميٽر ۽ ڪورڊ ايريا 28800 اسڪوائر ميٽر آهي، جيڪا ٽن طبقن تي ٻڌل آهي.
لئبرريءَ جي شروعات جي باري ۾ جيڪا معلومات موجود آهي، ان موجب، لئبرريءَ جي شروعات ڪن گمنام علم دوستن پاران هديو ڪيل ڪتابن سان ٿي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اُن ۾ واڌارو ٿيندو ويو، ڪن محققن جو رايو آهي ته هن لئبرري جي شروعات قديم ترين قرآني نسخن يا مخطوطن جي وقف ڪرڻ سان ٿي، جيڪي اصفهان جي حاڪم ‘ڪشواد بن املاس’ پاران هديو ڪيا ويا هئا، ان بنياد تي 327هه کي هن لئبرري جي بنياد جو سال تصور ڪيو وڃي ٿو، مٿيئن حڪمران کانسواءِ نادر شاهه افشار پڻ هن لئبرري کي 400 مخطوطا عطا ڪيا. تنهن کانسواءِ حرم جي احاطي ۾ هڪ ٻي لئبرري مسجد گوهر شاد پڻ آهي.
مشهد پهچڻ جي ٽي ڏينهن آئون سهي سنڀري لئبرري ڏسڻ جي لاءِ ويس، پر منتظمين ٻڌايو ته رمضان شريف هئڻ سبب لئبرري بند آهي، جنهن جو ڪافي افسوس ٿيو. بهرحال، جديد بنياد تي ٺهيل هيءَ لئبرري مشهد ايندڙ عالمن ۽ محققن جي ڌيان جو مرڪزي رهندي آهي.
حرم جي احاطي ۾ موجود ‘موزه آستان مقدس’ به ڏسڻ وٽان آهي، اهو صحن ڪوثر سان لڳ آهي. هي عجائب گهر يارهن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصي ۾ نهايت قيمتي ۽ نادر شيون رکيون ويون آهن، عجائب گهرجي شعبن جو تفصيل هن ريت آهي 1. قرآن ميوزم 2. سيد علي خامنه اي کي ملندڙ سوکڙين جو ميوزم 3. نفيس غاليچن جو ميوزم 4. مشهد مقدس جي تاريخ جو ميوزم 5. ميڊلن ۽ تمغن جو ميوزم 6. پراڻن ۽ اسلامي سڪن جو ميوزم 7. ڪوڏن ۽ سامونڊي شين جو ميوزم 8. نقاشي ۽ مصوريءَ جو ميوزم 9. جنگي ساز سامان ۽ هٿيارن جو ميوزم 10. علم نجوم ۽ فلڪيات جو ميوزم 11. ٽين، چيني ۽ ڪرسٽل جي ٿانون جو ميوزم.
منهنجي خيال ۾ مشهد ايندڙن کي هي عجائب گهر ضرور ڏسڻ گهرجي، جو هن جي ڏسڻ سان ججهي ڄاڻ ملي ٿي، پر اڪثر زيارتين جو ڌيان هن پاسي نه هوندو آهي.
آئون جڏهن پنج سئو تو مانن جي ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙيس ۽ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن سرسري طور تي ڏسي ٻاهر نڪتس ته پاڻ کي خوشنصيب تصور ڪرڻ لڳس، جو هي ميوزم ڏٺم، ڇو ته هن ميوزم ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ۽ نوادرات رکيل هئا، جن منهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو ۽ مونکي ڪافي متاثر ڪيو. ‘موزه’ جي ٻن شعبن کي مون وڏي شوق ۽ ڌيان سان ڏٺو، هڪڙو نقاشي ۽ مصوريءَ وارو ۽ ٻيو قديم ۽ اسلامي سڪن وارو. نقاشي ۽ مصوري واري شعبي ۾ ڪيترن ئي نالي وارن ايراني مصورن جون ناياب ۽ خوبصورت مصور ڪيل تصويرون رکيل هيون جيڪي آرٽسٽن جي آرٽ جو ڪمال هيون، هت اُستاد ڪمال الملڪ جون ٻه نهايت شاندار ۽ اصلوڪيون پينٽنگس به رکيل نظر آيون، انهن کانسواءِ هڪ ٻي تصوير جنهن منهنجو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، اها هڪ مصور ‘دهقان زادة’ جي ٺاهيل حضرت نوح نبي عه جي ٻيڙي جي تصوير هئي، آئون ڪافي دير تائين بيٺو اها تصوير ڏسندو رهيس، تصوير جي وچ ۾ هڪ وڏي ٻه طبق ٻيڙي بيهاريل ڏيکاريل هئي، جنهن جي مٿان چئني ڏسائن کان پکين جا جوڙا اُڏامندا لهندا نظر اچن ٿا ۽ هيٺ ٻيڙي جي چئني پاسن مختلف جانور ٻيڙي تي چڙهڻ جي لاءِ ٻيڙي ڏانهن وڌندا نظر اچن ٿا ۽ ٻيڙي جي اڳيان حضرت نوح نبي عليه السلام هٿ ۾ لٺ کڻيو وڏي غور سان ٻيڙيءَ کي ڏسندي نظر اچي ٿو.
مصور ‘دهقان زادة’ ان تصوير ۾ طوفان نوح شروع ٿيڻ کان اڳ وارين گهڙين جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن الله پاڪ طرفان حضرت نوح عليه السلام کي حڪم فرمايو ويو هو ته ڌرتيءَ تي جيڪي به جانور ۽ پکي آهن، تن جي هڪ هڪ جوڙي ٻيڙي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي.
پراڻن سڪن واري حصي ۾ پراچين دور کان وٺي جن ۾ هخا منشي، يوناني ۽ ساساني دورن سان گڏ عرب دور ۽ ان کانپوءِ جي دورن ويندي پهلوي دور جا سڪا ۽ ڪرنسي نوٽ سجائي رکيا ويا آهن، تنهن کان سواءِ لڳ ڀڳ سڀني اسلامي ملڪن جا مختلف ڪرنسي نوٽ به سجائي رکيا ويا آهن. انهن ۾ پياري پاڪستان جي ڪرنسي هڪ سئو وارو ڳاڙهو نوٽ، جنهن تي حضرت قائداعظم جي تصوير ڇپيل هئي، نظر آيو.
عجائب گهر جي تمغن ۽ ميڊلن واري ڀاڱي ۾ ڪيترن ئي مشهور ايراني رانديگرن جا اولمپڪ ۽ ٻين راندين ۾ کٽيل تمغا رکيل نظر آيا، جيڪي انهن رانديگرن ميوزم ۾ رکڻ جي لاءِ ڏنا هئا، جيڪي سندن نالن، تصويرن ۽ مختصر احوال سميت رکيا ويا هئا.
حرم جي احاطي ۾ ئي گذر گاهه مغربي صحن جامع رضوي جي پاسي ۾ هڪ ٻيو ‘عجائب گهر مردم شناسي’ به آهي، جيڪو آئون ڏسي نه سگهيس.
*
امام رضا عليه السلام جي روضي جي ‘زيارت’ لاءِ ايندڙ زيارتين جي هڪ وڏي خواهش اها به هوندي آهي ته هو ‘امام رضا’ جي دستر خوان جي تبرڪ مان مستفيض ٿين، جنهن جا دعوتي ٽوڪن حاصل ڪرڻ جي لاءِ اُتي خاص شعبو قائم ٿيل آهي ۽ اها ماني، جنهن کي زائرين ‘مولا رضا جي مزماني’ چئي رهيا هئا، ان لاءِ دعوتي ٽوڪن فقط پر ڏيهي زائرين کي ڏناوڃن ٿا، ايراني شهرين کي اهي نه ڏنا ويندا آهن ۽ اهي ٽوڪن پاسپورٽ ڏيکاري حاصل ڪري سگهجن ٿا، عام ڏينهن ۾ اها ماني منجهند جو ۽ رمضان شريف ۾ رات جو يعني روزي کولڻ مهل کارائي ويندي آهي ۽ روزانو اٽڪل ٻن سون کان هڪ هزار تائين دعوتي ٽوڪ غير ايراني زائرين کي ڏنا وڃن ٿا.
مشهد پهچي اسان وسيم کي چيو ته ڪوشش ڪر ته اهي ٽوڪن ملن، جيئن اُن متبرڪ نعمت مان مستفيض ٿي سگهون. هن ها ڪئي ۽ اسان کان پاسپورٽ ته ورتا، پر سندس انداز مان لڳو ته اهو ڪم کانئس نه پُڄندو. آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه به مٿس زور ڀريو، پر ٻي ڏينهن هن ٻڌايو ٽوڪن ته ملن ٿا پر پندرهن ڏينهن پوءِ جا، اڳ ۾ ملڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي، جنهن ڪري ڪافي مايوسي ٿي، پر آپا مهرالنساءِ مايوس ٿيڻ بدران ڪوشش جاري رکي ۽ نيٺ سندس ڪوشش رنگ لاٿو ۽ سڄي قافلي کي ٽوڪن ملي ويا.
حضرت امام رضا جو مهمان خانو ‘رضوي اسلامي علوم يونيورسٽي’ جي ڀر ۾ آهي، اهو خميس جو ڏينهن ۽ مشهد ۾ اسانجو آخري ڏينهن هو. ٻي ڏينهن اسانجي واپس پاڪستان روانگي هئي، صبح جو آئون آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه ‘شانديز’ گهمڻ وياسين، ان سان گڏ ويجهي هڪ ٻي علائقي ‘اتو براهه’ به وياسين، شانديز مشهد کان اولهه طرف ٽيهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هڪ خوبصورت تفريحي هنڌ آهي. سياري ۾ اُتي گهڻي برف پڻ وسندي آهي، شانديز ۾ سٺو هنري ڪم پڻ ٿئي ٿو. اسين شانديز جو چڪر هڻي جلدي واپس ورياسين، امين اسان سان شانديز هلي نه سگهيو، هو آپا مهرالنساءِ سان گڏجي ‘طوس’ ويو هو. آپا مهرالنساءِ کي جڏهن اسان فردوسيءَ جي مقبري تي وڃڻ جو ٻڌايو ته کيس اهو ڏسڻ جو ڪافي شوق ٿيو ۽ اڄ هوءَ امين کي ساڻ ڪري طوس ويئي.

شانديز مان موٽي جلد جلدي تيار ٿي ويٺاسين، ٿوري دير کانپوءِ وسيم اسان سڀني کي هيٺ اچڻ لاءِ چيو، جيئن سڀ گڏجي هلئون، ٿوري ئي دير ۾ سڀ هيٺ گڏ ٿي مولا رضا جي مزماني کائڻ جي لاءِ روانا ٿياسين، مهمان خاني جي گيٽ تي ٽوڪن ڏسي سڀني کي اندر ڇڏيو ويو، اندر هڪ هال ۾ پهتاسين، جتي ڪيتريون ئي ميزون ۽ ڪرسيون لڳل هيون ۽ اسين وڃي انهن ڪرسين تي ويٺاسين. مون، امين سان اهو طئي ڪيو ته ٻئي هڪ ٽوڪن تي ماني کائينداسين ۽ باقي ٻي ٽوڪن تي ماني پئڪ ڪرائي کڻي اينداسين، جنهن جي اُت سهوليت هئي، پر امين اندر گهڙڻ کانپوءِ مون سان گڏ ويهڻ بدران وڃي آپا مهرالنساءِ وارن سان ويٺو ۽ آئون کيس ڏسندو ئي رهجي ويس.
سڀ کان پهرين سوپ آندو ويو، پوءِ ماني آندي ويئي. ماني ۾ نان، دال، ڌنئرو، چانور، سلاد هو، ان سان گڏ کجور به پيش ڪئي ويئي، پر مون ڏٺو ته ڪيترائي زائرين، ٻانگ ملڻ ۽ روزي کلڻ جي انتظار کانسواءِ ئي ماني کائڻ لڳا، پر اتي جي خادمن مان ڪنهن به کين روضي جي احترام يا ٻانگ اچڻ تائين صبر ڪرڻ جو نه چيو. مانيءَ کانپوءِ قهوو ڏنو ويو، سچي پڇوته ماني سادي پر بيحد لذيذ هئي، مون سان گڏ ميز تي چاچو مبارڪ شيدي ۽ سندس زال ويٺا ۽ خالي پيل هڪ ڪرسي تي هڪ پٺاڻ اچي ويٺو، اسان ماني کائي بس ڪئي ته ڏٺم هڪ همراهه سڀني کان دعوتي ٽوڪن وٺندو ويو، مون اڃان کيسي مان ٽوڪن ڪڍيو، تيسين آپا مهرالنساءِ مونکي پاڻ ڏانهن سڏيو، آئون سندس ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ ڪرسيءَ تان اُٿيس ۽ سندس ڳالهه ٻڌي واپس وريس، تيسين ٽوڪن وٺڻ وارو اڳتي نڪري ويو، مون ان کي غنيمت ڄاتو ۽ اُٿي ٽوڪن ڏيئي ماني پارسل ڪرائي کڻي آيس، جيڪا پوءِ رات جو دير سان مون امين گڏجي کاڌي ۽ ماني کائيندي امين کي ٽوڪون به هڻندو ويس ته، ‘تو سڄي سفر ۾ مونکي بُک مارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مولا جي مهر سان مونکي ماني ئي ماني پيئي ملي.’
ماني کائي ٻاهر نڪتاسين ته ٻاهر ڪيترائي ايراني بيٺا هئا، هو اندران نڪرندڙ کي اشارن سان چئي رهيا هئا ته مولا جي مانيءَ مان ڪو ٽڪر ڀور کين به ڏيندا وڃو. امام رضا جي اها ماني ايران ۾ وڏي متبرڪ ليکي ويندي آهي، ايراني وڏي ڪوشش ڪندا آهن ته کين ان جو ڪو ٽڪر ڀور ملي پوي، ڪنهن مونکي ٻڌايو ته هو اُن مانيءَ لاءِ زائرين کي پئسا ڏيڻ جي لاءِ به تيار هوندا آهن، ان مهل ته مون ٻاهر بيٺل ماڻهن جي اشارن ۽ منٿن جو مطلب نه سمجهيو، پر پوءِ جڏهن ڪافي اڳڀرا ٿياسين ۽ ڪنهن مٿين ڳالهه ٻڌائي ته مونکي افسوس ٿيڻ لڳو ته ‘ڪاش اُن مهل مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ۽ آئون پارسل ڪرايل ماني پاڻ سان گڏ هوٽل کڻي اچڻ بدران انهن ۾ ورهائي ڇڏيان ها.’
*
ايران ۾ سر علامه محمد اقبال کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسين جڏهن مشهد ۾ ‘اعتراف’ جون زيارتون ڪرڻ جي لاءِ امام زادن ‘ياسرو ناصر’ جي مزار ڏانهن پي وياسين ته ‘وڪيل آباد’ وٽ منهنجي هڪ روڊ تي نظر پيئي جنهن جي نالي واري تختيءَ تي لکيل هو ‘خيابان اقبال لاهوري’ ۽ اڄ وري جڏهن شانديز کان موٽياسين پي تي وڪيل آباد وٽ ئي ملت پارڪ وٽ هڪ سنگ مرمر جو مجسمو کتل نظر آيو، جيڪو ‘علامه اقبال’ جو هو.
ايران ۾ سنگتراشي ۽ مجسمي سازيءَ تي شايد پابندي ڪونهي اسانکي ڪيترن ئي هنڌن تي روڊن، پارڪن ۽ دانشگاهن جي اڳيان ننڍا ننڍا سنگر مرمر جا مجمسا / اسٽيچو کُتل نظر آيا. اهي اسٽيچو انهن شخصيتن جي مڃتا ۾ يادگار طور لڳايا ويا هئا، جنهن تي اسانکي ڪافي حيرت به پي ٿي، پاڪستان ۾ ائين مجسما کتل هجن ها ته ڪفر جي فتوائن جاري ٿيڻ کي ڪير به روڪي نه سگهي ها.
قم ۽ مشهد جي بوڪ شاپس تي مونکي علام اقبال تي فارسيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ رکيل نظر آيا، جيڪي ايراني عالمن جا لکيل هئا. ڪجهه وري علامه اقبال جي ڪتابن جا فارسي ترجما پڻ هئا، جن ۾ ‘جاويد نامه’ ڪافي هنڌن تي نظر آيو.
ايراني علامه اقبال کان پهريون ڀيرو 1938ع ۾ علامه ‘محيط طبا طبائي’ جي ڇپيل هڪ مضمون کانپوءِ واقف ٿيا.
ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي شاعرن فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي، ڪي ته فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر به آهن، پر ايران ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين فارسي شاعرن کي اها اهميت ڪونهي، جيتري اقبال کي آهي. ايتريقدر جو مرزا غالب کي به نه، جنهن جي فارسي شاعري لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي اڳيان سندس اردو شاعر جي ڪابه حيثيت ڪونهي، ‘پرتو رو هليه’ جنهن مرزا غالب تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تنهن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ‘غالب جي فارسي شاعر اهو اونداهو کنڊ آهي جنهن تائين اڄ سوڌي ڪوبه کوجنا ڪندڙ نه پهتو آهي.’
علامه اقبال جي شاعري پڙهجي ٿي ته ان ۾ ڪيترائي رنگ نظر اچن ٿا، وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن علامه اقبال جي ذهني ارتقا ٿيندي ويئي، تيئن هن جي شاعريءَ ۾ ان جو اثر چٽو نظر ايندو ويو، ڪن هنڌن تي ته اقبال جي خيالن ۾ تضاد نظر اچڻ سان گڏ، هو فاشزم جي سرواڻن جي ساراهه ڪندو نظر اچي ٿو. هن ڪارل مارڪس کي ‘نيست پيغمبر و ليکن در بغل ڪتاب دارد’ قرار ڏنو آهي ۽ لينن جي ساراهه ۾ شعر چيو آهي، اتي هن مسوليني جي ساراهه ۾ به ‘شعر ندرت فڪر و عمل کيا سي هي ذوق انقلاب’ لکيو آهي.
وقت گذرڻ سان گڏ اقبال ۾ جيڪا ذهني ارتقا ٿي، تنهن سبب هن پاڻ ئي پنهنجن ڪيترن ئي خيالن کي رد ڪري ڇڏيو، جيئن هن پنهنجي ڪتاب ‘فلسفئه عجم’ ۾ حسن بن منصور الحلاج تي تنقيد ڪئي هئي، پر پوءِ جڏهن پاڻ حلاج جو ڪتاب ‘الطواسين’ پڙهيائين ته حلاج جي باري ۾ سندس راءِ بدلجي ويئي ۽ مٿس حلاج جو ايترو ته گهرو اثر ٿيو جو مورخن جو چوڻ آهي ته جاويد نامه ۾ ته سراسر حلاج جي طرز فڪر ۽ حلاج جي خيالن جو پرتوو ٿو محسوس ٿئي، ۽ هو سندس پيروي ڪندو ٿو نظر اچي. پاڻ وٽ علامه اقبال کي پاڪستان جو تصور ڏيندڙ چيو وڃي ٿو ۽ شاعر حريت چيو وڃي ٿو، اتي به ڪافي تضاد آهن، هاڻ اها ڳالهه ڪيترن ئي مورخن لکي آهي ته اقبال خود ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته ڪو هن پاڪستان جو تصور ڏنو هو. نه رڳو اهو پر اقبال انگريز شهنشاهه جي شان ۾ قصيدو به لکيو ۽ تاريخ ۾ اهو به اچي ٿو ته ‘جليا نواله باغ’ ۾ هندستانين جو قتل عام ڪرائيندڙ ‘جنرل ڊائر’ جي شان ۾ ٿيل جلسي ۾ انگريز حڪومت جي اقبال هونئن ڪنهن به ان ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته برٽش سرڪار ‘سر’ جو خطاب انهن کي عطا ڪندي هئي، جيڪي برٽش سرڪاري جي خدمت ۾ وسان نه گهٽائيندا هئا.
علامه اقبال جي ان ذهني ۽ فڪري ارتقا ۽ تضاد بابت اهوئي چئي سگهجي ٿو ته هر وڏي شاعر وٽ اهڙا جهول موجود آهن.
ايران ۾ علامه اقبال تي ڪيترو ئي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، مارچ 1986ع ۾ تهران، ۾ علامه اقبال تي هڪ عالمي ڪانگريس به ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن کي ايران جي روحاني رهبر سيد علي خامنه اي اي پڻ خطاب ڪيو، جيڪو ان وقت ايران جو صدر هو. خود ايراني انقلاب جي فڪري رهبر علي شريعتي پاران سر اقبال تي ڏنل ليڪچرن جي سيريز ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.

مشهد پهچي مون سوچيو هو ته “امام رضا” جي مقبري ۾ سندس مرقد سان لڳ، عباسي خليفي هارون رشيد جي قبر به ڏسندس، جنهن لاءِ ڪتابن ۾ پڙهيو هوم ته اڪثر زائرين قبر کي نفرت وچان ٿڏو هڻي، پوءِ ‘امام رضا’ جي مرقد ڏانهن وڌندا آهن. ابن بطوطه به لکيو آهي ته، “ان (امام جي) مزار سان لڳ هارون رشيد جي قبر آهي، جڏهن به ڪو زيارت جي لاءِ اندر گهڙندو آهي ته الرشيد جي قبر کي ٿڏو هڻندو آهي ۽ الرضي کي سلام ڪندو آهي.”
مون پنهنجي حساب سان ڪوشش ڪئي، پر مونکي نظر نه آئي، ٿي سگهي ٿو ته امام رضا جي مرقد جي پيراندي وٽان هجي، جيڪو حصو ‘خواهران’ (عورتن) لاءِ محفوظ ڪيل آهي، يا وري امام صاحب جي اصل قبر وٽ هجي، جيڪا، هيٺ هئي، اتي عام خاص کي وڃڻ جي موڪل نه هئي. ٻيو ته وري ڪنهن کان پڇا به نه ڪيم، جو اهو خيال ذهن ۾ هئم ته متان جنهن کان پڇان اهو ناراض نه ٿي پوي ۽ چوي، “عجيب قسم جو ماڻهو آهين، پيو امام صاحب جي دشمن جي قبر پُڇائينءَ.”